خيري ۽ سڀائيءَ جو جهيڙو
محمود فقير جي پٽ ميان محمد خان ۽ ٻين کان روايت آهي ته پير جان
محمد شاهه آراڙيءَ ۾ رهندو هو. پير صاحب مريديءَ
خادميءَ وارو هو ۽ پنهنجو ٻني ٻارو ۽ مال وهٽ به
هوندو هوس. پير صاحب ٻه سُريتون ويهاريون هيون جن
مان هڪ جو نالو خيري هو، ۽ ٻيءَ جو سڀائي؛ جي
هميشھ پيون پاڻ ۾ ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تان
وڙهنديون هيون ۽ هڪ ٻئي جون ايڙهيون پيڙهيون
ڳائينديون هيون.
فقير صاحب، جو هميشه پيو پير جان محمد شاهه وٽ ايندو ويندو هو، سو هڪ دفعي
دستور موجب اتي وڃي نڪتو. پير صاحب سندس هر خدمت
چاڪري ڪئي. هڪ ڏينهن ڪچهريءَ ۾ گفتگو ڪندي، پير
صاحب فقير کي چيو ته ”فقير صاحب، هنن رنن بيزار
ڪري وڌو آهي، روزانو ٿيون پاڻ ۾ وڙهن. ٻئي ليڪو
لنگهي بيٺيون آهن، مهرباني ڪري هنن رنن تان ڪو
اهڙو شعر (جُٺ جهڙو) ٻَڌُ، جو آئينده وڙهڻ جي پچر
ئي ڇڏي ڏين.
تنهن تي فقير، پير صاحب کي چيو ته ”سائين اسين آهيون مستانا،
آءٌ شهر ٺاهيان ٿو پر پوءِ اسان تي ميار نه ڪجو.
مون کي جيئن آيو تيئن شعر چئي ويندس.“ پير صاحب
به اڳي ئي هو رنن مان بيزار، تنهن چيو ته ”فقير
توکي هر ڳالهه مباح آهي، جيئن وڻيئي تيئن شعر چئو،
آءٌ دل ۾ هرگز ڪونه ڪندس.“ پوءِ فقير هيٺيون شعر
چئي ٻڌايو. هيءُ شهر جيتوڻيڪ ظريفانه آهي، تاهم به
فقير زالن جي ويڙهه جو جيڪو نقشو ويهي چٽيو آهي،
سو قابل قدر آهي. هوبهو زنانا الفاظ ۽ اصطلاح ڪم
آڻي، جهيڙي جا اصلي اهڃاڻ ويهي ظاهر ڪيا اٿس؛ گويا
فقير جهيڙي ٿيڻ وقت روبرو بيٺو هو.
-
ساراهيان سچو ڌڻي، توبهه ڪيم زاري،
کڻي ويو کٽياڻ چئي، سوداگر ساري،
سرور شاهه سخي، اجهو ٿيو آري،
نيرو پور نوازيئين واسينگن واري،
جان محمد پير کي ڪو برهه لڳو باري،
مجنون ٿيو مستانو، جنهن تند جهلي تاري،
سينڌيون جنهن جون صورتون، ذات ٻئي ڌاري،
خيريءَ ڪنهن مهل خط لکيا، جانڻ ڏي جاري،
سگهو موٽج سيرين تنهنجي محبت آهيان ماري!
خيري چئي سڀائيءَ کي تون ڪسبياڻي ڪاري،
سرڪي آئينءَ سانگهڙ مان، نيروپور واري،
جوڙو نيئين ڏاندن جو، ٻڌئي ڦيڪاري،
بگو ڍڳو بينسرو سائو سرڪاري،
نام ڪٺيا نارن ۾، ٿا هر وهن هاري،
ڌتاريو درويش کي، تو ڳالهين جي ڳاري،
پَنپُوران تون پڙ ڪڍيو، وات پئين ڏاري،
مارين ٿي مهڻن جي، ڪاتي ڪٽاري،
هاڻي جي تون ڀلي ڀٽاري، ته به سونهين ٿي سانگهڙ ۾.
