سنڌي ڪلام
ڪافيون
*
ساٿ سلامت ساريندو، پنهنجو سخن بلوچو پاريندو!
روٽ ورهائي ڪوٽ کٽيو اٿم، گهوٽ اچي گهر گهاريندو!
ٻاروچل جون ٻاڙيون ٻاڙيون، جيءَ اندر ۾ لڳيم جاڙيون،
پير پنهل جي خاڪ ملينديس، تاڪ اندر ۾ تاڙيون،
وارث وڏو کڻندم لڏو، جڏڙو جيءُ جياريندو!
ديرا جن جون دايون جنت ۾ اٿن جايون،
وسوڙل وڻڪار ۾ اَجهي انهن جي آيون،
پار گهِڙيون ڌوُڪار اندر، مون کي تار منجهان رب تاريندو!
جنهن بختاور تي بارو سمجهي جڳت ٿو سارو،
ؤنگ پنهل جا انگ لکيا، تنهن ننگ پنهوءَ تي نعرو،
آواز اڳي پرواز پري، مون ڏي ناز منجهان به
نهاريندو!
دائم جن جا ديرا، آءٌ ڏسان تنهين جا ڏيرا،
ملڪيت سر ”محمود“ چوي، ۽ ساهه صدق سؤ ڀيرا،
ڀاڳ ڀلو ٿيو ماڳ ملڪ تي، واڳ وطن تي واريندو!
*
جن جي آهيان جهڙي، تن کي ملان تهڙي!
ٿيندو مرسل ميڙي، بلي ڪنديس، ڀيڙي.
پرڀات جو اوطاق، ڏسي تاڪ تاڙيون،
هنئين هور، ٿيئم زور ڏسي محل ماڙيون،
لڳو عيب عمر جو، لقب ڪيس ليڙي.
ستي ثاب، پيئم خواب، ڪو امام آيو،
امام جو ڪمام، ٿيو سامان جو سعيو،
سنمک ٿينديس سانگين سان، الله ڪندم اهڙي.
دک درد، ٿيئم ڏور، لڳو نور نارو،
هنيون هير، ٿيم سڌير، وريو وير وارو،
ويٺي وِرِهُ ولوڙيان، نَهيري کي نيڙي.
تکي تار، مان اڪار، ٻيڙا پار پرور،
سمونڊ، ۾ ”محمود“، ڪندو سهنج سرور،
اڙيا سڀ اڪاري، ٻگهڻ آندي ٻيڙي.
*
مون کي پڪ پنهل جي، آري ايندم اوري!
سگهي منزل سوري، گولي سر هيءُ گهوڙي!
آريءَ سان منهنجو انگ، چوٽيءَ چڙهيو چنگ،
نرمل مٿي آهي ننگ، ڏسان شال ڏوري!
ڪيچي ڪشت ڪري ويا، مون کي دشت ڌري ويا،
مئيءَ کي مست ڪري ويا، چري ڏسي چووي!
درياءَ ۾ ڌوڪاري، چڙهيا نينهن نظاري،
سارو ساٿ سنڀاري، ٽڪر ايندم توري!
”محمود“ مچ مچي ٿو، عربي ڄام اچي ٿو،
سارو رنگ رچي ٿو، پهچان هڪ نه ٽوري!
*
مون کي پنهل سائين، لهريون سڄڻ لايون،
امر لکئي آيون، سون گهُورن گهايون.
ڪرها اٺ ڪَوازي، منزل ڇڪين غازي.
اندر ٿيئم اداسي، ڏسي جيل جايون.
آديسي اڙٻنگ، تازا ڇڪين تنگ،
نيلا اٺ نسنگ، هليا ويا هوايون.
جوڙي جوان جهاتيون، پنهل ڄام پاتيون،
اندر ۾ چُئانتيون، جوڙي جت جاڳايون!
”محمود“ چئي مربي، تنهنجي مدد گهربي،
آري ڄام عربي، ڪندو ڇپر ڇانيون!
*
منهنجو سڱ ڙي سرتيون ڀلي ڪيچ ٿيو،
پياري پنهل سان منهنجو پيچ پيو.
عطر ۽ عنبير واٽن تي ڇٽيائون،
گهوريس تن گسن تان جتان پنهل ويو.
پنهل پنهنجي پَر ۾ ٻڌي ٻول ويو،
صدقو ٿيان تنهين تان جنهين نال نيو.
چوي ”محمود“ کٽياڻ جاني شال جيو،
دعا ڪريو ڙي دل سان ڇڏي رنج ڏيو.
*
اکيئن ته ڏسان شل اديون اباڻا!
سور مارن جا سوين ڪي ساماڻا!
زربفت زيور زريون، هيرا ڇڏيان هاري،
ساهه سانگين کي سدا منهنجو ساري؛
واڳ وطن تي والي شال واري؛
کوءِ پيا کاڄ عمر جا، پنوهارن پڄاڻا!
بَرڙيون برن ۾، چرن ٿيون ڀٽاريون،
گوراڙيون گسن تي، مچي ٿيون متاريون،
کِڙڪيون کٽياڻ چئي، چڙن جون چونگاريون،
اچن سي اَجهورتي، سڀئي سڃاڻا!
