وَرَهد سَڪل
ويدانت وچار مت
’هن گرنٿ ۾ ڪل هڪ سئو تيرهن (113) بيت آهن جن مان
ڏهه (10) اهڙا جيڪي ’جيپورگرنٿ-6‘ توڙي ’سنتون ڪي
واڻي‘ ۾ ناهن. ترتيب ۾ اهي ڏهه بيت هنن نمبرن وارا
آهن: 38، 39، 53، 58، 79، 84، 107، 108، 112 ۽
113. ٻوليءَ ۽ اسلوب بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته
انهن مان هڪ بيت (نمبر39) قاضي قادن جو ئي آهي، ۽
ٻيا ٻه بيت (107-108) ٻئي هڪ سنڌي سالڪ ڀِرڪڻ نالي
(يا ذات جي ’ڀرڪڻ‘ ) جا آهن. هن گرنٿ جي 113 بيتن
مان، - بيت (نمبر39 سميت) قاضي قادن جا آهن ۽ باقي
– بيت ٻين سالڪن سنتن جا چيل آهن. گرنٿ جي گڏ ڪندڙ
يا لکندڙ، جملي بيتن کي موضوع ۽ معنيٰ جي لحاظ
سان، ڇهن جدا عنوان هيٺ ورڇي رکيو آهي، ۽ اها
ترتيب نئين نرالي آهي.
ساکيون
ڪاجي قادن جي ڪي
ساکي
[1]
جيران جبران آئِيتان، اکر انت نه پار
هڪڙوئي ايماڻ ۾ لهي سبِنِ سار.
[زيران زبران آيَتان اکر انت نَه پار
هڪڙوئي ايمان ۾، لهي سڀن سار]
[2]
جو تو ٻارهه لک، ڪوئي ڪتابين پڙهي
اهي سڀائي سِک، جو جو پريان نه ِمڙي.
[جو تون ٻارهن لک، ڪيئي ڪتابين پڙهين
اها سڀائي سک، جون جون پريان نه مڙين]
[3]
ڪَنج ڪَنجُري ڪافيا، ڪي ڪين پڙهيام
سوئي هوئي ڪو ٻيو، جائي پرين لڌام
[ڪَنز قُدُوري ڪافيا، ڪي ڪين پڙهيام
سوئي هوئي ڪيو ٻيو، جان ئي پرين لڌام]
[4]
پڙهندا پيئي ويا، ڪوڙي لک قُراڻ
لکي لوڪ نه سگهيو، پاڻِئي اندر پاڻ.
[پڙهندا پيئي ويا، ڪوڙين لک قُراڻ
لکي لوڪ نه سگهيو، پاڻي اندر پاڻ]
[5]
جي گهُر گهُري نه ڪِينهه، سائين تو ديدار ڪي
سونپي ايڪ خُدا، ڪيهِي اونج ڪرينهه.
[جي گهُر گهُرِي نه ڪينِ، سائين تو ديدار کي
سي ڀَئِه هڪ خُدا، ڪيهي اُڃ ڪرينِ]
[6]
ويٺو سُوتو اُوٺيو، ڳالهائيندو گندو
اسان تُسان دِي تاتڙِي واٽڙيان ويندو.
[ويٺو، سُتو، اوٺيو، ڳالهائيندو، ڳيندو
اسان تُسان دي تاتڙِي واٽڙيَان ويندو]
[7]
الف اگي هِي ياد ڪرِ، اکر ٻيا وِسار
جو نه اُجهي ڪڏهين، سو تُون ڏِيئو ٻال.
[ ’الف‘ اڳي هِي ياد ڪَرِ اکر ٻيا وِسار
جو نه اُجهي ڪَڏهين، سو تون ڏيئو ٻار]
[8]
لائي لام الف سان، ڪاتب لِکي جِم
مون هينئڙو پِريان سُون، لگو آهي تِم.
