ھڪ محبوب
استاد ۽ عظيم
درسگاھھ جون ساروڻيون
ٽئگور سان منھنجي واقفيت، مان ڀانيان ٿو
15,14
ورھين جي عمر ۾ ٿي، جڏھن
مان ھن جون ڪجھھ ڪويتائون جيڪي گھڻو ڪري
Prose Poems جي صوت ۾ پيش ٿينديون ھيون ۽ انھن جا ترجما بھ وري
سنڌيءَ ۾
Prose Poems
جي صورت ۾ ايندا ھئا، اھي
پڙھيا. اھڙي طرح گيتانجلي جا ڪجھھ حصا بھ
ترجمو ٿيندا ھئا. پر مون کي گھرائيءَ سان ڄاڻ
تڏھن ٿي جڏھن مان پاڻ ٽئگور تي ھڪڙو مضمون
رويندر ٺاڪر جي نالي سان
NJV ھاءِ اسڪول جي
1935-36ع واري سالياني مئگزين ۾ لکيو، ان ۾ گھڻي مدد ڪنھن اردو مضمون
تان ورتل ھئي، ڇو تھ اھو پھريون مضمون مان
سنڌيءَ ۾ ٽئگور تي لکي رھيو ھوس. انھيءَ کان
اڳ، ديوان ڪرم چند ھنڱوراڻي، ھيڊ ماستر، مون
کي مارڪون مٿي کڻڻ جي سلسلي ۾ انعام طور
The Wreck
ڏنو، جنھن جو بعد ۾
’طوفاني رنگ‘ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو بھ
ٿيو. تھ انٽر تائين پھچندي، چئن پنجن سالن جي
عرصي ۾، مان ٽئگور ۽ ٻين بنگالي ليکڪن متعلق
تمام گھڻو پڙھي چڪو ھئس. اھڙي طرح بنگالي
ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ منھنجو چاھھ، خاص ڪري ٽئگور
۽ سرت چندر ۾، ايترو ٿي ويو ھو جو جيڪڏھن مان
ٻڌندو ھيس تھ ڪوبھ ماڻھو شانتي نڪيتن مان آيو
آھي تھ ڪوشش ڪري ان کي انٽرويو ڪندو ھوس. ۽
آخر ۾ صلاح اھا بيٺي تھ مان انٽرميڊيٽ کان
پوءِ شانتي نڪيتن ويندس.
انٽرميڊيٽ ڪرڻ کان پوءِ مان
Prospectus
گھرايو، ان ۾ شرط اھو ھو
تھ اڳ ۾ انٽرويو ڏيڻو پوندو، تنھن کان پوءِ
شانتي نڪيتن ۾ داخلا ملندي. مان شڪشاڀون
(ڪاليج) جي پرنسپال کي ٽيليگرام ڪيو تھ مان
شانتي نڪيتن ۾ داخلا وٺڻ ٿو چاھيان، مون کي
پنھنجي باري ۾ پوري پڪ آھي تھ توھان کي پسند
پوندس. ۽ منھنجي تعليمي لياقت ۽ منھنجو اخلاق
Above Reproach
آھن. مان ڳوٺ ئي ھيس تھ اوڏانھن ٽيليگرام آيو،
جيڪو مون کي چٽيءَ طرح ياد آھي:
”You are admitted. Join the college term on
19th June 1939, and contact our
students at Karachi, they will arrange for
your group travel at half the railway fare
to “Shanti Niketan”.
ٽن ڏينھن جي سفر کان پوءِ صبح سوير منھن
اونداھيءَ ۾ شانتي نڪيتن ۾ پھتاسين. چوڌاري
پکين جي چھڪ ھئي ۽ جنھن بھ پاسي وڃجي پيو تھ
اتي يا تھ طبلي تي ڌن پئي وڳي يا ڪوئي ڳائي
پيو يا ستار پئي وڳي، ڪٿي ھندستاني راڳ، ڪٿي
بنگالي راڳ يا ڪجھھ ٻيو پئي ھليو. مطلب تھ
ڌماچوڪڙي متي پئي ھئي. مون کي احساس ٿيو تھ
جيترو مون ٻڌو ھو، جيتري مون کي شناتي نڪيتن
مان اميد ھئي، انھيءَ کان وڌيڪ مان ھت خوش
ٿيندس. پر رات جو جھڙي مھل سمھڻ لڳس، تھ ايڏي
مون کي ويڳاڻپ ٿي،
Home sickness جنھن کي چوندا آھيون تھ ڪو آواز سنڌيءَ ۾
ڪونھ ھجي، ڪو ڳالھائڻ وارو ڪونھ ھجي ۽ ٻي
ڏينھن مان سوچيو تھ مان ڀڄي ويندس، موٽي
ويندس.