ڏٺي ته ڏوٿين کي ڪي ورهيه لنگهي ويا،
ورتيون وڇوڙي جون وجهي ته ونگي ويا؛ ڇاکئون ڇني
ويا ڇوري ڏکيءَ کي ڏنگي ويا،
وهن نيڻ مئيءَ جا، نسنگ ٿي نماڻا!
پون پور پرين جا پل پل ۾ پچاڻان ٿي،
اٿم اُميد اهڙي، اباڻي اچان ٿي؛
ملڻ ”محمود“ پنهنجي وڳر کي وڃان ٿي،
عيدون اندر ۾ ڪي وڄن وڌاڻا!
*
ڀينر ڀنڀور ۾ ٿينديس چوٽ چري،
منهنجو ڪوهيارل ڪيچ ويو ٿي سا ڳالهه ڳري.
هزارين هوتن جا، جادو جتن جا،
ٻنڌڻ ٻاروچن جا، ٻارڻ ويم ٻري،
رمز رقيب جي، آڌيءَ عجيب جي،
گُهري هئي نصيب جي، سا ته ڪين ٽري.
اچڻ جي انجام جا، اولاڪا امام جا،
مديني جي ڄام جا، آيا وير وري.
دهرا دنگ دان جا، ”محمود“ جي مان جا،
آسرا ايمان جا، پيئي دل ٺري.
*
تار لڳي ويئي تن، منهنجو موج ڪري ٿو من!
ڪير ٽڪي هت ڪوٽن ۾؟ آءٌ وينديس ويڙهيچن!
سير سمونڊ جي پير اُڪاري، آءٌ ويندين ويڙهه وري،
هس، دهري، ڪٺمال، ڪڙولا، ساڙيان سون زري؛
اڻوٽ پائڻ عيب اسان کي ناهي زيب ذري،
جهاٻا، جهومڪ، جهالر، جُهوڙو، بينسر، بولو، ڀن!
الف الاهي آءٌ ڏسان ٿي، باريءَ جا ته بيان،
سي ته صبر جا درجا دل کي، فائق جا فرمان؛
اڙد عمر جا ڪوپا قهري؛ ديرن تي دربان،
ديواني ديوار ڏسي، آهي دڙٻاٽي دڙڪن!
بادل برسي ڀاڳ ڀٽن تي، ڇوهي ڪيا ڇڇڪار،
کنوڻيون کڙيون، گجگاهه ٿيون گوڙيون، ويڙهه مٿي وسڪار،
ادب ڀريا ايمان وڏي سان، سانگي ڄام سنگهار،
پنوهارن جو پِير اسان جو پڙدو رکندو پَن!
سون عمر تنهنجو ڪين قبوليان، موتي ڇا مرجان،
باغ عمر تنهنجا داغ دلين تي، اوسيئڙا ارمان،
محلن ۾ ”محمود“ چوي، آهي دم گهڙي گذران،
رنگ محل نه ريت اسان جي، ٻوڙ پُلاهون ٻَن!
*
ديدن ڪيا درسن، اڄ ڀيڄ ڀني برسن!
ماڙيچا منهنجا موهر ۾، شل پاڙيچا پرچن!
چوڙيلون اڄ چاهه منجهان ٿيون ڪاهه ڪيو ڪڙڪن،
ڪونجن وانگي ڪَر کنيو ٿيون تڙ مٿي ترسن،
گهڙا جنهين جا گوهر گگهريون مٿي تي مرڪن،
سينهوڙيون اٿن سوکڙيون سي جنهنور جيئن جهرڪن.
جام صرحايون جن سان پيتم، تن وٽ حال هلان،
ڳري لڳي مون لڙڪ لهي، پيار، ماڙيچن شال ملان،
ساهه منهنجو پساهه پرين سان پنهنجي روح رلاَن،
چشمن سان چوغان چمان، ميدان هلي مرڪن!
نبيسر جون نام ڪٺيون ٿيون، دام وجهن دواليون،
جادوءَ ساڻ جمال جون ٿيون زور هڻن زاليون،
رنگ ڀريون آهن ريتون تن جون چست چڱيون چاليون،
ٿر ٿوهر مِڪ مانڌاڻا، منهنجا ويڙهيچا ورڪن!
ساجن جي سڪ سوز منجهان ٿي موج ڪيو ماري،
ٻانهياري آءٌ ٻول ٻڌي اڄ قول ڏيان پاري،
ماڳن تي ”محمود“ چوي، شل واڳ ڌڻي واري،
سانگيئڙا ساڙيهه ۾، شل ڏوٿيئڙا ڏسجن!
*
تجلي نور ڏسن، تجلي نور ڏسن!
عاشق مست عليل ٿا پنهنجي محبت منجهه مرن!
هئي هئي هوت هليو منهنجو هاڙي ڌاڙي، منجهه نيو جتن
جوان،
جانب ڳوليان جهنگ جبل ۾، شاهه به رکندو منهنجو
شان،
پير کڻان ٿي شير پنهل جا، رستا گهيڙ گسن.