سڀائي: چي: سونهان ٿي ڙي سانگهڙ ۾، پر جانڻ اٿم جاني،
سنها سينئرا منهن سهڻو پاڪ پيشاني،
جُنگ اولياءَ جا مڙد، جنهن جي ڪرامت ڪاني،
آءُ پورهيت آهيان پخالڻ ڪا ديري جي ٻانهي،
پهتي مون کي پيرن مان، ڪا محبت جي ماني
آءٌ مير بحرڻ مٿڀري، تون شيخڻ ڪا شاني،
وڃ هلي واٽ وٺيو، تون ڀليل بيگاني،
هاڻي سجهي ٿيءُ رواني، نه ته پُري ڪنديسئين پڌري.
خيري: چي: پُري ڪندينءَ ڙي پڌري، پر هيستائين ته اچ،
ڪريون روبرو جون ڳالهڙيون، تون پري نه پئي پچ،
مون کي جانڻ يار جا، ڳريون پون ڳچ،
ساريان تنهن سردار کي، جنهن جي محبت ٻاريا مچ،
تون ڪاري ديجهان ڪُني جوڙي ماڃر جي آهين مڇ!
ڪتا سڏي ڪاڪ جا، هوند ڀيري ڪريئين بڇ،
پِڇاڙي، هڻئين پاڻيءَ ۾، تون نانگي بيٺي نچ،
نارو گهمين، سامارو گهمين، ڪڍڻ سوڌي ڪڇ،
تون ٻه ذاتي ٻانهي آهين، ڪوڙي تو ۾ ڪچ،
هاڻي سينڌ ڏين ٿي سچ، ته تون سونهين ٿي سانگهڙ ۾.
سڀائي: چي: سونهان ٿي ڙي سانگهڙ ۾، پر وڃي منهنجو
کلو،
پاند پئي آهيان پير جي جانڻ اٿم جهلو،
ڍڳا، مينهون، اُٺ آهن، گورب منهنجو گلو،
ڍڳا، پسند گهوڙو، سو ڀٽارو ڀلو،
ٻيلهه چڙهان ٿي پير سان، سو هزارو هلو،
نيون مڏي کڻ مٿي تي، ڳوٺن کي ڳلو،
ڇٽُڪي ٿو چوهه منجهان، سو رانديگر رلو،
پيءُ تنهنجو پنڪيون کائي، در در تي دلَو،
غرق پوڙهو کونهن ٻهاري، پورهئي تي پيا پلو،
هاڻي لاهه بکيڙو ٺلهو، نه ته پُري ڪنديسئين پڌري.
خيري: چي: پُري ڪندينءَ ڙي پڌري، تون تاب نه ڪر تتي،
پيتي اٿم پريت مان ڪا صحبت جي سُتي،
ويهي ويم وجود ۾ ڪا رمز جي رَتي،
تون بَهُڪين ٿي بلهذير پپو ري ڪُتي،
ڙي رنگ محلين رُتي، ته به سونهين ٿي سانگهڙ ۾.
سڀائي: چي: سونهان ٿي ڙي سانگهڙ ۾، ٺهڻي هوندي جيئن،
تنهن ۾ تنهنجي ڪسروئي، هڻي ڪني ڪندينءَ ڪيئن،
پڇا ڪندي پير جي، مون کي ورهيه لڳي ويا ڏينهن،
عشق مون کي اندر ۾، اچي نيزا کوڙيا نينهن،
قلاتي قندهار جو، ڪو گجي بيٺو شينهن،
جانڻ منهنجي جان ۾“ جيئن سانوڻ وسي مينهن،
هاڻي سنهو نه پيئي پِينهن، نه ته پُري ڪنديسئين
پڌري.