ٽئين، چوٿين ڏينھن تي مون کي پرنسپال انيل ڪمار چندا گھرايو، جيڪو ٽئگور جو
پرسنل سيڪريٽري بھ ھو. ھو مون کي ٽئگور سان
تعارف لاءِ وٺي ھليو. ھن کي بنگاليءَ ۾ چيائين
تھ ھي سنڌ منجھان آھي. موئن جي دڙي جي ڀرسان
ويٺل اھي ۽ ھي انھن سٺن ڇوڪرن منجھان آھي، جن
جي لاءِ اسان ھميشھ تمنا رکندا آھيون ۽ مان ھن
کي بنا ڪنھن شرط شروط جي، بنا
Test جي، داخلا ڏني آھي.
ٽئگور تنھن وقت
80
ورھين جو ھو، ذھن تي زور
ڏيندي چيائين:
”موھن جو دڙو... موھن جو دڙو... اوھان اسان جو بھترين ماڻھو ماري وڌو.“
مان حيران رھجي ويس. مون چيو، ”اسان تھ ڪنھن کي بھ ڪونھ ماريو.“
ھن چيو، ”پر ڇا آر- ڊي- بئنرجي کي اتي ڪونھ
ماريو ويو؟“
مون چيو: ”ھڪڙو ڌاڙيل ھيو، جنھن ڪئمپ تي حملو ڪيو ھو...“
تنھن تي ھن چيو: ”مان توکي الزام نھ ٿو ڏيان،
مان سنڌين تي الزام نھ ٿو مڙھيان، پر مان
سمجھان ٿو تھ سنڌ ۾ حالتون تمام گھڻيون خراب
ٿينديون پيون وڃن.“
ڇو تھ ان زماني ۾ ھندو مسلم فساد، ڀڳت ڪنور
رام جو قتل، ھسارام پمناڻي سنڌ جو ايم. پي. اي
ھو، ان جو قتل ٿي چڪو ھو، وڳوڙ ڳوٺن ڏانھن
پکڙجي رھيا ھئا، سو سنڌ جون خبرون، خاص ڪري
سکر ضلعي جي رپورٽ سٺي ڪونھ ھئي. انھن ڳالھين
بابت ٽئگور ڪجھھ ڳالھايو ۽ مان بھ ھن کي ڪجھھ
تفصيل ٻڌايو.
ان کان پوءِ ٽئگور سان ٻي ملاقات ٿي. گروديو
چيو تھ مون وٽ سنڌ جون ٻھ شيون سٺيون آھن.
ھڪڙيون سنڌ جون گايون، ٻيو سنڌ جون ڇوڪريون.
سڀئي ڇوڪريون ڏاڍيون خوبصورت ھونديون آھن ۽
انھن ۾ الائي ڪھڙي
Grace
ھوندي آھي.
ٻيو چيائين تھ ھي جيڪي سنڌ جون ڳئون آھن، سي
تمام ڀلڙ آھن، سٺو کير ڏين ٿيون ۽ اسان پنھنجي
گائن جي نسل کي سڌارڻ لاءِ ھتي ھڪڙو فارم قائم
ڪيو آھي.
ھيءَ
1940ع
جي جنوري جي
26 يا
27 تاريخ آھي. جو ھاسٽل جا ڇوڪرا مون وٽ آيا،
تھ آزاديءَ جو ڏينھن ملھايون. مان انھن ڏينھن
۾ بوائز ھاسٽل جو وارڊن ھيس،
1929ع
۾ لاھور ۾ ڪانگريس جي ’پورن سوراج‘ يا ’مڪمل
آزاديءَ‘ واري ٺھراءُ پاس ڪرڻ جي ياد ۾ اھو
ڏينھن ملھايو ويندو ھو. سو دوستن چيو تھ
Celebration
ٿيڻ گھرجي. پر ٽئگور جي
بندش آھي. مون چيو تھ مان ٿو وڃان ۽ مون ۾
ايڏو اعتماد ھيو جو مان انيل دا، پرنسيپل، وٽ
ھليو ويس ۽ ھن کي چيو تھ اسان کي اجازت ڏيو تھ
آزاديءَ جو ڏھاڙو ملھايون. تنھن تي ھن چيو تھ
گروديو تھ ان جي بندش وجھي ڇڏي آھي. مون چيو
تھ جيڪڏھن گروديو بندش وڌي آھي تھ اھا پنھنجي
جاءِ تي، اسان تھ
ملھائينداسون، اسان ان ڳالھھ ۾ گروديو جي
پرواھھ نھ ڪنداسين. تنھن تي ھن چيو تھ چڱو ڀلا
مان گروديو سان ملي ٿو اچان. اوڏي مھل ئي ويو،
موٽي اچي چيائين تھ گروديو چئي ٿو تھ، ”مان تھ
شاگردن کي بچائڻ جي واسطي اھا بندش وڌي ھئي.
