سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام محمود فقير

صفحو :5

چاندي چهڪن ٿا ٻگهڻ ٻهڪن ٿا،
ديرا دوست پنهوءَ جا دورئون ذونڪن ٿا.

 

پنهل پئي پسان ٿي، اجها ڄڻ رسان ٿي،
جبل ۾ جتن جا آءٌ ڏاگها ڏسان ٿي،

 

پکا ڄام پنهوءَ جا پري کان پکن ٿا.

 

 

صاحب رب ستار، ڀرم رک ڀتارا،
جاري ٿيا جتن جا آريءَ جا اوتارا،

 

کليو ڪن کيڪارون ٽليو ٽهڪن ٿا.

 

 

متان دل ڌوڏي اٿئي لهرن ۾ لوڏي اٿئي،
منزل ’محمود‘ چئي ڇمان گندان اوڏي اٿئي،

 

حلقا هوت پنهونءَ جا ڀينگا پونڪن ٿا.

 

*

اڄ پيغام پرين جا ٿا وزر رسن،
عاشق بوند محمود
(1) محبت مينهن وسن.

 

عربئون عاشق اڄ ٿو ياد اچي،
جند جان ساري اندر روح رچي،
ڏاڍي باهه برهه جي ٿو مچ مچي،

 

 

سي جنگي جوان ويڙها غازي ڪين گسن.

 

 

اجهو اڄ ڪِي سڀان هِتي يار ايندو،
مون سان حال محرم هڪوار ٿيندو،
ٿي درد دفع ڏک سور ويندو،

 

پلٿي باز پڪڙ ڌو ڌوڪار رسن.

 

 

منٺار ”محمود“ لاٿي دوست دري،
چاڙهيس عشق انگاسين ٿي پيس چوٽ چري،
شبروز اٿم اها ڳالهه ڳري،

 

ڪريو هار سينگار دلڙيون خوب کسن.

 

*

جهلي ته مسافر قيد ۾ ڪنواري،
ڪوٽن ۾ ڀانيان قيام ٿي ڪاري.

 

پَهُون پنوهارن جون ڇُڙن ٿا ڇيلا،
ٻيڙيون پڪيون تن لئي ٻٻر ڪي ٻيلا،
سرتيون ساهيڙيون مڙيو ڪن ميلا،

 

 

آءٌ ته سڪان تن لئي سدا مند ساري.

 

اکيون اباڻن لئي اداسي آهن،
ڪڪرن جيئن رويو مينهن وسائن،
لويون لڱن تي پنوهاريون ٿيون پاڻن،

 

 

ويس وڳا تن جا حسن هزاري.

 

”محمود“ مارئي سدا آهه سوالي،
مرشد محي الدين وارث والي،
واڳ وطــن تــي سگـهو وار والي،

 

ناحق سٺيون مون سر تي بديون آهن باري.

*

پنهون پيچ پائي ويو، گهونگهٽ ۾ گهائي ويو،
ڏاڍي لئون لائي ويو، ٻاروچل ٻاڻ.

 

ڇپر جبل جي چاڙهي چوٽ جي،
ڀوري ته برهمڻ گهايل گهوٽ جي،

 

اهڙا عشق وارن جا اديون آهن اُهڃاڻ.

 

ترت ڇٽا طنبيلا شهزادا شڪار تي،
هَڪي حاضر ٿيان وڃي ڌوُ ڌوُ ڌڌڪار تي،

 

محبوبن سان منهنجا ٻڌا ڪي ٻانڌاڻ،
چريا ويام چڪوري بازي باز باڪيلا،
چشمن چمڪار ڪيا شمس رنگ شڪيلا،

 

مسافر ماري ويو بلوچو بيگاڻ.

 

 

گهڙي هڪ گهاري ويو عشق اجاري،
نڌر نماڻيءَ کي ويٺو ڪيئن وساري،

 

وڃڻ واجب مون تي هلڻ ٿيو هاڻ.
مولى علي ڪجانءِ مهر دانهين آيس تنهنجي در،
سمن سوڀارو تون نالي نر نيشانبر،

 

محشر ۾ ”محمود“ چئي سيد توئي ساڻ.

 

 

*

جتي سدا رنگ سونهان اُتي دونهان دوستار جا.
آيا سلام مون کي سهـڻي سـانول يـار جا.

 

سرڪي جا مرڪي پُر پيالا پين،
عـاشـق ويچارا مـرن نه جــين،

 

سي ويهي ڪيئن وساريان منڊل ميهار جا

 

کڙڪيون کڙيون ٿيون ٻيلي ۾ ٻُرن ٿيون،
منجهيون ميهار جون چالون چرن ٿيون،

 

کنوڻيون کڙيون ٿيون بدل ملار جا.

 

ڀنڀا وار ڪُنڍا ڀرون ڪارا،
مرگهه مثالي چوڏس چنڊ تارا،

 

تڻڪ تيز طبيلي طبل ترار جا.

 

 

آئي جا اصلئون عشق جي اري ۾،
لوهار لپيٽيو ڪڙو ڪڙي ۾،

 

من ۾ ”محمود چوي لڳل لوهار جا.