خيري: چي، پُري ڪندينءَ ڇا پڌري، تون ساعت جي سانگي،
ڄٽَوري ڄاڙين جي، ڪا جبل جي جهانگي،
پراڻي پليت ديجهان، گهڙي جي گهانگهي،
بي دردي بڇڙي، نچين پئي نانگي،
کنئي اٿيئي خوشيءَ مان، ڪارنهن جي دانگي،
توڙي هجين قلاتڻ ڪانگي، ته به سونهين ٿي سانگهڙ ۾.
سڀائي: چي، سونهان ٿي ڙي سانگهڙ ۾ پر جانڻ ٿئي م جدا!
ٻاجهه پنان ٿي ٻانهي سرور کان سدا،
وڇوڙا وارهين جا لواهوتين لڌا،
آرا تنهن عاشق جا ٻاروچل ٻڌا،
وهن ٿا وجود ۾ روغن ٿي رڌا،
خيري ڪري کسرايون مارين ڇو مدعا،
مهڻا ڏي م مرڪ سان سڀائيءَ سدا،
هاڻي ڦٽا ڪر قندا، نه ته پُري ڪندي سئين پڌري.
خيري: چي: پري ڪندينءَ ڙي پڌري، ڏس دنيا جو دورو،
منهنجو من محبت سان من ڪيو مورو،
انگ لکيو الستي ڪاغذ سو ڪورو،
جانڻ توکان جدا ٿئي، تو من ڪيو موڙو،
مارينديسئين مڪن سان، ڊوڙائينديسئين ڍورو،
پرچاءِ پنهنجي پرينءَ کي، ڪونه ڪندئي زورو،
چُت اگهاڙي رومال، ٽلي ڏئي ٽورو،
تون مڇي کڻ ماڃر جي، گڏهه تي ٻورو،
جي مڃين هي ٿورو، ته به سونهين ٿي سانگهڙ ۾.
سڀائي: چي: سونهان ٿي رڙي سانگهڙ ۾ ڀرم ٿيو بچاءِ،
محبت جي ميدان ۾ جت ناچو ٿي نچيا،
ٻوڙ پلاهون ٻهون هئا صحبت جا سچا،
کائي پي خوش ٿي رمز ۾ رچيا،
تون ڪسبياڻي ڪميڻي حرامڙي هچا،
ديس ڇڏيئي ديواني، ڪٿي ٻار ٻچا،
بڻ اوهان جو بڇڙو، اوهين قرب جا ڪچا،
لتاڙي لحظي ۾ ٿي ڪڍئين گونهن گچا،
هاڻي پرت پچاءِ، نه ته پُري ڪنديسئين پڌري.
خيري: پري ڪندينءَ ڙي پڌري، هت رمز کتا رهلا،
جايون جانڻ يار جون محبت جا محلا،
اُٺ ڏاچيون ڏيهه ۾ گڙن ٿا گيلا،
رڍون اچن روجهون ڇانگ ڪيو ڇيلا،
مينهون، گهوڙا گهوٽ جا ٻڪر ۽ ٻيلا،
ڪنڊا تنهنجي ڪرم ۾، ولهي تون ويلا،
ڏکيا ڏينهن گذارين، ولهي تون ويلا،
توکي ٺڪر ۽ ٺيلها، تون سونهين ٿي سانگهڙ ۾.
سڀائي: چي: سونهان ٿي ڙي سانگهڙ ۾، جت رازق مڃيو راز،
ڪنين مون کي ڪُڻڪ پئي اندر ۾ آواز،
برهه ڏني بانولي، جيئن بحري ڇٽو باز،
اڏاڻو بي اچتو جنهن پکي ڪيو پرواز،
ٻڌوسين ٻروچ جو ڪو قنڌهاري ڪواز،
خيري پنهنجا خام جاڳائي نت ڪرين پئي ناز،
ڌُڪڙ ٻڌئي دهلڙيون، ٻيو در در تي ساز،
بد ڳالهائي بڇڙي، ڏس گولاڙيءَ جو گُواز،
ڇڏ رُلي اهو رواز، نه ته پُري ڪنديسئين پڌري.
