(1)
تون ئي تھ مونکي بي انت بڻايو آھي، اھا ئي تھ
تنھنجي خوشي آھي.
ھن ڪمزور ٽاڪئين ٿانؤ کي تون ھرھر خالي ڪرين
ٿو،
۽ پوءِ ھر ھر پاڻ ئي ان کي نئين زندگيءَ سان
پر ڪرين ٿو.
بانس جي ھن ننڍڙي بئنسري کي تون
ماٿرين ۽ ٽڪرين ۾ کڻي رمندو رھيو آھين
۽ ان منجھان ھميشه نوان رھندڙ سر سنگيت سرجيا
آھن.
تنھنجي ھٿن جي امر ڇھاءُ سان منھنجي پتڪڙي دل
خوشيءَ ۾ پنھنجون حدون وڃائي ٿي ويھي
۽ اڪٿ اپٽار ۽ گفتار ڪري ٿي.
تنھنجا اڻ ميا ڏاڻ ۽ انعام
منھنجي ھنن تمام ننڍڙن ھٿن وسيلي ئي مون کي
ملن ٿا.
جڳ گذري ٿا وڃن ۽ تون اڃا اوتيندو رھين ٿو،
پر پوءِ بھ ڀرجڻ جي لاءِ اڃا جاءِ خالي ھوندي
آھي.
±
(2)
جنھن گھڙي تون مون کي ڳائڻ لاءِ حڪم ڪندو
آھين،
تھ ائين ڀاسندو اٿم تھ گھمنڊ کان منھنجي دل بس
اجھو ئي ڦاٽي؛
مان تنھنجي چھري ۾ تڪيندو آھيان
۽ لڙڪ منھنجي اکين ۾ تري ايندا آھن.
منھنجي جيون ۾ جيڪا بھ ڪڙاڻ ۽ بي سرائي آھي،
سا سڀ رجي رل مل ٿي ھڪ مڌر تال ميل ۽ آلاپ
بڻجي پوي ٿي
۽ منھنجي پرستش ۽ پيار پنھنجا پر پکيڙي ٿو ڇڏي
ھڪ سرھي پکيئڙي جيان، جيڪو سمنڊ پار اڏام ڪري
رھيو ھجي
ڄاڻ اٿم تھ توکي منھنجي ڳائڻ ۾ لطف اچي ٿو.
ڄاڻ اٿم تھ رڳو ھڪ راڳي جي صورت ۾ ئي
مان تنھنجي حضور ۾ اچان ٿو.
مان پنھنجي راڳ جي ڏور ڦھلجندڙ پر جي ڇيڙي سان
تنھنجا پير ڇھي وٺان ٿو،
ھونئن جن تائين پھچڻ جي مان
جيڪر تھ آرزو ئي ڪونھ ڪري سگھان.
ڳائڻ جي خوشيءَ ۾ مدھوش، مان پاڻ وساري ٿو
ويھان
۽ تون جيڪو منھنجو مالڪ آھين، تنھن کي دوست ٿو
سڏيان.
±
(3)
منھنجا مالڪ! مان تھ سمجھي ئي نھ ٿو سگھان
تھ تون ڪيئن ڳائين ٿو!
بس، مان تھ سدائين خاموش اچرج وچان ويٺو پيو
ٻڌان!
تنھنجي سنگيت جو سوجھرو
ساري سنسار کي روشن ڪري ڇڏي ٿو.
تنھنجي سنگيت جو زندگي بخشيندڙ ساھھ
ھڪ آسمان کان ٻي آسمان تائين پکڙيل آھي.
تنھنجي سنگيت جي پوتر ڌارا سموريون پٿريليون رڪاوٽون ٽوڙيندي،
پار ڪندي، ڪاھيندي، وڌندي وڃي ٿي.
منھنجي دل جي بھ آس آھي تھ تنھنجي سنگيت ۽ سنگ ۾ رلجي پوي،
پر رڳو ھڪڙي آلاپ لاءِ بھ ھن جي اھا ڪوشش
اجائي وڃي ٿي.
مان ڳالھائڻ جي ڪيان ٿو، پر ڳالھھ گيت بڻجي ئي
نھ ٿي.
