فقير صاحب ها همعصر شاعر
هر ڪو زمانو جيئن اهل الله کان خالي نه رهيو آهي، تيئن شاعر به
هر زماني ۾ پيدا ٿيندا پئي آيا آهن؛ پوءِ انهن مان
ڪن جا پاڻ ۾ قرب قائم ٿين يا ڪن جي وچ ۾ ويڇو پوي،
جي قرب قائم ٿيا ته پوءِ هڪ ٻئي کي ڏهنايون ڏيئي،
شعر لاءِ اُڀاريندا آهن. رڳو حال جو مثال ٿا وٺون
ته ڪيترائي سنڌي شاعر آهن، جن جو هڪ ٻئي سان بلڪل
گهاٽو تعلق آهي ۽ جي قريب قريب هڪ ٻئي جا دوست
بنجي چڪا آهن، جيئن جناب حضرت طالب المولى صاحب،
جناب ”سرشار“ عقيلي، جناب محمد خان ”غني“، جناب
غلام محمد ”گرامي“، جناب حافظ محمد حيات شاهه
”حافظ“، جناب ”عارف المولى“، جناب ”اسد“،
جناب ”ساجد“، ”پرديــــسي“، ”ملازم“،
”رشيد“، ”خادم“ وغيره وغيره، هڪ ٻئي سان وابسته آهن ۽ هڪ ٻئي
کان جدا ٿي نٿا سگهن. اهڙي طرح سان محمود فقير
واري زماني ۾ به ڪيترائي شاعر ۽ سگهڙ هئا، جن جو
هڪٻئي سان بلڪل گهاٽو تعلق هو. ٻيا پري وارا ته
ٺهيو، پر خود محمود فقير جا پاڙيسري يعني بلڪل
ويجهي ۾ ويجها به ٻه- ٽي شاعر هئا. جهڙو ڪ سائين
مصري شاهه نصرپور وارو، نواب ولي محمد فقير تاجپور
وارو، ۽ سيد سلطان علي شاهه ڳوٺ موسو خان کٽياڻ
وارو. جن جون هر وقت هڪٻئي سان قربن جون ڪچهريون
هونديون هيون، جي هميشھ پيا هڪٻئي وٽ ايندا ويندا
هئا. حالانڪ محمود فقير تي پنهنجي همعصر شاعرن جو
ڪو خاص اثر ڪونه پيو، تاهم ايترو ضرور ٿيو ته گاهه
بگاهه هڪ ٻئي سان طبع آزمائي به پيا ڪندا هئا.
مصري شاهه بادشاهه نصرپور وارو به هڪ يگانو شاعر ۽ اهل الله
بزرگ ٿي گذريو آهي. محمود فقير ڪڏهن ڪڏهن خود شاهه
صاحب جن وٽ ويندو هو، ۽ اتي ڏينهن ٻه ترسي پوندو
هو ۽ پاڻ ۾ گهريون ڪچهريون ڪندا هئا. چون ٿا ته
مصري شاهه هر وقت محمود فقير کي ائين ئي چوندو هو
ته ”تون شاهوڪار شاعر آهين“، جنهن جو مطلب اهو ئي
هو، جو محمود فقير وٽ قافين جي ڪابه ڪمي ڪانه
هوندي هئي، ۽ پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا اندروني قافين جي
وارو وار قائم ڪيائين، سا کانئس اڳ ڪنهن به شاعر
پنهنجي شعر ۾ ڪم نه آندي هئي. گويا محمود فقير جي
شعري فن ۾ اها هڪ نئين ايجاد هئي، ۽ انهيءَ ڪري ئي
سندس شعر وڌيڪ رس وارو ٿي پيو.
نواب ولي محمد فقير تاجپور واري سان به فقير جي ڏيٺ ويٺ هئي؛
ڇاڪاڻ ته هڪٻئي جا پاڙيسري هئا.