هڪڙو سير سمونڊ آ لنگهڻو، ٻيو ٻگهڻو وڌو اٿم پنهل
يار،
ڪڙيا ڪسيون واهڙ وڪڙ ۽ سڙڪ وهن ٿا طرحين تار،
ڪُن ڪپر ڪَن ڪڙڪا قهري، مانگر مڇ وڙهن،
هڪڙو عشق اکين کي ڏاڍو، ٻيو دل ڪاڍو بارو بار،
سائو وڻ ولايت ۾، جنهن جون لامون لک هزار،
عرب مٿي جهلڪار لڳي، گلڪار ٻڌي به گلن،
سسئي سور پنهل جي خاطر ڪري وڻن اندر ووءِ واڪا
يار،
هڪڙا پير ڇپر ڪيا ڇيهون، ٻيا پنڌ فڪر جا فاقا ڌار،
بر سر مهڻا ”محمود“ بديون سُهِمان ڌار سهن.
*
حجت ناهي منهنجي هوتن سان، منهنجي ٻانهپ جي آهي ٻولي،
پينگهي ۾ پالوٽ ڏني مون کي لعل پنهل لولي.
ڀوتان بودا جتانِ جهيڪا جهونگان آ به جهُلي،
قربان وڃان مهربان اُتون سروان سڄي ٽولي.
للڪار لڳي، نروار نسنگ، هلڪار ڇپر ڇولي،
مشڪ عطر ميدان رنڱيا هٻڪار لڳي ويئي هولي.
بلوچ بنا، سامان سڃا، ارمان انهيءَ آهه اولي،
اڄ گهوٽ، آيو اٿم اوٽ اجهو، ٿيس ڳوٺن ۾ ڳولي.
پانڌي آءٌ پينار پنهل جي، غازين جي گولي،
مال مڏيون ”محمود“ چوي، سر جانب جي جهولي.
*
اڄ ٿا ڪانگ لنون، مارو ياد پون!
سي ته ڳالهيون ڳڻ مون کي ڳارين ٿيون.
ستي خواب لهان، مارن کي ٿي ملان،
کليو خوش ٿيو مون کي کيڪارين ٿيون.
گهٽيون گوراڙيون، ٻهڪن ٻڪراڙيون،
چوڌار چوڙيليون سي چارين ٿيون.
سرتيون ساريان ٿي، هنجون هاريان ٿي،
آڙانبيون آڙاهه جون سي ٻارين ٿيون.
مون ۾ عيب گهڻا، ڪنهن کي ڪين وڻان،
ميارون ”محمود“ چئي سي مارين ٿيون.
*
جن کي شوق شهادت جو، سي مرد ناهن ڪنهن جي موڙڻ جا؛
سي ته جوان آهن جنگ جوڙڻ جا.
سورهيه سنبري آيا پڙ تي،
تڪڙ ڪيو تير هڻن ٿا تڙ تي،
موذي ماريئون سڪرجي سڙ تي،
ڪافر ڪهي ڪيئون ڪوس ڪلور،
زخم آهن سر جهورڻ جا.
عشق اٻهلا آهن اڙٻنگي،
درس دلير زوراور زنگي،
ننگ ڀريا سي نرمل ننگي؛
سي پتنگ سڏائن پهلوان،
غازي آهن سر گهورڻ جا.
اجهي آيا منهنجا سدا سوڀارا،
وارث مئيءَ جا محب موچارا،
وڄن نوبت نينهن نغارا؛
محب ملياسين چئي ”محمود“،
حال ڀائي ڏک اورڻ جا.
*
ڪوٽن ۾ آهيان قابو مون کي ماتام مارن جو،
وڃايم وار چندن چوٽي،
مون ڏي موڪل وڃان موٽي،
اباڻن جو آيم اوٺي،
ڏنو سڀ حال تنهن سنگهارن جو.
ٿوهر ٿر جا ڀانيان ٿي باغ،
چاڙهين سرتيون سدا مند ساڳ،
بخت بنديءَ جي ايندو ڀاڳ،
پوريندم ساٿ پنوهارن جو.
قلندر ڪاٽيندم مهڻا مرض،
ٿيندو گوليءَ جو پورو غرض،
ماڳهين ”محمود“ جو آهي عرض:
ڏسان وڃي ڌڻ ڌنارن جو.
*
نالي نر نيشابر لشڪر شاهه لهري،
ناري منجهه نرمل ڇٽو باز بحري.
ڀنگون پي برهه جون عاشق ڪن ٿا اوُجون،
چرش تي چڪر ڪن ملنگ ڪن ٿا مؤجون،
هڻن ٿا وزم سي، مڙن ڪين مري.
پنج سؤ لک پاڳاهون گهوڙا غازين جا،
تکا تيز اڏاڻا طرا تازين جا،
ها هُڙ ڪن هزاري، ڏونگر پيا ڏري،
”محمود“ کٽياڻ چئي هادي سائين وٽ هلو،
ويٺل شهر شورن جي هو بختاور ڀلو،
مدد پير مولى بهرم شاهه بهري.
