سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گيتانجلي

ٽئگور

صفحو :3

 

ٽئين ڇاپي لاءِ ڪجھھ ڳالھيون

 

گيتانجلي جو ھي ٽيون ڇاپو اوھان جي ھٿن ۾ آھي. ھن ڇاپي ۾ کوڙ نيون شيون آھن.

¨      ٽئگور جون زندگيءَ جي مختلف دؤرن جون تصويرون ۽ سندس ڪجھھ پينٽنگس.

¨      گيتانجلي جي 1913ع واري ڇاپي جي سرورق جو ناياب عڪس.

¨      وليم بٽلرييٽس جي تصوير ۽ ان طرفان گيتانجلي جو 1912ع ۾ لکيل مھاڳ.

¨      ۽ ان کان سواءِ اٽڪل ھڪ ڏھاڪي کان پوءِ جڏھن ھن ڇاپي لاءِ پروف جون غلطيون چيڪ ڪيم تھ ترجمي تي بھ نظر وڌم. ان عرصي ۾ جيڪو ھڪ اڌ اکر واڌارو پرايو اٿم تنھنجي آڌار رنڊا روڙيم تھ ڪافي ڪوتاھيون نظر آيون. پاڻ وٽ محفوظ اصل مسودي سان ڀيٽايم تھ پھرين ڇاپي ۾ ئي ڇپائيءَ جون ڪيئي غلطيون ۽ ڪيترن ئي نظمن ۾ تھ ھڪ ھڪ سٽ ڌريون ئي الوپ ھئي. بھرحال پنھنجي ناقص عقل آھر ڪافي سنواريل سڌاريل ھي ڇاپو نئين رنگ روپ ۾ اوھان آڏو حاضر آھي.

ورجائيندو ھلان تھ مون ھي ترجمو ٽئگور جي پاڻ بنگالي مان ڪيل انگريزي ترجمي تان ڪيو آھي. ان جي پھرين Limited Edition انڊين سوسائٽي 1912ع ۾ ڇاپي ھئي پر پوءِ Macmillian & Co. لنڊن پاران مارچ 1913ع ۾ جڏھن وليم بٽلرييٽس جي تعارف سان گيتانجلي شايع ٿي تھ ٽئگور کي ادب جو نوبل پرائيز مليو ۽ اوھان حيران ٿيندؤ تھ صرف 1913ع ۾ ئي گيتانجلي جون 13 ايڊيشن ڇپيون: اپريل، مئي، جون، جولاءِ (ٻھ دفعا) سيپٽمبر، آڪٽوبر (ٽي دفعا)، نومبر (ٻھ دفعا) ۽ ڊسمبر (ٽي دفعا). مون کي Macmillian & Co. جو ٽئگور جو اھو اصلوڪو ڪتاب، ڪراچيءَ جا ڪٻاڙ خانا گھمندي 5 اپريل 1991ع تي ھٿ لڳي ويو جيڪو ڊسمبر 1956ع ۾ ڇپيل آھي. (47ھون ايڊيشن). ھن ٽئين ڇاپي جي نواڻ ۽ اھميت اھا بھ آھي تھ پھريون ڀيرو W.B. Yeats جي لکيل تعارف جو ترجمو بھ ان ۾ شامل ڪيو اٿم جيڪو ٽئگور جي شخصي ۽ ادبي قد ڪاٺ جي، ھڪ ٻئي عظيم شاعر پاران مڃتا ۽ آئينو آھي.

وليم بٽلرييٽس William Butler Yeats جون 13، 1865ع ۾ ڊبلن، آئرلينڊ ۾ ڄائو. ھو شاعر، ڊرامھ نگار، نثر نويس ۽ صوفي ھيو. سندس پيءُ جان ييٽس ۽ ڀاءُ جئڪ بٽلر ييٽس ٻئي آرٽسٽ ھئا، ھن کي پڻ 1923ع ۾ ادب جو نوبل پرائيز مليو ھو. ھو آئرش قومپرست ۽ انقلابي ھيو. ھو شاعر، ڊرامھ نگار ۽ پينٽر جارج رسل سان بھ مليو ۽ 1912ع ۾ ازرا پائونڊ (Ezra Pound) سان بھ مليو ھو جيڪا 1913ع ۾ سندس سيڪريٽري بھ ٿي. 1917ع ۾ 52 سالن جي عمر ۾ شادي ڪيائين ۽ 28 جنوري 1939ع ۾ فرانس ۾ گذاري ويو.

