سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام محمود فقير

صفحو :1

ڪلام محمود فقير

محمد صالح سپيو

 

ديباچو

سال 1954ع جو نومبر مهينو، منهنجي لاءِ سعيد ثابت ٿيو، جنهن مهيني ۾ مون کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان،  مرحوم  ”محمود“ فقير کٽياڻ جي ڪلام جي، ترتيب ۽ تاليف جو ڪم سپرد ڪيو ويو. شعر سان ننڍي لاڪر نينهن هئڻ ڪري از حد خوشي ٿيم، ۽ ان سان گڏ دل ۾ اها اُڻ تُڻ به ٿيڻ لڳيم ته ايڏو ڪٺن ڪم، مون جهڙي سيکڙاٽ کان الاجي ٿي سگهندو يا نه؟ گهڻي آچار ويچار کان پوءِ، دل ٻَڌي، انهيءَ نتيجي تي پهتس ته ”پڇندڙ نه منجهندڙ.“ الله پاڪ حامي ۽ مددگار ٿيندو، ڪونه ڪو وسيلو نڪري پوندو: سنڌيءَ جا سڄڻ گهڻيئي ويٺا آهن، هڪ نه ته ٻيو- مڙئي سهنج ٿي پوندا. بس، ائين ئي پاڻ کي آٿت ڏيئي هن ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺس ۽ جناب سيڪريٽري صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي خدمت ۾ دستوري درخواست عرض رکيم ته ”مون کي مرحوم محمد فقير جي ڪلام جي سهيڙڻ ۽ سموهڻ جو ڪم سپرد ڪيو وڃي“- درخواست صاحب موصوف منظور فرمائي، ۽ ان لاءِ سال جو مدو ڏنو ويو. بفضلَ خدا منهنجون ضعيف ڪوششون ڪامياب ٿيون- ڪلام جو چڱو ذخيرو، تمام گهڻين مشڪلاتن ۽ ڏاکڙن سان هٿ ڪري، ميڙي چونڊي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. مون کي اميد آهي ته سنڌي لوڪ ادب جا سڄڻ، منهنجي هن ناچيز ڪوشش مان پورو حظ حاصل ڪندا. آمين.

مؤلف

 

پبلشر وٽان

 

محمود فقير جي ڪلام جو مجموعو پهريون ڀيرو 1959ع ۾ شايع ٿيو هو، ۽ هي ٻيو ايڊيشن 1978ع ۾ شايع ٿي رهيو آهي. انهيءَ وچ ۾ سندس لائق فرزند محمد فقير سندس والد جو ڪجهه وڌيڪ ڪلام هٿ ڪري ڏنو آهي،  جو هن نئين ايڊيشن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. هن ٻئي ايڊيشن ۾ ڇهه سنڌي ڪافيون ۽ مزاحيا ڪلام جي حصي ۾ پڻ ڇهه ڪافيون وڌيڪ شامل آهن.

 

-ظفر حسن

1978ع

 

الله توهار

 ”جيڪي ٻول ڪجن سي پارجن پرينءَ سان“

بس مونکي به هاڻي ڏينهن رات اها ئي تات هئي ته سنڌي ادبي بورڊ سان جو لکيت ۾ اقرار ڪيو اٿم، سو ڪيئن به ڪري پورو ڪندس! ”حب الوطن مِنَ الايمان“ پنهنجي ديس جي خدمت، پنهنجي مادري زبان جي خدمت، ڇا به ٿي پوي، ڪهڙيون به تڪليفون درپيش اچن، مڙس ٿي منهن ڏيندو سانِ! ٻيو ته ٺهيو، پر مشڪلات پهرين اها هئي جو آءٌ گورنمينٽ ملازم، هڪ مسڪين ماستر، نه دولت نه دنيا، اڪيلي سر جي بازي هئي. هفتي جا ڇهه ڏينهن ڇوڪرن سان مٿو ماريان، ستين ڏينهن آچر جي موڪل هئڻ سبب نڪريو وڃان ڪنهن نئين ملڪ تي، ۽ جتي جتي ڪو ڏسُ پوي ته فلاڻي ماڻهوءَ کي محمود فقير جا ڪلام ياد آهن ته آچر ڏينهن اُن جو اڻ ڪوٺيو مهمان! اسان جا سنڌي سٻاجهڙا به پنهنجي تڏي جا مور ۽ مهمانوازيءَ کان ته اڳي ئي مشهور آهن. ڪهڙو به حال هوندن ته به مهمان جي آئي، ارها ڪونه ٿين. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي هنڌن تي ويس ۽ ڪٿان هڪ ڪلام، ڪٿان ٻه ڪلام، مڙئي ويس هٿ ڪندو. اِنَ ڏس ۾ جن جن ماڻهن سان منهنجي ملاقات ٿي، تن جو ذڪر ڪنهن ٻئي باب ۾ جدا ڏيندس.

