سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گيتانجلي

ٽئگور

صفحو :13

 

 (89)

 

بس اڄ کان پوءِ ڪابھ دانھن ڪوڪ،

ڪابھ رڙ مون کان نھ نڪري-

منھنجي مالڪ جي اھائي مرضي آھي.

اڄ کان پوءِ مان رڳو سرگوشيون ڪندس.

منھنجي دل جون ڳالھيون ھاڻي

گيتن جي جھونگار ۾ جاري رھنديون.

ماڻھو تکا تکا بادشاھھ جي بازار ڏانھن وڃن پيا،

سمورا وڪڻڻ وارا ۽ خريد ڪرڻ وارا اتي جمع آھن.

پر منھنجي ڪمھلي موڪل ٻنپھرن جو ملندي آ

ڪم ڪار جي پيھھ ۾.

تھ پوءِ منھنجي باغ ۾ ڀلي گل ٽڙن،

توڙي جو انھن جي ٽڙڻ جو ھي وقت ڪونھي.

۽ ٻن پھرن جي ماکيءَ مکين کي سکڻي ڀون ڀون ڪرڻ ڏي.

نيڪي ۽ بديءَ جي ڪشمڪش ۾ مون ڪيترا ئي ڪلاڪ گذاريا آھن.

پر لاحاصل ڏھاڙن جي منھنجي ساٿي رانديگر جي خوشي ان ۾ آھي

تھ ھو منھنجي دل کي پاڻ ڏانھن ڇڪي؛

۽ مون کي اھا خبر نھ ٿي پوي،

تھ ڪھڙي فضول ڳالھھ لاءِ ھي اوچتو سڏ ٿيو آھي.

±

 

 (90)

 

ان ڏينھن جڏھن موت تنھنجو دروازو کڙڪائيندو

تھ تون ان کي ڪھڙو نذرانو آڇيندين؟

اوه، مان تھ پنھنجي مھمان آڏو

پنھنجي زندگيءَ جو ڀريل ٿانءُ کڻي رکندس-

مان ان کي خالي ھٿين موٽڻ مورؤن ڪونھ ڏيندس.

پنھنجي خزان جي ڏينھن ۽ اونھاري جي راتين وارو سارو انگوري مڌ،

پنھنجي مصروف زندگيءَ جي ساري ڪمائي ۽ ميڙي چونڊي،

پنھنجي ڏينھن پڄاڻي، ھن جي آڏو کڻي رکندس

جنھن مھل موت اچي منھنجو دروازو کڙڪائيندو.

 ±

 

 (91)

 

اي زندگيءَ جي آخري تڪميل، اي موت!

منھنجا موت، اچ ۽ مون سان سرگوشيون ڪر!

مان ھر روز تنھنجي راه تڪيندو رھيو آھيان؛

تنھنجي لاءِ ئي مان زندگيءَ جا مزا ماڻيا ۽ پيڙا ڀوڳي آھي.

اھو سڀ ڪجھھ جيڪو مان آھيان،

اھو سڀ ڪجھھ جو مون وٽ آھي،

اھو سڀ ڪجھھ جنھنجي مون کي تمنا آھي

۽ منھنجو سمورو پيار، راز جي گھرائيءَ ۾ ھردم

بس تو ڏانھن ئي وھندو رھيو آھي.

بس اوھان جي نيڻن جي ھڪ آخري نھار؛

۽ منھنجي زندگي ھميشھ ھميشھ لاءِ اوھان جي ٿي ويندي.

گل پويا ويا آھن ۽ گھوٽ لاءِ ھار تيار آھي.

وھانءَ کان پوءِ ڪنوار پنھنجا پيڪا ڇڏيندي،

۽ اڪيلي ئي اڪيلي پنھنجي مالڪ مڙس سان

رات جي تنھائي ۾ وڃي ملندي.