ٻين شاعرن جو اثر
اهو هڪ مڃيل اصول آهي ته شاعرن تي پنهنجي اڳ وارن شاعرن جو ڪجهه
نه ڪجهه اثر ضرور پوندو آهي. ڪي ته بلڪل چڱيءَ طرح
انهن جو تتبع ڪندا آهن. تاهم به ڪن شاعرن يا
سگهڙن، سواءِ ڪن چند ڳالهين جي، پنهنجي شعر جو
سمورو اسلوب بيان ۽ مضمون وغيره نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾
پيش پئي ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سان محمود فقير تي به
متقدمين شاعرن جو اثر بلڪل گهٽ پيل هو. ڀانئجي هر
ڳالهه فقير پنهنجي نئين رنگ ۾ پيش ڪئي آهي. فقير
جو شعر پڙهڻ سان ائين ئي معلوم ٿئي ٿو ته محمود
فقير تي اڳين شاعرن جو فقط اهو اثر پيو آهي، جو
فقير صاحب جيڪي ڪهوتون يا چوڻيون نظم ۾ آنديون
آهن، اهڙيون ئي ڪهوتون کانئس اڳ ٻين شاعرن به ڪم
آنديون آهن. جيئن ته ٽيهه اکري، ٽيهه ڏينهن يا
ٽيهه راتيون، ملي ۽ مواليءَ جو جهيڙو، خيري ۽
سڀائيءَ جو جهيڙو، گنگو مينگهواڙ سان بحث مباحثه
(نظم)، ۽ گهوڙي وارو قصو، وغيره. تاهم ايترو ضرور
چوڻو پئي ٿو ته انهن ۾ فقير طرز نوع کان سواءِ،
مضمون ۾ استعاره، تشبيهون؛ پهاڪا، تجنيسون، ۽
الفاظ وغيره سڀ پنهنجا ئي ڪم آندا آهن، هروڀرو
ويهي هوبهو نقالي ڪانه ڪئي اٿس. شعر ۾ جا ڪيفيت ۽
جان سمايل آهي، سا اصل نرالي نوع ۾ پنهنجي ئي ڪم
آندي اٿس، ٽيهه اکريءَ ۾ به مضمون ۽ خيال ساري جو
سارو نئون ڪم آندو اٿس، مثال لاءِ هيٺ ٻه- ٽي بيت
ڏجن ٿا. ملاحظه فرمايو.
الف عشق اڳون ڪر آزي،
دلبر دوست ٿيا وڃ راضي.
ڏيسين گنج هميشھ غازي،
ٿيسين آپ خداوند قاضي.
مون ڀول گهتن چا بازي،
”محمود“ يار اهو ڏک لايا، ڄُلدي مهل نهين موڪلايا.
ب- دي بات سڻانوئين بالم،
هئي هڪ رب ڌڻي ڪون معلم (معلوم).
قلندر پير قدرتي قائم،
سيد صاف سونهارا سالم.
جنهن دي ڪل اُمت هئي عالم،
دلبر دوست نهين دل لايا، ڄُلدي مهل نهين موڪلايا.
اهڙيءَ طرح سان ٽيهن راتين جي عوض وري ٽيهه ڏينهن ٺاهيا اٿس،
جنهن سان ٻه- ٽي بيت هيٺ ڏجن ٿا:
پهلي ڏينهن دوا پور پيو ئي، دور گهتيوني ديري،
جگر اسانڏي جوش ڪنون، گهِر گهِر گاندي گهيري،
باهيان تين هِن ڀورل لايان، سي پڙڪن اندر ٻيڙي،
دم دم اندر درد اسان ڪون، ڇيڏڪ آؤن ڇيري،
مارڳيون ”محمود“ آکي، تيڏي پل پل چاوان پيري،
ڏوجهي ڏينهن ڏولائا ڏي ڳيون، ڪيها ڪم ڪيتوئي،
مار زنبور جگر وچ زوري، سيني نال سيٽوئي،
هلدي ڄلدي کل خوشي وچ، جهاٽا مار جهٽيوئي،
ڌوتئين مار ديوانا ڪيتئي، هردم حال هٽيوئي،
ڏينهن پئي وچ ڏاڍا دلبر، جيڪس دل مٽيوئي،
”محمود“ ڪيتئي درويش سڄڻ ڪيو چاقلب ڪٽيوئي.