[لائي ’لام‘ ’الف‘ سان ڪاتب لکي جيئن
مون هينئڙو پريان سان لڳو آهي تيئن]
[9]
جو پاڻ ئو پڌرو، ٻُڌا آئون سَڏُ
مُو هينئڙو تائِي ڪِيو، سُپريان سي گڏُ
[جو پاڻئون پڌرو ٻڌو آئون سڏُ
مون هينئڙو تان ئي ڪِيو سپيريان سين گڏ]
[10]
پهِروئي پيام جان، مون سوئِي سِوَڙاڻ
هينئڙو هيڃ پنڌ ڪري، لگو ڪئون ڪِوَڙاڻ.
[پهروئي پيام جا مون سان ئي سَوَڙاڻ
هينئڙو هيج پنڌ ڪري لڳو کؤن ڪِوڙِاڻ]
[11]
نه سو لاهو، نه سِرو، نه اُورار نه پار
ڊوڍو وتي تِن ڪي، سو من منجههِ نِهار.
[نه سو لاهه نه سِرو، نه اوراڙ نه پار
ڍونڍو وتين تِن کي سو من منجهه نهار]
[12]
دِل اندر درياوَ، پوي ڪا سمجهه ڪل
ماڻِڪ اِههِ سَرِياوَ، چوندي چوکو نه کڻي.
[دل اندر درياوَ، پوي ڪا سمجهه ڪل
ماڻڪ ات سَرياوَ، چونڊي چوکو نه کڻين]
[13]
پيٺا جي درياوَ ۾، ڪاٿُون منهه ڙي ئي
ماڻڪ اکڙين سين، پَسندا سيئي.
[پيٺا جي درياوَ ۾ ڪاٿو منہ ڏيئي
ماڻڪ اکڙين سين، پَسندا سيئي]
[14]
درِ پُورا گُر سَگُرا، حقيقٿا هنج
ڪوڏي هندا ڪڻ چُگي، سر پاڻي جا منجهه.
[دَر پورا گُر سَگُرا، حقيقتا هنجهه
ڪوڙين هنڌان ڪَڻ چُڳن سَر پاڻي جي منجهه]
[15]
وڃي آيو ڪير، ڪهي ڏٺومُ لاوَتِ موُن
اچي ڪندو ڪيرِ، ڳالهي رب پَرتيان.
[وڃي آيو ڪيرُ، ڪنہ ڏٺوِ مُنہ لاهُوتيين
اچي ڪندو ڪير، ڳالهين رب پرتيان]
[16]
اُڻس رهندا هنجهڙا، اِتي ئِي آهِن
ڳالهي رب پرتيان، جي مانگي سو ڏينهه.
[اُن سَر سندا هنجهڙا اِتي ئي آهين
ڳالهين رب پَرتِيَان جو مَنگِي سو ڏين]
[17]
سَرَ هيڪڙي وسن، جر ۾ جيونَ گڏيو
سار نه سالُورن، مٿي ڪنوَل ڦلاريو.
[سَرَ هيڪڙي وَسَن، جَر ۾ جيوَ نه گڏِيو
سارَ نه سالُورَن، مٿي ڪَنول ڦُلاريو]
[18]
جي سالُورو سُڌ لهي، ڪَوَران سندي ڪاءِ
ته پيو پاتال ۾، اوند نه مِٽي کاءِ.
[جي سالُورو سُڌ لهي ڪَنوران سندي ڪاءِ
ته پيو پاتالَ ۾، هوند نه مِٽي کاءِ]
[19]
ڪي دُور هي ولها، ڪي ويجهِا هِي دُور
لڌي نه ڪنوراهه ڪر، اونهي جڙ سالُور.
[ڪي دُور هي وَلَها، ڪي ويجهائي دُور
لڌِي ڪنوَراه ڪَر، اُونهين جَرِ سالُورَ]
[20]
اکين اندر سڏيا، جاڳي پس جُواڻ
منجهي هِي مڪو ٿِيو، منجهي هي ملتاڻ.
[اکين اندر سَرِيا، جاڳِي پَسُ جُواڻَ
منجهي هِي مَڪو ٿيو، منجهي هي ملتاڻ]
[21]
اکين آڪاساوَ، فوجون ڪري اُلٿيوُن
سوڙي گلي منجهاوَ، سوجِهي پِري لهنديون.
[اکين آڪاسانءُ، فوجون ڪَري اُلَٿِيُون
سوڙهي ڳَلي منجهاءَ، سوجهي پرين لهنديون]
[22]
اکيون پسڻ ڪي پِرِي، ڀِري اُلٿيون منجهه
جتي ويٺو مان پِرِي، نهاريندو هنجهه.
