(21)
مون کي پنھنجي ٻيڙيءَ جا پڳھھ ڇوڙي ھاڪارڻ ئي
گھرجي.
ڪناري تي آرس ۾ وڃي ٿي ويل وھامندي، افسوس پاڻ
تي!
بسنت رت پنھنجيون گلزاريون ڪيون ۽ ھينئر
موڪلائي بھ چڪي.
۽ مان ڪومايل بيڪار گلن جو بار کنيو اوسيئڙي ۾
ويٺو آھيان.
ڇولين شور مچايو آھي ۽ ڪپر تي،
ڇانوري واري سوڙھي لنگھھ تي،
پيلا پن ڦڙ ڦڙ ڪندا اچي پٽِ پون پيا.
تون ڪھڙي خلا ۾ تڪين پيو!
ڇا تون ھير جي ان لرزش کي نھ ٿو محسوس ڪرين
جنھن ۾ ٻئي ڪناري کان تري ايندڙ
ھڪ ڏورانھين گيت جا سر آلاپ آھن.
±
(22)
مينھوڳي جولاءِ جي گھرن پاڇن ۾، ٻِليءَ پير
پائي،
رات جيان خاموش؛ ڏسي وٺندڙن کان نظرون بچائي،
تون گھمي رھيو آھين.
اڄوڪي ڏھاڙي صبح پنھنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون
آھن،
گھوگھٽ ڪري گھلندڙ اوڀر جي ھوا جي
مسلسل سڏن کان بلڪل بي پرواھھ ٿي ڪري.
۽ ھردم سجاڳ نيري آسمان تي ٿلھو پردو وجھي
ڇڏيو آھي
ٻيلن جي وڻن پنھنجا گيت ماٺا ڪري ڇڏيا آھن.
۽ ھرھڪ گھر جا سارا دروازا بند آھن.
ھن سنسان گھٽيءَ جو تون ئي تنھا واٽھڙو آھين.
اي منھنجا واحد دوست، مڙني کان مٺا محبوب،
منھنجا گھر در کليل آھن.
تون اتان ھڪ سپني جيان گذري نھ وڃجان.
±
(23)
منھنجا دوست، ڇا ھن طوفاني رات جو تون
پنھنجي پيار جي سفر تي ٻاھر نڪتل آھين؟
آسمان ڪنھن آس ٽٽل انسان جيان ڪنجھي رھيو آھي.
اڄوڪي رات منھنجي نيڻين ننڊ ئي ناھي.
منھنجا دوست! مان ھرھر پنھنجو در پيو کوليان،
۽ اونداھيءَ ۾ ليئا پيو پايان!
پر پنھنجي سامھون مان ڪجھھ بھ ڏسي نھ ٿو
سگھان،
ويچار ۾ آھيان تھ تنھنجو دڳ ڪٿان آھي؟
ڪاريءَ مس جھڙي نديءَ جي ڪھڙي ڌنڌلي ساحل تان،
گھنڊ وڌل جھنگل جي ڪھڙي ڏوراھين ڇيڙي وٽان،
ٻاٽ اونداھيءَ جي ڪھڙي وروڪڙ اونھائيءَ مان،
منھنجا دوست مون ڏانھن اچڻ لاءِ،
تون پنھنجو دڳ ٺاھيندو، پيو ٿو اچين؟
±
(24)
جيڪڏھن ڏينھن پورو ٿي چڪو آھي،
جيڪڏھن پکين جي لات بھ بند ٿي چڪي آھي،
جيڪڏھن ھوا بھ ٿڪجي ساڻي ٿي پئي آھي،
تھ پوءِ مون مٿان بھ اونداھيءَ جو ٿلھو پردو
وجھي ڇڏ،
ائين ئي جيئن تون ڌرتيءَ کي ننڊ جي چادر سان
ويڙھي ڇڏيو آھي
۽ نماشام مھل ڪومائجندڙ ڪنول جي پنکڙين کي
ڪوملتا سان بند ڪري ڇڏيو آحي.