۽ مان منجھيل، وايون بَطال روئڻ لڳان ٿو.
آه، منھنجا مالڪ! تون تھ منھنجي دل کي پنھنجي
سنگيت جي
بي انت ڄار ۾ باندي بڻائي رکيو آھي.
±
(4)
منھنجي زندگيءَ جي زندگي!
مان پيو جتن ڪندس تھ پنھنجي جسم کي پاڪ رکان،
اھو ڄاڻيندي تھ تنھنجو زندھھ ڇھاءُ،
منھنجي انگ انگ تي آھي.
مان پيو جتن ڪندس تھ سموري ڪپت ۽ ڪوڙ کي
پنھنجي سوچن کان ٻاھر رکان،
اھو ڄاڻيندي تھ، تون اھو سچ آھين
جنھن منھنجي من ۾ عقل جي لاٽ ٻاري آھي.
مان پيو جتن ڪندس تھ سمورين براين کي
پنھنجيءَ دل مان لوڌي ڪڍان،
۽ پنھنجي پيار کي وڌڻ ويجھڻ ڏيان،
اھو ڄاڻيندي تھ، تنھنجو ديرو
منھنجي دل جي بلڪل اندرين مندر ۾ آھي.
۽ مان پيو جتن ڪندس تھ توکي پنھنجن عملن ذريعي
ظاھر ڪيان،
اھو ڄاڻيندي تھ، اھا تنھنجي شڪتي آھي،
جيڪا مون کي عمل ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿي.
±
(5)
مون کي بس تون ھڪڙي پل لاءِ،
پنھنجي پاسي ۾ ويھڻ جو عيش بخش.
جيڪي ڪم مون ھٿ ۾ کنيا آھن،
تن کي پوءِ ئي پورو ڪندس.
تنھنجي چھري کان دور رھي ھن منھنجي دل کي آرام
آھي نھ راحت.
۽ منھنجو ڪم ڪار اپار ڳھڻ بڻجي وڃي ٿو
ڪشالي جي ھڪ بي ڪنار سمونڊ ۾.
پنھنجي آھن ۽ سرگوشين سان، سانوڻ اڄ منھنجي دريءَ وٽ آيو آھي
۽ ماکيءَ جون مکيون گلن جي جھڳٽي واري شاھيءَ
درٻار ۾،
پنھنجا گيت ڳائڻ جي، ڌن ۾ مگن آھن.
ھاڻي، سانت ۽ چپ چپات ۾،
تنھنجي آمھون سامھون ويھڻ جي ھيءَ ئي گھڙي
آھي،
۽ ان خاموش ۽ سرشار فرصت ۾
زندگي ارپڻ واري گيت ڳائڻ جي گھڙي آھي.
±
(6)
ھن ننڍڙي گل کي ڇني کڻي وٺ، ويرم نھ وجھھ!
انديشو اٿم تھ متان اھو ڪومائجِي ۽ ڪري، مٽيءَ
۾ نھ ملي وڃي.
ان کي تنھنجي ھار ۾ پوئجڻ جي جاءِ نھ بھ ملي
سگھي ٿي،
پر پنھنجي ھٿ سان ان کي درد جي ڇھاءُ جو شرف
بخش
۽ ان کي پٽي وٺ.
انديشو اٿم تھ متان مون کي پتي پوڻ کان اڳ ئي
ڏينھن پورو ٿي وڃي
۽ پوڄا جي ويل وھامي وڃي.
جيتوڻيڪ ان جو رنگ گھرو چٽو ڪونھي
۽ ان جي خوشبوءِ بھ جھڪي آھي،
پر پنھنجي خدمت لاءِ ان کي ڪتب آڻ،
۽ ان کي پٽي وٺ، جو اڃان وقت آھي.
±
(7)
منھنجي گيت ھن جي ھار سينگار کي ختم ڪري ڇڏيو
آھي،
ھن کي ھاڻي ويس وڳن ۽ ٺاه ٺوه جو گھمنڊ ڪونھي.