مون کي اھا ڳالھھ نھ وڻندي ھئي تھ شاگردن جي
پٺيان، ھتي شانتي نڪيتن ۾ بھ سي آءِ ڊي وارا
ڦرندا وتن، ۽ ھو لاڪپ ۾ بند ڪيا وڃن، سو
جيڪڏھن ھروڀرو ڇوڪرا ڪرڻ چاھين ٿا تھ ھنن کي
کلي آزادي آھي تھ ڀلي ڪن.“
ٻي ڏينھن تي جلسو ٿيو. ڪن بنگاليءَ ۾، ڪن اردوءَ ۾ ۽ ڪن ھنديءَ ۾ تقريرون
ڪيون ۽ مون کي پڇاڙيءَ جو
Sumup
ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ ۾
تقرير ڪرڻ لاءِ چيائون. ان کان اڳي مان ڪڏھن
بھ جلسي ۾ تقرير نھ ڪئي ھئي. پر تقرير ايڏي
سٺي ٿي، ايڏيون تاڙيون وڳيون جو ائين کڻي چئجي
تھ منھنجي ڌاڪ ويھجي وئي. جڏھن خير خوبيءَ سان
سڀ گذري ويو تھ ٽئين چوٿين ڏينھن تي پرنسپال
مون کي گھرايو ۽ چيو تھ ھاڻي انٽيليجنس وارن
جا ليٽر پھچي ويا اٿئي ۽ پڇيو اٿائون تھ
تنھنجون ھتي شانتي نڪيتن ۾ ڪھڙيون
Activities آھن تھ اسان لکي موڪليو آھي تھ نئون شاگرد آ. اسان وٽ تھ ڪا
Activity
ڪونھي ۽ گھر کان خط آيو
جنھن ۾ ٻڌايائون تھ ھتان بھ منھنجي جاچ جوچ
ھلي. يعني منھنجو اعمال نامو لکجڻ شروع ٿيو.
ٻي حيرت جي ڳالھھ تھ جيترو مون ٽئگور تي اڳ ۾
پڙھيو ھو، اتي وڃڻ کان پوءِ ٽئگور تي مون ڪجھھ
بھ نھ پڙھيو ۽ اتي مون کي ڏاڍو چاھھ ٿيو تھ
ٽئگور جي پنھنجي ذاتي لائبرري ڏسان. ڇو تھ مون
کي معلوم ٿيو تھ ٽئگور جتي جتي جنھن ملڪ ويندو
ھو تھ اتي ڪتابن جون لڏون ھن کي ڏيندا ھئا.
يونيورسٽين جي طرفان جيڪي ڊاڪٽوريٽس ھن کي
ملنديون ھيون تھ ٽنن جي حساب اھو لٽريچر ايندو
ھو، جيڪو سندس گھر ۾ ذاتي لائبرري ۾ ھوندو ھو.
ھڪ ڏينھن مان ڪاليج لائبرري ويس تھ پرڀات ڪمار
جيڪو لائبريرن ھيو، ھن کي ٽئگورين ڏاڙھي ھوندي
ھئي، ان چيو:
”سوڀو، تون سٺن ڪتابن جو شوقين ٿو ڏسجين. توکي
خبر آھي
تھ بھترين ڪتاب گروديو جي پنھنجي لائبرري ۾
آھن. تون اھي ڪتاب پڙھڻ جي اجازت وٺڻ جي ڪوشش
ڪر.“
سو مون انيل دا کي چيو. ان گروديو سان
ڳالھايو. گروديو چيو تھ ”ڪير آ ڇوڪرو؟“
انيل دا چيس تھ ”اھوئي جنھن کي اوھان
“The Man from Moen-jo-Daro”
چوندا آھيو. اوھان جي
لائبرري تائين رسائي ٿو گھري.“
گروديو پڇيس: ”ڇا ھو واقعي بھ ايڏو سٺو ڇوڪرو
آھي؟“
انيل دا چيو: ”ھو ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آھي ۽ ھن کي
پڙھڻ جو ڏاڍو شوق آھي.“
گروديو چيس تھ: ٺيڪ آھي، ھن کي منھنجي لائبرري
۾ اچڻ جي اجازت آھي. بس جنھن ڪمري ۾ مان ويٺو
ھجان اتي ھو مون کي
Disturb
نھ ڪري.“
ٽئگور Wheel chair
تي ھلندو ھيو. پھرين ڏينھن
مان اتي ويس، گروديو سامھون ويٺو ھو. مان کيس
نمسڪار ڪري، ٻي ڪمري ۾ ھليو ويس.