مٿين ٿورن ئي شعرن پڙهڻ سان بخوبيءَ روشن ٿئي ٿو ته محمود فقير
گهڻو ڪري اڳين شاعرن جي ڪا خاص نقالي ڪانه ڪئي
آهي. اهڙيءَ طرح ڪافيون ۽ ڪلام به ٻين شاعرن کان
نرالا اٿس، جنهن لاءِ اهو به وڏو سبب ٿي سگهي ٿو،
جو محمود فقير اڻ پڙهيل هو. ازانسواءِ، اصل کان ڪو
اهڙو ڳائيندڙ ۽ سريلي آواز وارو به ڪونه هو، جو
کڻي چئجي ته ٻين شاعرن جا ڪلام ياد ڪري ڳائيندو
هو؛ يا ڪو ٻين شاعرن جي شعر جو ڪتاب وغيره هميشھ
پاڻ سان رکيو هئائين، جنهن ڪري ٻين شاعرن جو اثر
مٿس لازمي ٿئي ها.
فقير جي شعر جو ٻين تي اثر
جهڙي ءَ طرح محمود فقير تي ٿورو ڪي گهڻو اڳين شاعرن جو اثر پيو،
اهڙيءَ طرح فقير جو وري کانئس پوين شاعرن تي وڌيڪ
اثر پيو. اهو ئي هڪ سبب آهي، محمود فقير جي عام
مقبوليت جو، جنهنڪري کانئس پوءِ جا شاعر سندس نئين
ايجاد ڪيل طرز، جهڙوڪ قافين جي وارو وار ۽ الفاظن
جي پوچ وغيره تي عمل پيرا ٿي، پنهنجو شعر به
انهيءَ نوع تي چوڻ لڳا. هيٺ ڪي چند مثال ڏجن ٿا،
جن مان معلوم ٿيندو ته واقعي محمود فقير جي ڪلام
جو اثر کانئس پوين شاعرن تي به پيو.
محمود فقير ۽ محمد فقير صوفي، دراصل ٻئي هڪ ئي خاندان جا آهن، ۽
هڪٻئي جا بلڪل ويجها عزيز آهن. محمد فقير محمود
فقير کان بعد ۾ وڏو صوفي بزرگ ۽ سگهڙ ٿي گذريو
آهي؛ اُن تي پڻ پنهنجي عزيز بزرگ محمود فقير جي
شعر جو بلڪل گهرو اثر پيو. جيئن ته محمود فقير جي
ڪلام ۽ قافين جي وارو وار سان هڪ ڪلام آهي ته:
ٻڌي دل دام، مئين ته غلام، هون ته سلامي سرور دي،
پڌري پار، مليئي هن يار، مين پينار پرور دي.
دنيا دم غفلت غم، بخيلڻ بم، ٻڪر ٻوڪي،
نڀاڳي ننڊ، اجائي ٽنڊ، کڙي جا رند وٺيو روڪي.
سيد سالار، حسن هالار، مليئي ديدار، لٿي ڌوڪي،
فوج فقير، پارس پــير، اجهــا اڪـثير انور دي.
انهيءَ ساڳئي مٿئين ڪلام تي محمد فقير صوفيءَ جو هيٺيون ڪلام
ملاحظه فرمايو:
برهه بوند، حسن هوند، ڪئين ڪونڌ ڪڏايا،
ڪوڙئين ڪنڌ ڪپايا!
حاضر حال، خود خيال، ڀلا ڀال، ڀلايا،
سرت ساز، نرت ناز، رنگي راز رچايا!
انهن ڪلامن جي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته محمود فقير جي شعر جو
اثر، پنهنجي عزيز محمد فقير تي بلڪل گهڻو پيو آهي،
ازانسواءِ، محمد فقير صوفيءَ جي هڪ طالب امام علي
فقير واڍي، انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪيو ته فقير
سائين خود اسان کي به محمود فقير جا ڪلام
سيکاريندو هو ۽ خود پاڻ به وڏي ذوق شوق سان
ڳائيندا هئا. تنهن کان سواءِ محمود فقير جي شعر جو
اثر پنهنجي ٻئي هڪ عزيز، نالي فتح علي خان(1)
تي پيو، جو پڻ هڪ چڱو سگهڙ ٿيو، مگر زماني جي
لاهين چاڙهين ڪري سندس سارو ڪلام گم ٿي ويو آهي ۽
باقي ٻه ٽي ڪلام، ڳوٺ موسى خان کٽياڻ جي ويٺل،
ميان طالب خان کٽياڻ کي ياد آهن، جنهن مون تي ڪمال
احسان ڪري اهي لکي ڏنا، جن مان ٻه ڪافيون هيٺ ڏجن
ٿيون:
ڪافي
روپ ڪلنگڙو
دلڙي دلبر يار لئي وصال ووڙي،
ڪرين مهر مـهاي مـکڙا يار موڙي.