ٽئگور 1861ع ۾ ڄائو. سترھن سالن جي عمر ۾ رسمي تعليم لاءِ انگلينڊ ويو پر اتي پنھنجي پڙھائي پوري نھ ڪري سگھيو. گانڌي ھن جو گھرو دوست ھيو. 1915ع ۾ ھن کي برطانيھ خطاب ڏنو پر ڪجھھ سالن جي اندر ئي برطانيھ جي ھندستان اندر پاليسين خلاف اھو واپس ڪري ڇڏيائين. 50 کان مٿي شاعري (نظم ۽ نثري نظم) جا ڪتاب لکيائين، ان سان گڏ ميوزڪ ڊراما، ڊانس ڊراما، ھر قسم جا مضمون، سفر جون ڊائريون ۽ ٻھ سوانح عمريون، ھڪ وچين عمر ۾ ۽ ٻي 1941ع ۾ موت کان ٿورو اڳ لکيائين ۽ کوڙ ساريون ڊرائنگس ۽ پينٽنگس ۽ گيت پڻ لکيائين، جن جي موسيقي بھ پاڻ ڏنائين. نوبل انعام Banquet جي تقريب واري تقرير لاءِ ھي ٽيليگرام موڪليو ھئائين.

I beg to convey to the Swedish Academy my grateful appreciation of the breadth of understanding which has brought the distant near, & has made stranger a brother.

اسان ٽين دنيا ۽ ٽئين درجي جي شھري ليکڪن لاءِ بس اھوئي ڪافي آھي تھ انھن جو ڪتاب ڇپجي. پر روين جي ضرب جو ذڪر رڪارڊ جي درستگي لاءِ ضروري سمجھان ٿو. پاکنڊي پبلشرز کان پروردگار پنھنجي پناھھ ۾ رکي. پھرين ڇاپي لاءِ مسودو صرف نديم گل عباسي جي خاطر، سڃاڻپ ۽ دوستي سبب ميمڻ صاحب جي حوالي ڪيو جنھن روپين جا ٻھ ھزار تريءَ تي رکيا ۽ 10 عدد ڪاپيون اماڻيون جيڪي منھنجي سينٽرل جيل حيدرآباد جي نوڪريءَ دوران بشير خان قريشي، امير بخش عمراڻي، محبوب سيال ۽ ٻين سياسي دوستن ۾ ورھائجي ويون. ڪيئي سال اڳ لاڙڪاڻي ۾ سنڌيڪا جي صاحب موصوف سان ملاقات ٿي تھ ٻئي ڇاپي لاءِ چيائين. رائلٽي جي نام نھاد حقير رقم سکڻي نفسياتي اطمينان لاءِ عرض رکيم تھ عيان ڪيائين تھ ھو ھڪ بيحد غريب شخص آھي ۽ روپيو ڏيڻ لائق بھ نھ آھي. مٿان اھو ڪلور ڪيائين جو امان شيخ جي اجنبي نالي سان ڪتابڙي ڇاپي مارڪيٽ ۾ آڻي ڇڏيائين. مواد منھنجو ساڳيو رکيائين، مٿان ميڪ اپ رڳو اھو ڪيائين تھ نثري نظمن کي عنوان ڏنائين جيڪي ٽئگور پاڻ ڏنا ئي ڪونھ آھن.

ان کان پوءِ نئون ديرو جي اديب ۽ ڊاڪٽر دوستن جي محابي نئين نياپي جي نوجوان کي ٻئي ڇاپي لاءِ اجازت ڏئي آزمايم. ان صاحب بھ گھٽ ڪونھ ڪئي. چيائين تھ رائلٽي جي رقم اکرين ٽي ھزار روپيھ ۽ ڪاپيون، ڪتاب ڇپائڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي اچي روبرو اوھان جي ھٿن ۾ ڏبا. پوءِ ڪتاب ڇپجي ويو، مارڪيٽ ۾ اچي ويو پر اھي ڏينھن اھي شينھن ستن سالن ۾ نھ دعا نھ سلام. باوجود سندس ڀاءُ جي معرفت انيڪ نياپن سنيھن جي نھ ڪا ورندي نھ رقم ۽ نھ ئي ڪاپيون.

اھي خبرون وڃي ڪائين ڪال پيون تھ ھڪ ھمراھھ ملو آھي ۽ ٻيو اداڪار. ھڪ حاجي ٻيو زنوار. بھرحال خدا کين پنھنجي فن ۾ ترقي ڏئي، عمر دراز ڪري ۽ صحت سلامت رکي.

علي نواز گھانگھرو سان منھنجي پھرين ملاقات ۽ تعارف ڪامريڊ غلام رسول سھتو معرفت ٿيو ۽ منھنجا پھريان ٻئي ڪتاب بھ ھن صاحب روشني پبليڪيشن پاران ڇپرايا. وقت ثابت ڪيو تھ ڪامريڊ دوستن جو يار سچو ۽ کرو نڪتو. اڄ تائين نھ مون ساڻس حساب ڪيو آھي ۽ نھ پاڻ. بلڪ ھو اڃا وڌيڪ مھربان رھيو آھي ۽ جيڪو ڪتاب وڻندو آھي سندس دڪان تان کڻي ايندو آھيان.