خيري: چي، پري ڪندينءَ ڙي پڌري ڌوتي تنهنجا دم،
ڪم ڪرين تون ڪوجها، ٻڌي بي فائدا بم،
تؤ تر تنهنجي تن ۾ کانجاڻا ۽ خم،
ڪيئي خاندان کوٽي ديجهان، تازا ڪيا اٿيئي تم،
وڏائي ڪڍ وجود مان، تون نهٺائي تي نم،
تون به ويڙهائي ٻيگهي ديجهان جهيڙي تي نه جهم،
منزل اڳيان موت جي نه گنجي توکي غم،
حسن جانڻ يار جو جيئن شاهي ٻرن شم،
فضل ٿيو فقير چئي، رحمي ڪندو رحم،
هاڻي جي ڄاڻي هي فهم، ته به سونهين ٿي سانگهڙ ۾.
سڀائي: چي، سونهان ٿي ڙي سانگهڙ ۾، جت ٻگهڻ لڳو ٻک،
ملان تن محبوبن کي جن جي تاري اٿم تک،
حڪم عليءَ شير سان لنگهي پونديس لڪ،
ڪاوڙ تنهنجي قلب ۾ تون ڏکي نه پئي ڏڪ،
جوڙيا هي جنسار تنهنجي دارون ڏاڍا ڌڪ،
مارينديسئين مهميز سان پوري ڄاڻج پڪ،
چراخ مُنهين، چپ تنهنجا ڊؤلا جهڙا ڍڪ،
ڦڦڙ مُنهين ڦوڪڻي، تنهنجون ناسون ٽوپيان نڪ،
تون ٽرڙي نه ديجهان ٽڪ، نه ته پُري ڪنديسئين پڌري.
خيري: چي، پُري ڪندينءَ ڇو پڌري، لڳو ٻال جتيءَ جو ٻنگ،
جنهن اڳيان جان ۾ جنهن مرويس منگ،
ڪاريگر ڪُستان جي رازي ٺاهيا رنگ،
اندر منهنجو اجاريو جنهن کي طلب ڏاڍي آ تنگهه،
وڌم ڪم ڪريم تي؛ جنهن ننگيءَ مٿي ننگ،
تون ميربحر ماڃر جي روز ڪرين نئون رنگ،
اُبتا اکر اجايا تون ڊيڍوڙي نه ڍنگ،
شڪل تنهنجي شڪارڻ جهڙي، تون ڪوچڙي آهين، ڪنگ،
توڙي چوٽيءَ چڙهين چنگ، ته به سونهين ٿي سانگهڙ ۾.
سڀائي: چي، سونهان ٿي ڙي سانگهڙ ۾، جت درس ڏٺم ديدار،
جايون جانڻ يار جون، هڪ وٿي ناهي وار،
شاهه پسند گهوڙي تي هو سوڍو ٿئي ٿو سوار،
زمينداري زور جنهن جي جاگيرون جنسار،
ٻه ناريون ٻاجهرون ڪي نَو هزار نار،
سوين تنهن وٽ سوالي آيا پري کان پينار،
مينهون گهوڙا گهوٽ ڏئي، هو سخي شاهوڪار،
تون تازي ناهين طنبيلي ڪاڊ ڊي آهين ڊار،
ڄاٺو ڙي ڪنهن جنهنگ جي، کودي آهين کار،
اهي تنهنجا پار، ته پُري ڪنديسئن پڌري.
خيري: چي: پُري ڪندينءَ ڙي پڌري تون لڙ نه ڪر لٽي،
اها ساعت سڀ ڪنهن کان گذري ويئي گهٽي،
پوڙهي ديجهان پاڏ تون ڇڏ جوڀن واري جهَٽي،
ٽڻڪ ٽونٽِي ٽپا ڏين ٿي چگهن تي چٽِي،
حق ناحق جي حرامزادي، وير وجهي ٿي وَٽي،
توبهه ڪر تائب ٿي، نه ته وجهئين ٿي ڳٽي،
اڇو مٿو عقل ڏسو، مهاڻي آ مٽي،
هاڻي توئي ٻاري کٽي، ته به سونهين ٿي سانگهڙ ۾.