ان مسافر کي، جنھن جي سفر واري ثمر جي ڳوٿري
مسافري ختم ٿيڻ کان اڳ ئي خالي ٿي وئي ھجي؛
جنھن جو چولو چيھاڙيون ۽ ڌڌڙ ۾ ڀڀوت ھجي؛
جنھن جي ساري ھمت جواب ڏئي بيٺي ھجي،
تھ ان جي غربت مٽائج ۽ لڄ رکج،
۽ سندس جيون کي نئين جوت بخش
پنھنجي ٻاجھري رات جي پڙ سان
ڍڪيل ان گل جيان.
±
(25)
ٿڪجي چور ٿي پوڻ واريءَ رات جو، بنا ڪنھن جھد
جي،
مون کي پاڻ ننڊ جي حوالي ڪرڻ ڏي،
توتي پنھنجو پورو ويساھھ رکندي.
تنھنجي پوڄا جي لاءِ مان پنھنجي ٿڪل روح کي،
اڻپوري تياري ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ نھ چاھيندس.
اھو تون ئي تھ آھين
جيڪو ڏينھن جي ٿڪل نيڻن تي،
رات جو پردو وجھندو آھين
تھ جيئن، ويتر تازي ۽ ٻھڪندڙ جوت سان،
ان جا نيڻ سجاڳ ٿين.
±
(26)
ھو آيو ۽ منھنجي ڀر ۾ اچي ويٺو، پر مان جاڳيس
ئي ڪونھ،
ھاءِ، اي جڏا جِيءَ! اھا ڪيڏي نھ ندوري ننڊ
ھئي!
ھو گھري رات جي، سانت ۾ آيو،
ھن جي ھٿن ۾ سندس سرندو ھيو،
۽ منھنجا سپنا ان جي مڌر سرن سان گونجي ويا.
افسوس! منھنجون سڀئي راتيون ڇو ائين ئي
وڃائبيون وڃن ٿيون،
آه! ڇو مان ھميشھ ان جي درشن لاءِ سڪندو رھجي
وڃان ٿو،
جنھن جو ساھھ منھنجي سپنن کي ڇھي ٿو؟
±
(27)
روشني، آه! ڪٿي آھي روشني؟
من جي آس جي ٻرندڙ آڳ سان ان کي ٻار!
ھو رکيو آ ڏيئو پر، شعلي جي لاٽ تھ آھي ئي
ڪونھ-
منھنجي دل، اھائي اٿئي تنھنجي قسمت!
آه! ان کان تھ تنھنجي لاءِ موت گھڻو بھتر ھيو!
ڪمبختي تنھنجو دروازو کڙڪائي ٿي ۽ سندس سنيھو
آھي،
تھ تنھنجو ڌڻي سجاڳ آھي
۽ رات جي پيٽ ۾ ھن توکي،
پيار جي ملاقات واري ٺڪاڻي تي سڏايو آھي.
ساري آسمان تي ڪڪر ڇانيل آھن
۽ برسات بند ٿيڻ جو نالو ئي نھ ٿي وٺي.
مان نھ ٿو ڄاڻان تھ اھو آخر ڇاھي
جيڪو منھنجي من ۾ ھلچل پيو مچائي-
مون کي انھيءَ جو مطلب صفا سمجھھ ۾ نھ پيو
اچي.
وڄ جو ھڪڙي پل جو چمڪو، منھنجي نيڻن تي
ويتر وڌيڪ گھري اونداھي وجھي وڃي ٿو
۽ منھنجي دل ان دڳ لاءِ ھٿوراڙيون ٿي ھڻي،
جتان کان رات جو راڳ مون کي سڏي رھيو آھي.
روشني! آه، ڪٿي آھي روشني؟
من جي آس جي ٻرندڙ آڳ سان ان کي ٻار!
گجگوڙ پئي ٿئي ۽ ھوا گھوگھٽ ڪندي،
خلا مان ڌوڪيندي پئي وڃي.
رات ڪاري پٿر جيان اونداھي آھي.
ھنن ساعتن کي ايئن اونداھي ۾ وھامي وڃڻ نھ ڏي
پيار جي ڏيئي کي پنھنجي جيون جي جوت سان
جلاءِ.