مون کي ڪجھھ نھ کپي: بس ڪجھھ ڪاپيون تھ يارن دوستن ۾ ورھايان. بس اھو موقعو تھ ڪتاب پڙھندڙن تائين پھچايان. بس اھا سگھھ ۽ ھمٿ تھ وڌيڪ لکان. ۽ اوھان پڙھندڙن جي اھا دعا تھ سنڌ ڌرتي ۽ پورھيت نظريي سان سچو رھان ۽ شاھھ لطيف ۽ سچل سائين جي واٽ ۽ نعري سان سڄي عمر سلھاڙيل رھان.

 

حق موجود

ڊاڪٽر گل

24 آگسٽ 2006ع لاڙڪاڻو

e-mail:doctorgul2004@yahoo.com

cell: +92 300 3413023


 

 

 

 

تعارف: گيتانجلي

وليم بٽلرييٽس

 

ڪجھھ ڏھاڙا اڳ مون ھڪ نامور بينگالي ڊاڪٽر کي پئي چيو، ”مون کي جرمن ٻولي ڪونھ ٿي اچي. پر جي ڪنھن جرمن شاعر جي ترجمي مونکي متاثر ڪيو تھ مان برٽش ميوزيم ھليو ويندس ۽ اتان ڪجھھ ڪتاب ڳولھي وٺندس جن ۾ ان شاعر جي زندگي متعلق يا سندس سوچ ويچار بابت ڄاڻ ملي ويندي. پر توڙي جو رابندر ناٿ ٽئگور جي ھنن نثري ترجمن منھنجي من ۾ ھلچل مچائي ڇڏي آھي، جيڪا ڪيئي سالن تائين منھنجي اندر ۾ آئي ئي نھ ھئي. مان ھن جي زندگيءَ بابت بلڪل بھ ڄاڻي نھ سگھان ھا ۽ نھ ئي انھن گھڙين ۾ آيل خيالن جي باري ۾ جن ھنن نثري نظمن کي جنم ڏنو، جيڪڏھن ڪو ھندوستاني سيلاني مونکي ھن بابت نھ ٻڌائي ھا.“ ھن کي ڀانسيو تھ منھنجي من ۾ جوش جاڳڻ بلڪل فطري ھيو، ڇو تھ ھن چيو پئي تھ ”مان رابندر ناٿ ٽئگور کي روزانو پڙھندو آھيان، ڇو تھ ھن جي ھڪ سٽ پڙھڻ سان دنيا جا ھڙئي ڏوجھرا وسري وڃن ٿا.“ مان چيومانس، ”جيڪڏھن رچرڊ ٻئي جي دور ۾ ھڪ انگريز کي پيٽرا رخ يا ڊانٽي جا ترجما ڏيکاريا وڃن تھ کيس سندس سوالن جي جوابن لاءِ ڪوئي ڪتاب نھ ملندو، پر ھو ڪنھن فلارنتيني بئنڪ آفيسر يا لوميراڊ جي سوداگر کان سوال ڪري ھا جيئن مان ٿو توکان ڪيان. مان رڳو اھو ٿو ڄاڻان تھ، جيڪا ڀرپور ۽ سادي شاعري ھيءَ آھي، تھ توھان جي ملڪ ۾ نئين جاڳرتا (Renaissance) جنم وٺي چڪي آھي ۽ مون کي تھ بس افواھن کانسواءِ ٻي صورت ۾ اھا خبر نھ پئجي سگھي ھا.“ ھن وراڻيو، ”اسان وٽ ڪيئي ٻيا شاعر بھ آھن، پر ھن جو مٽ ڪوئي ناھي، اسان ھن دؤر کي رابندر ناٿ جو دؤر چئون ٿا. ڪوبھ شاعر يورپ ۾ ايترو مشھور نھ ٿو سجھي جھڙو ھو اسان وچ ۾ آھي. ھو موسيقي ۾ بھ ايترو ئي عظيم آھي، جيڏو شاعريءَ ۾ ۽ ھن جا گيت ھندستان جي الھندي کان وٺي برما تائين جتي جتي بنگالي ڳالھائي وڃي ٿي، ڳاتا وڃن ٿا. ھو تڏھن ئي مشھور ٿي چڪو ھيو جڏھن 19 ورھين جي عمر ۾ ھن پنھنجو پھريون ناول لکيو، ھن جيڪي ناٽڪ لکيا، جڏھن ھو ڪجھھ وڏو ٿيو تھ اھي اڃا تائين ڪلڪتي ۾ پيش ٿين پيا. مان ھن جي زندگيءَ جي سمپورن جو ڏاڍو ساراھيندڙ رھيو آھيان. جڏھن ھو جوان ھو تھ قدرتي شين جي باري ۾ ڏاڍو لکيو. سڄو ڏھاڙو پنھنجي گھر جي باغيچي ۾ ويٺو رھندو ھو، لڳ ڀڳ 25 سالن کان شايد 35 سالن تائين، جڏھن کيس گھرو رنج رسيو ھو، ھن اسان جي ٻوليءَ ۾ ڏاڍي خوبصورت پيار جي شاعري ڪئي“ ۽ پوءِ ھن گھري جذباتي لڳاءُ سان چيو: ”مون کي اھي لفظ ئي نھ ٿا ملن جنھن سان مان 17 سالن جي عمر ۾ سندس پيار بابت شاعريءَ جو مقروض ٿي ويس. ان کان پوءِ ھن جي ڪلام ۾ گھرائي ۽ پختگي آئي. ھن مذھب ۽ فلسفي طرف لاڙو کاڌو. ھن جي گيتن ۾ انسانذات جون سموريون ۽ وڌيڪ گھريون آسون ۽ اميدون پنھان آھن. ھو اسان جي سنتن ۽ اوليائن منجھان اھو پھريون شخص آھي جنھن زندگي تياڳ نھ ڪئي آھي پر زندگيءَ منجھان ۽ زندگيءَ معرفت ڳالھايو آھي جنھن ڪري ئي اسان کيس بيحد پيار ڪريون ٿا.“ ممڪن آھي تھ ھن جا ھوبھو چونڊي چيل لفظ منھنجي يادگيري سبب بدلجي ويا ھجن پر ھن جا ويچار ساڳيا اھي ئي ھئا. ”ڪجھھ وقت اڳ ھن کي اسان جي ڪنھن ڪليسا ۾ ايشوري ڪٿا پڙھڻي ھئي- اسان برھما سماج وارا انگريزيءَ جو لفظ ڪليسا اچاريندا آھيون- جيتوڻيڪ اھا ڪلڪتي جي وڏي ۾ وڏي ڪليسا آھي، پر نھ رڳو اھا سٿيل ھئي ۽ ماڻھو درين بھ بيٺا ھئا پر گھٽين ۾ رش سبب اتان گذرڻ بھ ناگذير ھو.“