سڀائي: چي: سونهان ٿي ڙي سانگهڙ ۾، جت ٻاجهه ڀريا
ٻوڙا،
مون کي جانڻ يار جا سي جهرڪن ٿا جهوڙا،
ريور هس، ڪڙولا، ٻانهيون ٻارکيون، ٻيڙا،
دهريون، ڪڙيون، ڪٺمالون ڪي، چنگ چڙهيا چوڙا،
مائٽ تنهنجا معاملائي سي ڪَدُ ٻڌن ڪوڙا،
ڪڃر ڪنهن ڪٺار جا سي هل ڪن هُوڙا،
نانگا پنهنجي نسل تي، سي ڳل پون ڳوڙها،
هاڻي مڏي کڻ موڙا، نه ته پُري ڪنديسئين پڌري.
خيري: چي: پُري ڪندينءَ ڙي، ڇا ٽيٽ مڪڙي ٽرڙي،
هُل ٻڌا اٿئي هنگاما، گوڙ لاهي گرڙي،
بيتالي بازارڻ، ڪا چٻ آهين چرڙي،
کوهن ۾ کلوڙڪي، ٻن پوين شل ٻرڙي،
ٻڏي هوند مرين تون، کوهن ۾ کدڙي،
اوتارن ۾ اوجهرين، پنهنجو گڏهه ڦٽايئي گهرڙي،
جان محمد جنگ جوان، جنهن دوست لاٿي درڙي،
فضيلت سان فقير چئي، تون وک وڌائي ورڙي،
تنهنجو لاڏ لکيسري، تون پنپوران پرڙي؛
جي ڪڃري آهين ڪرڙي، ته به سونهين ٿي سانگهڙ ۾.
سڀائي: چي: سونهان ٿي ڙي سانگهڙ ۾، تو ويتر ٻڌي ونڌ،
بوگا ڪڍي بڇڙا، مولهيا نه پئي منڌ،
قصا ڪٽيئي ڪيترا ٻيا در در تي ڌنڌ،
واٽون ڇڏ وڙهڻ جون، ڪر پرچاءِ جا پنڌ،
جايون جانڻ يار کي، ڪي حورون مليون هنڌ،
پاڻ گهوريون گهوٽ جون جنهن باريءَ لاٿا بند،
اشرافت جي آشنائي ڪچي آهي تند،
ٽوربي ڪنهن ٽل سان، جيئن راهُو وٺي رند،
سر صدقو تنهن سرور تان، ڪاٽي ڏجي ڪنڌ،
هاڻي ڏکي ڏي مَ ڏاند، اچ ته ڪريون پرچاءُ پاڻ ۾!
خيري: چي: ڪريون پرچاءُ پاڻ ۾، آءُ ڀيتر بيوسي،
اڳي هئم پٺ پير جي، مون کي ڏاڍي حال هشي،
رهلو سڀ رسي ويو، کڻي خيال خوشي،
جان محمد پنهنجي جاءِ تي هو ويٺو ونگ وسي،
جنهن ٻاون گير ٻولايو، تنهن ريبي راند کسي،
کيلي دل کڻي ويو، هو ڏيئي چاهه چسي،
تون اوڙاهن ۾ اوجهرين، نه ڏسين ڪُور ڪسي،
چلؤلي ڪرين چٿرون، ٻڌي ڦند ڦسي،
هاڻي پائي هار هسي، ته ڪريون پرچاءُ پاڻ ۾.