ڳھھ ڳٺا اسان جي گڏجاڻيءَ ۾ رنڊڪ بڻبا،
اھي تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ جو اچي پوندا؛
انھن جي ڇڻ ڇڻ تنھنجي سس پس کي ٻوڙي ڇڏيندي.
منھنجي شاعراڻي ڦونڊ، تنھنجي نگاه سامھون شرم وچان ٻڏي وڃي ٿي.
اي اڪابر شاعر مان تنھنجي قدمن ۾ ھيٺ ويھي
رھيو آھيان.
بس مون کي پنھنجي زندگيءَ کي سادو سودو ۽ سچو بڻائڻ جي سگھھ ڏي
بانس جي ان بانسري وانگر جنھن ۾ تون پنھنجو
سنگيت ڀرين ٿو.
±
(8)
اھو ٻار جنھن کي شاھاڻي پوشاڪ پھرائي وڃي ٿي
۽ جنھن جي ڳچيءَ ۾ جواھرن جڙيل ھيرن جا ھار
پاتل آھن،
سو پنھنجي راند روند جا سڀ مزا وڃائي ويھي ٿو؛
سندس پوشاڪ ھن لاءِ ھر قدم تي رڪاوٽ بڻجي پوي
ٿي.
ان خوف کان تھ متان سندس پوشاڪ کسي نھ وڃي
يا مٽيءَ جا داغ نھ لڳن،
ھو پنھنجو پاڻ کي ٻين ٻارن جي دنيا کان دور
رکي ٿو
۽ ٿورڙي گھمڻ ڦرڻ کان بھ ڊڄي ٿو
امڙ، تنھنجو ھار سينگار ۽ ويس وڳي جو اھو ٻنڌڻ
تھ ڪنھن فائدي جو ڪونھ ٿيو،
جيڪڏھن اھو ڪنھن کي زندگي بخشيندڙ ڌرتيءَ جي
ڌڌڙ کان الڳ رکي ٿو؛
جيڪڏھن اھو ڪنھن کان عام انساني زندگيءَ جي
عظيم ميلي ۾ شرڪت جو حق ڦري ٿو.
±
(9)
اڙي مورک!
پنھنجو پاڻ کي پنھنجي ئي ڪلھن تي کڻي ھلڻ جا جتن پيو ڪرين!
اڙي پينو! پنھنجي ئي در تي پنڻ لاءِ آيو آھين!
پنھنجا سارا بار ان جي ھٿن ۾ ڏئي ڇڏ، جيڪو کڻي
بھ سگھي
۽ پوءِ ڪڏھن بھ پڇتاءَ ۾ پوئتي مڙي نھ ڏس.
تنھنجي خواھش ھڪدم انھيءَ ڏيئي کي وسائي ڇڏي
ٿي،
جنھن کي پنھنجي ساھھ سان ڇھي ٿي.
اھا ناپاڪ آھي. پنھنجا تحفا ان جي گندن ھٿن
سان نھ وٺ.
رڳو اھوئي قبول ڪر جيڪو پؤتر پيار توکي آڇي.
±
(10)
اجھو ھي آھي تنھنجو پائدان ۽ اتي تنھنجا پير
رکيل آھن
جتي ڪنگال، ويچارا ۽ وڃائجي ويل انسان رھندا
آھن.
جڏھن مان تنھنجي اڳيان جھڪڻ جي ڪوشش ڪندو
آھيان
تھ منھنجو سجدو ۽ سلام انھن اونھاين تائين نھ
پھچي سگھندو آھي
جتي تنھنجا پير رکيل آھن،
ڪنگال، ويچارن ۽ وڃائجي ويل انسانن جي وچ ۾.
ھٺ جي اتي ھلي نھ سگھندي
جتي تون نھٺائي جي لباس ۾ گھمي رھيو آھين؛
ڪنگال، ويچارن ۽ وڃائجي ويل انسانن جي وچ ۾.
منھنجي من کي اھو دڳ ڪڏھن ڪونھ ملي سگھندو جو
اتي پھچي
جتي تون بي سھارن سان صحبت ۾ ويٺو آھين؛
ڪنگال، ويچارن ۽ وڃائجي ويل انسانن جي وچ ۾.
±
(وڌيڪ
پڙهو)