سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: قاضي قادن جو رسالو

باب

صفحو :8


سَنتُون ڪِي واڻي

 

هن گرنٿ ۾ اهي ساڳيا 118 بيت آهن جيڪي ’جيپور     گرنٿ 6‘ ۾ آهن، ۽ پڻ اهي ساڳي ترتيب سان لکيل آهن. اهي بيت پهريائين سنه 1978ع ۾ هري ڄيٺالال ٺڪر شايع ڪيا. اصل گرنٿ واريون پڙهڻيون معلوم ناهن، پر انهن پڙهڻين کي جئن هيري ٺڪر درست ڪري ڪري ڇاپيو تئن اهي هر بيت ۾ مٿان شروع ۾ رکيون ويون آهن ته جئن اصلي پڙهڻين جو ڪنهن حدتائين اندازو ٿي سگهي. هيٺان ڪارين چورس ڏنگين ۾ راقم طرفان سنواريل پڙهڻيون ڏنل آهن جيڪي پهريائين ادبي بورڊ جي رسالي ’مهراڻ‘ جي ٻن شمارن (آڪٽوبر- ڊسمبر 1978ع ۽ جنوري- مارچ 1979ع) ۾ شايع ٿيون. انهن پڙهڻين کي هاڻي ذرا وڌيڪ سنواري رکيو ويو آهي.

”ڪاجي ڪادن جي ڪِي ساکي سنڌي

اور ڀي ساڌان ڪي ساکي ايڪٺي“

[1]

زيران زَبِران آيَتان، اکر انتُ نَه پار،

هيڪَڙِيو، ايمانَ ۾، لَهَنِ سَڀِني سارَ

[زيران زبران آيَان، اکران ان نه پار

هيڪڙو ايمان ۾ ٻهَين سڀني سار]

[2]

جُو جُو ٻارَهه لَکَ، ڪوڙين ڪَتيبان جي پَڙَهئه

ايَهه سَبائِي سِک، جان جان پِرِيان نَه مِڙَءِ.

[جون جون پَڙهه ۽ لِکَ، ڪوڙين ڪُتيبَان جي پڙهين

اي سَڀائِي سِکَ، جان جان پِريان نه مڙين]

[3]

ڪنزُ قُدُورِي ڪافِيا، ڪي ڪِينَ پَڙِهيامِ

سو ڏيهو ئي ڪو ٻِيو، جان ئي پِرين لڌامِ.

[ڪَنز قُدوري ڪافيا، ڪي ڪين پڙهيام

سو ڏيهه ئي ڪو ٻيو، جان ئي پرين لڌام]

[4]

پَڙهندو پَئي وِيو، ڪوڙين لَکَ قُرآڻ

لَکي لوڪُ نَه سَگِهيو، پاڻي اندَرِ پاڻَ.

[ساڳي پڙهين جئن آهي تيئن]

[5]

جي گُهر گهڙي نَه ڪِينهه، سائين تو ديدارَ کي

ڪيهي حُجَ ڪَريِنههِ، سووي پَهنچون رَبَ ڏان.

[جي گُهرَ گهَڙي نه ڪينِ، سائين تو ديدار کي

ڪيهي حُجَ ڪَرينِ، سيئي پنهنجي رب ڏان]

[6]

سُتو ويٺو اُٺِيو، ڳالهائيندو ڳيندو

اسان تُسان جي تاتِڙي، واٽَڙِئين ويندو.

[سُتِي ويٺي، اُٿيي، ڳالهائيندي، ڳيندي

اَسان تُسان جي تاتِڙي واٽڙيين ويندي]

[7]

اَکرَ ٻِيا وِسارِ، الُف اڳهُون ئي ياد ڪَرِ

سو تُون ڏِيئون ٻارِ، جو نه اُجهنپئه ڪَڏَهينِ.

[اکر ٻيا وِسارِ، الف اڳيون ئي ياد ڪرَ

سو تون ڏيئو ٻارِ، جو نه اُجهامي ڪَڏهين]

[8]

لائي لامُ الفَ سان، ڪاتِبَ لکين جيئن

مُون هِنيَڙَو پِرِيان سانَ، لَڳَو آهي تيئَن.