سڀائي: چي: ڪريون پرچاءُ پاڻ ۾، چڱي رک چالي،
وطن منهنجو ويڙهه ۾، ٽڪر ۾ ٽالي،
پڪسريا پنوهارن جا، کوهه آهن خالي،
جان محمد جوان وٽ ڪي سوين اچن سوالي،
پالوٽيون تنهن پير جون ڪي ملهه وڙهن مالهي،
ڏاڍا جوان ڏنڱرا، سي دهرا ڌمالي،
اندريان هڻن اوچتو، سي هرڻا حمالي،
فتح ڪيئون فقير چئي، مٽيا موالي،
گهورون گهوريان گهوٽ تان، مڏي سڀ مالي،
ڳاڙها ڳوڌا ڪپڙا، توکي پهرايان پالي،
هاڻي دنگو ڇڏ دالي، ته ڪريون پرچاءُ پاڻ ۾.
خيري: چي: ڪريون پرچاءُ پاڻ ۾، لٿو ڏرت ڏرو،
بيهُودو بازاري گانڊو ٿيو گرو،
پيرويءَ پرت جيءَ تي ڍونگي، ٿيو ڍرو،
ڪڃر ڪنهن نه ڪم جو ڀاڙين جو ترو،
وضو ساري وحدت جو قلب رک ڪرو،
سچائيءَ جو سندرو وزن منجهه ڳرو،
ڀچي ويو بغل ۾ عشق جو ارو،
سخيءَ جو سجايو ضايع ٿئي نه ذرو،
حسن جي حضور جو کليو چئو دَرو،
منهنجو من ”محمود“ چئي چڱي ٺاهه ٺريو.
هاڻي ڪلمون جن پڙهيو، ڇُٽا سي ڇيهن کان.
سي حرفي
[الف] الف عشق اڳون ڪر آزي
دلبر دوست ٿيا وڃ راضي،
ڏيسي گنج هميشھ غازي،
ٿيسين آپ خداوند قاضي،،
مرن ڀول گهتن چا بازي،
”محمود“ يار اهو ڏک لايا-
ڄُلدي مهل نهين موڪلايا!
[ب] بي دي بات سڻاوئي بالم،
هئي هڪ رب ڌڻي ڪون معلم (معلوم)
قلندر پير قدرتي قائم،
سيد صاف سونهار سالم،
جنهن دي ڪل امت هئي عالم،
دلبر دوست نهين دل لايا،
ڄُلدي مهل نهين موڪلايا!
[ت] تي تڪڙ ڪر مستو مٽي،
سر ڍڍر پيا سر تي سٽي،
جنگي جوان ڪنهن ناجهٽي،
رپيا روز کيڪان کٽي،
گوندر غم گيلاني ڪٽي،
سبق يار اهو سکلايا-
ڄُلدي مهل نهين موڪلايا!
[ث] ثي سونهاري ڪون مين ساران،
ڪاڻ سهڻي دي ڏونگر ڏاران،
ڪنهن نال حال هنجون وڃ هاران
جبل جهاڳ گهٽيان سڀ گهاران،
ڀڄ ڳئي بازيگر بتلايا-
ڄُلدي مهل نهين موڪلايا!
[ج] جيم جهوڪ جبل دي جائين،
ڪُزي ڪنڌ ڪڍ ڳئي ڪائين،
رتي روز قيامت تائين،
”محمود“ پير اُتان وڃ پائين،
دوکا دل تي بغض نه ڀائين،
رانجهن يار وسائيسين ويڙها-
پرور پار لنگهائيسين ٻيڙا!
[ح] حي دي چاڪ اسان ڪون چايا،
ڌمڪ گهور اندر وچ گهايا،
پرين پوش گلابي پايا،
دلي دوست وڃي ٿيا دايا،
ميڏي يار ورهيه وڃ لايا،
آئيي ناز ڀريا نت نيڙا-
پرور پار لنگهائيسين ٻيڙا!
[خ] خي دي آڻ خبر ڏي ڪانگا!
ننگتون ڇوڙ ڳيا هئي ٽانگا،
مين تان لنگهه پئي ان لانگها،
اڳون تار نه ڏٺم تانگها،
سٽيم سڀئي سر دا سانگا،
پَو ڳيا جهنگ سياليان جهيڙا-
پرور پار لنگهائيسين پيڙا!