±

 

 (92)

 

مان ڄاڻان ٿو تھ اھڙو ڏھاڙو اوس ايندو

جڏھن ھن ڌرتيءَ کي ڏسڻ وارين

منھنجن اکين جي روشني بيھجي ويندي،

۽ منھنجي اکين جي مٿان آخري پردو وجھندي

زندگي چپ چپات ۾ موڪلائي ويندي.

تنھن ھوندي بھ ستارا ساري رات جاڳندا رھندا،

۽ صبح اڳ جيان جاڳي اٿندو رھندو

۽ اٺ پھر سمنڊ جي ويرن وانگي،

ڏکن ۽ سکن کي ٻاھر آڻي اڇلائيندا رھندا.

جڏھن مان پنھنجي پساھن جي ھھڙي پڄاڻي تي ويچاريندو آھيان

تھ پلن جون رڪاوٽون ٽٽي ڪري پونديون آھن.

۽ مان موت جي روشنيءَ ۾

بي نياز خزانن واري تنھنجي دنيا پسندو آھيان.

ڪٿي بھ ڪونھي ڪوئي ان جو نيچ آستان،

ڪٿي بھ ڪونھي ڪوئي ان ۾ ڪڌو انسان.

اھي شيون جن جي مان بي سود سڌ ڪندو رھيس

۽ اھي شيون جيڪي مون کي ھڙ حاصل ٿيون-

سي سڀ ھليون وڃن

۽ سچ پچ تھ مون کي بس اھي شيون حاصل ٿين

جن کي مون سدائين ڌڪاريو ۽ جن کان چشم پوشي ڪئي.

±

 

 (93)

 

مون کي موڪل ملي وئي آھي، منھنجا ڀائرو! مون کي الوداع چئو.

مان اوھان سڀن آڏو سيس نوايان ٿو

۽ موڪلايان ٿو

اجھو ھي مان پنھنجي گھر در جون ڪنجيون،

واپس ڪيان پيو.

پنھنجي گھر جي مالڪي جي مڙني حقن تان ھٿ ٿو کڻان.

۽ اوھان کان رڳو، آخري ٻاجھارن ٻولن جي گھر ٿو ڪيان.

اسان ڳپل عرصي تائين پاڙيسري رھياسين

پر مان جيڪو ڪجھھ ڏنو، ان کان وڌيڪ مون کي مليو.

ھينئر پره ڦٽي آھي

۽ جنھن ڏيئي منھنجي اونداھي ڪنڊ کي روشن رکيو

اھو اجھامي چڪو آھي.

سڏ ٿيو آھي

۽ مان پنھنجي آخري سفر لاءِ بلڪل تيار آھيان.

  ±

 

 (94)

 

منھنجا دوستو!

منھنجي ھن موڪلاڻيءَ مھل، سٺي نصيب جي دعا ڪريو.

آسمان تي سج اڀرڻ جي شفق اچي وئي آھي؛

منھنجي سامھون منھنجو رستو خوبصورت لڳو پيو آھي.

اھو نھ پڇو تھ اوڏانھن کڻي وڃڻ لاءِ مون سان، ڪھڙو ثمر ساڻ آھي

مان پنھنجي مسافري، خالي ھٿين ۽ آسائتي دل سان، شروع ڪريان ٿو

مان پنھنجي شاديءَ وارو گلن جو ھار پائيندس.

منھنجو وڳو مسافر وارو ڳاڙھو- ناسي لباس ڪونھي،

۽ توڙي جو واٽ تي خطرا آھن،

پر منھنجي من ۾ ڪوئي خوف ڪونھي.

منھنجو سفر تڏھن کٽندو،

جڏھن سنجھا وارو ستارو اڀري ايندو،

۽ شاھي محل جي شاھي در تان

نما شام جي آلاپن جا درد ڀريل سنگيت وڄندا.

±

 

 (95)

 

مون کي پاڻ کي سمڪ ئي ڪونھ رھي

تھ ڪھڙي مھل مان پھريون ڀيرو ھن حياتيءَ جي چانئٺ ٽپي.