±
(28)
ڏاڍا نٺر آھن اھي ڏاوڻ، پر منھنجي دل ڏکي ٿي
پئي.
جڏھن جڏھن مان انھن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو.
مون کي بس آزادي گھرجي،
پر اھا اميد رکڻ سان مون کي شرم ٿو محسوس ٿئي.
مون کي پختو ويساھھ آھي تھ تو منجھھ املھھ
دولت آھي،
۽ تون ئي تھ منھنجو بھترين دوست آھين،
پر دل ئي نھ ٿي ٿئي تھ ٻھاري ٻاھر اڇلايان،
اھو ڪچرو،
جنھن سان ڀريو پيو آھي، منھنجو ڪمرو.
منھنجي مٿان جو ڪفن آھي.
سو ڌڌڙ ۽ موت جو ڪفن آھي.
مون کي ان کان نفرت آھي،
پوءِ بھ ان کي پيار وچان
ڇاتيءَ ساڻ لڳايان ٿو.
مون تي وڏا قرض آھن،
منھنجون ناڪاميون بھ وڏيون آھن،
منھنجا عيب ڳجھا آھن، ڳورا آھن
تنھن ھوندي بھ جڏھن مان
پنھنجي ڀلائيءَ لاءِ دعا گھرڻ ايندو آھيان
تھ ڊپ وچان ڏڪندو آھيان
تھ متان منھنجي دعا، اگھجي نھ پئي.
±
(29)
اھو جنھن کي مان پنھنجي نانءَ جو،
لوڙھو ڏئي بند ڪيو آھي،
اھو انھيءَ تھخاني ۾ پيو ٿو ھنجون ھاري.
مان چوڌاري اھا ڀت کڻڻ ۾ مسلسل مصروف آھيان
۽ جيئن جيئن اھا ڀت وڃي ٿي آسمان ڏي،
ڏينھون ڏينھن وڏي ٿيندي،
مان انھيءَ جي اونداھي پاڇي ۾
پنھنجي حقيقي وجود جو درشن وڃائي ويھان ٿو.
مان ان عظيم ۽ اوچيءَ ڀت تي فخر محسوس ڪيان
ٿو،
۽ ان کي واريءَ ۽ گاري سان ليپو ڏئي لنبان ٿو.
تھ متان انھيءَ نانءَ واري ڀت ۾ ڪو سنھڙو
سوراخ بھ رھجي وڃي؛
۽ ان سموري سار سنڀال ۽ اوني جو نتيجو اھو
نڪري ٿو،
تھ مان پنھنجي حقيقي وجود جو درشن وڃائي ويھان
ٿو.
±
(30)
انجام واري ملاقات جي جاءِ تي پھچڻ لاءِ
مان اڪيلو ئي اڪيلو نڪري آيس.
پر ھيءَ ڪير آھي جيڪو
خاموش اونداھيءَ ۾ منھنجو پيڇو ڪري پيو.
مان ھن جي موجودگيءَ کان بچڻ لاءِ
ٽري پاسي تي ھٽي وڃان ٿو
پر ھن کان بچي، ڀڄي ڪونھ سگھان ٿو،
ھو ڏاڍي ٽيڳر منجھان
ڌڌڙ اڏاريندو ھلي ٿو
۽ جيڪو اکر مان ڪڇان ٿو
تنھن ۾ پنھنجو اوچو آواز بھ
شامل ڪري ڇڏي ٿو.
منھنجا مالڪ،
اھا تھ منھنجي پنھنجي ئي پتڪڙي انا آھي،
ھن کي تھ ڪو شرم ڪونھي
پر سندس صحبت ۾،
تنھنجي در تي اچڻ ۾،
مون کي شرم ٿئي ٿو.
±
(31)
”اي باندي! مون کي ٻڌاءِ، اھو ڪير ھيو جنھن
توکي باندي بڻايو؟“
”اھو منھنجو مالڪ ھيو،“ بانديءَ وراڻيو.