[لائي ’لام‘ ’الف‘ سان ڪاتب لِکنِ جيئن

مون هِنيَڙو پريان سان لڳو آهي تيئن]

[9]

جان پاڻاڻ جو پَڌِرو، ٻُڌو آءٌ سَڏُ

مُون هِنيڙو تان ئي ڪِيو، سُپِرِيان سئون گَڏُ.

[جان ئي پاڻان پڌرو ٻُڌايائون سڏ

مون هنيڙو تان ئي ڪيو، سپيريان سان گڏ]

[10]

پَهرِيون ئي پِرِيانِم جا، مُون سان ئي سُوَڙانِ

هنيَڙو هيجَ پَنڌُ ڪري، لَڳو ڪَہُ ڪيڻان.

[پهريائين پريام جان، مون سائين سيڻان

هِنيڙو هيجَ پنڌ ڪري، لڳو ڪَہَ ڪيڻانِ]

[11]

نه سو لاهُو نَه سِرو، نَه اُرِ وار نَه پار

مُوڙِهو وَتين تِنِ کي، سو مَنَ مَنجههِ نِهار.

[نه سو لاهه، نه سِرو، نه اورار نه پار

مُوڙهو وتين جِنہ کي سو مَن منجهه نِهارِ]

[12]

دِلِ اندَرِ دَرياو، پُڇَئِه ڪِيا سَمُندِرَ ڪَلَ

ماڻِڪ اِههَ سَرِياو، چُڳي چوکي نَه کَڻِي.

[دِل اندر درياء، پڇين ڪِيان سَمُونڊر ڪَلَ

ماڻِڪَ ائين سَرياء، چُڳي چوکا نه کڻين]

[13]

ڪايا مُهه ڏيئِي پيٺان جي دَرِياوَ ۾

پَسَندا سيئِي، ماڻِڪَ اکِڙِيُنِ سين.

[ڪاوا مُنہ ڏِيئي، پيٺا جي درياء ۾

پَسندا سيئي، ماڻِڪَ اکڙين سِين]

[14]

دَرِ پُورا گُر سي گُهران، حَقِيقتَا هَنجههَ

ڪوڙين هَنڌان ڪَڻَ چُڳنِ، سَر پاڻيءَ جي منجههِ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[15]

وَڃي آيو ڪيرُ، ڪَنهِن ڏِٺو مُههُ لاهوتُين

اچي ڪندو ڪيرُ، ڳالِهيُن رَبَ پِرتِيان.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[16]

هُن سَرَ سَندا هَنجَهڙا، اِتي ئي آهِينِ

ڳالهينِ رَبَ پرتِيان، جو مَنگي سو ڏينِ.

[هُن سَر سندا هنجهڙا اتي ئي آهين

ڳالهِين رَب پَرتيَان جو مَنگي تِنہ ڏينَ]

[17]

سَرَ هيڪِڙي وَسَنِ، جَرَ ۾ نينِهُن نه گَڏِيو

سارَ نه سالُورَنِ، مَٿي ڪَنولُ ڦلارِيو.

[سَر هيڪڙي وَسن، جَرَ ۾ نِيہُ نه گڏيو

سارَ نه سالُورَنِ، مَٿي ڪَنولُ ڦلاريو]

[18]

جي سالُورو سُڌِ لَهي، ڪَنوَلان سَندي ڪاءِ

تو پَيو پاتالِ ۾، هُوندَ نَه مِٽي کاءِ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[19]

ڪي ويجها ئي ڏوُرِ، ڪي ڏوُري ئي وَلها،

هوئي جَر سالُور، لَڌي نهَ ڪَنولانهه ڪَرَ.

[ڪي ويجهائي ڏوُر، ڪي ڏور ئي (اوڏا) ولها

هُو جي جَرَ سالُور، لڌي نه تن ڪِنولانهه ڪَر]

[20]

اَکِ اَندَرِ سَرِيو، جاڳي پَسُ جُواڻ

مَنجهيڻي مَڪو ٿِيو، مَنجهيڻي مُلتاڻ.