[اکيون پَسڻ کي پِرين ڀِري اُلَٿيون منجهه
جتي ويٺو مان پرين نهاريندو هنجهه]
[23]
شهباج باج ٿيو، پنکي نه ماري
اِکي کوڙي اَرس ۾، لُڏِي مُناري.
[شهباز باز ٿيو، پکي نه ماري
اکين کوڙي عرش ۾ لُڏي مناري]
[24]
جِنهان جان جُدا ڪِييا، تُو منهن تِنِهي پَسُ
لتاڙين لتِن سين، اَٺي پهر عرس.
[جنهان جان جُدا ڪِيا، تون مُنہُ تنهِين پَسُ
لتاڙين لَتِن سين اٺئي پهر عَرس]
[25]
واحد هندي دائري، هيڪوڻيو پيهِي
جِنهان جان جُدا ڪييا، پَسندا سيئِي.
[واحد هنڌين دائرين، هيڪڙيو پيئي
جنهان جان جدا ڪِيا، پَسندا سيئي]
[26]
وسن شهر حقيق ۾، حقيقي مون سيڻ
ڳالهي چونِ حقيقيُون، چون حقيقي ويڻ.
[وَسن شهر حقيق ۾ حقيقي مون سيڻ
ڳالهين چون حقيقيون، چون حقيقي ويڻ]
[27]
وسن شهر شفاف ۾، شفافي مون سيڻ
ڳالهي چون شفافيان، چون شفافِي ويڻ.
[وسن شهر شفاف ۾، شفافي مون ويڻ
ڳالهين چون شفافيان، چون شَفافي ويڻ]
[28]
جِنهِي مُک مَرائي، امي اُٿلي اکري
تِنهي جي ڳالهائي، ماندوئي ساجو ٿئي.
[جِنهين موک مَڻاءِ، اُمي اُلَٿي اکڙيين
تِنهين جي ڳالهاءِ، ماندوئي ساڄو ٿئي]
[29]
ڪُنجي ڏيئِي ڪِلِيو جِنهي رُوح رساوَ
تِنهي سندي ڏلهڙي، سُهاري سُواوَ.
[ڪنجي ڏيئي جَهليو جنهين رُوح رَساوَ
تنهين سندي ڏهلڙي سونهاري سَڀَاءَ]
[30]
سُونا سَرپ نه لوڙيي، جي لوڙيي اُو لک
مون تِنهي سندي ڀُک جنِهي مَستڪ مَڻي ٻَلي.
[سونا سَرپ نه لوڙيي، جي لوڙيي اُو لَکَ
مون تِنهين سندي بُک، جِنهين مستڪ مَڻي ٻَلي]
[31]
ڪوڙين سهس کِڙڪيان، اَين ڪَسر دَر لک
تان ئي سڄڻ سامهان جائي ڪرين پرک.
[ڪوڙين سَهس کرِڪِيَان، عين قصر در لَک
تان ئي سڄڻ سامهان، جان ئي ڪرين پَرک]
[32]
پهلي پاڻ پرک، پِري پرکڻ سکڙا
در ڀي سوئي رک، جِٿِي ڌڪا نه لهين.
[پِهرين پاڻ پَرَک، پِرين پَرکَڻ سئوکڙا
دَرُ ڀِي سوئي رَکُ، جِٿي ڌِڪا نه لَهين]
[33]
پهلي پاڻ وِڃاءِ، پاڻ وِڃائي سک لهي
تن اندرِ منهن پاءِ، تانئُون اندر مون سُپرين.
[پهرين پاڻُ وڃاءِ، پاڻُ وِڃائي سُکُ لَههُ
تَن اندر مُنہ پاءِ، تانئون اندر سُپرين]
[34]
جوگي سو جگ ۾، تُون ويروئِي وَير
سوجهِي ڏيئي سرير ۾، تو اساهنجو پير.
[جوڳي سو جُڳ ۾، تون وِيرئون ئي وِير
سوجهي ڏئين سَريرَ ۾، تون اسانهجو پير]
[35]
سُتو اُٺو سُرِ ۾، جوگي جگايو
سُمري وڃ مُومنا، تي تيئي نيو سِي.