ٻيو ھڪ فنڪشن ٿيندو ھو
21
پوھ جو جيڪو فيبرروي جي
21
يا
22
تي ٿيندو ھو. اھو شانتي
نڪيتن جو
Foundation day
ھوندو ھو. ان تي گرلس
ھاسٽل مان ڇوڪريون گيڙو رنگ جون ساڙھيون ڪري،
سينگار ڪري نچنديون اينديون ھيون. آڊيٽوريم
ھال ۾ منڊل لڳندو ھو، جتي ٽئگور پاڻ اچي راڳ
ٻڌندو ھو. ھڪ شام جو ٽئگور ان فنڪشن جي پاڻ
صدارت پئي ڪئي. سندس ئي ھڪ گانو ھو، جيڪو ڳائي
رھيا ھئا تھ:
”زندگيءَ جو پويون پھر اچي چڪو آھي، سنجھا اچي
چڪي آھي ۽ باقي ڪپڙيءَ ۾ ڪي ڪڻا بچيا آھن.
زندگي گذري وئي، موت ڪڏھن ٿو اچي. اھا ڪا خبر
ناھي. پر جيڪي ڪجھھ ٿيو، چڱو ئي ٿيو. اسان
پنھنجي زندگي صرف ڪري چڪاسين.“
ائين ٻڌندي ٻڌندي وچ ۾ پاڻ ڳائڻ شروع ڪيائين.
ھڪدم سناٽو ٿي ويو ۽ سندس
Broken
آواز-
81-80
ورھين جي عمر جي ماڻھوءَ
جو جيڪو آواز ٿي سگھي ٿو- اکين مان ڳوڙھا جاري
ھيس. ڳائڻ شروع ڪيائين:
”انھيءَ کان پوءِ جيڪو ڏينھن گذريو سو ضايع ويو،
۽ تنھن کان پوءِ جيڪي آھي، پتو ناھي تھ ڇا ٿيندو
۽ اسان جيڪي ان اميد ۾ آھيون تھ صبح ٿيندو...“
ڪجھھ ائين ھيو، تنھن کان پوءِ سڀ ساز بند ٿي
ويا ۽ چيائين تھ مون کي وٺي ھلو ۽ گروديو کي
وٺي ويا.
جڏھن اسان جو ٻي سال جو آخري امتحان ٿي ويو ۽
نتيجي اچڻ ۾ ڏھھ- پندرھن ڏينھن ھئا تھ ان وچ ۾
اسان جي جرمن استاد مون کي ڄاڻ ڪئي تھ جيڪي
آنرس وارا شاگرد ھئا، انھن جي ميٽنگ ڪنداسون.
اسان يورپين گيسٽ ھائوس جي ھڪ ڪمري ۾ گڏ
ٿياسون. اتي سڀ دريون بند ھيون، ھڪ ننڍي موم
بتي ٻري پئي. ان جي روشنيءَ تي ھن چيو تھ:
”مان انھن شاگردن کان، جيڪي پنھنجو ڪورس پورو
ڪري موٽي ويندا آھن، ھر سال ھڪ ننڍڙو ساڳيو
سوال پڇندو آھيان تھ اوھان ڇا پرايو؟“
ھن ٻين کان شروع ڪيو، ڪن ڪجھھ چيو، ڪن ڪجھھ
چيو، جڏھن مون کان پڇيائين تھ، مون چيو:
“I came here as a boy and I go back as a man.”
”مان ھتي آيو ھيس تھ ھڪ ڇوڪرو ھيس ۽ ھتان ھڪ
مڙس ماڻھو بڻجي موٽان ٿو.“
ھن چيو تھ: ”اھوئي بھترين جواب آھي ۽ اھو رڳو
مان ئي ڏئي پئي سگھيس.“
مان ٻھ سال شانتي نڪيتن ۾ رھيس. جون
1939ع
۾ ويس ۽ اپريل
1941ع ۾ موٽيس. مان جيڪو شانتي نڪيتن ۾ ھڪ
Artist
ٿيڻ ويو ھوس ۽ جيڪو چوندا
ھئا تھ شانتي نڪيتن ۾ رڳو
Lotus eaters
۽
Dreamers اينداھئا، مان اتان ھڪ عملي انقلابي ٿي
موٽيس. ٽئگور کان مون ان ڪري بھ گھڻو پرايو تھ
ھن جو سڄي اداري تي تمام گھڻو اثر ھو.
ٽئگور کي ڏسڻ جي لاءِ دنيا ڀر جا ماڻھو اتي
اينداھئا ۽ اھا اسان جي وڏي خوشقسمتي ھئي تھ
ٽئگور جي ھجڻ ڪري اسان بھ انھن جو درشن ڪيو.