اھا ڪھڙي قوت ھئي جنھن مون کي

اڌ رات جو جھنگل جي ڪنھن مکڙي جيان

ھن وسيع عالم اسرار ۾ کولي ڇڏيو.

جڏھن مان صبح جو روشني ڏٺم

تھ ھڪڙي ئي پل ۾ اھو محسوس ڪيم

تھ مان ھن سنسار ۾ اجنبي نھ آھيان.

۽ ھڪ بي نام ۽ روپ، غئبي ھستي،

منھنجي ماءُ جي شڪل ۾ مونکي پنھنجي گود ۾ کڻي ورتو ھو.

اھڙي ريت موت جي وقت ساڳي نامعلوم ھستي

منھنجي لاءِ ھڪ ھميشھ کان ڄاتل سڃاتل وانگي اچي نڪرندي.

۽ جيئن تھ مان زندگيءَ سان پيار ڪريان ٿو

مان ڄاڻان ٿو تھ موت سان بھ پيار ئي ڪندس.

ٻار جھٽ روئڻ لڳندو آھي،

جڏھن ماءُ کيس، ساڄيءَ ڇاتيءَ کان ڇنندي آھي.

ليڪن ھڪدم ٻي گھڙيءَ ئي،

ھن کي کاٻي ڇاتيءَ ۾، تسلي ملي ويندي آھي.

 ±

 

 (96)

 

جڏھن مان ھن دنيا کان روانو ٿيان

تھ منھنجو الوداعي سنيھو ھيءُ ھجي

تھ مان جيڪو ڪجھھ ڏٺو، سو بي مثال، بي نظير آھي.

مان ان ڪنول گل جي لڪيل ماکي چکي آھي

جيڪو روشنيءَ جي سمنڊ تي ٽڙندو آھي

۽ اھا منھنجي خوشنصيبي آھي-

اھوئي ھجي منھنجو الوداعي سنيھو.

بي انت روپن جي ھن ناٽڪ گھر ۾ مان پنھنجو روپ ادا ڪيو

۽ ھتي ئي مون کي ان جي جھلڪ نظر آئي، جيڪو بي روپ آھي.

منھنجو سارو سرير ۽ سارا انگ، ان جي ڇھاءَ سان لرزي اٿيا آھن

جيڪو پاڻ ڇھاءَ کان ٻاھر آھي.

۽ جيڪڏھن ھتي ئي ٿئي ٿي زندگيءَ جي پڄاڻي، تھ ڀلي ٿي وڃي-

اھوئي ھجي منھنجو الوداعي سنيھو.

±

 

 (97)

 

جڏھن مان توسان کيڏندو ھيس

تھ مان ڪڏھن بھ ڪونھ پڇيو تھ تون آھين ڪير.

تڏھن نھ مون کي شرم جي، نھ خوف جي خبر ھئي،

۽ منھنجي حياتي بس پرشور ھئي.

ھڪ ويجھي ساٿيءَ جيان،

صبح جو سوير ئي تون، مون کي ننڊ مان جاڳائيندو ھئين،

۽ پوءِ مان تنھنجي پويان پويان

پيچرن ۽ ميدانن ۾ ڊوڙندو وتندو ھيس.

تن ڏينھن ۾ مان

انھن گيتن جي معنيٰ سمجھڻ جي تِر جيتري پرواھھ ڪونھ ڪئي

جيڪي تون مون کي ڳائي ٻڌائيندي ھئين.

بس منھنجو آواز اھي آلاپ جھٽيندو،

۽ منھنجي دل انھيءَ لئي ۽ تال تي رقص ڪندي رھي.

ھاڻي جڏھن راند روند جو زمانو گذري چڪو آھي

تھ ھي منھنجي اکين اڳيان ڪھڙو نظارو نروار ٿيو آھي؟

ڪائنات تنھنجي قدمن تي نظرون جھڪائي،

سمورن ساڪن ستارن ساڻ، ڏھڪاءَ ۾ بيٺي آھي.

