(46)
مون کي ناھي خبر تھ تون، ڪھڙي ڏورانھين جڳ کان
وٺي
مون سان ملڻ لاءِ سرندو، منھنجي ويجھو اچي
رھيو آھين.
تنھنجو سج ۽ تارا توکي، مون کان ھرگز لڪائي نھ
سگھندا.
ڪيترن صبحن ۽ شامن جو تنھنجي قدمن جو آواز ٻڌڻ
۾ آيو آ
۽ تنھنجو قاصد منھنجي من ۾ اندر پيھي پھتو آ
۽ مون کي نويڪلائيءَ ۾ رازداريءَ سان سڏيو
اٿائين.
مون کي سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ اڄ منھنجي جيون ۾
ايڏي جنبش ڇو آھي
۽ ھڪ لرزش واري راحت جو احساس
منھنجي من مان روان دوان آھي.
ائين ٿو لڳي ڄڻ منھنجي، ڪم ڪار سميٽڻ جي گھڙي اچي سھڙي آھي
۽ مان ھوا ۾ تنھنجي
مٺي موجودگيءَ جي
مڌم خوشبوءِ محسوس ڪيان ٿو.
±
(47)
ھن جي اجائي اوسيئڙي ۾ لڳ ڀڳ رات وھامي وئي
آھي.
ڊڄان ٿي تھ متان صبح جو ھو منھنجي در تي اوچتو
اچي نڪري.
جڏھن مان ٿڪجي ٽٽي گھور ننڊ ۾ پئي ھجان.
اي سکيو، ھن لاءِ راھھ کليل رکجو- کيس نھ
روڪجو.
جي ھن جي قدمن جي آواز سان مان نھ ٿي جاڳان،
تھ قرب ڪري مون کي بھ اٿارڻ جي ڪوشش نھ ڪجو.
مان پکين جي شور واري چون چان سان جاڳڻ نھ ٿي
چاھيان.
نھ ئي صبح جي جشن واري ھل ڪندڙ ھوا سان.
ان ھوندي بھ منھنجي ننڊ ۾ خلل نھ وجھجو
توڙي جو منھنجو ڌڻي اوچتو منھنجي در تي اچي
نڪري.
آه، منھنجي ننڊ، قيمتي ناياب ننڊ، جيڪا رڳو
ھن جي ئي ڇھاءُ سان غائب ٿيڻ لاءِ ترسيل آھي
آه منھنجون بند اکيون جيڪي پنھنجا ڇپر رڳو
ھن جي مرڪ جي روشنيءَ تي کولينديون.
جڏھن ھو ننڊ جي اونداھيءَ مان منھنجي آڏو
سپني وانگيان اڀري اچي سامھون بيھندو.
ھن کي منھنجي اکين آڏو ظاھر ٿيڻ ڏيو
پھرين پھرين روشني ۽ پھريون پھريون روپ بڻجي.
۽ منھنجي بيدار روح لاءِ لطف جي پھرين لھر
ھن جي نھار مان اچڻ ڏيو.
۽ مون تائين منھنجي موٽ
ھن ڏانھن منھنجي ترت موٽ ۾ ٿيڻ ڏيو.
±
(48)
صبح جي سانت جو سمنڊ
پکيئڙن جي گيتن جي ڇولين سان ڇلڻ لڳو
۽ پيچري جي پاسن وارا سارا گل خوشيءَ مان ٻھڪي
پيا.
۽ ڪڪرن جي وٿين مان وٽڙيل سون جو خزانو ڇٽبو
ويو
جنھن مھل پنھنجيءَ ڌن ۾ پنھنجي راه تي، اسان
رمندا رھياسين
۽ ھوڏانھن ڪوبھ ڌيان ئي ڪونھ ڏنو.
اسان نھ ڪو خوشيءَ جو ڪو گيت ڳاتو
۽ نھ ئي راند روند ڪئي؛
اسان سودي سلف لاءِ ڳوٺ ڏانھن بھ ڪونھ وياسين؛
اسان لفظ بھ ڪونھ ڳالھايو ۽ نھ ئي ڪو
مرڪياسين؛
اسان تھ رستي سان ڪا گھل بھ ڪونھ ڪئي؛
جيئن جيئن وقت پئي گذرندو ويو
تيئن تيئن اسان پئي وک وڌائي.
سج وچ آسمان تي پھتو ۽ ڇانوري ۾ ڳيرا گھو گھو
ڪرڻ لڳا.
ٽاڪ منجھند جي جھولي ۾ سڪل پن اڏڻ ڦرڻ ۽ نچڻ
لڳا.
ڌنار ڇوڪر کي گھل اچي وئي
۽ بَڙ جي ڇانو ۾ ليٽي خواب ڏسڻ لڳو.