اسان چيانگ ڪائي شيڪ کي اتي ڏٺوسين، سؤميندر
ناٿ ٽئگور، يوسف مھر علي، جواھر لال نھرو،
سباش چندر بوس، انڊونيشيا جو گورنر جنرل ھولٽ
اتي آيو. چائنا جو وڏي ۾ وڏو پينٽر اتي آيو ۽
اسان سان گڏ
Excursion
۾ ھليو. مان جڏھن گانڌي ۽ ٽئگور کي پاڻ ۾
ڳالھائيندو ڏٺو ھيم تھ گانڌيءَ کي ھڪڙو بھ ڏند
ڪونھ ھو ۽ ٽئگور
80
سالن جي عمر ۾ بھ ڇا تھ
Handsome
پئي لڳو! چوٽيءَ جا
دانشور، فلاسافر، شاعر، آرٽسٽ- ھڪڙو
Procession
لڳل ھو ۽ ھو ھڪڙو فقير تن
ماڻھو ھيو، جنھن جا ٻھ لفظ ٻڌڻ لاءِ ماڻھو آتا
ھوندا ھئا ۽ ان کان پوءِ ٽئگور ان زماني ۾ ھڪ
تمام وڏي
Controversy
۾ رڌل ھيو، جاپاني شاعر ناگوچي سان، جنھن کي
ھن سامراجيت جو ايجنٽ ڪري پيش ڪيو. جڏھن جپان،
چائنا تي حملو ڪيو، تھ تقريبا
43
صفحن تي ڏاڍو
Pathos
سان ڀريل خط ٽئگور، ناگوچي
كڞ
صإڷۑ
ڛإڠڎ
ڷإڧۆغۑ
ښإڷ،
ضڷێڷ
ڦۑ
ێڷ
ښإڶڎإضۑج
ضۆ
إۑضڷخ
ڥڎۑ
صۑڛ
ڥۑۆ،
ضڊێڷ
ضصإڷ،
غإیڷإ
جۑ
قڶڵۆ
ڥۑۆ،
جێ
جڤڎۑبإً
ۆ؟“
ڥۑ
آڷڏي
لکيو ۽ انگلينڊ کان ھن جيڪا بغاوت ڪئي،
1921ع
۾ جڏھن ھن سر جو مليل لقب ڇڏيو، پر ڪرپس مشن
جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ٽئگور جيڪي انگلينڊ جي
بادشاھھ ۽ پارليامينٽ کي خط لکيا انھن جو
سياست تي وڏو اثر پئي پيو ۽ اسان ان تحريڪ جو
حصو ھئاسين.
ٽئگور سٺو ڊانسر بھ ھو، سٺو پينٽر بھ ھو،
1932-33ع
تائين بھ سنڌ، بامبئي، راجپوتانا، دھلي ۽
مختلف ھنڌن تي شانتي نڪيتن کي زندھھ رکڻ لاءِ،
فنڊ ڪٺا ڪرڻ لاءِ ھو پاڻ ناٽڪ منڊلي وٺي ايندو
ھو ۽ پاڻ ناٽڪ منڊلين ۾ نچندو ھو. ڳائيندو ھو.
ھو ھڪڙو سٺو آرٽسٽ ھو. تقريبا
70 ورھين جي عمر ۾ ھن کي مصوريءَ جو شوق ٿيو. ٿيو ھينئن تھ
مس جي ڪپڙي ھارجي پيس ۽ ليڪا ڪڍڻ شروع ڪيائين.
It became distinct school of art, It became
an art.
سؤ
کن تصويرون اھڙيون اٿس ۽ موسيقيءَ ۾ ھن مشرقي
۽ مغربي موسيقيءَ جي ميلاپ سان اھڙيون ڌنون
ٺاھيون جيڪي گھر گھر ڳايون وينديون ھيون ۽
انھن جو سڄي بنگال ۾ ڌاڪو ھو. سندس سموري جيڪا
شاعري آھي، جيڪو ڳائڻ آھي، ان جا پيانو تي
Notes رڪارڊ ٿيل آھن ۽
Tagorean School of Music بلڪل الڳ نمايان حيثيت وٺي بيٺو ۽ ان جا
Exponents
سڄي ھندستان ۾ ٿيا.
جوٿيڪا راءِ ديو برمن
(R.D. Burman)
۽ ٻيا ڪيترا، ڇو تھ گروديو مغرب ۽ مشرق جي
ميوزڪ جو ميلاپ ڪيو، يعني
Symphony
۽
Melody کي ملايو.
جيڪڏھن ادب جي ميدان ۾ ڏسجي تھ تمام ٿورڙا
ماڻھو آھن، جن جي شاعريءَ ۾ ايڏي وسعت ھجي. ھي
جيڪا وسيع ڪائنات آھي ۽ ان جي اندر جيڪي ستارا
آھن، ڪھڪشائون آھن، اھي ڪيئن ٽڪرائجن ٿيون ۽
ڪيئن
Explosions
ٿين ٿا، ان کي گروديو
پنھنجي ھڪ نظم ۾ ڏاڍو خوبصورت نموني پيش ڪيو
آھي ۽ دعائن کان وٺي ويندي انقلابي گيتن
تائين، ۽ فطري طاقتن جي واکاڻ تائين سندس
شاعري پکڙيل آھي.
