سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام محمود فقير

صفحو :7

مزاحيه ڪلام

 


 

ڪافيون

 

منڊي(1)جهڙو مور اچي ٽور ٽلندو.
کائي ڏار ٿيو هوشيار، اچي کُرڏو کلندو..

 

ڪرڙ  ڪنڊا ڏٿ ڏيلها، منڊو کائي بيٺو کوڙ،
جنهن کي  ڦاٿو لِنڊ لهري ڊگهو ڀن جهڙو نوڙ،

 

جتي پڪا ٻل ٻاٽي منڊو پسيءَ اُتي پلندو.

 

ڏسو منڊي جو ٽور اچي زره ويٺو زور،
جنهن ڄنهه ڪُڙهي جهڙي نرا کنيو اچي نور،

 

جنهن کي بازيءَ جا بهانا، اچي ڇپر ڇلندو.

 

لهندو ڏک ڏنجهو ڪندو شهنشاهه پنجو،
نيٺ مروٽي منڊي کي گوءِ کڻي ويو گنجو،

 

ٿيو سڀني ۾ سرس اچي ڪاڻو ڪڏندو.
منڊو تکو آهي تيز جهٽ هڻي ٿو جريب،
اهو ڌوتو دولابي کوٽو ڪري ٿو خريب،

 

مڪي ۾ ”محمود“ ٻيلي هاڻي هلندو.
*

هاڙهي جي هلڻ جي وئي بات بڻي بڻي،
دل ته منهنجي ڌاڙي ۾ ويو هوت هڻي هڻي.

 

جوئن جي آزار جي، خبر نه ڪا چار جي،
کهه- خدا جي پار جي، ڏنائون کڻي کڻي.
گانجي جا آهيون گاروڙي، کايون مانين کارو ڙي،
سمهون ڏينهن ساروڙي، وئي ننڊ وڻي وني.

 

”محمود“ چئي مرون ٿا، ڏسيو سهڻا سڙون ٿا،
پري بيٺا ڪڙهون ٿا، گڏيا وڃن ڌڻي ڌڻي.

 

*

ور ميمڻ(1) مئيءَ جا پيڻ پياڪ جاني،
تون اوُڻين ٿو تاڃي، مون کي وڻي نٿي ماني.

 

گَجُ(2) چُني(3) چونڊ سان پاتو اٿم پڙو،
تون استاد آهين، تنهنجو ڏسان ويٺي، نڙو،

 

تنهنجي آڏاڻي تي آءٌ اچي ٿيان قرباني.

 

تون ڳورو آهين پورو سهڻو جنگ جوان،
تنهنجي صحبت لئي سڪان آهيان بيحد بريان،

 

سنهان سينهرا منهن تي تون سهڻو سبحاني.
کٽا کير اڪثير، ملي مفت ماٽي،
چوي پريل
(1) پهلوان آهيان صاف ساٿي،

 

مِهر ڏنگي بي ڍنگي تنهن کي ڪش ڪاني.

 

*

ماسڙ (2) ڏي موڪل ڙي لڳي لئون لهر ڙي،
ناهيان خوش کٽياڻن ۾ کاڌو پيتو زهر ڙي.

 

بِهاري ڀائيواري(3) (3) ۾ ٻَڌئون چَٽَ چهر ڙي،
وڍيان جهنگ ٻنيءَ جو ڪنڊن جا قهر ڙي.
چيچڙن جون چهڪارون بازارون بحر ڙي،
ڇڏي مون کي اتي هڪ پدم جهڙي پهر ڙي.
حڪيماڻي
(4) حاڪم شاهوڪار شهر ڙي،
مٺو شاهه
(5 ”محمود“ تي مهر ڪندو مهر ڙي.