*
مجنون باغ بحال، آهي نرمل نور نهال.
لاڳ لڳي جنهن کي ليلى جي، سو جادو جوت جمال.
لات سُئي سون ليلى جي ڪا تات اها تاري،
بلبل گل تان گهور وڃي هڪ زور منجهان زاري،
گهنڊ گاهن جا جهُنڊ مٿي تي بنڊ بڻيو باري؛
ليلى ساڻ لحاظ ٿيو جنهن جو ههڙو تن جو حال.
هام انهيءَ ۾ عاشق اڳهين گوهر ٿي گذريا،
ديڳ زهر جي ويگ ولوٽيئين، مجني کي مجرا،
جهنگ جبل ۾ جنت جايون، هنڌ اتي حجرا؛
بر مٿي جن گهر اڏيا، تن جو قرب ڪمال.
وڻ ولايت ساڻ صنوبر کليا کيٽ خرار،
ٻوڪيا ٻوهه کليا گل گوهر، محب رنگي اسرار،
ڪوڇي تي جن قول ڪيا سي نر ٿيا نروار؛
انگ عاشق کي ونگ وڌائون، سهڻا رنگ رومال.
آگ اندر ۾ باهه برهه جي، لهر چڙهي وئي لاٽ،
دونهان درد دکن ٿا دل ۾، عشق ڪئي اوراٽ،
کيڙو ليُن جا ڦيڙ مٿي تي، سانوڻ جي پئي ساٽ؛
موج ڪيو ”محمود“ اُتي آهي بيٺو هت حمال،
*
طلب اندر ۾ تات، آهي آديسين جي اداس!
ساٿ سلامت رات آيو اٿم، پاڳارو پرڀات!
ارڏا اُٺ آهن آريءَ جا سي باري بونب بڙا،
هاڙهي جي هلڪار هلڻ جي ڪن ٿا ڏنگ ڏڙا،
تارون ٿا تڪرار وڄائن جيئن گهوگهٽ ڪن گهڙا،
ديوانا ڌمتال اُهي آهن، واڳون جن جي وات.
منهن موڙ ميَڙَ، اٺ گوڙ گجن، ڌڌڪا ڪن ديوان،
بينا، برگ، بگا اٺ بهري، مهري ٿيا مستان،
ساوا رنگ جنهين جا سهڻا، سوڌا ٿيا سروان،
جت آيا سي پت ڀريا سپت ڀايائون ساٿ.
پياسي آهيان ڄام پنهون، تو لئي اداسي ارواح،
انگ لکيو منهنجو آريءَ سان، آهي باري بي پرواهه،
قدم ورائج ڪيچ ڌڻي، منهنجو توسان ساهه پساهه،
الغرضا آهن گوهر غازي، زور زوراور ذات.
سڄڻ ساريان، ڪين وساريان، سڪ اندر ۾ سائي،
ٻانهي آهيان، خان پنهل تنهنجي ديرن جي دائي؛
محبت جي ”محمود“ ملي سون ڏيهه ڌڻيءَ کون ڏات.
*
هادي هوت ورائي، مشڪل معاف ڪرائي!
درسن ڪي مون کي دوست پنهونءَ جا قادر شال ڪرائي!
اجهي اوٺي آيا، سيني منجهه سيبايا،
ٻنڌڻ ٻاروتڻ ۾ جن پئون سٽ پينگهي پايا،
سڪي ساهه ٿو جن لئي سي مولى شال ملائي!
عربئون آري آيا، مون ڳليءَ ڳليءَ ڳايا،
ڪيچ وارن سان پيچ پيا، لکئي رنگ لايا،
وسوڙل جا ويڙها وري، والي شال وسائي!
وارث وسعت وارا، ڏسان آريءَ جا اوتارا،
برسيا باغ بلوچ جا ٿيا، هاڙهي ۾ هٻڪارا،
مشڪ عطر ”محمود“ کٿوري، ايندو ساٿ ڀرائي!
*
منهنجا وينگس ولر ويا ويڙهه ۾، آءٌ ساڳيا سڳر پنهنجا ساريان!
نيڻ کڻي ٿي نهاريان آءُ ڪيئن گهڙي هِت گهاريان!
پڊ پراڻا ٿوهر ٿرن ۾،
ڳم ۽ ڳانڱيون وجهون ورن ۾،
بَريون ڀٽاريــون ڀيڙيون برن ۾،
گهاٽيون گهنڊيليون بيهن ڀنڀور- چمي پنهنجون چاريان!
هردم ويڙهيچن ڏي وينديس،
ڏک ڏوراپا تن کي ڏينديس،
سک سانگين جي پلئه آءٌ پونديس
جيڪي ڪيا مون قول قرار، اهي پنوهارن سان پاڙيان!
هڏ هيڻيءَ جو سڙي ٿيو ڪاٺيون،
ڪـلهي ڪـنجرو اڳڙيون ڦـاٽيون،
ظلم زنجيرون قادر ڪاٽيون،
گوهر چارينديس موهر ”محمود“- وڃي اُتي ولي پنهنجا
واريان!