عشقان سندي ذات، نه سمهي ساري رات،
کـولي ورق وجـودي ووءِ ووءِ وائــي وات،
پرهه ڦٽي پرڀات، ڳاڙين ڳل ڳوڙهي.
ماهي يار! لهين سار، تيڏي تار تڳي آن،
ماڻهو ڌار لک هزار، ڏيندي بار بديان،
سي ته سيبايم سر تي، مليئي ڏاج ڏوڙي،
فتح علي“ آڌار، مرسل مير مهندار،
اوکي ويل اسان نون، ساڻي ٿيسين، سردار،
داؤن لگڙي نه ڌار، جيوين ڇني ڇوڙي.
ڪافي
روپ ڀاڳيسري ڪانرو
عمر ادا اباڻن ري آهيان اداسي،
ساريو سانگيئڙن کي پڇان ٿي پياسي.
وڇڙئي ورهيه ٿيا اديون مون اباڻي،
ويڙهيچا نه وسرن ڪريان ڪيئن هاڻي؛
الله سيئي آڻي، ساڳيا سيڻ سناسي.
ڪيو منهن ملير ڏي، تاڙو ٿو تنواري،
مارن اُٺا مينهڙا، هنجون روز هاري؛
سرتين اُتي سالُر، ڪيا نوان رنگ ناسي.
”فتح علي“ پائي فاليان، هيڪر ٿيان هيڪاندي،
ڪانگي قريبن جي ڪل ڪانه آندي؛
پنوهارن جي پار جي، خبر ڏي خلاصي.
فقير جي شاعري
محمود فقير هڪ روحاني سگهڙ هو، ۽ فطرت سندس استاد هئي. اهو ئي
سبب هو جنهنڪري سندس شعر ايڏو رس ۽ ميٺاج سان
ٽمٽار ٿيو. شعر ۾ ڪيترائي پهلو ۽ موضوع آهن، مگر
سندس هر هڪ شعر سڪ ۽ محبت، نياز ۽ نئڙت، عاجزي ۽
انڪساري، انتظاري ۽ بيقراري سان ڀرپور نظر اچي ٿو.
سندس ظريفانه ڪلام به هڪ خاص درجي جي اهميت رکي
ٿو، ان جو اهو به هڪ وڏو سبب آهي جو ڪلام مزاحيه
هوندي به نصيحت آميز آهي.
فقير صاحب منظر نگاري به اهڙي ته پيش ڪئي آهي، جو اصل حقيقت جي
شڪل، اکين آڏو آئيني مثال اچيو بيهي، خاص ڪري خيري
۽ سڀائيءَ جي جهيڙي، گگو مينگهواڙ جي بحث مباحثه
کي قلمبند ڪري، فقير صاحب ڪمال ڪري ڇڏيو آهي.
هوبهو زناني زبان! پٽون ۽ پاراتا ڪم آندا اٿس.
سندس مشاهدي نگاريءَ جو اهو به ڪمال آهي، جو جيڪي
ڏسجي انهيءَ جو پنهنجي شعر ۾ نشقو ڪڍجي- سسئيءَ جي
سورن جو ڪو ڏاڍو احساس هوس، جو هر هڪ ڪلام ۾ چپي
چپي تي، سسئيءَ کي ياد ڪيو اٿس. جيئن ته فقير صاحب
پاڻ به سيلاني ٿي زندگي گذاري هئي، سير و سفر، ٿر
۽ بر جي ڏکن ڏوجهرن جي کيس پوري پوري پروڙ هئي.