 


 

بيت

 

فوج حسن دي ارواح ڏٺو سي ڪر ڪر آون ڇو لنگڙيان.
آون جاون سُرمان پاون، لاٽ ڪرن ڪجهه ٻولڙيان.
ستيان ڏيونِ متيان مينون، سرت ڀريان ڪي سهيلڙيان،
کيئڙي نال خصومت ميڏي، رمز رانجهن دي رولڙيان.
ليار کڙا جت يار والا، تِت ڌُم نغاري دهلڙيان،
”محمود“ ڪون آ محب مليا، مين ٻانهين ٻڌڙي گولڙيان.

 

*

 

جيڪو راهه عاشق دي ڊاهه گهتي،
تنهنڪون موج علي شاهه
(1) ٽنگي.
تِيڪ ماريندا، ريڪ رليا،
ڪجهه مرض موڙي ڪنون کنگهي.

 

کس دا آوندا گس دا گانڊو،

 

سوئر وانگون ڪڍ سنگهي(2) (2)

 

جهت آوڻ دي گهٽ پراوڻ،

 

پٽ سٽان سڀ منگهي(3).

 

 

*

(1) ليار هيٺيون هڪ وار نه وڃان،

 

مار گهتن چا لنگهي (2).

 

مول نه ڇوڙان محمد (3) ڪون،

 

(4) ورت وڪڙ چا ونگي.

 

ميدان جهلي ”محمود“ کڙا،

 

ته به در دهلاري (5) دي.

 

 

ڪافيون

پير حاجي علي (6) مڙد، لاهه دک درد،
الله لڳ عرض اهو اٿئي فرض.

 

ٿي ويو الست (7) کون آواز، شان تنهنجو آ شهباز،
روضي ڌڻيءَ (8) جا توتي راز، لاهه بيماريءَ جو هي بڙد (9)

 

(1) ليار: وڻ جو نالو، جو مڱڻهارن جي گهر ۾ بيٺل هو.

(2) لنگهي: لنگها: مڱڻهار.

(3) محمد: فقير جو محبوب.

(4) ورت: رسو يا نوڙي.

(5) دهلاري: مڱڻهار.

(6) حاجي علي مڙد: پير حاجي مردان شاهه (راشدي) جنهن جو اولاد اڃا تائين ڳوٺ موسو خان کٽياڻ کان ٻه ميل پري، اتر طرف تعلقي هالا ۾، ڳوٺ واحد ڏني انڙ ۾ رهندڙ آهي، ۽ سندس پٽ حاجن شاهه عرف غلام رسول شاهه صاحب وڏو حڪيم آهي، جن جو خانداني تعلقات پير سائين پاڳاره جن سان آهي.

(7) الست: ”الست بربکم“ روحن کي ميثاقي حڪم.

(8) روضي ڌڻي: قبي ڌڻي، پير سائين پاڳاره ڏانهن اشارو.

(9) بڙد: واءُ جي بيماريءَ جو هڪ قسم. (بار) جا بيماري محمود فقير کي ٿي هئي.

 

حاجي علي مڙد جي مڙسي، توڙ تائين تن دُرسي،
قائم تنهنجي ٿي آهي ڪُرسي، قلندر (1) ڪاٽيندئي قرض.
سڃاڻج نينهن جو ناتو، ڪجان پنهنجي وس جو ڄاتو،
آهين سردار جو سجاتو(2)، دولهه پير لاهي هي درد.
دست (3) مبارڪ تنهنجي هٿ، ڏني اٿئي شاهه گهڻي شفقت،
رب جي وسئي شل رحمت، ميٽ ”محمود“ جو هي مرض.

 

فقير صاحب جو مزاحيه ڪلام به هڪ عجيب قسم جو آهي، ٻيو ته ٺهيو پر مينگهواڙڪي ٻوليءَ مان به فقير نه گٿو.