*
سگهو سانول سائين، پنهون ڪج پوئوارِي!
آهيان ڌوٻڻ ڌارين، اجهو ٿيندم آرِي!
ڇوري ڇپر ڇولي، رائي منجهه رولي،
گگيرن جي گولي، سسئي آهيان سارِي!
سدا دل سنڀاري، ويهان ڪيئن وساري،
نظر ڪج نهاري، تڳا تنهنجي تارِي!
”محمود“ چئي محبت، سرور جي صحبت،
لڳو نينهن نوبت، ڇٽا سڀ ڏوهارِي!
*
مٺيون ڀانيان ماکي مصري ڳالهيون سهڻي يار جون،
ڳالهيون سهڻي يار جون، محمد مڱڻهار جون.
حسن فراق ڇلنگيون ڇٽڪن ڇيرا،
باهه برهه جي ڀڙڪي ڄڀيون ڪن ڄيرا،
اڙانبيون عشق اڙايون مون کي دکن دلدار جون.
چشم ڪري ويون چهرا پاڪ پيشاني،
اڙٻنگ اکيون عاشق جون ڪجل پائن ڪاني،
گرد ڪن گرد ڪٽوريون سرهي سينگار جون.
قرب مان مارن مون کي تکيون تلواريون
ختم ڪم خوني خنجر وحدت واريون
قيد ڪن قابو دلڙيون زنجيرون يار جون.
چهڪ پيئي چولي، ڦولي، ڀتلي ڀاڻ تي،
لوڪ سارو ٽوڪ ڪري کلي ٿو کٽياڻ تي،
مٿي تي ”محمود“ مڃيون بديون برهه بار جون.
*
سر منهنجو سروان مٿان، آءٌ گهوريان مال مَڏِي،
پالوٽي پنهل جي مون کي چڙهي وير وڏِي.
قطار جا ڪلدار جي للڪار سان لڏي،
ڪارا اُٺ ڪرهيارل جا ڪن رائي منجهه رِڏي.
جبل تي آءٌ انبل ٿيس طبل آهيان تڏي،
ڇپر ڇولي ڇا ڪريان مون کي جتن ڪيو جڏِي،
بازر بس ڀنڀور جي، مون ڇوهي منجهه ڇڏي،
ڀاتين سان شل ڀيڙي ٿيان، هوتن ساڻ هَڏِي.
ويندس آءٌ وڻڪار ۾، آهيان پنهل ڄام سڏِي،
مدامي ”محمود“ چئي، وتان غازين سان گڏِي.
*
ڀلو ڀرجهلو سائين، لڪياري لعل اٿم،
سڪ ته سڄڻن جي خاتو بند خيال ٿم.
سوداگر ساٿ جو، پرين پرڀات جو،
رنِدي ايم رات جو، ٿيا ٻول بحال اٿم.
دلبر جا دلاسا، آيم خط خلاصا.
اندر جا اولاسا، ههڙا ٿيئڙا حال اٿم.
لٿا سڀ ڀولا ڀئي، تنهنجي پروڙ جو مون کي پئي،
مخفي ”محمود“ چئي ڪرڻي توسان ڳالهه اٿم.
*
ٻولي ٻاروچل جي، مون کي لولي ياد رهي.
هلان هيڪر ملان جيڪر، پلئه پاند پهي.
ارڙ اينگس، ڀرڙ ڀينگس، آيو ڀينگ بَهي،
بُز بدؤ بدڪار بڇڙو، کوٽو ويم کَهي.
مُلڪي جي مڪران جا، سي مون سڃاتا سهي،
لاشڪ لک مير لائق ڪندم ويل وهي.
هاڙهي منجهه هوتن جا مون کي پون پور پهي،
ويهڻُ مون کي وههُ ٿيو، وينديس ڪيچ ڪهي.
ڀينر منهنجي بلوچ سان سنگت نُڪ ٺهي.
ميارون ”محمود“ چئي، ويون لحظي منجه لهي..
*
ڀلي ياراني رک يار، منهنجا هوت هنئين جا هار!
ڪيچ وڃڻ جا پيچ پيا، اج بهشت کلي بازار.
شيشا شوقِ شراب جا، اڄ کاهوڙي به کڻن،
پياريو ٿا پُرجام پنهل کي ڪَتبن ساڻ ڪَڙن،
رِينڍرنڍن سان ٻوٿ ٻڌائون، سي گونگا ڪيئن گڙن،
سنجهي مان سروان سَٽي ويا، ڪرها ڪيچ قطار.
شاد مڙد ڏي ڪاهي وياسون واءَ منجهان والي،
ڪوچي ڄام ڪريم جي در ساجن جي به سوالي،
من جون مرادون پير پڄائي ڪونه اچي ٿو خالي،
عيدون ٿيون ايمان وڏي سان ٻهڳڻ لائي ٻهڪار،
روهه جبل جا ڪوهه ڪري ٿِيان ڀاتين سان ڀيڙي،
ندوريءَ کي نانءُ الله جي ڪندا ناز ڀريا نيڙي،
محشر ڏينهن ”محمود“ چوي، منهنجو ملهه ايندو ميڙي،
ايندو ڪندو ستاري سو بختاور ته ڀتار.