[سُتو هُوتو سُر ۾، جوڳي جاڳايوسِ
سُمري وڃ مومنان تِتيئي نيوس]
[36]
ڪِنهِي لڌو پري ڏِيي، اَپيري ۾ پير
ڪوڏي منجهي ڪو لهي، تِهي ڀي سندا ڀير.
[ڪِنهِن لَڌو پيرڙين، اَپيريءَ ۾ پير
ڪوڙين منجهين ڪو لهي تنهين سندا ڀير]
[37]
جي مهراڻ ميا ڪري، تو باگِري سهي نه سٽ
پِريان سندِي ڳالهڙِي، رهي نه اندر گهٽ.
[جي مهراڻ مَيا ڪري، ته ڇاڳر سَهي نه سَٽ
پِريان سندي ڳالهڙي رهي نه اندر گهٽ]
[38]
منجا ڪُونچي مَنجهِي دَر، منجها هي ديوان
منجِهي هِي ميلا ٿِيوي، جي تُو پلي پاڻ.
[مَنجهِي ڪُوچي، منجهِي در، منجِهِيئي ديوان
منجهيئي ميلا ٿيوي، جي تون پَلين پاڻ]
[39]
اڄ هُون پِيهر لوءِ، ڪالهي وڃندي ساهُوري
جي گُڻ گگِنٺِي هوءِ، تَو درسُ مان ٿئي.
[اَڄ هُون پيئَر لوءِ، ڪالهه ئي ويندي ساهُرين
جي گُڻ گهڻيرِي هوءِ، تو در سا(هرين) مانُ ٿئي]
اَٿِ وِرهه ڪا انگ
[40]
سُور جِنهِي ڪي هوءِ، ڌانهُو تِنهِي اُڀرِن
ڪاٿي ڪو ڏٺوءِ، دانهُون ڪندي سور ري.
[سُورُ جِنهين کي هوءِ، دانهون تنهين اُڀرن
ڪاٿي ڪو ڏٺوءِ، دانهون ڪندي سُور ري]
[41]
ڪاگد ڪالي اکري، موتان مون سُڻين
گورِي کڙي ونچائِيا، ٽمندي نيڻين.
[ڪاغذ ڪاري اکرين مُتا مون سيڻين
ڳوري کڻي وانچائِيا ٽمندي نيڻين]
[42]
ڪاگد ڪالي اکري، مين وانچِي وائِڻ وِڌو
سڄڻ آئي اکِري، مين لوٽيندو لڌو.
[ڪاغذ ڪالي اکرين مئن وانچائڻ وِڌو
سڄڻ آلي اکرين مئن لوڙيندو لَڌو]
[43]
لِيها لکي ڪِيام، پسڻ ڪِي پاڻ پِري
سوجهي سيڻ لڌامِ، من منجهي ئي سُپِري.
[لِيهان لک ڪِيام، پَسڻ کي پاڻ پرين
سوجهي سيڻ لَڌام، مَن منجهيئي سُپرين]
[44]
روئِي ڪرِ پڌرو، هِنيي منجهه ئِي جالِ
جا جا پِريا نه مِڙي، تن ڪاٺِي جِيو ٻالِ.
[روئي ڪَرِ (مَ) پڌرو، هنيين منجهه ئي جال
جان جان پِريان نه مڙين، تن ڪاٺي جيون ٻال]
[45]
پِريا سَندِي ڳالهڙِي، مَر منجهيِ ئِي هوءِ
ٻُڌائي ڏيان ڪي، ڪيهو ڪاج سَريوئِي.
[پِريان سندي ڳالهڙي مَرُ مجهيئي هوءِ
ٻُڌائي ٻيانِ کي ڪيهو ڪاڄُ سَريوءِ]
[46]
توجل ٻاهرِ نِڪري، وِچارا وي ڀَوُ
کامي لوسي منجهه ٿو، اساهنجو هُو.
[تَئُه جَلُ ٻاهر نڪري وچاران ڀِي ڀُون
کامڻ لُوسڻ منجِهه ٿيو اسانهجِي هِيُون]
اُنهان اندر ماهه، ٻاهر ڌڪ نه پڌرو
وئد ڪريندو گهاءُ، پسي سي واڍوريي.