±

 

 (98)

 

توکي مان پنھنجي شڪست جي انعامن ۽ ھارن سان سينگاريندس.

اھو منھنجي وس ۾ ئي ناھي تھ فتح نھ ٿيڻ کان پاڻ بچائي سگھان.

مان پڪ سان ڄاڻان ٿو تھ منھنجي ھٺ مٽيءَ ۾ ملي ويندو،

منھنجي زندگي پنھنجا ٻنڌڻ ٽوڙڻ ۾ شديد پيڙا محسوس ڪندي،

۽ منھنجو کوکلو من، ھڪ پوري بانسري وانگر، موسيقي جا سڏڪا ڀريندو،

۽ پھڻ ڳوڙھا بڻجي رجي پوندو.

مان پڪ سان ڄاڻان ٿو

تھ ڪنول جون ھڪ سؤ پتيون ھميشھ لاءِ بند ڪونھ رھنديون

۽ ان جي ماکيءَ جي لڪل ڪنڊ ظاھر ٿي ئي پوندي

نيري آسمان مان ڪائي اک مون ڏي ٽِڪ ٻڌي نھاريندي

۽ چپ چپات ۾ مون کي سڏي وٺندي.

منھنجي لاءِ ڪجھھ بھ نھ بچندو، ڪجھھ بھ نھ، ڪجھھ بھ نھ،

۽ مون کي تنھنجي قدمن ۾ مڪمل موت ملندو.

±

 

 (99)

 

جنھن مھل مان انتظام ڇڏيان ٿو تھ مان ڄاڻان ٿو

تھ ھاڻي وقت اچي ويو آ تھ تون اھو سنڀالي وٺندين.

جيڪو ڪم ڪرڻ جو ھوندو، اھو پاڻان ٿي ويندو.

ھيءَ ھڻ ھڻان اجائي جي آھي.

سو اي منھنجي دل پنھنجا ھٿ ڪڍي وڃ

۽ پنھنجي ھار کي خاموشيءَ سان مڃ.

۽ جتي تنھنجي جڳھھ آھي،

اتي مڪمل ماٺ ڪري ويھڻ کي، پنھنجي خوشقسمتي سمجھھ.

ھي منھنجا ڏيئا ھوا جي ھر ھلڪي جھوٽي سان وسامي وڃن ٿا.

انھن کي ٻارڻ جي ڪوشش ۾ مان سدائين ٻيو سڀ وساري ويھان ٿو.

پر ھن ڀيري مان ڏاھو ٿيندس

۽ پٽ تي پنھنجو تڏو وڇائيندي

اونداھيءَ ۾ انتظار ڪندس؛

۽ اي منھنجا مالڪ، جنھن مھل بھ تنھنجي دل چئي

خاموشيءَ سان اچي نڪرجان

۽ ھتي پنھنجي جاءِ تي ويھي رھجان.

±

 

 (100)

 

مان ان بي شڪل و صورت، بي عيب موتي کي

حاصل ڪرڻ جي آس ۾

روپن جي ھن سمنڊ جي اونھائيءَ ۾ ٽٻي ھڻان ٿو.

پنھنجي ھن طوفان سٽيل ٻيڙيءَ ۾ مان

ھاڻي ھڪ کان ٻي بندر تائين سفر ڪونھ ڪندس.

انھن ڏينھن کي ڏينھن لنگھي ويا

جڏھن لھرن تي لوڏا کائڻ منھنجي لاءِ راند ھئي.

۽ ھينئر مان امر موت مرڻ جو آسروند آھيان.

اٿاه کاھيءَ ڀرسان ٺھيل، درٻار ھال ۾

جتي سانت وارن تارن منجھان موسيقي گونجي اٿي ٿي

مان پنھنجي جيون جو ھيءُ تنبورو کڻي ويندس.

مان ان جي تارن کي دائمي آلاپاڻ لاءِ ڇڪي تاڻيندس.