*
شهباز مٺي آواز، ڀلي کامي کدڙي.
لکين لوڪ ڪندا ٽوڪ، توتي خوب کِلڙي.
ڪشتا ٻڌ قنديلون، جهنڊا ڏنڊ نفيلون،
طرحين ڪج تحصيلون، نسنگ ٿي نڪرڙي.
رک تون خوف خدائي، سائل رهه صدائي،
برتن گنج گدائي، اٽو، ان ٽُڪر ڙي.
ڀريا بخت ڀلا، ڪندو شهنشاهه،
پنان پاند پناهه، آبرو عزت ڙي.
”محمود“ محب ملياسين، خوشي ٿي اڄ کلياسين،
دَهلي منجهه رلياسين، سرهي سنگت ڙي.
*
سانگي سدا ويٺي ساريان، موٽي وڃان شل ماروئڙن ۾.
رت هنجون پئي هاريان!
بفت زريون ۽ دهريون ڌاڄا،
کوءِ پيا عمر تنهنجا خُومچا کاڄا،
توڻي وڄڻ هت سئو سئو واڄا،
ٻن ڏيئي سڀ ٻاريان!
ملڪ اباڻو مون لئي ماکي،
لوئي اباڻي نه لاهيان لاکي،
سور سوين هت مون لئي ساکي،
ڳڻتين ۾ پاڻ ڳاريان!
سگهو سانگيئڙا ٿيندم ساڻي،
ڏوٿي ساريان ويٺي ڏهاڻي،
مارئي ”محمود“ روئي ويٺي راڻي.
ڪين گهڙي چوي گهاريان!
*
آءٌ لڳي تنهنجي لاڙي، منهنجي دل نيئون ڌاڙي.
ياد ڪريان ٿي يار پنهونءَ کي، ڄاڻي الله ڙي.
اجهي اوٺي آيا، مون ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳايا،
هي سرڙو صدي مڏي مال مايا،
اهي ازلئون جي آيا منهنجي روح جا ٿيا رايا،
پيا پيچ پنهل سان لهندو سوئي سماءُ ڙي.
سوين ساٿ سنڀريون بادشاهه وزيريون،
هنيئن آيم هيرون عطر مشڪ عنبيريون،
بلي واهه بيشڪ انهن جون اميريون،
تنبو آيا طولان ڏاڍو هل ٿيو هاڙي.
مولى سائين ”محمود“ شهنشاهه شاهوڪاري،
اصل کان ئي آءٌ تڳان تنهنجي تاري،
ائين مون مُٺيءَ سان نه ڪندو گهوٽ گهاري،
پرين پاڻ ڏيندو پنهنجي پناهه ڙي.
*
سيفل کي سنڀالي پڪاري پري
منهنجي دل ڌتاري چوري ڪيئون چري
چيلا تون اهي چونڊ جيڪي گُر کي گڏجن،
سامي سخن جا سچا سيئي سڏجن،
پارس پير پيغمر وسيلو وري.
سيفل ويو سٽيندو هوڪاري هلي،
ڏسي ديوَ ديوانا دهشت جنگ جهلي،
هڪل سان حيدر جي ڏونگر پيا ڏري.
پنجئي پنج پنجتن ظاهر ذات ڀلي،
سورهيه مرد مڪي جو اجهو ٿيئم علي،
عشق جي آڙاهه ۾ ٻوڙا پيا ٻري.
مدامي ”محمود“ چئي هميشھ هلي،
گهوري ٿي غازين جي مون دامن جهلي،
هيندو لطف سان دولهه پير دلارِي.
*
پرديسي پنهل تو ڏاڍا ڏينهن لاتا!
مون تنهنجي ملڻ لئي ڪيا ڄاڻ ڄاتا!
دُغزا هڻي وئين دام چت من وئين چوري،
جڏو هيءُ جيئڙو ويا جت جهوري،
نامِ مولى جي آديسي آ اوري،
اڱڻ منهنجي اڄ تان پرين پير پاتا!
جوڳين، جتن جا ڪهڙا ٽڪاڻا،
ڀڀُوتيا برن ۾، واريءَ وڇاڻا،
دفن شهيدن تان ڪهڙا پڇاڻا،
سي آهن دنيا کان دور اڻ موٽ آتا!
سڄڻ ساڻ منهنجي لڳي لئون جا آهي،
ويهان ڪيئن وساري لاڳاپا آءٌ لاهي،
لکيو لوح قلم جو ڊهڻو جو ناهي؛
منهنجا تن هوتن ساڻ نروار ناتا!
تنهنجون حسن هوليون، ٻڌم يار ٻوليون،
ڇيهن کان ڇڏايون، برابر تو ڀوليون،
مون جهڙيون ”محمود“، لکين تنهنجون گوليون؛
آءٌ پيادي پينار تون دلير داتا!
*
چوان ڇا مارن کي ڏاڍا ڏينهن لڳا،
اڃا ڇو نه آيا ڪهڙي ڀئو ڀڳا.