گويا فقير جا ڏک ۽ سور، سير ۽ سفر، سسئيءَ جهڙا ئي
ڪٺن هئا. پل پل ۾ پنهل جي پيار جي اپٽار ويهي ڪئي
اٿس. مجني کي به واهه جا مجرا ڏنا اٿس، ۽ چوي ٿو
ته ”ڪيترا عاشق عام ۾ هام هڻي ويا، پر مجرا مجني
کي آهن، جو ايترو سارو زهر پي ويو ۽ وري به بر ۾
بنڊ بنجي بيهي رهيو. مٿس ولين جا ويڙهه وڪوڙجي
ويا، پر نه ڪڇيو نه ڪو ڪيو!“
فقير جا ڏوهيڙا يا بيت به خاص اهميت رکن ٿا. سندس جيڪو به بيت
پڙهبو ته اُن مان الاهي عشق جو آواز پيو ايندو.
ڪٿي ڪٿي، سڄي جا سڄا بيت، مجاز سان مڙهيا پيا آهن.
ڪلام ۾ ٻولي اهڙي ته عام فهم ڪم آيل آهي جا سڀڪنهن
ماڻهوءَ کي سمجهڻ ۾ سوکي ٿي لڳي. مطلب ته فقير
صاحب هر پهلوءَ تي شعر چيو آهي، جنهن مان سمجهجي
ٿو ته کيس اصيل عاشقن جي داستانن جي پوري پروڙ
هئي، ۽ انهن جي احوال کي موضوع بنائي، ويهي حقيقت
جا رنگ رڱيا اٿس.
وقت جي ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ۽ سير وسفر
جئين ته فقير هڪ سيلاني سڀاءَ وارو هو، تنهنڪري کيس گوشي نشين
ٿي گذارڻ، ڪين وڻندو هو، ۽ وتندو هو گهمندو ڦرندو.
آلي اولادي هوندي به مهينو ٻه ٻاهر گذاريندو هو ۽
سير سفر ڪري، پوءِ موٽي پنهنجي ماڳ ايندو هو. ناري
جي پاسي جا ماڻهو سندس گهڻو معتقد هئا. فقير جيڪي
به کانئن گهرندو هو، سو هڪدم بنا دير جي ڏيندا
هئس. هونئن ته فقير صاحب جون ڪيترن ئي ماڻهن سان
ملاقاتون ۽ ڪچهريون هونديون هيون، پر انهن ۾ به
خاص ماڻهو هيٺ ڏجن ٿا:
محبت ساند: هيءُ ڳوٺ موسو کٽياڻ جو ويٺل هو، ساڻس فقير جي ڏاڍي
محبت هوندي هئي ۽ هميشھ پيو اُن وٽ ايندو ويندو
هو.
فقير علي بخش هوت عرف ”گورک فقير“: جيئن ته مٿيون علي بخش هوت،
عرف ”گورک فقير“ اڃا تائين زندهه آهي ۽ سندس عمر
هن وقت اٽڪل روءِ هڪ سؤ ست سال کن ٿيندي. فقير علي
بخش هن ڳالهه جي خود تصديق ٿو ڪري ته محمود فقير
جي مون سان ڏاڍي محبت هوندي هئي، ۽ هميشه فقير پيو
مون وٽ ايندو ويندو هو ۽ هڪ هڪ ٻه- ٻه راتيون مون
وٽ ترسيو پيو هوندو هو. اُن کان سواءِ، ٻارهين
ٻارهين مهيني فقير جو هڪ ڏينهن ٻڌل هوندو هو، جنهن
تي فقير گهوڙو به ڪاهي ايندو هو ۽ گهوڙي لاءِ گاهه
جو گڏو ۽ داڻو به پاڻ ساڻ کڻي ايندو هو ۽ ٿاڌل
وغيره به آڻيندو هو. ان لاءِ محمود فقير چوندو هو
ته ”اهو ڏينهن مقرر آهي ۽ ان ڏينهن تي گاهه ۽ داڻو
به آءٌ پنهنجو آڻيندس ۽ ڪچهري به اچيو ڪندس.“ اهو
ڏينهن، جڏهن لابارا وغيره لهيو ويندا هئا، ڪي
ماڻهو هلرون پيا ڪاهيندا هئا ته ڪي اڃا هلرون به
ڪونه ٻڌندا هئا، ته انهن ڏينهن ۾ مقرر ٿيل هوندو
هو.