[اُونهان اندر ماه، ٻاهر ڌَڪُ نه پڌرو
ويدُ ڪريندو ڪِياءِ، پسي سي واڍوڙيا]
[48]
ڪڙِي ٻيرِي ٻُور، ڪڙِي پُو نه هيڪڙو
ڪڙي پريان پُور، ڪڙي سِڪان سَد ڪي.
[ڪڏهين ٻيرين ٻُورُ، ڪڏهين ڦول نه هيڪڙو
ڪڏڏهين پِريان پُورُ، ڪڏهين سِڪان سَڏَ کي]
[49]
سُهَرانيان سَنهڙو، جات نه ڪِييو تِييَه
توکي اکڙنِ ۾، پِري پَيندو ڪِييَه.
[سُئيريان سنهڙو جان تَنُ نه ڪِيوءِ تيئن
توکي اکڙين ۾ پرين پائيندو ڪيئن]
[50]
روج مهسر ڏينهن ۾، سَتر سج تپن
سڀوءِ سک ڀانيا، جي مو پِري مِڙنِ.
[روز محشر ڏينهن ۾ ستر سج تَپنِ
سڀوئي سُک ڀانئيان جي مون پرين مِڙن]
[51]
لگي وڃ پيرِ، ڌانها ڪندي ڏونگري
سيئِي سڄڻ ميل، جنهان دِي هُون ڏامِڻي
[لڳي وڃي پير، دانهان ڪندي ڏونگرين
سيئي سڄڻ ميڙ، جنهان ڏيهون مون مڻي؟]
[52]
جي تيلائِي رچِي مچِي، تو بِڻ لُڪڻ بارهِي
جهر ڪَلائِر هَٿ ڪري، ڪارڻِ پِريا کاهِي.
[جي تو لائِي رَچِمَچ ته پڻ لڪڻ ناه
زَهر هلاهل هٿ ڪري ڪارڻ پريان کاءِ]
[53]
اکِي ڳالهائين ڪي، ڌِيرِي منجهه کِلنِ
ريکا گهيري پييَه ڪي، هيئڙي کي پچڙِنِ.
[اکِين ڳالهائين ڪِين ڌيري منجهه کِلَن
ريکَا گهيري پيَه ڪي هنيئڙي کي پڄرن]
[54]
توڙي هوءِ نه چاههُ، سي سَهسِي ماڍوُين
اکي کيئنم تاءُ، جتي هوئن ما پِرِي.
[توڙي هوئن چاء، سَئين سهسين ماڙهُوئين
اکين کِينَمِ ٿاء، جتي هوئن مان پرين]
[55]
واڙي ۾ وڙ هڪڙو، سو مون گهڻو سُهاءِ
ٽاري وِلاسي سَڄڻا، وڏِي وِي وَڻ راءِ.
[واڙِي ۾ وڻ هيڪڙو سو مون گهڻو سُهاءِ
ٺار وِهاري سڄڻان وڏي هي وڻراه]
[56]
تِکو تيڏاهه هي وهي، جيڏاهه مُهه مهراڻ
ڏيهه سڀوئِي هڪڙو، گهڙي لڌو سِي پاڻ.
[تِکو تيڏانهين وَهِي جيڏانہ مُنہ مهراڻ
ڏيهه سَڀوئي هڪڙو، گهِڙي لڌو سي پاڻ]
[57]
هاڻي ويئي وِسرِي ماوَ مُسيلي ويرُ
ماکي سڄڻ گڏيو، عيد ڪريندو ڪير.
[هاڻي ويئي وسري ماءُ مُصلي وير
مان کي سڄڻ گڏيو عيد ڪريندو ڪير!]
[58]
پِري پساءِ اُبلا، ڪيني آوڪ ڀُک
مون تنِي اندر اوُک، اڻ ڏيٺا سرجگڻَا.
[پِري پَساءِ اُو ڀَلان ڪني بُک
مون تن اندر اوک، اَڻ ڏٺا سر جگڻَا؟]
ساچ ڪو انگ
[59]
جِيئَه ڦِڦڙ ماهه ۾، روجا يُو نواج
اڃان آهي ڪائِي ٻِي، اَلله دِي هاج.