ٻيا ھندستاني بھ مون سان ملڻ ايندا آھن ۽ انھن وٽ ھن ماڻھوءَ جي جيڏي مڃتا ۽ سنمان آھي سو اسان جي دنيا ۾ ڏاڍو عجيب پئي لڳو جتي اسان ننڍيون وڏيون شيون ناٽڪ ۽ اڌ سنجيده بيقدريءَ جي برقعي ۾ ڍڪي ڇڏيندا آھيون، جڏھن اسان وڏا گرجا گھر ٺاھي رھيا ھئاسين تھ ڇا اسان وٽ بھ پنھنجي عظيم انسانن لاءِ ايڏي مڃتا ۽ مان ھيو؟ ”ھر صبح جو ٽين وڳي- مون کي خبر آھي جو مان پاڻ ڏٺو آھي-“ انھن (ھندستانين) منجھان ھڪڙي مونکي چيو، ”ھو مراقبي ۾ پنڊ پاھڻ بڻجي ويھي ٿو ۽ ٻن ڪلاڪن تائين خدا جي فطرت ۽ خيال ۾ گم انھي غلطان مان نٿو سجاڳ ٿئي. ھن جو پيءُ، مھارشي، تھ ڪڏھن ڪڏھن اتي ٻئي ڏينھن تائين بھ ويٺو رھندو آھي. ھڪ ڀيري ھڪ نديءَ وٽ ھو منظر جي سندرتا تي اھڙو تھ موھت ٿي ڌيان ۽ گيان ۾ گم ٿي ويو جو ناکئا پنھنجي مسافري جاري رکڻ کان اڳ اٺن ڪلاڪن تائين انتظار ڪندا رھيا.“ ھن پوءِ مون کي محترم ٽئگور جي ڪڙم قبيلي بابت ٻڌايو تھ ڪيئن ڪيترن نسلن کان وٺي انھن جي پينگھن ۾ عظيم انسان پئي جنم ورتو آھي. ”اڄڪلھھ“، ھن چيو، ”گوگندرا ناٿ ۽ ابندرا ناٿ ٽئگور آھن، جيڪي مصور آھن ۽ دجندرا ناٿ عظيم فلاسافر آھي، جيڪو رابندرا ناٿ جو ڀاءُ آھي. نوريئڙا ٽارين تان لھي اچي ھن جي گوڏن تي چڙھي ويندا آھن ۽ پکي ھيٺ ھن جي ھٿن تي لھي ايندا آھن.“ مون کي ھنن ماڻھن جي سوچ ويچار ۾ ھڪ عيان خوبصورتي ۽ مفھوم جو گيان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڄڻ تھ ھو نٽشي جي انھيءَ متي سان سھمت ھجن تھ اسان کي انھيءَ اخلاقي يا عقلي خوبصورتي ۾ ويساھھ نھ رکڻ گھرجي جيڪا اڳي يا پوءِ مادي شين تي پنھنجي ڇاپ نھ ڇڏي. مون چيو، ”اوھان کي خبر آھي تھ مشرق ۾ پنھنجي خاندان جو نالو ڪيئن روشن رکندا آھن؟“ اڳلي ڏينھن ھڪ عجائب گھر جي رکوالي مون کي ھڪ سانوري چمڙي ۽ ننڍي قد ڪاٺ واري ھمراھھ ڏانھن اشارو ڪندي، جيڪو پنھنجي چيني مصوري جي شھپارن کي ٺاھي ٺيڪ ڪري رھيو ھو، ”اھو مڪاڊو جو موروثي پارکو آھي، ھو اھو رتبو رکڻ واري پنھنجي خاندان جو 14ھون فرد آھي.“ ھن (ھندستاني) چيو ”جڏھن رابندرا ناٿ اڃا ٻار ھيو تھ ھن جي چوڌاري گھر ۾ بس موسيقي ۽ ادب ئي ھيو.“ منھنجي ذھن ۾ سندس نظمن جي سادگي ۽ ڀرپوريت اچي وئي. مان چيو، ”ڇا اوھان جي ملڪ ۾ گھڻي ساري تنقيد ۽ پرچاري لکت ھلي ٿي؟ اسان وٽ تھ ايتري آھي، خاص ڪري منھنجي ملڪ ۾، جو اسان جي ذھنن تخليق ڪرڻ بند ڪري ڇڏي آھي ۽ اسان ڪجھھ ڪري بھ نھ ٿا سگھون جيڪڏھن اسان جي زندگي ھڪ مسلسل جھد ۽ چٽاڀيٽي نھ ھجي ھا تھ اسان ۾ ڪو ذوق، شوق بھ پيدا نھ ٿئي ھا اسان کي بري ڀلي جي خبر بھ ڪونھ پوي ھا ۽ اسان کي ٻڌندڙ ۽ پڙھندڙ بھ نھ ملن ھا. اسان جي توانائي جو 4/5 ان بري ذوق سان جھيڙيندي گذري وڃي ٿو جيڪو اسان جي يا ٻين جي مٿي ۾ ڀريو پيو آھي.“ ”مان سمجھان ٿو“ ھن وراڻيو، ”اسان وٽ بھ پرچاري لکڻيون ھونديون آھن. ھو ڳوٺن منجھن ڊگھيون ديوتائن جي وارتا وارن نظمن جون ڪٿائون کڻندا آھن جيڪي وچين دور (Middle ages) جي سنسڪرت منجھان مستعار ورتا ويا آھن ۽ جن منجھھ ھو پنھنجون تاويلون ۽ ٽڪرا بھ ٽنبيندا آھن، ماڻھن کي ٻڌائڻ لاءِ تھ توھان پنھنجو فرض ضرور پورو ڪريو.“