شاهه محمد خان ڀرڳڙي: خود فقير صاحب جا پويان ۽ سندس پٽ به هن
ڳالهه جي تصديق ٿا ڪن، ته فقير صاحب جو شاهه محمد
خان ڀرڳڙي سان گهاٽو تعلق هو. فقير، شاهه محمد خان
لاءِ هڪ شعر به چيو آهي، جنهن ۾ کيس ساراهيو اٿس،
جنهن جو فقط بند هٿ اچي سگهيو آهي:
”شاهه محمد خان شان وارو ٿيو ناري ۾ نروار.“
مبارڪ درس: فقير صاحب جي پوين جو چوڻ آهي ته اهو مبارڪ درس
نبيسر جو ويٺل هو، جنهن سان به فقير جي گهڻي محبت
هوندي هئي ۽ فقير انهيءَ پاسيءَ ويندو هو ته نبيسر
۾ مبارڪ درس وٽ ضرور ويندو هو.
دوسن جت: چون ٿا ته اهو دوسن جت ڳوٺ ڀين پور ۾ رهندو هو. اُن
وقت ڀين پور چڱو وڻندڙ ۽ آباد ڳوٺ هوندو هو. ڀين
پور کان فقير جو ڳوٺ پري ڪونه هو، تنهنڪري فقير
هميشھ پيو دوسن جت وٽ ايندو ويندو هو.
قبول محمد خان کٽياڻ: محمود فقير جي پنهنجي عزيز قبول محمد خان
سان به ڏاڍي محبت هوندي هئي، ۽ هڪڙي ئي ڳوٺ ۾
رهندا هئا. چون ٿا ته فقير پنهنجو ڪهڙو به ڪلام
پهريائين وڃي قبول محمد کي ٻڌائيندو هو. اهو قبول
محمد خان، فقير جو سنڍو به ٿيندو هو. انهيءَ قبول
محمد خان جو پٽ فتح علي خان به فقير کان پوءِ چڱو
سگهڙ ٿيو. ڳالهه ٿا ڪن ته جڏهن محمود فقير وصال
ڪيو ۽ اها خبر سلطان علي شاهه کي پيئي، تڏهن هڪدم
سرد آهه ڀري چيائين ته ”يارو، کٽياڻن مان املهه
ماڻڪ هليو ويو!“ ۽ بي اختيار سندس چشم آلوده ٿي
پيا.
عادتون ۽ اخلاق
فقير نهٺو ۽ نماڻو ته هڪ ئي هو، ڪنهن جي به دل رنجائڻ سخت گناهه
سمجهندو هو. رستي هلندي ڪو ننڍو ٻار به کيس ڪافي
ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو، ته هڪدم شروع ٿي ويندو هو ۽
ڪڏهن به انڪار نه ڪندو هو. فقير جي ڪچهري به عجيب
هوندي هئي. سارو ڏينهن فقير وٽ رهاڻ لڳي پيئي
هوندي هئي. راڳ روپ کان واندا ٿيا ته پوءِ چرچن جي
چهر به پيئي ٿيندي هئي. هڪ دفعي چون ٿا ته مير
محمد نالي کٽياڻ کي هَسِي پارايائين، ۽ چيائينس ته
”ڏسون ته توکي ٺهي ٿي يا نه؟“ مير محمد خان هسي ته
پاتي، پر اها ڳچيءَ ۾ ڦاسي پيس ۽ نڪري ئي نه، تنهن
تي فقير چيس ته هاڻي هلون ٿا کٽياڻن ۾، سوناري وٽ،
اهو پاڻيهي وڍي ڪڍندو. توکي اُٺ تي چاڙهي وٺي ٿو
هلان، پر هڪ ڳالهه آهي جو پاڻ کٽياڻ ماڻهو، ڪير
ڏسندو ته کلندو ۽ چوندو ته ”مير محمد خان هسي
پايو پيو وڃي“، تنهنڪري تون زناني گندي ڪري، منهن
ڍڪي، اُٺ تي چڙهي ويهه. سڀڪو ڏسندو ته چوندو ته
زائفان ماڻهو آهي.“ آخر ميرمحمد کي سڀ ڪپڙا زنانا
پارائي، پنهنجي اُٺ تي چاڙهي، اٿي هليو. واٽ تي
جيڪو به ماڻهو مليس ٿي ته اُن کي چوندو ٿي ويو:
”ادا، اُٺ تي ڪا زائفان ڪانه آهي، هيءُ ته ميرمحمد
خان آهي.“ ائين چيو، وڃيو ميرمحمد کي منهن تان
گندي لاهي، ۽ ان ماڻهوءَ کي ڏيکاري. بس ائين ويو
ماڻهن کي ازخود ٻڌائيندو ۽ ڏيکاريندو. ڪير جو ٿورو
کلي!