۽ جڏھن اھو پنھنجي آخري آلاپن جون ھڏڪيون ڀري وٺندو،

تھ پوءِ مان پنھنجي خاموش تنبوري کي،

خاموشي جي خدا جي قدمن ۾ رکي ڇڏيندس.

±

 

 (101)

 

مان سڄي حياتي پنھنجي گيتن سان توکي ڳوليندو رھيس

اھي منھنجا گيت ئي ھئا جيڪي مون کي در در وٺي ويا.

۽ انھن وسيلي ئي مان پنھنجو پاڻ کي محسوس ڪيو آھي،

۽ پنھنجي دنيا کي ڳولھيو ۽ ڇھيو آھي.

اھي منھنجا گيت ئي ھيا، جن مون کي سارا سبق سمجھايا

انھن ئي مون کي سارا ڳجھا رستا ڏيکاريا

انھن ئي منھنجي دل جي افق تي ڪيئي ستارا مون کي پسايا.

انھن، سک ۽ ڏک جي ڏيھھ جي پِنھان اسرارن ڏانھن،

منھنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ منھنجي رھنمائي ڪئي.

۽ آخرڪار انھن منھنجي مسافري جي پڄاڻي تي، شام ويلي

مون کي ڪھڙي شامي محل جي دروازي تي پھچايو آ.

 ±

 

 (102)

 

مان ماڻھن ۾ ڊاڙ ھنئي تھ تون منھنجو واقف آھين

ھو منھنجي سمورين تخليقن ۾ تنھنجون تصويرون ڏسن ٿا.

اھي ايندا آھن ۽ مون کان پڇندا آھن: ”ھي آھي ڪير؟“

مون کي سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ مان کين ڪيئن جواب ڏيان-

مان چوندو آھيان: ”سچ پچ تھ مان ٻڌائي نھ ٿو سگھان.“

ھو مون کي الزام ڏئي، حقارت مان ھليا وڃن ٿا،

۽ تون اتي ويٺو کلين پيو.

مان تنھنجي بابت پنھنجا قصا ۽ داستان

امر گيتن ۾ سمائيندو آھيان.

راز منھنجي دل منجھان بُڙڪا ڏئي ٻاھر نڪري ٿو.

ھو اچن ٿا ۽ مون کان پڇن ٿا: ”اسان کي پنھنجا سارا مفھوم سمجھاءِ“

مون کي خبر نھ ٿي پوي تھ کين ڪھڙي ورندي ڏيان

مان چوان ٿو: ”آه، ڪير ٿو ڄاڻي تھ انھن جي معنيٰ ڇا آھي!“

ھو مون تي کلن ٿا ۽ وڏي حقارت مان ھليا وڃن ٿا

۽ تون اتي ويٺو کلين پيو.

±

 

 (103)

 

منھنجا خدا! توتي ھڪ سلام ۾، منھنجا سڀ حواس پکڙجي پون

۽ ھن ڪائنات کي تنھنجي قدمن وٽ ڇھن.

جيئن جولاءِ جو برساتي بادل،

اڻ وسايل بارش جي بار سان، ھيٺ نميل ھوندو آھي،

تيئن منھنجي پوري من کي تنھنجي در تي،

توتي ھڪ سلام ۾، نوڙڻ ڏي.

منھنجي سمورن گيتن کي

پنھنجي انيڪ آلاپن کي ھڪ وھڪري ۾ ڪٺو ڪري،

توتي ھڪ سلام ۾، سانت جي سمنڊ ۾ وھي وڃڻ ڏي.

پنھنجي واھيرن لاءِ ماندين ڪونجن جي ان ولر وانگر

جيڪي ڏينھن رات ھڪ ڪري

پنھنجي پھاڙي آھيرن ڏي موٽ اڏام ڪنديون آھن

منھنجي جيون کي بھ، توتي ھڪ سلام ۾،

پنھنجي دائمي گھر ڏي

پنھنجو سفر پورو ڪرڻ ڏي.

±

(پورو ٿيو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org