سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گيتانجلي

ٽئگور

صفحو :12

 

 (74)

 

ڏينھن بچيو ئي ڪونھي،ڌرتيءَ تي پاڇا پوڻ لڳا آھن

اھا ئي مھل آھي تھ مان نھر تان پنھنجو گھڙو ڀري اچان.

شام جي ھوا پاڻيءَ جي مايوس موسيقيءَ سان ڀريل آھي.

اڙي، اھا تھ مون کي سنجھا جي منھن اونداھيءَ ۾ سڏي پئي.

سنسان سوڙھيءَ گھٽيءَ ۾ ڪوبھ واٽھڙو ڪونھي،

ھوا تيز ٿيندي وڃي ٿي ۽ نديءَ ۾ ويرون وڌنديون وڃن ٿيون.

مان نھ ٿي ڄاڻان تھ مان ڪو گھر واپس اچي بھ سگھندس

مان نھ ٿي ڄاڻان تھ مان اتفاقا الائي ڪنھن سان ملندس.

ھو ڏس تانگھي پاڻي ۾، بَتيلي ۾،

ھڪڙو اجنبي شخص بِين وڄائي رھيو آھي.

±


 

 (75)

 

تنھنجون ٻاجھون، اسان فاني انسانن جون

سڀ ضرورتون پوريون ڪن ٿيون

پوءِ بھ اھي گھٽجڻ کان سواءِ

تو تائين واپس پھچي وڃن ٿيون.

نديءَ کي پنھنجو روزمره جو

ڪم ڪار پورو ڪرڻو ھوندو آھي،

ٻنين ۽ واھڻ وسندين مان

ان کي تڪڙو گذرڻو پوندو آھي،

پوءِ بھ ان جو نھ رڪجندڙ وھڪرو،

تنھنجا قدم ڌوئڻ لاءِ توڏي وڌندو رھندو آھي.

گل پنھنجي ھڳاءَ سان، ھوا کي واسي ٿو ڇڏي؛

پوءِ بھ ان جي آخري خدمت

پاڻ کي تنھنجي قدمن ۾ ارپڻ آھي.

تنھنجي پوڄا دنيا کي ڪنگال ڪونھ ڪري ٿي.

ڪويءَ جي ڪويتائن مان

لوڪ پنھنجي پسند جي معنيٰ ڪڍندو آھي

پوءِ بھ انھن جي آخري معنيٰ

تنھنجي طرف ئي اشارو ڪندي آھي.

±

 

 (76)

 

اي منھنجي زندگيءَ جا مالڪ،

مان تھ ھر روز تنھنجي ئي آڏو، روبرو بيٺو رھندس.

اي سمورن سنسارن جا مالڪ،

مان تھ ھٿ جوڙي تنھنجي ئي آڏو روبرو بيٺو رھندس.

تنھنجي اوچي آسمان ھيٺان، ھيڪلو ۽ چپ چپات،

نماڻي دل سان مان، تنھنجي ئي آڏو روبرو بيٺو رھندس.

تنھنجي ھن ھڻ ھڻان جي سنسار ۾،

ڪشمڪش ۽ ڪشالن واري گوڙ شور ۾،

تيز تکو ھلندڙ انبوھن وچ ۾،

مان تھ تنھنجي ئي آڏو روبرو بيٺو رھندس.

۽ جڏھن ھن دنيا ۾ منھنجي حصي جو ڪم پورو ٿي ويندو

تھ اي راجائن جا راجا، مان اڪيلو ۽ بي زبان بڻجي

تنھنجي ئي آڏو روبرو بيٺو رھندس.

±


 

 (77)

 

مان سڃاڻان ٿو تھ تون منھنجو خدا آھين ۽ پري ٿي بيھان ٿو-

مان توکي پنھنجو نھ ٿو سمجھان ۽ ويجھو ڪونھ اچان ٿو.

مان توکي پنھنجي پيءُ وانگي سمجھان ٿو

۽ تنھنجي قدمن ۾ نوڙان ٿو-

مان تنھنجي ھٿ کي ائين نھ ٿو پڪڙيان

جيئن پنھنجي دوست جو ھٿ جھليندو آھيان.

مان اتي ترسندو ئي نھ آھيان جتي تون ھليو ايندو آھين

پاڻ کي منھنجو چورائڻ لاءِ،

تھ جيئن توکي قبولي مان پنھنجيءَ ڇاتيءَ لايان

۽ ائين توکي پنھنجو سنگتي ٺاھيان.