[اک اندر سَريو، جاڳي پس جُواڻ

منجهيئي مڪو ٿيو، منجهيئي مُلتاڻ]

[21]

اِکيوُن آڪا سانهه، فوجُون ڪَري اُلَٿِيُون

سوڙِهي گَلي مَنجهانهه، سوجهي پِرين لَهَنديُون.

[اکيون آڪاسان، فوجون ڪري اُلٿيون

سوڙهي ڳلي منجهان، سوجهي پرين لَهنديُون]

[22]

دادُو اکيون پَسڻ ڪي پِرين ڀِري اُلَٿيان منجهه

جتي بيٺو مان پِرين نهاريندو هنجهه.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[23]

سَهِبازُ بازُ ٿِيو، پنکي نَه ماري،

اَکِ کوڙي عَرِسَ ۾، لُڏي مُناري.

[شهباز باز ٿيو، پَکي نه ماري

اک کوڙي عرش ۾ لڏ مناري]

[24]

جِنهِين جان جُدا ڪي، تُون مُههُ تِنِهين پَسُ.

لَتاڙينِ لَتُنِ سي، اَٺي، پَهَرَ عَرسُ.

[جِنِهين جانَ جدا ڪِي، تون مُنههُ تنهين پَسُ

لتاڙين لتن سين، اَٺئي پهر، عرس]

[25]

واحِدُ هَنڌين دائِرين، هيڪِڙِيو ميئي

جِنهِين جانِ جُدا ڪي، پَسَندَا سيئي.

[واحد هنڌين دائرين، هِيڪڙو ميئي

جِنهين جان جُدا ڪِي پَسندا سيئي]

[26]

حَقِيقي مُون سيڻَ، وَسَنِ، سَهَرَ حقِيقَ ۾

ڳالِههِ چَوَن حَقيقيان، چَونِ حَقيقِي ويڻ.

[حقيقي مون سيڻَ، وسن شهر حقيق ۾

ڳالهين چون حقيقيان، چون حقيقي ويڻ]

[27]

سَفِيفي مُون سيڻَ، وَسنِ سَهَرَ سَفافَ ۾

ڳالِههِ چوَن سَفافِيان، چَوُنِ سَفافي ويڻَ.

[شفيقي مون سِيڻ، وسن شهر شفاق ۾

ڳالهِين چون شفيقِيَان چون شفيقي ويڻ]

[28]

جِنِهِين مُکَ مَرانء، اَمي اُلٿِي اَکڙئين

تِنِهين جي ڳالهاء، معدو ئي ساڄو ٿِيو.

[جِنهين مُک مَڻاءَ، اُمِي اُلَٿي اکڙيين

تِنهين جي ڳالهاءَ، ماندوئي ساڄو ٿيو]

[29]

ڪُنجي ڏيئي جَهلِيو، جِنِهين رُوحَ رساوَ

تِنِهين سَندي تُلِهڙي، سونهاري سُڀاوَ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[30]

جي لوڙي تي نَه لَهان، اَلوڙي دي ڍيرَ

توڙي ڏِسَڻَ سُهِڻي، اَنبان تُلِ نَه ٻيرَ.

[جي لوڙيندي نه لَهان، اَلوڙِيندي ڍير

توڙي ڏسڻ سونهڻي، اَنبان تُلَ نه ٻير]

[31]

سُني سَرِپَ نَه لوڙِيان، جي لوڙِيان تان لَکَ

مُون تِنِهان سَندي بُکَ، جِنِهِين مَستَڪَ مڻي بَلئِه.

[سوني سَپ نه لوڙيان، جي لوڙِيَان تان لک

مون تنهان سندي بُک، جنهين مستڪ مَڻ ٻَلي]

[32]

عين قَصَرِ دَرَ لَکَ، ڪوڙين سَهِسين کِڙِڪِيانءَ

جان ئي ڪَرين پَرِکَ، تان ئي سَڄَڻ سامُهان.

[ايڪ قَصر دَرَ لَکَ، ڪوڙين سَهِسين کڙڪيَان

جان ئي ڪَرين پَرک، تان ئي سَڄڻ سامِهان]

[33]

پَهرين پاڻُ پَرَک، پِرين پَرکَڻُ ساکِڙا

دَرُ ڀي سوئي رَکُ، جِٿان ڌَڪا نَه لَهِين.