۽ مان، تڙ جي وٽ ۾ ليٽي،
پنھنجا ٿڪل ھٿ ۽ پير گاه تي پکيڙي ڇڏيا.
منھنجا ساٿي، ڌڪار وچان مون تي کلڻ لڳا.
۽ پنھنجا ڳاٽ اوچا ڪري تڪڙو اڳتي وڌڻ لڳا؛
نھ ھنن پوئتي نھاريو نھ ئي آرام ڪيو
ھو ڏور نيري لڙاٽ ۾ گم ٿيندا ويا
۽ ڪيترائي چراگاه ۽ ٽڪريون ٽپندا ويا
۽ اجنبي ڏورانھن ڏيھن مان گذرندا ويا.
نھ ختم ٿيندڙ گس جا سورما پانڌيئڙو، توھان
کيرون لھڻيون!
سندن ٺٺولين ۽ مھڻن مون کي چڀڪا ھڻي اٿاريو
سھي،
پر مون منجھان ھنن کي ڪائي موٽ ڪونھ ملي.
مان پاڻ کي مسرت بخش ذلت جي گھراين ۾ گم ٿي
وڃڻ ڏنو-
ھڪ ڌنڌلي خوشيءَ جي پاڇولي ۾.
سونھري اس ۾ سيم لڳل سائي اونداھي جو سڪون
آھستي آھستي منھنجي من تي وڇائبو ويو.
مون کان اھو بھ وسري ويو تھ سفر تي نڪتو ڇو
ھيس،
۽ بغير ڪنھن ويڙھاند جي مان پنھنجي من کي
پاڇولن ۽ گيتن جي مايا ۽ مونجھاري جي حوالي
ڪري ڇڏيو.
آخرڪار ننڊ مان جاڳي جڏھن مون پنھنجون اکيون
کوليون
تھ پنھنجي ننڊ کي تنھنجي مرڪ جي ٻوڏ سان وھتل،
توکي ڀرسان بيٺل ڏٺو.
ڪيئن نھ مان ڊڄي ويو ھيس تھ راھھ ڊگھي ۽
ٿڪائيندڙ ھئي،
۽ تو تائين پھچڻ لاءِ جدوجھد ڏاڍي ڪٺن ھئي!
±
(49)
تون پنھنجي تخت تان لھي آئين
۽ منھنجي جھوپڙيءَ جي در تي اچي بيٺين.
مان اڪيلي ھيڪلي، پنھنجي منھن ڪنڊڙي ۾ پئي
ڳاتو،
۽ اھو آلاپ تنھنجي ڪن تي جو پيو تھ تون ھيٺ
لھي آئين،
۽ منھنجي جھوپڙيءَ جي در تي اچي بيٺين.
تنھنجي درٻار ۾ تھ ڪلاڪار بھ ڪيئي آھن،
۽ اتي لاڳيتو گيت سنگيت بھ جاري آھي،
پر ھن سيکڙاٽ جي سادي سودي سر
تنھنجي پيار کي ڇيڙي ڇڏيو.
ھڪ سوز ڀريو ننڍڙو سر، دنيا جي مھان موسيقي ۾
ملي ويو
۽ انعام ۾ ھڪ گل کڻي تون ھيٺ لھي آئين
۽ منھنجي جھوپڙي جي در تي اچي بيٺين.
±
(50)
مان ڳوٺ ۾ رستي تان در در پِن لاءِ نڪري پئي
ھيس
جڏھن تنھنجي سنھڙي رٿ ھڪ شاندار سپني جيان ڏور کان ظاھر ٿي
۽ مان حيرت ۾ پئجي ويس تھ اھو شاھن جو شاه
ڪھڙو آھي!
منھنجون اميدون وڌي ويون ۽ سمجھيم تھ منھنجا برا ڏينھن بس پورا ٿيا.
۽ ان انتظار ۾ بيٺي رھيس تھ اڻ گھريو دان
ملندو،
اھو ڌن جو ھر طرف مٽيءَ ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آھي.
رٿ اتي اچي رڪجي وئي، جتي مان بيٺي ھيس.
مون تي تنھنجي نظر پئي ۽ تون مرڪندو ھيٺ لھي
آئين.
مون ائين محسوس ڪيو تھ آخرڪار
منھنجي زندگيءَ جو ڀاڳ کليو ئي سھي.
پوءِ اوچتو ئي اوچتو تون پنھنجو ساڄو ھٿ اڳتي
وڌايو ۽ چيو:
”تو وٽ ڇا آھي مون ڏيڻ لاءِ؟“
آه، ڪھڙي نھ شاھاڻي ٺٺولي ھئي جو تون پنھنجو
ھٿ
ھڪڙي پينو آڏو پنڻ لاءِ جھليو!