منھنجي ڀائرن منجھان تون ئي منھنجو خاص ڀاءُ آھين

پر انھن جي پرواھھ ڪونھ ڪندو آھيان،

۽ پنھنجي ڪمائي انھن سان ڪونھ ونڊيندو آھيان

پر پنھنجو سڀ ڪجھھ توسان ئي ورڇيندو آھيان.

ڏک سک ۾ مان

ٻين جي ڀروسي تي ڪونھ ھلندو آھيان،

۽ ائين رڳو تنھنجي ئي سھاري تي رھندو آھيان.

مان پنھنجي حياتي ارپڻ کان پيو ٿو ٽھان،

۽ ان ڪري جيون جي گھري پاڻيءَ ۾ ٽپو نھ ٿو ڏيان.

±

 

 (78)

 

جڏھن ڪائنات اڃا ڪوري ھئي

۽ سمورا ستارا پنھنجي پھرين جوت سان چمڪيا ھئا

تھ ديوتائن آسمان ۾ پنھنجي گڏجاڻي ڪوٺائي ۽ ھي گيت ڳاتو.

”واه، ڪمال جي ھيءَ تصوير! ھيءَ نج پِج سرھائي!“

پر انھن مان ھڪ ديوتا اوچتو رڙ ڪئي-

”لڳي ٿو تھ روشنيءَ جي ھيءَ لڙھھ ڪٿان ٽٽي پئي آحي،

۽ انھيءَ مان ھڪڙو ستارو گم ٿي ويو آھي.“

سندن سرندي جون سونھري تارون ٽٽي پيون، راڳ رڪجي ويو.

۽ ھراس ۽ مونجھاري ۾ ديوتا رڙيون ڪرڻ لڳا-

”ھائو، اھو گم ٿيل ستارو، سڀني ستارن کان سٺو ھيو،

اھو سمورن آسمانن جي عزت ۽ شان ھيو.“

ان ڏھاڙي کان اڄ تائين، ان گم ٿيل تاري جي تلاش جاري آھي

۽ ھڪ ستاري کان ٻي، ستاري تائين ان رڙ جو پڙاڏو آھي.

تھ ان ستاري جو گم ٿيڻ سان

سنسار پنھنجي ايڪتا سرھائي وڃائي ويٺو آھي

رڳو رات جي گھري سانت ۾ ئي ستارا مرڪن ٿا

۽ پاڻ ۾ ھي سرگوشيون ڪن ٿا.

”اھا تلاش اجائي آھي!

ڀرپور ڪماليت تھ ھر شيءِ مٿان قائم آھي.“

±

 

 (79)

 

جيڪڏھن منھنجي مقدر ۾ ائين نھ آھي

تھ پنھنجي ھن حياتيءَ ۾ ئي تو سان ملان،

تھ پوءِ مون کي ھميشھ لاءِ اھوئي سمجھڻ ڏي

تھ مان توکي ڏسي نھ سگھيس.

مون کي ھڪڙي گھڙيءَ لاءِ بھ اھو وسارڻ نھ ڏي،

انھي ارمان جا سور مونکي منھنجي خوابن ۽

منھنجي جاڳ جي گھڙين ۾ بھ ساڻ کڻڻ ڏي.

جيئن جيئن منھنجا ڏھاڙا ھن دنيا جي پِيھھ واري بازار ۾ گذرن

۽ منھنجا ھٿ روزاني جي نفعي سان ڀرجندا وڃن

تڏھن مون کي اھوئي محسوس ڪرڻ ڏي

تھ مان ڪجھھ بھ ھڙ حاصل ڪونھ ڪيو-

شل مان ھڪ پل لاءِ بھ اھو نھ وساريان

انھيءَ ارمان جا سور مون کي منھنجي خوابن ۽

منھنجي جاڳ جي گھڙين ۾ بھ ساڻ کڻڻ ڏي.

جڏھن مان ٿڪجي ۽ سھڪي پوان

۽ رستي ۾ پاسي تي ٿي ويھي رھان

جڏھن مان پنھنجو ھنڌ ھيٺ پٽ تي وڇائي ويھان

تڏھن مون کي ھميشھ ئي اھو محسوس ڪرڻ ڏي

تھ منھنجي اڳيان ڊگھو سفر اڃا آھي-

مون کي ھڪڙي ساعت بھ اھو وسرڻ نھ ڏي،

انھي ارمان جا سور مون کي منھنجي خوابن ۽

منھنجي جاڳ جي گھڙين ۾ بھ ساڻ کڻڻ ڏي.