(II)

مان ھنن ترجمن جو مسودو ڪيترن ڏينھن کان پاڻ سان ساڻ کڻي گھمندو ٿو وتان، ۽ ان کي ريل گاڏين، مني بسن ۽ ھوٽلن ۾ پڙھندو رھيو آھيان ۽ اڪثر ڪري ان کي کڻي بند بھ ڪيو اٿم تھ متان ڪو اجنبي اھو ڏسي نھ وٺي تھ اھو ترجمو مون کي ڪيڏي نھ جوش جذبي ۾ آڻي ٿو ڇڏي. ھي بيت- جيڪي اصلوڪي ٻولي ۾ آھن، جيئن منھنجا ھندستاني مونکي ٻڌائن ٿا تھ، ڏاڍي حرفت سان قافيي رديف ۾ ۽ ترجمو نھ ٿي سگھندڙ رنگن جي نزاڪت ۽ نفاست ۽ ھڪ اھڙي بحر وزن جي ماپ تور مطابق جڙيل اھي بيت پنھنجي سموھيل ويچارن جي دنيا کي عيان ڪن ٿا، جنھن جو مون سڄي ڄمار سپنو پئي پسيو آھي. ھڪ اتم سڀيتا جو گرنٿ پر تنھن ھوندي بھ ھڪ عام ڌرتي جي اھڙي اوپڙ ڀاسي ٿي ڄڻ ڪو گاھھ يا ڪک پن. ھڪ پرم پرا جتي شاعري ۽ مذھب ساڳيا تصور ڪيا وڃن ٿا، سا صدين منجھان گذري ٿي ۽ گياني ۽ اگياني انسانن منجھان استعارا ميڙي اچي ٿي ۽ وري انھن عالمن جو علم ۽ گيان عام انسان ڏانھن موٽائي ٿي. جيڪڏھن بنگالي تھذيب ٽٽل نھ آھي، جيڪڏھن اھا گڏيل ذھن ۽ سوچ- جيئن ڪوئي قياس ڪري سگھي ٿو- سڀني منجھان گذري ٿي، سا درجنن ذھنن ۾ نھ ٿي ٽٽي جيڪي ھڪ ٻئي بابت ڪجھھ بھ نٿا ڄاڻن- جيئن اسان وٽ آھي تھ ھنن گيتن ۾ جيڪا باريڪ بيني ۽ نزاڪت آھي ان جو ڪو حصو بھ ڪجھھ سالن ۾ ئي روڊ تي رمندڙ فقير وٽ بھ پھچي ويندو. جڏھن انگلينڊ ۾ صرف ھڪ سوچ ۽ ذھن ھيو تھ چاسر Troilus & Cressida  لکيو ۽ جيتوڻيڪ جو ھن اھو پڙھڻ لاءِ يا پڙھي ٻڌائڻ لاءِ لکيو- ڇو تھ اسان وارو دؤر تڪڙو اچي پھچي رھيو ھو- ھن کي چارڻ ۽ مڱڻھار ڳايو. رابندرا ناٿ ٽئگور، چاسر جي پيشرؤن وانگي، پنھنجي لفظن جي موسيقي لکي ٿو ۽ ھرھڪ بندو ھر گھڙي اھو سمجھي ٿو تھ ھو ڪيڏو نھ ڀرپور آھي، وشال آھي، بي اختيار آھي، پنھنجي اڌمن ۽ جذبن ۾ جرئتمند، حيرانگيءَ سان ٽمٽار- ڇو تھ ھو اھو ڪجھھ ڪري رھيو آھي جيڪو ڪڏھن بھ ڌاريو ۽ غير فطري نھ ٿو وسھمي ۽ جيڪو بچاءَ ۾ بھ چيل نھ آھي. ھي ڪويتائون عورتن جي ٽيبل تي خوبصورت ڇپائي ٿيل ننڍڙي ڪتابڙي