ڳوٺ موسو کٽياڻ ۾ گگوءَ نالي هڪ مينگهواڙ رهندو هو. فقير ڇا ڪيو جو هڪ ڪلام مينگهواڙڪيءَ ٻوليءَ ۾ ٺاهي اُن ۾ گنگوءَ مينگهواڙ جو نالو وجهي چوندو وتندو هو، ۽ هر ڪچهريءَ ۾ ائين ظاهر ڪندو رهيو ته هيءَ ڪافي گنگو مينگهواڙ ٺاهي آهي. ٻيا مينگهواڙ گنگوءَ جي ڪافي ٻڌي خوش ٿيندا هئا ۽ گنگوءَ سان ملڻ تي کيس زور ڀريندا هئا ته ”اسان کي پنهنجي ٺاهيل ڪافي ته ٻڌاءِ.“ مگر دراصل هن ويچاري جي مذڪوره ڪافي ٺاهيل ئي ڪانه هئي، جنهنڪري ڏاڍو لڄي ٿيندو هو.

اهو ساڳيو گنگو هو، جنهن تي فقير جتي نه ٺاهي ڏيڻ تان هڪ وڏو نظم ٺاهيو هو، جو ڪتاب ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ ڏنو ويو آهي. هاڻي اسين هيٺ اها ڪافي ڏيون ٿا، جا فقير مينگهواڙڪيءَ ٻوليءَ ۾ ٺاهي هئي، ۽ ان ۾ گنگوءَ جو نالو وجهي ڇڏيو هو.

 

(1) قلندر: اوليائن جو مخصوص اشارو: قلندر شهباز سيوهاڻيءَ ڏانهن.

(2) سجاتو: سڳو، پيارو چونڊيل، ڌوتل.

(3) دست مبارڪ: هٿ سڳورو، شفقت وارو هٿ برڪت ڀريو هٿ.

 

*

 

بات ڪهي ڳيو، سو رات رهي ڳيو،
عشق اسان نا ڏيسي ايمان.
مرشد مانجو اسان نا اڪارسِي،
پَت پٿورو پرميسر پارسي.

 

غوث گادي رو ڌڻي گهوٽ، ٻيجها تنبو طولان،
 

عشق اسان رو چوٽي تي چاڙهه سي،
مست هاٿي که ڦيري لحظي ۾ لاڙسي،
 

لڳي لئون منان ڇاتي ڇن ڇان،
 

بخت اسان روڊ لاشڪ آسي،
گڏ گنائتان کنڊان کچ کاسي،

 

ساڌ سمن ڪي کڏ گرڙا گهمسان.
 

گهنڊ گنگو شاعر کٽيا نراري گانءَ رو،
عاشق اڳي ها لڳو نينهن نعرو،
 

من مانجو سو ڦيري جا سي ملتان.

 

*

پن پنج ڪڻي ڪر گدائي نه رک شان شريڪي داءَ،

 

واهه واهه جو دلخ فقيري داءَ.
 

ويـــس ڪـــــر درويش والي ماڻــــهو آکــــن فقيري داءَ،

اندر اڳڙيان اِهو ڪم درزي داءَ.
ڪستاءَ ٻڌ ڪنديلون ڏندا کڻ نفيلون،
اوهو مست عليلون بيک کڙاپن داءَ.

 

محمود هي سوالي اوهو مست موالي،
نفيل سڻو نرالي اوهو رسم قلندري داءَ.

 

*

ٿل-سهڻا آوين آءَ مکڙا وکاوين تون،
ميڏي زخم سيني دي مِٽاوين تون.

 

ڪونهي يار قرار دل ڪون،
سگهاءَ موٽ آءَ منٺار مل تون،
دل سڪندين صنم نه سڪاوين تون.
ڇوڙ ساٿ ڳئي ساٿي ساري،
مين ساجن هاءِ تيڏي سهاري،
ميڏي قسمت آءَ بگڙي بناوين تون.
تيڏي آوڻ دي هي انتظاري،
ڍليا آوين اڱڻ هڪواري،
پڪا پيچ پريت داءَ پاوين تون.
ڪوين جلدي جدائي ڪر يار ڳيون،
موهه محمود ڪونه سهڻا مارڳيون،

 

ترت تنهن ڪون ڳلي نال لاوين تون.