مان منجھي پيس ۽ ھڪي ٻڪي ٿي بيھي رھيس
نيٺ پوءِ پنھنجي گودڙيءَ مان آھستي آھستي
اناج جو ننڍڙو ڪڻو ڪڍيو ۽ کڻي توکي ڏنو.
پر منھنجي حيرت جي ڪائي حد ڪونھ رھي
جڏھن ڏينھن پڄاڻي مان
پنھنجي گودڙي پٽ تي اونڌائي
تھ پِن جي ان جي، ويچاري، ڍڳڙيءَ مان
سون جو ھڪڙو ننڍڙو داڻو مليو.
مان زار زار روئڻ لڳم
۽ خواھش ٿي تھ ڪاش مون کي ايڏي دل ھجي ھا
جو پنھنجي سڀ ڪجھھ توکي ڏئي ڇڏيان ھا.
±
(51)
رات اونداھي ٿي وئي
۽ اسان جا ڏينھن جا سارا ڪم بھ پورا ٿيا.
اسان ائين ئي سمجھيوسين
تھ رات وارو آخري مھمان بھ اچي چڪو آ
۽ ڳوٺ جا سارا دروازا بھ بند ٿي چڪا.
رڳو ڪن ھمراھن پئي چيو تھ ”اڃا راجا اچڻو آ“.
اسان وٺي کلياسين ۽ چيوسين، ”نھ ائين تھ ٿي ئي
نھ ٿو سگھي.“
ائين لڳو تھ در تي ٺڪ ٺڪ ٿي رھي ھئي
۽ اسان سوچيو تھ ھوا کان سواءِ اھو ٻيو ڪجھھ
نھ ھوندو.
اسان ڏيئا وسايا ۽ ننڊ لاءِ ليٽي پياسين.
رڳو ڪن ھمراھن چيو تھ، ”اھو قاصد آھي.“
اسان وٺي کلياسين ۽ چيوسين، ”نھ اھا لازما ھوا
ھوندي.“
اڌ رات جي سانت ۾ ھڪڙو آواز آيو، ننڊاکڙي ۾
اسان سوچيو،
اھو ڪو ڏور کنوڻ جو ڌڌڪو ٿيو آھي.
ڌرتي ڌڏي، ديوارون لڏيون ۽ اسان جي ننڊ ڦٽي
پئي.
رڳو ڪن ھمراھن چيو تھ، ”اھو ڦيٿن جو کڙڪو ھو.“
ننڊاکڙي ڀڻ ڀڻ ۾ اسان چيو،
”نھ اھا ضرور ڪڪرن جي گجگوڙ ھوندي.“
رات اڃا ڪاري ٻاٽ ھئي، جڏھن دھل وڳو
آواز آيو، ”جاڳي پئو دير نھ ڪيو.“
اسان پنھنجا ھٿ دلين تي رکيا ۽ خوف کان ٿڙڪڻ
لڳاسين.
رڳو ڪن ھمراھن چيو، ”اجھو ھو ڏسو بادشاھھ جو
جھنڊو!“
اسان پيرن تي اٿي بيٺاسين ۽ رڙ ڪئي سين،
”دير ڪرڻ لاءِ وقت ئي ڪاٿي آ؛ بادشاھھ تھ اچي
پھتو آ
پر ڏيئا ڪٿي آھن؟ گلن جا ھار ڪٿي آھن،
ھن کي ويھارڻ لاءِ تخت ڪٿي آھي؟
ھاءِ، شرم، نھايت شرم جي ڳالھھ،
ڪٿي آ درٻار ۽ سجاوٽون ڪٿي آھن؟“
ڪنھن چيو، ”اجائي آھي اھا واويلا!
کيس خالي ھٿين کيڪاريو
۽ پنھنجي ٻسن ڪمرن ۾ ھن کي وٺي ھلو!“
دروازن کي کولي ڇڏيو ۽ سنکن کي وڄڻ ڏيو!
اسان جي اونداھي ۽ اجڙيل گھر جو راجا،
رات جي پيٽ ۾ آيو آھي
آسمان ۾ بادل گجن ٿا
۽ کنوڻ جي چمڪاٽ سان اونداھي ڏڪڻ لڳي ٿي.
پنھنجو ڇنل تڏي ٽڪر ئي کڻي اچ ۽ اڱڻ ۾ وڇاءِ.
طوفان سان گڏ اوچتو اسان جو
خوفناڪ رات جو، راجا بھ آيو آھي.
±
(52)
مان سوچيم تھ گھري وٺان توکان- پر اھا ھمت ئي
نھ ٿي،
اھو گلابن جو ھار جيڪو توکي ڳلي ۾ پاتل آھي.
ائين ئي مان انتظار ڪيو صبح جو، تھ جڏھن تون
اسھي ويندين
تھ من مون کي ملي پون بستري تان ڪجھھ ٽٽل ڪريل
پنکڙيون.