جي صورت ۾ بس پيل نھ ھونديون جيڪي صرف آرس ڀريل ھٿن سان سکڻا ورق اٿلائي بي معنيٰ زندگيءَ تي ٿڌا ساھھ ڀرين ٿيون- ھو ھن وقت تائين بس زندگيءَ بابت اھو ڪجھھ ئي ڄاڻين ٿيون- يا ھي ڪويتائون شاگرد يونيورسٽي کڻي وڃي ان کي پاسيرو رکي ڇڏيندا جڏھن زندگيءَ جو ڪم ڪار شروع ٿئي ٿو پر جيئن نسلن پٺيان نسل ايندا تھ وڻجارا واٽن تي اھي جھونگاريندا وتندا ۽ ناکئا ندين تي ٻيڙيءَ جا چپو ھلائيندي ھي مصرعون چپن سان چوريندا رھندا. چاھيندڙ جڏھن ھڪ ٻئي جو انتظار ڪندا ھوندا تھ ھنن نظمن جي ڀڻڪاٽن ۾ خدا جي پيار جو اھو جادوئي سامونڊي نار لھندا جنھن ۾ سندن کھرو ۽ ڪوڙو ڪروڌ ڌوپجي پوندو ۽ پنھنجي جوڀن کي نئون تازو ڪندو. ھن شاعر جي دل ھر گھڙي ان جو شان نھ گھٽائيندي، ٻاھر وھي ھلي ٿي، ڇو تھ اھا ڄاڻي ٿي تھ ھو سمجھي سگھندا ۽ پروڙي وٺندا ڇو تھ ان پاڻ کي سندس زندگيءَ جي ڪيفيت سان پر ڪري ورتو آھي. مسافر جيڪو ڳاڙھو ناسي لباس پائي ٿو تھ جيئن مٽيءَ جا چٽا ظاھر نھ ٿين، ڇوڪري جيڪا پنھنجي بستري تي پنھنجي شاھي مالڪ جي ھار مان ڪريل پنکڙيون ڳولي ٿي، نوڪر يا ڪنوار جيڪا پنھنجي خالي ٻسي گھر ۾ مالڪ جي موٽڻ جي منتظر آھي- اھي سڀ صورتون آھن، دل جو خدا ڏانھن راغب ٿيڻ جون. گل ۽ نديون، سنک جو وڄڻ، ھندستاني جولاءِ جو وڏڦڙي وارو مينھن، يا لڱ ساڙيندڙ گرمي؛ اھي ھڙئي ان دل جي ميڙي يا وڇوڙي جي ڪيفيت جا روپ ۽ صورتون آھن ۽ ڪو شخص جيڪو ندي ۾ ھلندڙ ٻيڙيءَ تي ويٺو ستار وڄائي جيئن ڪنھن راز ۽ اسرار سان ڀرپور ڪنھن چيني مصوري جو شھپارو- اھو سڀڪجھھ ڄڻ تھ خود خدا آھي. سموري خلق، ساري تھذيب، جيڪا ھونئن اسان لاءِ اڻ مئي اجنبي آھي، سا لڳي ٿو تھ ھن تصور ۾ سمائجي وئي آھي. پوءِ بھ اسان ان جي اجنبيت جي ڪري خوش ۽ جذبي ۾ نھ آھيون بلڪ ان ڪري جو اسان پنھنجي ئي تصور سان ملاقات ڪئي آھي، ڄڻ اسان Rossetti جي بيدمشڪ جي جھنگل ۾ پسار ڪيو وڃي، يا ادب ۾ شايد پھريون ڀيرو پنھنجو آواز ايئن ٻڌو ھجي جيئن ڪنھن خواب ۾ ايندو آھي.