 

*

 

ٿل- عاشق مست عليل معشوق ملنداءَ
انهيءَ باغ دال گل سندا تروز کُل داءَ

 

پنڌ دي پهاڙي سسئي سٽيندين،
گولي پنهل دي منهن نه مٽيندين
بڻڇي برهه دي ڦر پئي ڦٽيندين،
ڪر هوت بند موڪ جوڙي لوڪ هلنداءَ
ڍولڻ يار تو ڌار مين بيمار ٿيئهان،
ميڏي آس تون بي ڪياس تو اختيار ٿيئهان،
نون دور ملڻا ضرور مين چور ٿيئهان،
تيڏي تصور وچ سدائي ميڏا ماس گلندا.
دلدار لهه سنڀار ٿيا هجر وچ هال هيڻا،
تيڏي نال جاني جال ٿيس بي حال ٻيڻا،
ديندار ڏٺئي دلبر لنگهه ڳئي سال سهڻا،
تيڏي عشق وچ هي وڪاڻل ”محمود“ ملهداءَ

 

*

 

ٿل- آري ڄام آڙ ٿي مين ڇمان گد ڇارٽي،
منڊل مبارڪان کنان شڪرانا جانا.

 

عشق تو اِمام هي،
مين گُشت تو غلام هي،
سڪندر سلام هي،
دست ڦر ديوانا جانا.
نوکا سرانا هي،
عشق عشق باز هي،
فولا خانا فاز هي،
زڙ ٿيا بيرانا جانا.
ليڙا دز دوشي،
محبوب هي مروشي،
بي هوش غنوخي،
فر ٿيا ديوانا جانا.
دست بند دوالي،
محمود هي سوالي،
آٿ ڪي يا علي،

 

حرف حڪانا جانا.
آري ڄا آڙ ٿي.

 

*

ٿل- کلي رين خوني نين سٽ ڏي سنڀر دي،
منڊ لڳي من بوت جادوءَ جهور ديءَ.
عاشق اڳ اور سچ داءَ زمانا،
مجنا مست ملنگ ڌنڱ ٿيا ديوانا،
گنگ ٻڌي لاهوتي سو رُل روانا،
گز مارس ڇڪ ڇوٽ لئلى لهر ديءَ.
مجنا جو ميدان چوٽي چڙهيا هيءَ،
لئلي ڪيتي مست کُپ ئي کڙاءَ هي،
ولهيان ڳيس ونگ وڪوڙ بنڊ ڪوبڙاهي،
ڀَر ديڳيان وهه وٽيان پنڊاءَ زهر دي.
شمس قمر شير قطب قراري،
نکٽ ڪرن ناز نرمل نظاري،
بجلي تجلي تاب برهه دي بازاري،
رانديگر ڪرن راند بازيگر بندر دي.
جذبي جاڳن جوش هن غازي گڙدي،

ڪر منڊل ”محمود“ بشيهر بگهڙ دي،
رمزان لاون روز پالوٽي پڪڙي دي،
پل پل پون پور اُڌمي اندر دي.

 

 

*

 

حلق ڇمان مئين شال گدان گدان نِشي لوغان لعل پنهون
بخل براهمڻ ٻانڀڻ ٻيٽي فاز کڙولي رين روان
مشڪل منزل دور دفع ڪنون پشت پنهل ڪون پيش پوان
گانک گڏان مين پنهل پريشي بند شت رهاڻيان کند خوب ڪنون
لک پت ليڙا اويڙا اَحمق جهومڪ جلدي ڪيچ بران
هُشر هڪل سخيريز مهارن جزڪي بلوچان پنڌ پران
گڙگ دُشندي سريوان سَجهي زوڙٿا موڙٿا چوٽ چنون
اَڪسير عاشق ويرمن وارث ڌير نظير نيش نِدگين
گُذ پيا غازي مَڙد مَزاري وشڪي سرداري مين ڇمان گدگين
مروشي ملان ڪي ريت روان اَڙٻنگ آ ٿڪ ڪيچ- ڪنون
رِل مِل رِستي دلبر دَستي مَست پلايا مَين هَستي
عشق شراف ڪندا فُرق ڪئوثر محشر مربي گوهر گستي
عشق اَنگوبيا کني احساني مدد ”محمود“ پناهه پنون.