[جيئن ڦڦِڙَ ماه، ۾، روزا ايئن نَماج
اڃان آهي ڪائي ٻي الله دي حاج]
[60]
جِنِي محبت من ۾، تي ميلي ئي سوڀَنِ
تن ۾ ٻلي مُسهال سدا سُپريانِ.
[جَني محبت من ۾، سي ميلي ئي سُونهنِ
تن ۾ ٻَري مشاعل سدا سُپيرينِ]
[61]
اِلَت وڃي اِيش نا، آدت ڪِڏهِي نه جاءِ
اُٺ ڪڻڪي وڙيي، چُڻِي جواس کاءِ.
[عِلتَ وڃيئِيس نا، عادت ڪڏهين نه جاءِ
اُٺ ڪَڻڪين وَڙِيي چُڻي جَواسا کاءِ]
[62]
سيڻاهندو سڏيو، پپيهو آيو
لکي لوگ نه سگهيو، اسان ڳالهايو.
[سيڻان هنڌئون سڏيو، پپيهو آيو
لکي لوڪ نه سَگهِيو، اسان ڳالهايو]
[63]
جتي سَچُ سنسار سُو سُج سوئِي سونهوءِ
تو پڌر هي ٻيڙا تري، جِٿا نِير نه ڪوءِ.
[جِتي سَچ سنسار سون، سوجي سائين سون هوءِ
تو پَڌر هِي ٻيڙا تري جٿان نِير نه ڪوءِ]
[64]
سَچُ سمندا سِر چڙهي، ڪوڙ ڪکائي ڀاههِ
جڏهِي تڏهِي ڪوڙ ڪُو. ڏيندو سچ سجاءِ.
[سَچ سَمندان سِر چَڙهي ڪُوڙ ڪَکائين باه
جڏهن تڏهن ڪوڙَ کي ڏيندو سچ سزاء]
[65]
پتو ڦِٿو پيٽ ۾، وڏي مُلا ماهه
ٽُٻي ڏِني ڌوُڙ ۾، الا اوري آوَ
[پِتو ڦِٿو پيٽ ۾، وَڍي مُلا ماه
ٽَٻي ڏِنئين ڌوڙ ۾، الله اوري آء]
[66]
ڪاجِي ڪَٿ مَ ايترو، متِ ڪِروئِي پير
پلاڻيندو پوٽرِي، مٿي ڪِيندو ري ڪير.
[قاضِي ڪَٿِ مَ ايترو، مَتِ ڪِيروئي ڦيرِ
پَلاڻيندو پوٽڙي، مٿي ڪيندُئي ڪير]
[67]
مَکُڻَ مُڪرِنِ ڪي مُلان ڪُٽِي کين
پيوَ ڪَڍدي تِنهه ڪي هو جور گهُگهُرِنِ.
[مَکڻ مکي ان کي مُلان ڪُٽي کِينِ
پيو ڪَڍري تن کي هو جي رَٻَ گهَرن]
[68]
ڏِنهان پاڻ وکاڻ ڪُو، جِڀ تُهه جي وتِ
بندا خالق نه گهُري، ڪري پرائِي ٺٺ.
[ڏِنئين پاڻ واکاڻ ڪُون ڄِڀَ تُنهنجي واتِ
بندا خالق نه گهُرين ڪَرين پَرائي تاتِ]
[69]
تون ائسونهين پُوٺِيو، تين ڀُوٿي اَساڻ
نهين رتو رحمان سُون، وي پڙهڻ هار قُراڻ.
[تون اَسُونِ نهين پوڇيو، تئن پُوڇي اَساڻ
نهين رتو رحمان سون، وي پَڙهڻهار قراڻ]
[70]
سچي سائين ساڻ، تو مَ ڪَر ڪُوڙي ڪُوڙيا
جي تو منجهه هينيان، وو سنڀري ڪلِي پرکڻو.
[سچي سائين سان، تون مَ ڪَر ڪوڙي ڪُوڙيَان
جي تو منجهه هينيان، هو سڀني کي پرکڻو]
|