نئين جاڳرتا واري دور کان وٺي يورپي سنتن جون لکڻيون- ڀلي ڪيڏا بھ مانوس ھجن انھن جا استعارا ۽ سندن سوچ جي مجموعي بناوت- پر ان اسان جو ڌيان ڇڪائڻ ڇڏي ڏنو آھي. اسان ڄاڻون ٿا تھ اسان کي آخرڪار ترڪ ڪرڻ گھرجي ۽ اسان کي عادت پئجي وئي آھي اداسين يا اوج وارين گھڙين ۾ پاڻ کي ترڪ ڪري ڇڏڻ جي، پر اسان جن ھيڏي ساري شاعري پڙھي ھجي، کوڙ ساري مصوري پسي ھجي، اڻ مئي موسيقي ٻڌي ھجي، جتي جسم ۽ روح جي رڙ ملي ھڪ ٿي وڃي ٿي- سي ڪيئن ڏاڍي رکائي، شوخي ۽ ڪٺورتا سان ان کي ترڪ ڪريون- اسان جي اھا ڪھڙي شيءِ سينٽ برنارڊ سان ملي ٿي جنھن پنھنجون اکيون ڍڪيون تھ اھي سئٽزرلئنڊ جي ڍنڍن جي خوبصورتي تي ٽِڪي نھ بيھن، يا الھام جي ڪتاب (Book of Revelation) جي زبردست فصاحت ۽ بلاغت سان، اسان کي جي مليا تھ ملي سگھندا لحاظ ۽ مروت جا اھي لفظ جيئن ھن ڪتاب ۾ آھن. ”مون کي پنھنجي موڪل ملي چڪي آھي. منھنجا ڀائرو، مون کي الوداع چئو! مان اوھان سڀني آڏو سيس نوايان ٿو ۽ موڪلايان ٿو. اجھو ھي آھن منھنجي دروازي جون ڪنجيون ۽ مان پنھنجي گھر جي سمورن حقن تان دستبردار ٿيان ٿو. مون کي صرف گھرج آھي اوھان جي آخري ٻاجھارن لفظن جي. اسان ڪافي وقت کان پاڙيسري رھياسين، پر مون جيڪي ڪجھھ ڏنو تنھن کان وڌيڪ مون کي مليو. ھاڻ صبح ٿيڻ وارو آھي ۽ ڏيئي جنھن منھنجي اونداھي ڪنڊ کي روشن رکيو سو بھ اجھامي چڪو آھي. سڏ ٿيو آھي ۽ مان پنھنجي مسافريءَ لاءِ تيار آھيان.“ ۽ اھو اسان جو پنھنجو من ڀاؤ/ مزاج آھي، جيڪو جڏھن John of Cross يا A Kempis کان پري آھي تھ رڙي ٿو: ”۽ جيئن تھ مان جيون سان پيار ڪريان ٿو سو ڄاڻان ٿو تھ مان موت کي بھ ايئن ئي چاھيندس.“ ۽ اھو رڳو اسان جي وڇوڙي وارن ويچارن سبب ئي نھ آھي تھ ھي ڪتاب مڙني کي ماپي ٿو. اسان کي خبر نھ ھئي تھ اسان خدا سان پيار ڪيو آھي. ان ۾ ايمان آڻڻ جي ڳالھھ تھ اڃا پري رھي، پوءِ بھ پنھنجي جيون تي پوئتي نظر وجھندي اسان ٻيلن جي پيچرن جي ڳولھا ڦولھا ۾، ٽڪرين جي سنسان گھٽين ۽ گھيڙن جي پنھنجي خوشيءَ ۾، عورتن مٿان مڙھيل ان اجائي دعويٰ ۾ تھ اسان پيار ڪيو آھي- ان مڙني ۾ اسان ھن جوش جذبي کي دريافت ڪيون ٿا جنھن ھن فريبي ميٺاڄ کي جنم ڏنو آھي. ”منھنجي من ۾ مجموعي جي ھڪ عام انسان جيان، بنا اجازت جي اندر داخل ٿيندي. منھنجا بادشاھھ، تون ڪيترين ئي ڦٽي ويندڙ گھڙين تي پنھنجي دائميت ۽ ڇاپ ڇڏين ٿو.“ اھا ھينئر غفا واري گھر جي ۽ قھر خدائي جي پوترتا ناھي پر اھو جيئن ھيو- تھ ھڪ مصور جي ڪيفيت جي شدت کي مٿي اڀارڻ ھيو، مٽيءَ ۽ سج جي روشنيءَ جي نقاشي ڪرڻي ھئي، ۽ اسان ساڳي صدا سان سينٽ فرانسس ۽ وليم بليڪ ڏانھن وڃون ٿا جيڪي اسان جي زوراور تاريخ ۾ ڏاڍا اجنبي نظر ايندڙ آھن.