پهريائين پهريائين ته محمود فقير جي پٽ محمد خان سان ملي، کيس سموريءَ حقيقت کان واقف ڪيم ۽ کانئس فقير جي ڪلام جي لکيل نسخن بابت پڇيم. مگر جواب ۾ فرمايائين ته ”مرحوم فقير سائينءَ جو لکيل نسخو، نه ته اسان وٽ آهي ۽ نه ته ڪنهن ٻئي هنڌ ئي اسان کي سجهي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته مرحوم فقير سائين جي وفات بعد، آءٌ پاڻ انهن ماڻهن وٽ ويندو رهندو هوس؛ جن ماڻهن سان فقير جي ڏيٺ ويٺ ۽ ريجهه رهاڻ هوندي هئي. مگر مون کي ڪنهن وٽ به فقير صاحب جي ڪلام جو قلمي بياض ڏسڻ ۾ ڪونه آيو؛ باقي ٿورو ڪي گهڻو ڪلام، ڪن ڪن انهن ماڻهن کي ياد آهي، جن وٽ فقير صاحب جون ڪچهريون هونديون هيون، يا جيڪي ڪافيار يڪتاري ۽ دلي تي ڪافيون ڳائيندا آهن.“ ميان محمد خان کان اهو به معلوم ٿيو ته، هتي پنهنجي تَر ۾ فقير صاحب جو ڪلام يعقوب فقير کي اچي ٿو؛ حالانڪ پيرسن هئڻ سبب گهڻو ڪلام وسري ويو آهي؛ تاهم هُو مرحوم فقير صاحب جو خاص ٻالڪو ٿي رهيو هو ۽ خود فقير صاحب به کيس ڪلام ياد ڪرائيندو هو ۽ فقير صاحب کان پوءِ به اهو يعقوب فقير، سندن ڪلام چوندو پئي آيو آهي، اُن کان پڇا ڪبي ته چڱو خاصو انداز هٿ اچي سگهندو. مٿان چيائين ته ”مون کي به فقير صاحب جو ڪيترو ڪلام ياد آهي، جو آءٌ به اوهان کي فرصت جي وقت ۾ لکائيندو رهندس. ۽ پاڻ اهو به واعدو ڪيائين ته اڄ کان وٺي اها به ڪوشش ڪندس ته مون کي به ڪٿان ڪو نئون ڪلام هٿ لڳو، ته لکايو کڻيو ايندس.“ محمد خان جي اهڙي همدردي ۽ دلچسپي ڏسي، منهنجي دل جون امنگون نچڻ لڳيون. ڀلا خوش به ڇو نه ٿيندس، جو منزل مقصود تي پهچڻ لاءِ سنئون رستو هٿ اچي ويم. بس، ان کان پوءِ محمد خان پاڻ ٽائيم مقرر ڪري ڏيندو هو ته فلاڻي رات اچج ته ڪچهري به ڪريون ۽ فقير صاحب جو ڪلام، جو ڪجهه مون کي ياد آهي، اهو به لکون. اهڙيءَ طرح، ڪمال مهرباني فرمائي، تڪليف وٺي، مون کي ڪلام ويهي لکائيندو هو ۽ جيڪي به کيس ياد هو، سو ذري پرزي لکائي پورو ڪيائين، جنهن لاءِ آءٌ سندس بلڪل شڪر گذار آهيان، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن محمد خان مون سان اهڙي همدردي نه ڪري ها ته مون کي وڌيڪ تڪليف ڏسڻي پوي ها.

الله پاڪ ڪريم ڪارساز آهي، سڀ ڪنهن ڪم جي سرانجاميءَ لاءِ سندس ئي مدد جي درڪار آهي،- ”حيلي رزق بهاني موت“، ”همتِ مردان، مدد خدا.“ مون به هن ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ عزم بالجزم ڪيو، ۽ لڳاتار ڪوشش ڪندو رهيس. جتي جتي فقير صاحب جي ڪلام جو ڏس پيو ٿي، اُتي ويس ٿي. جيئن ته هن کان اڳ به اهو عرض ڪري چڪو آهيان ته محمود فقير جي ڪلام جو ڪنهن به نموني جو لکيل نسخو موجود نه هو. ٻيو ته ٺهيو پر صرف پنج يا اٺ ڪلام به ڪنهن وٽان لکيل ڪونه مليا ۽ جتي جتي ڪو ڪنهن وٽ ڪلام هو ته اهو اُن کي ياد هو، جو هڪ ڏينهن يا ٻه ڏينهن انهيءَ وٽ ترسي لکائي اچڻو پيو ٿي. اهڙيءَ طرح سان ڳوٺ سليمان کٽياڻ تعلقي هالا ۾ به وڃڻ ٿيو، جو خود مرحوم محمود فقير جو ئي ڳوٺ آهي ۽ پاڻ به اُتي ڄائو ۽ نپنو، پرڻيو ۽ اولاد ٿيو ۽ وفات به اتي ئي ڪيائين. مذڪوره ڳوٺ ۾ رئيس محب علي خان کٽياڻ وٽ به وڃڻ ٿيو، جنهن جي عمر به لڳ ڀڳ ستر، اسي ورهين جي آهي ۽ جو خود فقير صاحب جي قبيلي مان آهي. رئيس محب علي خان پاڻ ڀلائي، جيڪو به محمود فقير جو ڪلام کيس ياد هو، سو لکيائين.