”مون سوچيو ھيو تھ ھن دنيا ۾ ھرھڪ ماڻھوءَ کي،
دولت ۽ طاقت جي زور تي مات ڏئي ويندس.
۽ پنھنجي بادشاھھ جي حقي دولت،
مان پنھنجي خزاني ۾ ڪٺي ڪري ڇڏي.
جڏھن مون کي ننڊ وڪوڙي وئي
تھ مان ان ئي بستري تي سمھي رھيس، جيڪو منھنجي مالڪ لاءِ ھيو.
۽ جڏھن اک کلي تھ مان پنھنجي ئي دولت خاني ۾ پاڻ کي قيد ۾ ڏٺو.“
”اي باندي! مون کي ٻڌاءِ، اھو ڪير ھيو، جنھن ھي نھ ٽٽندڙ زنجير جوڙيو؟“
”اھو آءٌ پاڻ ئي تھ ھيس“ بانديءَ وراڻيو،
”جنھن ڏاڍي خبرداري ۽ سرت سان ھي زنجير جوڙيو.
مون سوچيو تھ منھنجي ناقابل شڪست شڪتي،
ساري سنسار کي باندي بڻائي وجھندي،
۽ مون کي بنا خوف ۽ اطمينان واري آزادي ملي
ويندي.
مان پوءِ اھو خيال ڪري ۽ ڏينھن رات ھڪ ڪري،
باه جي آڙاھن ۽ مترڪن جي سخت ڌڪن سان، ان زنجير تي ھڏ ھنيا.
۽ آخرڪار جڏھن نھ ٽٽندڙ ڪڙيون، مڪمل ٿي لپيٽجي
چڪيون،
تڏھن مون کي پتو پيو تھ ان زنجير خود مون کي
ئي
جڪڙي، سوگھو ڪري ڇڏيو آ.“
±
(32)
ھن سنسار ۾ مون سان سارا پيار ڪندڙ،
ھڙئي حيلا وسيلا ھلائي، مونکي سوگھو رکڻ جا
جتن ڪن ٿا.
پر تنھنجو پيار نرالو آھي
۽ ھنن جي پيار کان گھڻو گھڻو مٿانھون آھي.
جو تون مون کي آزاد رکين ٿو.
کين متان مان وساري ويھان، تنھن ڪري ھو مون کي
نويڪلو ڇڏڻ جو جوکم جو ڪم، ھرگز ھرگز ڪونھ ڪن
ٿا.
پر ھيڏانھن وري ڏينھن پٺيان ڏينھن لنگھندا وڃن
ٿا.
۽ تون ڏسڻ ۾ ئي ڪونھ اچين ٿو.
توڙي جو مان توکي دعائن ۾ نھ بھ پڪاريان،
توڙي جو مان توکي پنھنجي دل ۾ نھ بھ سانڍيان،
تنھن ھوندي بھ منھنجي لاءِ تنھنجي محبت کي،
منھنجي محبت جو، انتظار رھي ٿو.
±
(32)
ڏينھن ڏٺي جو ھو منھنجي گھر گھڙي آيا ۽
چيائون،
”اسان کي بس رڳو ننڍڙي ننڍڙي، ڪوٺي کپي.“
ھنن چيو، ”اسان توکي تنھنجي خدا جي
پوڄا پاٺ ۾ ھٿ ونڊائينداسين،
۽ نھايت نماڻائيءَ سان سندس فضل مان
بس پنھنجو حصو قبول ڪنداسين.“
ائين چئي پوءِ ھنن
پنھنجي ھڪڙي ڪنڊ والاري
۽ ڏاڍا نماڻا بڻجي، ٿانيڪا ٿي وڃي ويٺا.
پر رات جي اونداھيءَ ۾ مان ڏٺو
تھ اھي اره زورائي ۽ دنگي بازي سان،
منھنجي مقدس مندر ۾
ڌوڪي ڪاھي پيا آھن،
۽ ناپاڪ ھٻڇ سان،
ديوتا جي قربان گاه تان،
نذر نياز لٽي رھيا آھن.
±
(وڌيڪ
پڙهو)