جڏھن منھنجي گھر جا سارا ڪمرا سينگارجي وڃن،

بِينن ۽ بانسرين جا سر، ۽ ٽھڪن جا آواز، گونجڻ لڳن،

تڏھن مون کي ھميشھ ئي اھو محسوس ڪرڻ ڏي

تھ مان توکي پنھنجي گھر سڏايو ئي ڪونھي،

مون کي ھڪڙيءَ گھڙيءَ لاءِ بھ اھو وسارڻ نھ ڏي،

انھيءَ ارمان جا سور مون کي منھنجي خوابن ۽

منھنجي جاڳ جي گھڙين ۾ بھ ساڻ کڻڻ ڏي.

±

 

 (80)

 

اي منھنجا سدا پرتابي سج! مان خزان جي موسم جي

ڪنھن ڪڪر جو ڄڻ رھيل کھيل ٽڪرو آھيان

جيڪو آسمان ۾ بيڪار ڀٽڪندو ٿو وتي

تنھنجي ڇھاءَ اڃا تائين منھنجي غبار کي ڳاريو ڪونھي،

تھ جيئن مان تنھنجي روشنيءَ سان ھڪ ٿي وڃان

۽ ائين مان توکان وڇوڙي جا مھينا ۽ وره ويٺو ڳڻيان.

جيڪڏھن اھائي تنھنجي رضا، ۽ اھوئي تنھنجو شغل آھي

تھ پوءِ ھن بي بقا خالي پڻي کي کڻي،

ان ۾ رنگ ڀري ڇڏي،

ان تي سونو پاڻي چاڙه،

آواراه ۽ البيلي ھوا تي ان کي تار،

۽ عجب اسرار بڻائي ان کي پکيڙي ڇڏ.

۽ وري جڏھن ان راند کي تون رات جو، ختم ڪرڻ چاھين

تھ مان رجي پوندس، ۽ اونداھيءَ ۾ گم ٿي ويندس

يا ڪنھن اجري صبح جي، مرڪ ۾ ملي ويندس

يا ھڪ صاف شفاف،

پاڪيزگي جي ٿڌڪار ۾ رلجي ويندس.

   ±

 

 (81)

 

گھڻن نکمڻن ڏينھن ۾

مان وھامي ويل ويلن تي وھلور ويو آھيان.

پر منھنجا مالڪ، اھو وڃائڻ نھ آھي،

تون منھنجي حياتيءَ جو ھڪ ھڪ پل

پنھنجي ھٿن ۾ سنڀالي ورتو آھي.

تون شين جي دلين ۾ لڪي لڪي،

ٻجن کي نپائي اپائي انگور ۽ گؤنچ ڪرين ٿو

مکڙين کي گل ڪرين ٿو ۽ گلن کي رسيل ميوو ڪرين ٿو.

مان ٿڪجي پنھنجي بيڪار بستري تي سمھيو پيو ھيس

۽ ائين سمجھي ويٺو ھيس تھ سارو ڪم ڪار ختم ٿي چڪو.

پر صبح جو جاڳ تي مون ڏٺو

تھ منھنجو باغ حيرت انگيز گلن سان ڀريو پيو ھو.

±

 

 (82)

 

اي منھنجا مالڪ! وقت تنھنجي ھٿن ۾ بي انت بڻجي ٿو وڃي.

ڪوبھ نھ آھي جيڪو تنھنجي، لمحن کي ڳڻي سگھي.

ڏينھن ۽ راتيون وھامي وڃن ٿيون

۽ جڳ گلن جيان ٽِـڙي مرجھائجي وڃن ٿا.

رڳو تون ئي ڄاڻين ٿو تھ انتظار ڪيئن ڪبو آھي.

جھنگل جي ھڪ پتڪڙي گل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ تنھنجون

صدين جي پٺيان صديون، اچن ۽ گذريو وڃن ٿيون.

اسان وٽ وڃائڻ لاءِ وقت ئي ڪونھ بچيو آھي

اسان کي مليل موقعن ۾ جھٽ ھڻي جود ڪرڻ گھرجي

اسان ايترا غريب آھيون، جو دير نھ ٿا ڪري سگھون.