اهڙيءَ طرح ڪيترائي مثال آهن، جن مان ثابت آهي ته فقير کلمک ۽
خوش خلق هوندو هو. مطلب ته جهڙو نالو ”محمود“ هوس،
عادتن ۽ اخلاقن ۾ به اهڙو ئي ”محمود“ هو.
فقير جي شاعريءَ تي هڪ نظر
محمود فقير قافين جي اندروني وار وار جو مؤجد هو. البت ايترو
آهي ته سندس شعر، وزن ۾ ڪريل آهي، پر اها اوڻائي
به خوش جذبي سلاست ۽ روانيت ۾ گم ٿيو وڃي، ۽ اڪثر
سگهڙن جي واٽ به اها ئي آهي ۽ در حقيقت سگهڙ ۽
شاعر ۾ اهو ئي فرق آهي. تنهن کان سواءِ، ڪٿي ڪٿي
ڪي ڪي الفاظ بلڪل بي معنى فقط وزن جي پورائي ڪرڻ
لاءِ ڏنا ويا آهن، جيئن ته:
”عشق الهوٽ ولهوٽ ولايت جهنگ جبل جهاڙي.“
ٻئي هنڌ وري اجهو هيئن چيو اٿس:
”مڙد معلم سڙد سالم اڙد عالم ال ڳئي.“
جيڪي بي معنى اکر ڪم آيل آهن، تن مان معلوم ٿئي ٿو ته فقير
ڳوٺاڻي زبان جي ترجماني ڪئي آهي؛ جيئن عام طور
ٻهراڙيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته ”ادا ماني ٻاني کائي،
پاڻي ٻاڻي پي، ٿڪ ٻڪ ڀڃي، پوءِ نڪتو آهيان،
وغيره.“
ڏسڻ ۾ ايندو ته فقير هڪ حق گو سگهڙ هو، کيس انهن ڳالهين جي
پرواهه ئي ڪانه هئي. کيس قدرتي شاعراڻي ڏات نصيب
ٿي هئي، تنهنڪري مقيد رهي، ڪنهن به ڳالهه کي لڪائڻ
جي ڪوشش هرگز ڪانه ڪئي اٿس. کيس اهو خوف اصل ڪونه
هو ته ڪو منهنجي شعر جو، هنن مزاحيه شغرن ڪري
معيار گهٽجي پوندو. تنهن کان سواءِ خيري ۽ سڀائي
ٻن زالن کي ويڙهايو اٿس، اهڙي شعر ۾ لازم هو ته
هوبهو اُهي اصطلاح ۽ چوڻيون ڪم آڻي، جيڪي سچ پچ
زالون هڪٻئي سان وڙهڻ وقت ڳالهائينديون آهن؛
انهيءَ ۾ پاڻ وڌيڪ فطرت نگار يا ندرت شعار چئجي،
ته به کيس جڳائي! ٽنڊي محمد خان ۾ مسخري جو چرچو
ڪرڻ ۽ محمود فقير جو مٿس ظريفانا شعر چوڻ، ڳائڻي
جي زور ڀرڻ ڪري مٿس اُتي جو اتي شعر چوڻ ۽ ان ۾
ظريفانا لفظ ڪم آڻڻ وغيره، بلاشبھ اهڙا ظريفانا
شعر آهن، جي هوند ڪوبه مجاز وارو قبول نه ڪري.