[پِهرين پاڻو پَرک، پِرين پَرکڻ سؤکَڙا

دَرُ ڀي سوئي رَکُ، جتان ڏِکائُون لَهين]

[34]

پَهِرِين پاڻُ وِڃاءِ، پاڻُ وِڃائي سو لَهي،

مَنَ اَندرِ مُههُ پاءِ، توئي اَندرِ سُپرينِ.

[پِهرين پاڻُ وِڃاءِ، پاڻ وڃائي سو لهي

مَنَ اندر مُنہُ پاءِ، توئي اندر سپرين]

[35]

تُون وِيرون ئي وِيرُ، جوڳي سو جو جَڳَ ۾

تون اَسان جو پِيرُ، سوڌي ڏيِئين سَريرِ ۾.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[36]

سُتا هُتوسُ نِنڊَ ۾، جوڳيءَ جاڳايوس،

مَرُ وِڃايائين مُون مَنان، تَتُ ويکايوسِ.

[ستو هوس ننڊ ۾ جوڳي جاڳايوس

مَرُ وڃايائين مون منان، تتُ وکايوس]

[37]

اَپَرِي ۾ پيرُ، ڪِنِهين لَڌو پيريئين

تِهه ڀوَ سَندو ڀيرُ، ڪوڙين منجهين ڪو لَهي.

[اَپيريءَ ۾ پيرُ، ڪِنِهين لَڌو پيرِئين

تِنہِ ڀُونءِ سندو ڀيرُ، ڪوڙِين منجهان ڪولَهي]

[38]

جي مِهَراڻ مَيا ڪَري، تَه ساڱرو سَهي نَه سَٽَ

يُون پِرِيان سَندي ڳالِهِڙي، رَهي نَه اَندرِ گَهٽَ.

[جي مهراڻ ميا ڪري ته ڇاڳر سهي نه سَٽ

ايئن پريان سندي ڳالهڙي رهي نه اندر گهَٽ]

[39]

اُلان جيهي اُل، تُسان نَه اَسان جيتڙي

پِرِيان جامع اُلَ، تُسان ٻِيا ئي اُلِهَنِ.

[اُلَان جيهي اُل، تُسان نه اسان جيتري

پِريان جامع اُل، تنہ سان ٻِيائي اُلِئن]

[40]

لَڳي وَڃان پيرِ، دانهان ڪَندي ڏُونگَرِ

سوئي سَڄَڻُ ميڙِ، جِنِهين هَئُون ڏُکڻي.

[لڳي وڃي پيرِ، دانهان ڪندِي ڏونگَرين

سوئي سڄڻ ميڙ، جنهين (مون) هَئون وئا کڻي]

[41]

تُون تُون تَدِ ڪَرِيهه، لَڳَنداء ڪَرَ ڦَندَ جيِئَن

سائِين سَنڀاريهه، جِنِ يَههَ روحَ سِرِجِيا.

[تون تون تڏڪَرين لَڳاءِ ڳَر ڦَند جيئن

سائين نه سنڀارين، جنهن هي روح سِرجِيَا]

[42]

سوَرَ جِنِهُون کي هوءِ، لِيهان تِنهِين اُڀِرَنِ

ڪاٿي ڪوءِ ڏٺوءِ، دانهان ڪَندو سُورَ بِنِ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[43]

ڪاگَدَ ڪالي اَکِرين مُون سان مون سيڻين

گهوري کَڻي وِڃائِيان، وي مَندي نيڻين.

[ڪاغذ ڪالي اکين مون سان مون سيڻين

گهُوري کڻي وڃيائيا وي مندي نيڻين]

[44]

ڪاگَدَ ڪالي اَکِرين، مَئِن واچيندا، اِڻِ وَڌو

سَڄَڻَ اَڇي اَکِرين، مَئِن لوڙِيندو لَڌو.

[ڪاغذ ڪاري اکرين مون واچيندي اَلڌو

سڄڻ اڇين اکرين مون لوڙيندو لڌو]

[45]

ليهان لگ ڪِيامِ، پَسَڻُ کي پاڻان پِرِين

سوجهي سيڻَ لڌامِ، مَنَ منجهين ئي سُپرينِ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[46]

روئي مَ ڪَر پَڌرو، هَٺَ مَنجهيئي جالِ

جان جان پريان نَه مِڙء، تَنُ ڪاٺيءَ جيئَن بالِ.