ساڳئي ڳوٺ ۾ محمود فقير جو ٻالڪو يعقوب فقير به هو، جنهن سان ملي، کانئس تمام گهڻيءَ منٿ ميڙ سان ڪلام لکايو ويو. آزي نيزاري انهيءَ ڪري ڪرڻي پيئي جو يعقوب فقير ذرا تنگ خيالن جو ماڻهو آهي ۽ هو پنهنجي ياد ڪيل ڪلام کي لکي ڏيڻ کان ڪيٻائيندو آهي، مگر منهنجي اها به خوش نصيبي چئبي جو ان ڏينهن محمد خان صوفي فقير جي آخرين آرام گاهه تي مون سان گڏ، ڳوٺ موسى خان کٽياڻ جو جاگيردار رئيس ميان مبارڪ خان به هو، ۽ ساڳئي ڳوٺ جا ميان قادر بخش فقير، ۽ ميان عثمان (چاندي) فقير ۽ فقير صاحب محمد فقير صوفيءَ جو فرزند فقير گل محمد خان به موجود هو، جن سڀني جي چوڻ ۽ اُڀارڻ تي يعقوب فقير مس مس، هائوڪار ڪئي ۽ کيس جيڪو به ڪلام ايندو هو، سو ٻه ٽي پنڌ ڪرائڻ سان لکائي پورو ڪيائين. آخر ۾ آءٌ انهن سڀني صاحب جو توڙي يعقوب فقير جو شڪر گذار آهيان، جن تڪليف وٺي، پنهنجو وقت سيڙائي، مون کي ڪلام لکي ڏيڻ ۽ لکائي ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي.

جيئن ته آءٌ ڪو وڏيرو يا رئيس ڪونه آهيان جو ماڻهن کي ويٺو حڪم ڪريان ته ”فلاڻا! تون وڃ ۽ فلاڻي هنڌان ڪلام لکائي کڻي اچ!“- مون هيءُ سارو ڪم پنهنجي سر ڪيو آهي ۽ هر هنڌ پنهنجي سر وڃڻو پيو اٿم ۽ ان ڏس ۾ جيڪو خرچ وغيره ٿيو آهي، سو پڻ پنهنجي سقيم هڙ مان ڪيو اٿم. محمود فقير جي قلمي نسخي نه ملڻ ڪري، ڪلام هٿ ڪرڻ ڪا چرچي جي ڳالهه نه هئي. انهيءَ تڪليف ۽ مشڪلات جو اندازو به اُهي ئي لڳائي سگهندا، جن اهڙن ڪمن ۾ هٿ وڌو هوندو. محمود فقير جي پٽ محمد خان جو چوڻ آهي ته فقير صاحب پڙهيل ڪين هئو ۽ نه وري ڪو سندس ٻالڪو يا شاگرد ئي ڪو پڙهيل هو. فقط انهيءَ ڪري ئي فقير صاحب جو ڪلام لکڻ کان رهجي ويو. نه ته وري فقير صاحب پاڻ به ڪڏهن ڪو اهو خيال ڪيو ته پنهنجو ڪلام لکائي ڇڏجي. ازانسواءِ، ان وقت ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪو هڪڙو به پڙهيل ماڻهو لڀندو هو نه ته ٻيو سڀ ٿيو خير. انهن سڀني تڪليفن جي باوجود به محمود فقير جي شعر سان فطري محبت هئڻ ڪري، ڪلام گڏ ڪرڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ جيتري قدر ڪلام هٿ لڳو آهي، انهيءَ کان وڌيڪ شايد ئي ڪو رهيل هجي. تاهم به ايترو ضرور چوندس ته فقير صاحب جيڪا ڇَٽ کيڙ ڪئي هئي، تنهن جو  نڪا حد نڪو حساب هو. مڪن آهي ته ڪٿان ڪي ٻه چار ڪلام وڌيڪ هٿ اچي وڃن؛ ڇاڪاڻ ته فقير صاحب جو ڪلام ته گهڻو ئي هو، مگر نه لکجڻ ڪري هاڻي فقط ڪن ماڻهن کي ياد آهي- جيڪو هالو چالو آهي، ۽ عام طور دلن ۽ يڪتارن تي ڳايو ويندو آهي. ٻيون جيڪي ڪَهوتون يا چوڻيون مزاحيه نوع جون آهن، انهن کان وڌيڪ ڪلام هٿ اچڻ مشڪل نظر اچي ٿو. آءٌ به ڪيترن هنڌن تي ويو آهيان، مگر اتان مون کي ساڳيو ساڳيو ڪلام هٿ پئي آيو آهي ۽ وڌيڪ نئون ڪٿان به ڪونه مليو.

آخر ۾ آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جو بلڪل گهڻو شڪر گذار آهيان، جنهن مون کي هن نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو ۽ وقت به وقت پنهنجي نيڪ مشورن سان مستفيض فرمايو.

 

ماستر محمد صالح سپيو

ساڪن ڳوٺ ابوطالب سپيو،

تعلقو، حيدرآباد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org