(III)

اسان ڊگھا ڊگھا ڪتاب لکندا آھيون جنھن جي شايد ھڪ صفحي ۾ بھ اھا خوبي نھ ھوندي آھي تھ ان لکڻيءَ منجھان لذت يا فرحت اچي- يا اھا مجموعي طور معتبر ھجي. بس رڳو جھيڙيندا آھيون، پئسو ڪمائيندا آھيون ۽ پنھنجي مٿي ۾ سياست ڀريندا آھيون- جيڪي سڀ ڪجسا ڪم ھوندا آھن- جڏھن تھ جناب ٽئگور ھندستاني سڀيتا جيان، روح کي دريافت ڪرڻ تي قانع آھي ۽ پنھنجو پاڻ ان جي بي خودي ۽ بي اختياريءَ آڏو پيش پوي ٿو. ھو اڪثر پنھنجي جيون جي انھن سان ڀيٽ ڪري ٿو جيڪي اسان جي اڄوڪي دؤر واري وتيري ۽ رواج سان ڏاڍو ٽپ ٽاپ رھيا آھن ۽ بظاھر دنيا ۾ وڏي وزن ۽ رعب وارا آھن، پر ھو ڏاڍو نماڻو ۽ عاجز آھي، جيئن ھن کي اھا پوري پڪ ھئي تھ ھن جو رستو ئي ھن لاءِ سڀ کان بھتر آھي. ”ماڻھو گھرن ڏانھن موٽن ٿا ۽ مون تي کلن ٿا ۽ مون کي شرمسار ڪن ٿا. مان ھڪ پينو ڇوڪري وانگر ويٺي آھيان ۽ پنھنجو چوغي سان کڻي منھن ٿي ڍڪيان ۽ جڏھن ھو مون کان پڇن ٿا تھ مون کي گھرجي ڇا ٿو، تھ مان اکيون کڻي ھيٺ ڪيان ٿي ۽ کين ڪو جواب ڪونھ ٿي ڏيان.“ وري ٻي گھڙي اھو ساريندي تھ ھن جي زندگي ڪنھن ٻئي ڀيري ڪيئن نھ مختلف ھوندي، تڏھن ھو چوي ٿو ”کوڙ سارا ڪلاڪ مون سٺي ۽ بري جي جھڳڙي ۾ گذاريا، پر ھينئر منھنجي نکمڻن ڏينھن جي راند روند جي ساٿي جي اھا منشا ۽ خوشي آھي تھ پنھنجي دل ھن ڏانھن ڍاريان ۽ مون کي اھا سڌ ڪونھي تھ آخر ھي اوچتو سڏ ڪھڙي بي سود بي نتيجا خيزي ڏانھن آھي.“ اھا معصوميت ۽ اھا سادگي جيڪا پڙھندڙ کي ڪٿي ٻئي ادب ۾ ڳولھي نھ لڀندي سان پکي پکيئڙن ۽ ڪکن پنن کي ھن جي ايڏو ويجھو آڻي ٿي جيڏو اھي ٻارڙن جي ويجھو ھوندا آھن ۽ موسم جي وڏن واقعن کي بھ ان کان اڳ جو اھي اسان ۾ آسن ۽ خيالن ۾ اڀرن. ڪڏھن ڪڏھن آءٌ اچرج ۾ ايندو آھيان تھ ڇا ھن کي اھا دين بينگالي ادب مان ملي يا مذھب منجھان، وري ٻئي وقت، سندس ڀاءُ جي ھٿن تي پکين جي ھيٺ لھي اچي ويھڻ کي ياد ڪندي مون کي اھو سڀ مؤروثي محسوس ڪندي مزو ايندو آھي. ھڪ اسرار جيڪو ڪنھن Tristan يا Pelanore جي لحاظ ۽ مروت وانگي صدين تائين وڌندو وڃي. سچ پچ تھ جڏھن ھو ٻارڙن بابت ڳالھائي ٿو- جيڪو گھڻي قدر ھن جي پنھنجي جز بابت ڀانسي ٿو- ڪنھن کي پڪ نھ ٿي پوي تھ ھو سنتن جي باري ۾ تھ نھ ٿو ڳالھائي. ”ھو واريءَ گھرڙا ٺاھن ٿا ۽ خالي ڪوڏين سان کيڏن ٿا. سڪل پنن کي وٽي سٽي پنھنجون ٻيڙيون ٺاھين ٿا ۽ گھري ويڪري سمنڊ تي کلندي کلندي تارن ٿا. سنسار جي سمنڊ ڪناري، ٻارڙا پنھنجي راند روند ڪن ٿا. ھنن کي ترڻ اچي ئي ڪونھ، کين ڄار اڇلڻ جو ڏانءُ بھ ڪونھي. موتي ڪڍڻ وارا ٽوٻا سپن خاطر غوطا ھڻن ٿا. وڻجارا واپار لاءِ ٻيڙا تاري ھلن ٿا ۽ ٻارڙا پٿريون ميڙي وري اھي وکيرن ٿا. اھي مدفن خزانا ڪونھ ٿا ڳولھين، اھو اھو بھ ڪونھ ٿا ڄاڻن تھ ڄار ڪيئن اڇلائجي.“

سيپٽمبر 1912ع                                           وليم بٽلرييٽس

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org