 

 (1) ڳوٺ موسى کٽياڻ ۾ ٺارو خاصخيلي نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جو ٽنگ کان منڊو هوندو هو. کل مک ۽ چرچائي به هوندو هو. هڪ دفعي، محمود فقير تي به چرچو ڪيائين ۽ فقير کي چيائين ته ”اهڙو شاعر پٽ آهين ته مون تان ته ڪا اِتي جو اِتي ڪافي ٺاهي ڏيکار!“ جنهن تي محمود فقير مٿانئس اها ڪافي ٺاهي.

 

(1) حسين ميمڻ کٽياڻن جو ويٺل.

(2)  جهوني رواج موجب ٺهيل زنانو چولو يا صدري.

 (3) چُني: گندي يا رئو، يا پوتي، جا زالون مٿي تي ڍڪينديون آهن.

(1) پريل نالي هڪ ساٽي هوندو هو، فقير مزاحيه طور مٿين ڪافي ٺاهي، پريل جو نالو وجهي ڇڏيو ته ڀل ته حسين ميمڻ ۽ پريل ساٽي پاڻ ۾ ڪو ڀوڳ ڪن. مٿيون ڪلام جڏهن حسين ميمڻ ۽ ٻين ماڻهن ٻڌو، تڏهن ڏاڍو کليا، پر پوءِ پريل ساٽيءَ، فقير کي پيرين پئي معافي گهري ۽ خدا جا واسطا وڌائين ته هن کان پوءِ اها ڪافي ڪٿي به نه چئجو. ائين به چيو وڃي ٿو ته اها مِهر محمد مڱڻهار جي ماءُ هئي جا کيس بيٺو به نه سهندي هئي، جنهنڪري فقير پوئين سٽ ۾ سندس نالو آندو آهي.

 

(2) ماسڙ: ماسيءَ جو مڙس.

 

(3) ڀائيواري: هارپو، حصي پتيءَ تي ٻني پوکيندڙ.

 

(4)  حڪيماڻي: ڳوٺ جو نالو آهي.

 

(5) مٺو شاهه: حڪيماڻي ساداتن مان هڪ سادات.

نوٽ: ڪافي محمود فقير، حڪيماڻي سادات مٺو شاهه جي هڪ ڳوٺاڻي ماڻهوءَ تي چئي هئي، جو فقير جي ڳوٺ ۾ اچي هارپ تي بيٺو هو. هڪ ٻه ڏينهن ٻنيءَ جو جهنگ وڍيائين ته ڪڪ ٿي پيو ۽ پوءِ زميندار کي جنهن کي اڪثر ماسڙ ڪري چوندو هو، تنهن کي چيائين ته ”مون کي موڪل ڏيو ته ڳوٺ وڃان“ اها ڪافي تنهن تي ٺاهي هئائين.محمود فقير اها ڪافي ٺاهي سلطان علي شاهه ڏانهن ڏياري موڪلي، جو فقير جو همعصر شاعر هو، تنهن کانسواءِ سندس لاڳاپو مٺو شاهه سان پڻ هو.

چون ٿا ته مسخري جڏهن اهو شعر ٻڌو تڏهين ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ هڪدم اچي فقير کي پيرين پيو ۽ معافي گهريائين.

 (1) موج علي شاهه: محمود فقير ۽ سندس محبوب جو مرشد.

 

(2)  سنگهي: سوئر جا تکا ڏند، جن سان وڙهندو آهي.

(3)   منگهي: ٻهراڙيءَ ۾ ماڻهو ٻاهرين کَڙهه تي ٻه اڀيون ڪاٺيون کوڙي رات جو ان ۾ ڍنگهر هڻي بند ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن کي منگها چئبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org