[د] دالئون دوست کولي هئي دري،
سهڻي يار ڪيتي آن چري،
جنهنڪڻ ساعت هڪ ناسري،
مين کڙ لٽي آن کري،
تان پي يار اُنهين تي ڀري،
کؤءِ پيا کر مري شل کيئڙا-
پرور پار لنگهائيسين ٻيڙا!
[ذ] ذالئون زور نه هلي ميندي،
اِٿان ڪيا مجال هئي ڪنهن دي،
سهڻي يار ڪنون آن ويندي،
مين تان سانگ اُنهين دي سينڏي،
ٻيٺي گيهه مليدي کيندي،
جي اڄ عشق اٺان سَتيان-
اصلئون روز ازل دي رتيان!
[ر] ري روح اسانڏا رڄيا،
ڀورل يار آندي آن ڀڄيا،
علي عيب اسانڏي ڪڄيا،
ماهي يار ڳئي مرلي وڄيا،
جنهن نال ساهه اڙيا هئي سڄيا،
ڏيون مل ”محمود“ ڪون متيان-
اصلئون روز ازل دي رتيان!
[ز] زي ظاهر ڪيتم زاري،
لڳا عشق رانجهن دا باري!
ڦاٽي دو نالي دوباري،
کيئڙي خر ٻڌي آن خواري،
پوان پلئه عشق دي ڌاري،
جي اڄ عشق اٺاون سَتيان-
اصلئون روز ازل دي رتيان!
[س] سين سهڻي ٻڌا هئي سهرا،
ڏٺم دلبر دا وڃ ديرا،
جان جيءَ اندر وچ جيرا،
لڳا گز اندر وچ گهيرا،
تنهن دا چايان ڪٿون پيرا،
اڀريا چنڊ سروسر ڪتيان-
اصلئون روز ازل دي رتيان!
[ش] شين ڪونهي جنهن دا شاني،
مين هان تهدل تنهن دي ٻانهي،
دلبر دوست ڪيتس ديواني،
ميڏا جلويدار هئي جاني،
ملي موڪ ’محمود‘ ڪون ماني،
عشقان بند ڪرن جي راهه-
لڳي سر تنهان دي باهه!
[ص] صاد صاحب تخت هزارا،
ميڏا آيا يار پيارا،
رانجهن ماريا نينهن دا نارا،
عاشق اٺاون مشڪل بارا،
اجهو وريا، ميڏا وارا،
موج علي شاهه ميڏا پير،
صاف لنگهائيسين سيد سير!
[ض] ضاد ٻڌا هئي دلبر ڌرڻا،
پائي آوندا هئي چندن چرڻا،
بت هِس بخمل هر دم هلڻا،
نال جنهيندي جيڻا مرڻا،
سانڏا آيا پارس ڀرڻا،
عشقان بند ڪرن جي راهه،
لڳي سر تنهان دي باهه!
[ط] طئي طلب نهين ڪا طعام،
لڳي طعام ڪنون هئي خام،
پيتا حوض ڪوثر هم جام،
واهي محشر دا امام،
مرشد موج علي شاهه زمان،
عشقان بند ڪرن جي راهه،
لڳي سر تنهان دي باهه!
[ظ] ظئي زور آندا هئي زبر،
تکي چائي کڙا هئي تبر،
اڳون سينا ڪر تون سپر،
نه ڪجهه مؤت پڇيندا خبر،
ڪالي قيام سُجهي پئي قبر،
جٿان رانجهن ميڏا يار-
ويسان لنگهه درياهون پار!
[ع] عين اکر دي اوکي چاڙهي،
سمجهه مارين تون صاف تاڙي،
سٽ ماريندا پٽ تي ڄاڙي،
ول ڪٽيندي ڪشت ڪياڙي،
يا صاحب هئي ڪفن ٻاڙي،
کوءِ پيا کيئڙا خر خوار-
ويسان لنگهه دريا هون پار!