ٿئي ائين ٿو، تھ ھر جھيڙيڪار ھمراھھ کي

جيڪو اسان تي پنھنجو حق جتائي ٿو،

تنھن کي وقت ڏيڻ ۾، وقت گذري وڃي ٿو

۽ اوھان جو قربان گاھھ آخر تائين

ڀيٽا کان سواءِ ئي رھجي وڃي ٿو

ڏينھن پڄاڻيءَ تي مان

انھيءَ خوف کان تڪڙ ڪريان ٿو

تھ متان تنھنجو دروازو بند ٿي وڃي،

پر مان ڏسان ٿو تھ اڃان ڳپل مھل آھي.

±

 

 (83)

 

امڙ، مان پنھنجي غم جي ڳوڙھن سان

تنھنجي ڳچيءَ لاءِ موتين ھار پوئيندس.

ستارن تنھنجي پيرن کي سينگارڻ لاءِ

پنھنجي روشنيءَ جا پازيب ٺاھيا آھن.

پر منھنجو ھار تھ تنھنجي ڇاتيءَ تي

پيو لٽڪندو، لڏندو ۽ چمڪندو.

دولت ۽ شھرت تنھنجي طرفان ئي آھن

۽ اھو توتي آھي تھ اھي ڏئين يا محروم رکين.

پر منھنجو ھي غم، بنھھ منھنجو پنھنجو آھي

۽ جڏھن مان ان کي تنھنجي صدقي جي لاءِ کڻي اچان ٿي

تھ تون پنھنجي دعا ۽ سوڀيا سان مون کي نوازين ٿين.

±

 

 (84)

 

اھا وڇوڙي جي پيڙا آھي جا ساري سنسار ۾ پکڙيل آھي

۽ جيڪا اپار آڪاش ۾ اڪيچار صورتن کي جنم ڏئي ٿي.

اھو جدائيءَ جو غم ئي آھي

جيڪو ساري ساري رات، سانت سانت ۾

ھڪ تاري کان ٻي تاري تائين تڪيندو رھي ٿو.

۽ جولاءِ جي اونداھي مينھوڳي رات جو

پنن جي سرڙاٽ ۾ گيت بڻجي پوي ٿو.

اھوئي ھر طرف ڦھيل درد،

گھرو ٿي محبتن ۽ آسن جو روپ،

۽ انساني وستين ۾ ڏکن ۽ سکن جو روپ

وٺي ٿو؛

۽ اھوئي درد، رجي،

مان شاعر جي من منجھان،

گيتن جي صورت ۾ وھي ھلي ٿو.

±

 

 (85)

 

جڏھن جنگي جوڌا، پھريائين پھريائين

پنھنجي سپھھ سالار جي ڪمري کان ٻاھر نڪتا

تھ انھن پنھنجي قوت ڪٿي لڪائي رکي ھئي؟

انھن جا زرھھ ۽ ھٿيار پنھوار، ڪٿي ھئا؟

اھي بي وس ۽ ھيڻا نظر اچي رھيا ھئا

۽ جنھن ڏھاڙي ھو پنھنجي

سپھھ سالار جي ڪمري کان ٻاھر نڪتا

تھ انھن تي تيرن جو مينھن وسايو ويو.

جڏھن سپاھي وري پنھنجي

سپھھ سالار جي ڪمري ڏانھن واپس ويا

تھ انھن پنھنجي قوت ڪٿي لڪائي رکي ھئي؟

انھن پنھنجون ترارون ۽ تير ڪمان اڇلائي ڇڏيا ھئا؛

انھن جي پيشانين تي امن ۽ صلح پئي جھلڪيو،

ھو پنھنجي حياتي جي ڪمائي،

تڏھن ئي پويان اڇلائي آيا ھئا

جڏھن ھو پنھنجي سپھھ سالار جي،

ڪمري ڏانھن واپس وريا ھئا.

 ±

 

 (86)

 

تو وارو نوڪر، موت، منھنجي در تي بيٺو آھي.

ھو اڻڄاتل سمنڊ پار ڪري،

تنھنجو نياپو کڻي منھنجي گھر پھتو آھي.

رات اونداھي آھي ۽ منھنجي دل ڊڄي ٿي پئي-

پوءِ بھ مان ڏيئو کڻي، پنھنجا گھر در کوليندس،

۽ ان جي آڌرڀاءُ لاءِ پنھنجو سر جھڪائيندس.