۽ ٽئگور جي انھن ئي شين، ولي خان جي وڏي ڀاءُ غني خان کي
Attract ڪيو. غني خان آمريڪا مان پڙھيل ھڪ شگر ٽيڪنالاجسٽ ھو.
ھو زندھھ آھي ۽ ھو شاعر آھي، مصور آھي ۽ ڊانسر
آھي.
تھ اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن ڪوئي ماڻھو
Superlatives ۾ شانتي نڪيتن يا گروديو جي باري ۾ ڳالھائي تھ ڪو عجب
ڪونھي. ھن جي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ٿي، سوشلسٽ
ملڪن جي اندر بھ تھ فاشسٽ ملڪن جي اندر بھ، پر
ھو سياست جي معاملي ۾ ڏاڍو سادو ھو.
ٽئگور ۽ سرت چندر چئٽرجي کي پڙھڻ کان پوءِ
محسوس ٿئي ٿو تھ ھنن جيترو لکيو آھي، جيڏو
گھرائيءَ ۾ انساني سڀاءُ يا ماڻھن جي جھد کي
پيش ڪيو آھي، ايترو گھرو اڀياس اسان پنھنجي
ماڻھن جو ڪيو ئي ڪونھي. ٽئگور وڏ گھراڻي مان
آيو ۽ سرت چندر غريب طبقي مان آيو ۽ انقلابي
بھ ھو.
سرت چندر بنگال، آسام، برما مان الائي ڪھڙا ڪھڙا
Characters
ڪٺا ڪيا.
65
ڪتاب لکيائين ۽ انھن مان
ھرھڪ شاھڪار آھي. چيو وڃي ٿو تھ جڏھن سرت چندر
جي باري ۾ ٽئگور کي
mention ڪندا ھئا تھ ھو حقارت مان چوندو تھ،
ھن کي ڪا خبر ڪانھي.
ٽئگور جو خاندان وڏو زمينداري خاندان آھي. پر جڏھن توھان ھن جي نظم پڙھندؤ،
”مندر جي ڪنڊ ۾ ڇو ٿو گھنٽيون وڄائين جي خدا
ڳولڻو اٿئي تھ وڃي اتي ڳول جتي پورھيت پٿر پيو
ٿو ڪٽي...“
تھ ان مان ظاھر آھي تھ ٽئگور کي
Realization
ھئي ۽ ھن اھا نظم روسي
انقلاب کان اڳ لڳي ۽ ائين نھ تھ روسي انقلاب
ھن کي متاثر ڪيو. پر سرت چندر نثر ۾ اھڙا تھ
گھرا ۽ طاقتور ڪردار تخليق ڪري رھيو ھو. ھڪڙي
بنگالي ٽئگور لاءِ ائين چيو تھ: ”ٽئگور
ھندستان جي بورجوازي جو بھترين اظھار آھي،
ڪلاڪار آھي.“ انھن ڏينھن ۾ پھريون دفعو
بورجوازي جو لفظ منھنجي ڪنن تي پيو آھي ۽ مون
کي چيڙائي وڌائين. جيتوڻيڪ مان ھينئر اھو مڃڻ
لاءِ تيار آھيان تھ ٽئگور ھندستان جي زمينداري
۽ بورجوازي ثقافت مان اھو سڀ ڪجھھ پيش ڪيو
آھي، جيڪو خوبصورت آھي، جيڪو اعليٰ آھي، ھاڻي
مون کي مڃڻو پوندو تھ ٽئگور واقعي عوام جي
مسئلن کي ايڏو گھرائيءَ ۾ ڪونھ سمجھيو ھو.
جيتوڻيڪ پنھنجي دؤر جي مسئلن کي مثلا ھندو،
مسلم مسئلي کي ھن جيڪو خوبصورت نموني ۾ پيش
ڪيو آھي تھ ھن کي سڄي برصغير جو ناول نگار بھ
چئي سگھجي ٿو. شاعر بھ ۽ ڊراما نويس بھ چئي
سگھجي ٿو. سنڌيءَ ۾ بھ ٻھ چار ڊراما ترجمو ٿيل
آھن. مثلا پوسٽ آفيس ۽ اسڪول ماستر. ٽئگور جو
پورو پورو قد ڪاٺ ٿورن لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو
مشڪل آھي.
ٽئگور جي ڪتابن جو ترجمو پھريان انگلش ۾ ٿيو ۽
سرت چندر جو فرينچ ۾. ۽ اسان جا اھي ٻئي ليکڪ
سڄي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل آھن ۽ برصغير جي ھڪ دؤر
جا نمائندا آھن. ان دؤر جا سماجي، سياسي ۽
مذھبي نمائندا آھن.