[روئي ڪَرِ مَ پڌرو هَٺ مجهيئي جال

جان جان پريان نه مِڙين تن ڪاٺيءَ جئن ٻال]

[47]

هَسَئنِ ڪِتَ سَهَجَڙي، رو وَئِن ڪِي ناهِين

پِرِيان پَسَڻَ جوڳِيان، اَکَ تو ناهِين.

[هَسِين ڪِتَ سَهجڙي، رووڻ ڪِيون ناهين

پِريان پَسڻ جوڳيان، اکين تو ناهين]

[48]

پِرِيان سندي ڳالِهِڙي، مَرِ مَنجهين ئِي هوءِ

ٻڌائين ٻِيَن کي، ڪيهو ڪاجُ سَرِيوءِ.

[پريان سندي ڳالهڙي، مَرُ منجهيئي هوءِ

ٻڌائي ٻين کي ڪيهو ڪاڄُ سَريوءِ]

[49]

وِچاران وي ڀَٺَ، تُون جَهلِ ٻاهرِ نڪري

اَسان هَنجَئون هَٺَ، کامِئن لُوسئن مَنجِهه ٿِيو.

[وِچاران ڀي بَٺ، تئو جَلُ ٻاهر نِڪري

اسانهنجي هٺِ کامڻ لُوسڻ منجِهه ٿيو]

[50]

اُنهان اَندَرِ ماههِ، ٻاهِرِ ڌَڪ نَه پَڌِرا

ويدُ ڪَرِيندو دانههَ، پَسان سي واڍوريا.

[اُونهان اندر ماهه، ٻاهر ڌَڪَ نه پَڌرا

ويدُ ڪريندو دانههَ، پَسڻ سان واڍوڙيان]

[51]

ڪَڏِهِين ٻيري ٻُورَ، ڪَڏهين ڦلُ نه هِڪڙو

ڪَڏِهين پرِيان جا پُورَ، ڪَڏِهين سِڪان سَڏَ کي.

[ڪڏهين ٻيرين ٻُورَ، ڪڏهن ڦُلَ نه هَيڪڙو

ڪڏهن پِريان پُورَ، ڪڏهين سِڪان سڏ کي]

[52]

سؤئيڙيان سَنِهِڙو، جَتَنُ ڪِيوءِ نَه تينوَ

توکي اَکڙِينِ ۾، پِرين پَيَنِدو ڪِنيوَ.

[سوئيريَان سنهڙو، جي تَنُ ڪَيوءِ نه تيئن

توکي اَکڙين ۾، پرين پائيندو ڪيئن]

[53]

روِز مَحَشِرَ ڏينهَڙي، سَتَرِ سِجَ تپَنِ

سَڀوئوي جُر ڀانئيان، جي مُون پِرِين مِڙَنِ.

[روز محشر ڏينهري سَتر سِجَ تَپَن

سَڀوئي جُهڙ ڀانئيان، جي مون پرين مڙن]

[54]

جي تُهِه لائي رَچِ مَچِ، تو ڇِپَڻُ لِڪَڻُ لاههِ

زَهِرُ هَلا هَلُ هَٿ ڪَرِ، ڪارَڻِ پرِيان کاءِ.

[جي تولائي رَچِمَچِ ته ڇپڻ لڪِڻ لاءِ

زَهرُ هَلاَهِل هَٿَ ڪَرِ، ڪارڻ پريان کاءِ]

[55]

توڙي هوءِ نَه وِسَهُون، مَئِن سَهَسين ماڙُهين

اَکِين کِينِ مَتاعُ، جِتي هوئِنِ مان پِرين.

[توڙي هُوئِنِ وَسُون، مَئنِ سَهسين ماڙهوئين

اکينِ کي مَتيون، جتي هوئِن مان پرِين]

[56]

تِکو تيڏو ئي وَهي، جيڏو مُههُ مِهَراڻَ

ڏَيههَ سَڀوئي هِڪڙو، ڌيرِ لڌوسينِ پاڻَ.