 

*

آيو سونهن جو سلطان ٽنڊي محمد خان!
حسن جنهن جي ڪيڙا هزارين حيران.

 

 

پنهل آيو اٿم لايو سجايو ٿيئم،

 

پالوٽي پيدا ٿيو سهڻو جُنگ جوان.

موج چڙهي ويئي جيءَ ۾ جڙي ويئي،

 

قدم قدم تان ان ٿيان ڇو نه قربان.
ٽنڊي ۾ ٽڪاڻا، وحدت ۾ وڪاڻا،
نظر محمد شاهه
(1) نر جا هلي ڏسو نيشان
نظر محمد شاهه نعرو هنيو، نينهن وارو،،
متو ميڙو ”محمود“ متو واهه ميدان.

 

*

حسن علي سان هرگز واهر وسيلو ٿيندو.

پرور پنج پٽ ڏيندو!

 

رنگ سرخو زور ڀلو بور گهوڙو ڏينم کڻي،
پيرين پنڌ رُلي رند آيس هام هڻي،
اٿم اميد گهڻي خوش کٽياڻ ٿي ويندو!

 

تون ته سخي آهين شير، وڃي خالي هتان ڪير؟
تنهنجي سدا فتح هوندي، هوندو جيڏانهن تنهنجو پير،

 

ايڏي ڪر نه تون دير، هينئر تاڻيان ڪونه ٿو تندو.

پير مها ولي مهه جنگ قدرت ڀريو تون قادر،
مڪر ڪري ”محمود“ اڄ دوست ٻڌئي ٿو داڌر،

 

ڏئي اڙين کي آڌار، اڻ تارو ڪيئن ترندو.

*

 

ائين نه ڀانيم ڙي مواريان ڪي ورهين ويندا.
ڪي ورهين ويندا، جاني محب مسافر ٿيندا.

 

کوءِ پيا انب انجير عمر جا، ڳاڱيون پڪيون ڏونرا ماکي،
سِرَ تي سونهي ڪلهي ڪجرو لوئي اباڻي لاکي،

 

ڏاج اهو ڙي مواريان- مارو مون کي ڏيندا.

 

ڪرڙ ڪنڊا کاريون کٻڙيون، ويڙهه قبوليم جهنگ جا،
چست چنگاليون سيرا سلوڻا، کوءِ پيا عمر جا ماڙيون بنگلا،

 

آب ڀريا ڙي مواريان- مارو مون وٽ ايندا.

 

مارو منهنجا سکيا سانگي ٿر ۾ وسائن ٿاڻا،
ڇيڪاريو ڇيلا ترسن تڙ تي بر ۾ اڏين ٿا ڀاڻا،

 

کير کٽا ڙي مواريان- مارو منهنجا کيندا.

 

سڪي مارن لئي ”محمود“ مارئي ڪوٽ ڀانئي ڄڻ ڪاتيون،
ساريو پنهنجي سانگهيئڙن کي رويو وهائي راتيون،

 

هرگز مون مون کي مواريان- مارو نيٺ نيندا.

 

*
ٿل- اسين ٻانها سڄڻ تنهنجا سيد سردار تون آهين

(1) صفت تنهنجي جو سنڌو ناهي،

ٿڪا ڪاتب قلم وهائي،
عقل عاجز ٿيو آهي،

 

اڙين آڌار تون آهين

(2) شفاعت جو امر توکي،
سوا تنهنجي نه ٻئي ڪنهن کي،
نبي مرسل ٿيا جيڪي،
انهن اڳوار تون آهين.
 

(3) آهين الله جو پيارو،
ڪري ٿو شڪر جهان سارو،
اسان محب موچارو،
مليو منٺار تون آهين.
(4) مل ’محمود‘ کي جاني،
 

ٿي هر حال ۾ ثاني،
 

دشمن سڀ فنا فاني،
مڙن مهندار تون آهين.
 

*

ٿل-اسان تي هن زماني ۾،
ڪيا محبوب لک ٿورا،
 

اُهي لاهڻ جوڳا نه آهن،
جيسين پساهه ٿين پورا.
(1) عجب آهي اکين سندو،
ڪاريگر ڪيئن آهن ٺاهيون،
انهن کي خود کولي پَسي،
مخفي مام ڀڃ ڀورا.

 

(2) عمر ساري وڃائيسون،
سدائين ويسلائيءَ ۾،
 

گناهن ۾ آهيون پُوريَل،
تو رِي سڄڻ شل نه تُورا
(3) اٿيئي ’محمود‘  بي بنياد بانور،
پٽي ڇڏ وجود مان پاور،
حقيقي راهه تي تون ور،
آهن جنهن جا عشاق گهورا.

 

*

ٿل- مولى مينهن وساءِ محبت جا،
دُکيا درد آهن دلبر جا.
(1) ڪري ستم سهڻا ويا ستائي،
 

وٺي جاني ويا جِيءَ کي جلائي
هليا هستيون هيڻيءَ تي هلائي،

هڙا قصا چوان ڪلفت جا.