تاهم به سندس سامهون حقيقت ئي اهڙي هئي جو دروغ
گوئي کان، حق گوئي کي وڌيڪ ترجيح ڏني اٿس. انهيءَ
کانسواءِ ٻيون به ڪي خاميون شعر ۾ نظر اچن ٿيون،
مثلاً: ڪنهن مصرع جو وزن گهٽ، ته ڪنهن جو وڌ!
جيئن ته اسان کي فقير صاحب جو ڪلام لکيل صورت ۾ ڪونه مليو، فقط
ماڻهن کان زباني پڇي لکيو ويو آهي، ۽ اهي ماڻهو به
گهڻو ئي ڪري اڻ پڙهيل آهن، تنهنڪري ممڪن آهي
اهڙيون لفظي اوڻايون گهڻي وقت گذري وڃڻ ڪري، انهن
ماڻهن کان ئي ٿي ويون هجن، جن اسان کي ڪلام لکايو
آهي.
بهرحال، اسين ادبي بورڊ جي هن نيڪ ڪم کي ساراهيون ٿا، جنهن جي
طفيل سنڌ جو لوڪ ادب زنده ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ
امڪان هو ته وقت گذرڻ سان اهو بلڪل نابود ٿي وڃي
ها، ۽ انهن جي ئي ڪوشش سان محمود فقير جو فقيراڻو
ڪلام اوهان تائين پهتو آهي.
محمد صالح سپيو
اظهار شڪريه
مؤلف هيٺ ڄاڻايل محسنن جو ڪمال احسان سمجهي شڪريو بجا آڻي ٿو؛
جن صاحبن ڪتاب جي ترتيب ۽ تاليف ۾ مؤلف جي مدد
ڪئي:
نمبر |
اسماءِ مبارڪ |
مساڪن |
1 |
محترم رئيس حاجي الهه بچايو خان کٽياڻ |
ڳوٺ عارف خان کٽياڻ |
2 |
محترم رئيس مبارڪ خان کٽياڻ |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
3 |
محترم فقير گل محمد خان کٽياڻ |
ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ |
4 |
محترم رئيس محب علي خان کٽياڻ |
ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ |
5 |
محترم وڏيرو محمد خان سپيو |
ڳوٺ ابوطالب سپيو |
6 |
محترم فقير محمد خان کٽياڻ
(محمود فقير جو پٽ) |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
7 |
محترم رئيس طالب خان کٽياڻ |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
8 |
محترم رئيس نورمحمد خان ڀرڳڙي |
ڳوٺ حاجي شاهه محمد خان ڀرڳري |
9 |
محترم رئيس ماڻڪ خان کٽياڻ |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
10 |
فقير علي بخش ”هوت“ عرف ”گورک فقير“ |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
11 |
محترم دوست محمد ايوب خان پنوهر |
ڳوٺ رپڙي (گمبٽ) |
12 |
رئيس احمد علي خان کٽياڻ |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
13 |
محترم قاسم فقير (محمود فقير جو پٽ) |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
14 |
ميان محمد حسن (نابينا) |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
15 |
يعقوب فقير (محمود فقير جو شاگرد) |
ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ |
16 |
عثمان فقير (چاندي فقير) |
=
=
=
=
=
== |
17 |
هاشم فقير (لوهار) |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
18 |
نورمحمد فقير |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
19 |
هاشم فقير ولد بچو فقير |
ڳوٺ موسى خان کٽياڻ |
20 |
اُستو ولي محمد (ڪنڀر) |
ڳوٺ پير حاجن شاهه |
21 |
محترم محمد خان جمالي |
جمالين جو ڳوٺ لڳ ٽنڊو ڄام |
22 |
محترم ميان محمد صالح کٽياڻ |
ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ |
23 |
محترم رئيس حاجي علي خان کٽياڻ |
ڳوٺ غلام حسين کٽياڻ |
24 |
محترم دوست مسٽر محمد رحيم سولنگي |
ڳوٺ غلام حسين کٽياڻ |
|
|
|
|
فتح
علي خان قبول خان جو پٽ هو، ۽ قبول وري فقير
جو سنڍؤ ٿيندو هو، ۽ ساڳئي فقير واري ڳوٺ ۾
رهندو هو.
|