[غ] غين گذر دي سا گهڙي،
نال رانجهن دي جيءَ دي جڙي،
ڳوليان يار مستيان مڙهي،
ڇرڪيل ڇتي ماري ڇَڙهي،
انڌي وڃ انگياسين اڙي،
اِنهين روڳي ڪيتس ڌار-
ويسان لنگهه دريا هون پار!
[ف] في فراق ڪيتي آن فاني،
رانجهن ميڏي جيءَ دا جاني،
تخت هزاري دا اخواني،
ڇرڪيل ڇتي ڪون ڪش ڪاني،
سڏ حجام آڻاوان ڀاني،
مٺا ڪوڙ مٺي ڪون مار-
ويسان لنگهه درياهون پار!
[ق] ڪاف قيامت اوکر اکر،
جبل جوشي گنجا ٽڪر،
ڇرڪيل ڇتي قابو سڪر،
چيلهه ڀڳي ڪريندي چڪر،
ول ول موڳي ماريندي مڪر،
انهين درگي ڪيتس ڌار
ويسان لنگهه درياهون پار،
(ڪ) قيامت آيم نيڙي،
ڦرڪي لوڪ ڪيتي آن ليڙي،
مرسل ملهه کڙا هئي ميڙهي،
ٿيوان ڀرم هميشھ ڀيڙي،
موج علي شاهه ميڏا پير-
صاف لنگهائين سيد سير!
[ل] لام لکيا هڻ هرڪو لوڙي،
رانجهن ميڏا چندن چوڙي،
هير ڪنون منهن مول نه موڙي،
لڳي بخت اسانڏي ڏوڙي،
موج علي شاهه ميڏا پير-
صاف لنگهائين سيد سير!
[م] ميم رکيو سي اندر من،
عشق ڇليندا تارا تن،
رانجهن ميڏا سهڻا سن،
مول نه ويسان کيئڙي ڪن،
وڃ پوي شل پاڙيا ڀن،
موج علي شاهه ميڏا پير-
صاف لنگهائين سيد سير!
[ن] نُون نقطا ڪر نيزار،
چوڏس چنڊ چارئي يار،
پنجتن پاڪ اُڪارن پار،
آيئي نيلي دي هسوار،
عشق اٺاون مشڪل بار،
موج علي شاهه ميرا پير-
صاف لنگهائين سيد سير!
[و] واو وڇاڻا قبر ڪڙڪي،
گرز والا کڙ ڏيو دڙڪي،
بدن باهه چڀي پئي ڄڙڪي،
قبر ڀيڙ ڪريندي ٽڙڪي،
موج علي شاهه ميرا پير
صاف لنگهائين سيد سير!
[هه] هي هنر مند خان کٽياڻ،
ٻائڙ ٻارين ٻانڌا ٻاڻ،
سونڊ سوڻا ڦونڊ پٺاڻ،
خاڪ مٽي تون بٺل ڀاڻ،
آڻي نه قادر ڪنهن دي ڪاڻ،
موج علي شاهه ميرا پير
صاف لنگهائين سيد سير!
[ء] الف الستي چاون آرا،
سڻ تون خبر خان پيارا،
نسنگ ماريهي ڪيها نارا،
پي مٿي ڍريا ڍارا،
اجهو وريا تيڏا وارا،
موجب علي شاهه ميرا پير-
صاف لنگهائين سيد سير!
[لا] لاحظي وچ مين هان لُٽي،
کيئڙي ڪون چايا هئي کُٽي،
رانجهن ڳيا هس منهن وچ مُٽي،
عشق آرانڀي ڪنون ڇٽي،
ڇوهه ڪنون اڄ مين هان ڇٽي،
موج علي شاهه ميرا پير-
صاف لنگهائين سيد سير!
[ي] پي پڙهو سي سبق سوري،
شعر ٺاهيندي کٽياڻ ڀوري،
اڻ پڙهيا پيا کپت کوري،
گهت نچان مين نازڪ نوري،
موج علي شاهه دي هنڌ حضوري،
مرڻ ويل مرشد ڪون سڏيسي-
ڪلمان پڙهه ”محمود“ لڏيسي |