2) مون سان محب ڪري ويو ماڻا،
ساڙي سورن ڪيا سَنڌ ساڻا،

ڪونهي ڏوهه ٻئي ڪنهن جو راڻا،
اهي ڪم وڏا قسمت جا.
(3) دل دردن جي آهي ماري،

 

تنهن کي ڪير ڏئي دلداري،
بنا يار جي نه آهي بهاري،
آلا وڻ سُڪا الفت جا.
(4) ٿيندو هوت شفادار شاهي،
مون کي ’محمود‘ اُميد الاهي،
سندس عشق ۾ آهيان توائي،

ساريان ڳُڻ پيو صحبت جا.
*

ٿل- هليو سانول سائين من مچڙو مچائي،
ڏئي پيار دلدار ويو مست بنائي.

(1) غمِ عشق وڇوڙي هيڻا حال وڃايا،
سوين سور پرين جا سيني منجهه سمايا
لائي يار سڄڻ جي جيرا جوش جلايا،
ڪاهي ڪيچ مان ويندس مولى محب ملائي.
(2) ڪري سعيو سفر جو ڏوري يار کي ڏسبو،
حڪم هادي شاهه جي وڃي پار پڄبو،

اُتي سهڻن جو بيٺل سردار هوندو،
ڪندس عرض ان کي نيڻن نير وهائي.
(3) اٿم اُميد الاهي موٽي ماڳ تي ايندو،
اچي عيب واري جا هو عيب ڍڪيندو،
ڪري قرب ڪوهيارو وٺي نال مون نيندو،
ٿيندا لايا سجايا وِهندو پکڙا وسائي.
(4) هتي هوس هيڪاندو ٻي ڳالهه نه ڪائي
رڳو رسمن ۾ پئي وڃي عمر اجائي،
اٿئي وقت ووڙڻ جو هي فرض خدائي،
متان ’محمود‘  تون به ويهين وقت وڃائي.
*

ٿل- هليو جي يار لاثاني جدائي جان پئي جهوري،


(1) اندر ۾ باهه اچي ڀڙڪي،
جسم جيرا پيا کِڙڪي،
جانب جيءَ کي لڳي ڌڙڪي،
جدائي ٿي ڪپي ڪوري.
(2) کولي نيڻ ڪر نظر جاني،
آهي سڀ ڪجهه فنا فاني،
رستو اهو راهه رباني،

 

ڇڏيان مڏيون مال سر گهوري.
(3) هتي هرگز نه هلندي ٿل،
سگهو سنبري پرين ڏي هل،
مدد ’محمود‘  ٿيندئي مرسل،
ڏس ۾ سڄڻ ڏوري.
*

 

ٿل- سُڻي سائل جا سڏڙا ورَ منٺار،
تون مدايون ڪي منهنجون ميٽي اچي ڀيڙو يار ٿي.
1- پهرين آئين پيار ڏئي پوءِ مٺڙا وئين منهن موڙي،
         نينهن تنهنجي نروار ڪيو مون سختي ڪئي وڇوڙي،

 

مون کان محبوب بيزار نه ٿي.

2- رُت بدلي ڦري سانوڻ آيو ساجن تون نه آئين،
      برهه تنهنجي بيمار ڪيو ته به سڄڻ پڇڻ نه آئين،

 

ڏيان دانهن ڪنهن کي تو دلدار جي.
3- منهن تي کِل مک يار ڪري وئين گهورن سان دل گهائي،
       جئري جدائي ڪيئن ڏئي پوءِ ڏور وئين ڏينهن لائي.

 

موت برابر آهي گهڙي انتظار جي.

3- ڇڏ تون سهڻا ريت رسڻ جي رسُ ۾ رسُاما اجايا،
         موٽي مل ”محمود“ کي جاني ٿين به سانگ سجايا،

 

وڃي نه جيئن زندگي بيڪار ٿي.

-

 


 


(1) محبت، ساند ذات جو هوندو هو ۽ ڳوٺ موسى خان کٽياڻ ۾ رهندو هو. چون ٿا ته محمود فقير جي ساڻس ڏاڍي محبت هوندي هئي. هڪ سال محبت ساند حج ڪرڻ لاءِ حرمين شريف ويو، جڏهن حج پڙهي موٽڻ وارو ٿيو، تڏهن محمود فقير کي اڳواٽ  اُتان خط لکيائين ته آءٌ فلاڻي تاريخ ڌاري اچي ويندس.“ فقير کي جڏهن اهو خط مليو تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪدم مٿيون ڪلام چيائين.

نوٽ: مذڪوره ڪلام مؤلف کي امام علي فقير لکايو! جو محمد فقير صوفيءَ جو طالب آهي.

(1) مٿين ڪلام مان جيئن ته ظاهر آهي ته محمود فقير اهو ڪلام سيد نظر محمد شاهه، ٽنڊي محمد خان واري جي لاءِ چيو آهي.ڪلام ۾ فقير صاحب، شاهه صاحب کي وحدت وارو يعني الله پاڪ کي هڪڙو ڪري مڃڻ وارو ڪري تسليم ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته نظر محمد شاهه پنهنجي وقت ۾ وڏو ڪامل درويش ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org