اھو تنھنجو قاصد آھي جيڪو منھنجي در تي بيٺو آھي.

مان ھٿ جوڙي ۽ پنھنجي ڳوڙھن سان ھن جي پوڄا ڪندس

مان سندس قدمن تي پنھنجي دل جي دولت رکي ھن جي پوڄا ڪندس.

ھو پنھنجو ڪم پورو ڪري پوءِ ئي واپس ورندو

۽ منھنجي صبح تي ڪارو پاڇو پکيڙي ويندو.

۽ منھنجي سڃي ڀينگي گھر ۾ رڳو منھنجو نڌڻڪو نفس ئي،

توکي منھنجي پاران، آخري صدقو ڏيڻ لاءِ رھجي ويندو.

±

 

 (87)

 

بيقرار آس کڻي اٿان ٿو

۽ ھن کي پنھنجي ڪمري جي

ڪنڊ ڪنڊ ڪري ڳوليان ٿو؛

پر مون کي ھوءَ نھ ٿي ملي.

منھنجو گھر ننڍڙو آھي

۽ جيڪو ڪجھھ ان مان ھڪڙو ڀيرو نڪري ويو

وري واپس موٽي اچي ڪڏھن ڪونھ مليو.

پر منھنجا ڌڻي، تنھنجي حويلي وڏي آھي

۽ ھن کي ڳوليندي لوچيندي مان تنھنجي در تي اچي پھتو آھيان.

مان تنھنجي نماشام آڪاش جي سونھري شامياني ھيٺان بيٺو آھيان

۽ مان پنھنجون مشتاق اکيون کڻي تنھنجي چھري ڏي ڏسان ٿو.

مان ابديت جي ڪنڌيءَ تي اچي پھتو آھيان

جتان ڪابھ شيءِ غائب ڪونھ ٿي ٿئي-

نھ اميد، نھ خوشي، نھ ئي آبيده اکين منجھان نظر ايندڙ ڪو چھرو

منھنجي خالي جيوت کي، ان ابديت جي سمنڊ ۾ ٽٻي ڏيار،

۽ ان کي گھري کان گھري پورنتا ۾ ٻوڙي ڇڏ.

مون کي بس ھڪڙو ڀيرو ڪائنات جي ھمھ گيري واري

ان وڃائجي ويل مڌر ڇھاءَ کي محسوس ڪرڻ ڏي.

 ±

 

 (88)

 

برباد مندر جا ديوتا!

وينا جون ٽٽل تارون ھينئر تنھنجا ڳـُڻ ڪونھ ٿيون ڳائن

شام جو گھنڊ تنھنجي پوڄا جو وقت نھ ٿو ٻڌائي

تنھنجي چوڌاري ھوا، بيٺل ۽ چپ چاپ آھي.

تنھنجي ويران ٽڪاڻي ۾ بھار رت جي رولو ھير ايندي آھي.

اھا گلن جي بشارت آڻيندي آھي- انھن گلن جي خوشخبري

جيڪي ھينئر تنھنجي پوڄا لاءِ گھوريا نھ ويندا آھن.

تنھنجو پراڻي وقت جو پوڄاري پيو ٿو ڀٽڪي

آسروند بڻجي تھ من محروم ٿيل عنايتن جي وري نوازش ٿي پئي

شام جو جڏھن باھھ جا شعلا ۽ پاڇولا

مٽيءَ جي ڌنڌ ۾ ملي ويندا آھن

تڏھن ھو پنھنجي آتما ۾ بک کڻي، ٿڪو ٽٽو،

واپس ويران مندر ڏانھن موٽندو آھي

برباد مندر جا ديوتا، کوڙ سارا ڏڻن جا ڏينھن،

تو ڏانھن، خاموشيءَ سان اچن ٿا

۽ پوڄا جون ئي راتيون، ڏيئي ٻارڻ بنا گذري وڃن ٿيون.

ماھر سنگتراش ڪيتريون ئي مورتيون گھڙين ٿا

جن کي وقت اچڻ تي گمنامي جي پاڪ نھر ۾ لوڙھي ڇڏيندا آھن.

صرف برباد مندر جو ديوتا، بغير ڪنھن پوڄا پاٺ جي

امر نظراندازي ۾ پيو آھي.

 ±

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org