۽ ڪنھن پينو وانگر، صبح جو سوجھري ۾
ڪا رھيل کھيل ايڪڙ ٻيڪڙ پتي ڳوليندي رھيس.
اڙي مان، مان ڇا لڌو؟ تنھنجي پيار جي ڇڏيل
ڪھڙي نشاني؟
نھ ڪو گل، نھ ڪا سڳنڌ، نھ ڪا سرھي پاڻي جي
صراحي.
اھا تنھنجي طاقتور تلوار آ،
جا شعلي جيان چلڪيدار آ،
۽ وڄ جي ڪڙڪي وانگي رعبدار آ
صبح جي الھڙ روشني، دريءَ مان ڇڻي،
تنھنجي بستري تي وڃائجي وڃي ٿي.
باک پکيئڙو چون چون ڪري ٿو ۽ پڇي ٿو،
”ناري توکي ڇا پلئھ پيو؟“
نھ، اھو ڪو گل ناھي، نھ ئي ڪا سڳنڌ،
نھ ئي سرھي پاڻي جي صراحي-
اھا تھ تنھنجي ڀيانڪ تلوار ئي آھي.
مان عجب ۾ ويھي، خيال پچايان ٿي،
تھ ھي تنھنجو ڪھڙو تحفو آھي
مون کي اھڙو ڪو ھنڌ ئي نھ ٿو سجھي جتي ان کي
لڪايان.
اھا پھري کڻڻ ۾ مون کي شرم ٿو ٿئي،
ڇو جو مان ڪمزور جو آھيان.
۽ اھا مون کي زخمي ڪري ٿي وجھي
جيڪڏھن ان کي مان ڇاتيءَ سان ٿي لايان.
پوءِ بھ پنھنجي دل تي مان تنھنجي ان تحفي جو،
مان واري پيڙا جو بار سمورو سھندس.
اڄ کان پوءِ ھن دنيا ۾ ھاڻي مون کي،
ڪوبھ ڊپ ڊاءُ ڪونھ ٿيندو.
۽ منھنجي ساري ويڙھاند ۾ تون ئي سوڀارو
ٿيندين.
تون تھ موت کي منھنجو، سنگتي بڻائي ڇڏي ويو
آھين،
آءٌ تھ ان کي پنھنجي زندگيءَ جو تاج
پھرائيندس.
منھنجي سمورن ٻنڌڻن کي وڍي ٽڪر ڪرڻ لاءِ
تنھنجي تلوار مون سان آھي
۽ منھنجي لاءِ ھن دنيا ۾ ھاڻي ڪوبھ خوف باقي
ڪونھ رھندو.
اڄ کان مان سارا خسيس ھار سينگار ختم ٿي ڪيان،
منھنجي دل جا ڌڻي، ھينئر کان وٺي منھنجي لاءِ،
انتظار ڪرڻ ۽ ڪنڊن ۾ ويھي روئڻ، ختم ٿي چڪو.
نھ حجاب جي ضرورت، نھ ئي روش جي شيريني جي
ضرورت.
توھان مون کي سينگار لاءِ پنھنجي ترار جو ڏني
آ
گڏين وارا ھار سينگار، ھاڻي مون کي نھ ٿا کپن.
±
(53)
تنھنجي ڪرائي جو ڪنگڻ؛
ڪيڏو نھ دلڪش آ، ستارن سان سينگاريل؛
۽ ڏاڍي ڪاريگريءَ سان رنگارنگ ھيرن ۽ جواھرن
سان جڙيل؛
پر منھنجي لاءِ ان کان بھ خوبصورت آھي تنھنجي
تلوار،
وڄ جي ونگ واري؛
۽ جيڪا وشنوءَ جي پکڙيل پرن واري غيبي پکيءَ
وانگيان
سج لٿي جي ڪاوڙيل سرخ روشنيءَ ۾ يڪ ٽِڪ بيٺل
آھي.
زندگيءَ جي پڄاڻيءَ مھل، موت جي آخري وار سان،
پيڙا جي بي خودي واري لڇ پڇ وانگيان، اھا ترار
ٿڙڪي ٿي.
۽ ھوءَ ھستيءَ جي نج ۽ پوتر شعلي وانگر چمڪي
ٿي،
جا دنياوي حرص ۽ ھوس کي
ھڪ ئي موتمار تجلي سان ڀسم ڪري ڇڏي ٿي.
خوبصورت آھي اوھان جو ڪنگڻ،
ستارن جي موتين سان مڙھيل؛
پر تنھنجي ترار، او وڄ جا ديوتا،
انتھائي خوبصورتيءَ سان ٺاھي وئي آ،
جنھن کي ڏسڻ يا جنھنجو خيال آڻڻ سان ئي
خوف طاري ٿي وڃي ٿو.
±
(وڌيڪ
پڙهو)