گروديو جو رتبو سڄي دنيا ۾ تڏھن تسليم ڪيو
ويو، جڏھن
1913ع
۾ کيس ’گيتانجلي‘ تي، ادب جو نوبل پرائيز
مليو، جنھن جو ترجمو اوھان آڏو پيش ٿي رھيو
آھي. گروديو پاڻ گيتانجلي کي انگريزيءَ ۾
ترجمو ڪيو. اھا
Selection
آھي.
W.B. Yeats
ان جو تعارف لکيو ۽
آئرلينڊ جي انھي بھترين شاعر ائين گروديو کي
متعارف ڪرايو. اوھان سمجھو ٿا
1911ع
جي عرصي ۾ ان شاعري ڪيڏو زور سان يورپ جي ذھن
تي اثر ڪيو ھوندو.
تھ جنھن وقت اسان پڙھيو پئي تھ ٽئگور اسان
لاءِ ھڪ ديومالائي ڪردار ھو. ھڪڙو ماڻھو جيئن
چئجي تھ ھڪڙي
Comet
(پڇڙ تاري) وانگر آيو ۽ پنھنجي جڳھھ ڪري ھليو
ويو. اھڙا ٿورا ھوندا جيڪي ھن کان گوءِ کڻي
ويندا. ھو زندھھ رھندو جڏھن تھ کوڙ وسري
ويندا. سڄي دنيا جا عالم ۽ ڏاھا ھن سان پيار
ڪندا ھئا. اسان کي اھڙن شاعرن جي خبر آھي،
جيڪي انقلابي ٿيا. اھڙا اديب بھ ھيا جيڪي ساڳي
وقت انقلابي بھ ھئا پر اوھان نھ ٿا چئي سگھو
تھ اوھان ھڪ اھڙي شاعر کي سڃاڻو، جيڪو ساڳي ئي
وقت انقلابي بھ آھي، اديب بھ آھي. ڊانس ڪندڙ
بھ آھي، موسيقار بھ آھي، مصور بھ آھي.
-2
مارچ
1994ع
سوڀو گيانچنداڻي
لاڙڪاڻو
پنھنجي پاران
’گيتانجلي‘ ڪتاب جو ھي ترجمو پنھنجو تعارف ۽
تفسير پاڻ آھي، باقي ٽئگور جي باري ۾ سائين
سوڀو گيانچنداڻيءَ کان بھتر ۽ مستند ڪير پئي
لکي سگھيو، جنھن گروديو کي پنھنجي اکين سان
ڏٺو، ۽ شانتي نڪيتن ۾ ٻن سالن جو عرصو رھيو،
پڙھيو ۽ ڪڙھيو ۽ جنھن کي ٽئگور
Man from Moen-jo-Daro
ڪري سڏيندو ھو.
ھونئن بھ ٽئگور جو نانءُ سنڌي لکندڙن ۽
پڙھندڙن لاءِ بلڪل بھ اوپرو ڪونھي ۽اھو بھ
ايڏو سھنجو، ايڏو پنھنجو ۽ پيارو آھي جيڏو
سوڀي جو نانءُ. گنگا ماتا جي ڪناري، ڪلڪتي جي
شھر ۾،
1861ع ۾ جيڪو نينگر ڄائو، سٺ سالن کان پوءِ ان نينگر ھڪ ٻيو جنم سنڌو ماتا جي
ڪناري ٻنڍيءَ جي ڳوٺ ۾ ورتو، ۽ گنگا کان سنڌو
تائين اھا ٽٻي، ھڪ ساھيءَ ۾ ھئي، ڇو تھ شانتي
نڪيتن کان موئن جي دڙي تائين پنڌ، بس ھڪ وک ئي
تھ آھي. ھونئن بھ شانتي نڪيتن ۾ اڄ بھ ڄامشوري
جون ھوائون گھوگھٽ ڪري گھلنديون آھن، جيڪي
ٽئگور بسنت رت ۾، سنڌ ياترا دوران پاڻ سان،
شال ۾ ويڙھي کنيون ويون ھيون.
مان پنھنجي گروديو، سنڌ جي ٽئگور، سائين سوڀو
گيانچنداڻيءَ جو بيحد ٿورائتو آھيان تھ ھن
منھنجي ترجمي لاءِ مھاڳ لکيو، متن کي نظر مان
ڪڍيو، تصحيح ڪئي ۽ اطمينان ڏيکاريو.
مان پاڻ وڌيڪ ڇا لکان ٽئگور جي باري ۾ ۽
گيتانجليءَ جي باري ۾.
مون کي بس ھڪ اڌ ڳالھھ ھيءَ چوڻي آھي: پھرين
ڳالھھ تھ اسان عام طور تي جيڪو ’گيتانجلي‘ لفظ
لکندا ۽ اچاريندا آھيون، اھو اصل ۾ ’گيت‘ +
’انجلي‘، جو ميلاپ آھي. ’گيت‘ جي معنيٰ تھ گيت
ئي آھي ۽ ’انجلي‘ جي معنيٰ آھي: قرباني، صدقو،
ٻليدان، ڀيٽا- يعني ”گيت جي ڀيٽا“. جنھنجو
ٽئگور خود انگريزيءَ ۾ ترجمو
‘SONG OFFERINGS’ ڪيو.