حامي ٿيندم هاشمي رکندم لوئي لڄا،
ڦِري دل ديواني جيئن ڦرن ڍور ڍڳا.
لَٽا ليڙون اڳڙيون ٽُٽي ٿيو ٽڳا،
ونهيا ڪيئن وساريان ساريان سيڻ سڳا.
موهر ۾ ”محمود“ چئي ڪن چوڙيليون چڳا،
کٿيليون کٽياڻ چئي ڪن ٿيون ويس وڳا.
*
اڄ پيغام پنهل جا پهتا، هوت لٿو وڃي هاڙي.
عيد مبارڪ کير خوشيون ٿيون، پالوٽيون پاڙي.
عشق الهوٽ ولهوٽ ولايت جهنگ جبل جهاڙي،
سبق سيکاري زير زبر جو پيچ پنهل پاڙي.
ڪيئون ساٿ پنهون منهنجو رات روانو چانگن تي چاڙهي،
شراب پياري شينهن نشو نيئون دوست پنهون ڌاڙي.
دير اوير ٿي پير نهاريان، گهيڙ گهٽيون گهاڙي،
خنڪار کيڏاريس خيال پنهونءَ جي، ڪيچين جي ڪاڙهي.
جوڳي جوان جتن پنهنجا اٺ بونب ڇڪيا ڀاڙي،
سي مهارون ”محمود“ مينَ جون شل لعل پنهون لاڙي.
*
ارم لڳا اڪثير، منهنجا سنبريا وير وزير.
صيفل، بديَل ڪاڻ بيراڳي، ڦيريدار فقير.
درخت هڪ دالان ڏٺوسين چئني جو چوگان،
پنجن تنن جو جهل تون پاسو، گاسو نه آڻ گمان.
سر صدقي ڪيو صيفل سنبري محفل ۾ ميدان،
جنهن جو حسن ڏسي حيران ٿيا، سي ديوَ پريون دلگير.
لڏو کنيو آهه لاهوتين سو پهتو اٿئي پنوهار،
حرف حساب جا مڙئي مون ڏي ماري ساٿي ميار.
سور تنهين جا گهُور اندر ۾ سيلهه چڀُن سؤ وار،
سي ياد ڪريان استاد اُهي مون کي تازا تن جا تير.
مرد ملنگي سفر سنڀايا ڪمر ٻڌئون ڪشتي،
زاغ اڏاري باغ ڏٺئون وڃي بديل جا بهشتي،
عاشق چئي معشوق انگوپيا ناز ڀري نشتي،
ٿانگو روان محبوب مروشي دانهه ڏي دل ڌير.
ڪمر ڪُلهاڀا ثمر ٻڌائون، امر لڳو ته اريم،
ڌاڳا ڌوپ لڱن کي لائي پيا سي پنڌ پريم،
لاڳاپا تن لاهوتين جا وحدت نه وسريم؛
تخت اتي بروقت ڇڏي سرمست لنگهيا سچ سير.
آب اندر غوراب گجن ٿا، سوداگر سامان،
ساڌ اُتي فرياد ڪيا وري واچ لڳو طوفان،
مَلڪان کان ”محمود“ پڇيا اُت بديل جا به بيان؛
جنهن ڏس ڏنو ڏاڍي رس منجهان ٻئي خوش ٿيا کنڊ کير.
*
ٻانهي ٻاروچل جي آهيان دائي ڌوٻياڻي-
سڪ ۾ ساماڻي، هيءَ جا نماڻي!
ميا منزل تي رنِگي ٿيا روانا،
بگدي بلوچن جا سي دنِگ ديوانا-
اوڳِي اٺن لئي وتان ويڳاڻي!
ڇوري ڇپر ۾ ريبي رهائي ويا،
هوت حڪم سان ڪرهل ڪاهي ويا-
ڏنگي ذات زوراور آهي جتاڻي!
جهنگ جبل جا ٻائڙ سڀ ٻاريان،
ليڙا لڪن تان ونگي شل واريان-
منهنجي تن ميَن لئي روئندي رات وهاڻي
وڍي دل ويراڳي، برهمڻ بيراڳي،
مٽي دل ’محمود‘ چئي ڦٽيئون ڦيراڳي،
لڳي آگ عشق جي اڃا نه اجهاڻي!
*
گهڙي گذران ڪري ويا منڊل مسافر،
آگ اندر ۾ جادو جي لائي ويا.
ويا دل جاني بت ٿيو بيراني،
قلم قضا جو لکيو هليا راهه رباني،
برسر بار مٿي تي لڪ به لنگهائي ويا.
پوربي پتڻ تان ڪي لاهوتي لنگهي ويا،
لاهي سڀ لاڳاپا لوڪ مان لڏي ويا،
دم ته دنيا ۾ ڏاڍا حڪم هلائي ويا.
امر الاهي ڪا لهر چڙهي وئي،
جوان ته جبل جيڏا کسي ته کڻي وئي،
آءٌ ته اداسي تن لئي هو نسنگ نڀائي ويا.
عشق جا اصل کان جسم ساڻ جهيڙا،
محشر ڏينهن ’محمود‘ چئي محب مليو ڪن ميڙا،
برهه جا بدن ۾ ڏاڍا کيٽ به کلائي ويا.
نوٽ: علي مراد ولد محمد خان، ذات کٽياڻ، محمود
فقير جو تمام گهرو دوست هوندو هو. چون ٿا ته جڏهن
علي مراد تي وِڄ ڪري ۽ وفات ڪيائين، تڏهن محمود
فقير اهو ٻڌي، هڪدم اتي آيو ۽ لاش جي ڀرسان بيهي،
پنهنجي دوست جي دهشتناڪ موت تي افسوس ۽ ارمان کان
في البديھ مٿون ڪلام چيائين.
*
مون نه ڀانيان مهمان، وٺي ويهندم پاڙو!
منهنجو ڪوهارل ڪيچي ڪڙي ويا ڪيچ مڪران!
مومل ماڙيءَ ۾ هيءَ جا مري ٿي،
سڪ ته سوڍل جي ۾ ساعت نه سري ٿي؛
مون کي ساهه ۾ سرتيون، ڪشي هڻي ويا ڪان!
هوت ويا سويرا، پڇان پوءِ ٿي پيرا،
جيجل جتن لئي جبلن جيءَ جيرا،
راڻو ايندم رات ڪيان ڪاڪ قربان!
هيءَ جا نماڻي، بند ۾ آهي بندياڻي،
ادا عمر تون نٿو ڄاڻ ڄاڻي،
سرور ٿيندو ساڻي، شاهه به رکندم شان!
مڪي منجهه امام، جنهن جو جڳ ڪري سلام،
سڪ ته ’محمود‘ کي مديني جي مدام،
روضو پاڪ رسول جو ڏسي ڪريان شڪران!
*
عجب رنگي رنگ لايا، بڇيا ڪي باز بحر جا
پنهل سان لنئون لکئي لائي،
منهنجو جانب ايندو جائي؛
پيان ويٺي پيالا زهر جا.
هليو جي هوت ويو منهنجو،
نٿي ڀانيان ڏوهه ٻئي ڪنهن جو؛
ڦٽا ڪيم شوق شهر جا.
آرانبيون عشق ازل جون،
رهيون دل ۾ اندر جون؛
پيا اٿم ننگ نِيرَ جا.
پنهل نيو اٿن ضرب زوري،
مرڻ ”محمود“ جهڄڻ جهوري؛
هاريان ويٺي لڙڪ لهر جا.
*
لحظي منجهه لڳي لئون واسينگ سا وڻي وئي.
هسي وير وسي منهنجي کسي دل کڻي وئي.
چَٽيون ٻڌي چوري چس، ريبي ڪيائون رهلا رس،
ڀينر آءٌ بيوس، اولاڪي ۾ اڙي وئي.
سچي صورت سونهاري، بدن بت بهاري،
ڪشي ڌڪ ڪانهياري، سا هزارڻ هڻي وئي.
اٽوٽ ڪڙيون الهٽ اند، پازيب جون ڇيريون ڇند،
بينسر بولو بازو بند، چوڙيلڻ سا چڙهي وئي.
پرور رکج پردو پن، باسيان ٿي ڏهاڻي ڏن،
”محمود“ موهيو من، جاري جڙي وئي.
*
ڏسو منهنجي يار جون ڪي ٽنڊ ٽورون،
نرگس کنيو ٻئي نيڻ وجهي گهنڊ گهورون.
پنهل منهنجو آهي چاندي،
ماري دردن ڪيس ماندي،
وڇوڙي کان ناهيان واندي،
وڃي ڏک سور ڪنهن سان اوريون.
هلي ڏسو دودست جو ديرو،
پڇايان يار جو پيرو،
اچي ملندو سو هڪ ڀيرو،
پڙهايم جنهن سبق سورون.
اصل کان آءٌ آهيان اوڳي،
ماري سورن ڪيس موڳي،
جانب ڪارڻ ٿيس جوڳي،
هيءَ سر گهوري ڏيان گهورون،
پنل پرڻيو شڪر شادي،
وڇايو گلم ۽ گادي،
مليو ”محمود“ کي حق هادي،
جنت ۾ جاءِ هنڌ حورون.
*
ساريان سيڻن کي ڏهاڻي ڏيرن کي؛
ساني ڏيج سلام پنهل جي پيرن تي.
ڌمان اٺ دونڪن ٿا جمان جتن جا،
جهاٻا جهوڙا جهڪورون ليڙا لکن جا،
تازيون ڪن تنوارون توڏا تڙن تي.
عشق دل انگي وير مٺ ونگي،
جوڳي ڪدِ گاروڙِي آروڙي اڙٻنگي،
مارين منڊ مدامي جادو جيئرن تي.
دکالڻ ڌوٻياڻي پخالڻ پنهونءَ جي،
سڏجان پيٽي سراسر ڀاڄائي چنوءَ جي،
وڪاڻي ملهه ”محمود“ دائي ديرن تي. |