ٻي ڳالھھ: ’گيتانجلي‘ ڪو ھڪڙو ڪتاب ڪونھي، پر ٽن
ڪتابن يعني 1- گيتانجلي
Gitanjali
،
2-
نائويدياNaivedya
،
3- کئيا
Kheya،
4-
۽ ڪجھھ رسالن ۾ ڇپيل شعرن مان
103
چونڊ شعرن جو ڳٽڪو آھي.
جيڪي ٽئگور پاڻ بنگاليءَ مان انگريزيءَ ۾، نثر
۾ ترجمو ڪري ’گيتانجلي‘ جي سري سان ڪتابي صورت
۾ سھيڙيا.
ٽئگور جو اھو ترجمو
1912ع
۾ ڇپيو، جنھن جو مھاڳ آئرلينڊ، ۽ دنيا جي
مشھور شاعر
W.B Yeats لکيو ۽ جنھن تي پوءِ ٽئگور کي
1913ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو. ايشيا کنڊ جي ڪنھن اديب لاءِ اھو پھريون نوبل
انعام ھو.
مان ھي ترجمو ٽئگور جي ڪيل ان ئي انگريزي
ترجمي تان ڪيو آھي. بنگالي ۾ بيشڪ ان جي شعري
صورت ھئي، پر ٽئگور پاڻ، انگريزيءَ ۾ ان کي
نثر جو روپ ڏنو آھي. ھيءُ سنڌي ترجمو ان
انگريزي متن جي مناسبت ۽ مطابقت ۾ آھي. پوءِ
بھ مون ڪوشش اھا ڪئي اھي تھ مناسب ۽ ممڪن حد
تائين ان ۾ شعراڻو رنگ ۽ ترنم ھجي.
مون کي ياد آھي تھ ست سال اڳ جڏھن مان ھرمن
ھيس جو ’سڌارٿ‘ انگريزيءَ ۾ پڙھيو ھو تھ ان جي
ھڪ سٽ مونکي موھي وڌو ھو. اھا سٽ سنڌي ترجمي ۾
محترم فضل بچاڻي صاحب ڏني ئي ڪونھي. جڏھن
وئشيا، ڪملا، سڌارٿ جي شعر تي خوش ٿي زور سان
تاڙي وڄائي ٿي تھ ان سان گڏ ھن جي ڪراين ۾ پيل
چوڙا ۽ ڪڙا بھ پاڻ بھ ٽڪرائجن ٿا ۽ ڇم ڇم ڪن
ٿا:
“Kamla clapped her hands loudly,
so that the golden bangles tinkled…”
بلاشڪ رڳو تاڙيءَ جو ذڪر پڙھندڙ تي اثر ڪونھ
ڇڏي ھا. اِھا ڪيفيت ۽ تصور تھ پري جي ڳالھھ
جيڪو تاڙيءَ سان گڏ چوڙين جي ڇم ڇم واري آواز
سان اڀري ٿو. مون سوچيو ھو تھ ڳھھ ڳٺا ان کان
وڌيڪ طاقتور تصور نھ ٿا ڏئي سگھن. پر پوءِ
جڏھن مان گيتانجليءَ ۾ ٽئگور جا ھي جملا
پڙھيا:
’... ڳھھ ڳٺا اسان جي گڏجاڻيءَ ۾ رنڊڪ بڻبا،
اھي تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ اچي جو پوندا،
انھن جي ڇڻ ڇڻ تنھنجي سس پس کي ٻوڙي ڇڏيندي.‘
تھ تڏھن مون کي ’سڌارٿ‘ ۾ ڳھھ ڳٺن جي ھجڻ جي
اھميت جو جيڏو احساس ٿيو تھ ’گيتانجلي‘ جي ان
جملن کان پوءِ، ان جي ابتڙ، ڳھھ ڳٺن جي نھ ھجڻ
جي اھميت جو احساس ٿيو. ڇا تھ نازڪ خيالي آھي!
زيورن جي ڇڻ ڇڻ ۾ سرگوشيون دٻجي وڃن، ٻڏي وڃن،
اھا تھ پوءِ جي ڳالھھ چئبي، مان تھ گيتانجلي
جا ھي جملا پڙھي ئي ٻڏي ويندو آھيان:
’... مون کي بس تون ھڪڙي پل لاءِ
پنھنجي پاسي ۾ ويھڻ جو عيش بخش
جيڪي ڪم مون ھٿ ۾ کنيا آھن
تن کي پوءِ ئي پورو ڪندس...‘
5
جولاءِ
1994ع
ڊاڪٽر گل
ميڊيڪل آفيسر
سينٽرل جيل حيدرآباد