[تکو تيڏوئي وَهي، جيڏو مُنههُ مِهراڻَ

ڏيههُ سَڀوئي هڪڙو، ڌِير لڌوسين پاڻ]

 

[57]

ٻاڙيءَ ۾ بَڙُ هيڪَڙو، سو مُون گهڻو سُهاءِ

ٺارِ وِلاسي سَڄَڻان، ڇَڙي ڀي وڻراءِ.

[پاڙي ۾ وَڻ هيڪڙو سو مون گهڻو سُهاءِ

ٺار وهاري سڄڻان، ڇڙي ڀي وڻراه]

(وِلاسي= ٻِلهاسي= وهاري)

[58]

ماو مُصليٰ ويرُ، هاڻي ويئي وِسارِيون

عِيدَ ڪَرِيندو ڪيرُ، ماکي سَڄَڻُ گَڏِيو.

[ماءُ مُصلي وير، هاڻي ويئي وسِري

عيد ڪريندو ڪيرُ، مان کي سڄڻ گڏيو]

[59]

جيئَن ڦِڦڙَ ماههَ ۾، ايئَن روزا عِيدَ نَماز،

اَڃا آهي ڪاءِ ٻي، اَلله دي حاجَ.

[جيئن ڦڦڙ ماهه ۾ ايئن روزا عيد نماج

اڃان آهي ڪاءِ ٻي، الله دي حاج]

[60]

پِتو ڦِٽو پيٽَ ۾، وَڍي مُلان ماههُ

ڏُوُئين ڏِتي ڌوڙِ ۾، اَلله اوري آءُ.

[پتو ڦٿو پيٽ ۾، وڍي مُلا ماهه

ڌائين ڏنِي ڌوُڙِ ۾، الاهي اوڙاه]

[61]

قاضي ڪَٿِ مَ ايترِو، مَتِ ڪِيروئي پيرُ

پَلاڻِيندو پوٽِلي مَٿي ڪِيندو ڪيرُ.

[ساڳي پڙهڻي، صحيح لفظ پهرين سٽ ۾ ’ڦير‘ ؛]

[62]

مَکَڻَ مَکي اُنَکي، مُلان ڪُٽي کينِ

پُڇَ ڪَڏهِيِن ڀي تِنِ کي، هُو جي رَٻَ گُهرَنِ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[63]

ڏِنئِين پاڻَ وکاڻَ کُون، ڄِڀَ تُهِنجي واتِ

وَڏي خالِقَ نه گُهرئين ڪرين ٻاڙي تاتِ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[64]

تَئِن پُڇي اَساڻ، تون اَسِين نَهِين پُڇِيو

پَڙَهَڻ هار قُرآڻ، نَهِين رَتو رَحمانَ سان.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[65]

عِلَت وَڃيئيِس نا، عادَتَ ڪَڏهن نَه جاءِ

اُٺُ ڪَڻِڪَئه ڇَڏِيَئه، چُڻِ جَوَاسا کاءِ.

[عِلت وڃيسِ ئي نا، عادت ڪڏهين نه جاءِ

اُٺ ڪَڻڪين ڇڏئي چُڻ جَواسا کاءِ

[66]

جِنِ مَحبَتَ مَنَ ۾، تي مَئلِي ئي سوڀَنِ

تَنَ ۾ بَلَئِه مَشَعلان، سَه سَدا سُپِريَنِ.

[جِني محبت مَن ۾، سي ميلي ئي سُونهن

تن ۾ ٻَرن مشعلان سي سدا سپيرين]

[67]

سَچي سائِين ساڻُ، تُون مَ ڪَرِ ڪُوڙي ڪُوڙِيان

جي تو مَنجههِ هِيانوَ، وو سَڀوڪلي پَرِکِڻو.

[سچي سائين سان مَ ڪَرِ، ڪُوڙي ڪُوڙيان

جي تو منجهه هِنيان، هو سڀ کي پرکڻو]

[68]

سيڻان هَنڌو سَڱِيو پَپيِهو آيو

لَکي لوڪُ نَه سَگهِيو، اَسان ڳالهايو.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[69]

جتي سَچُ سَنسارَ سان، سُه جا سائين ساڻُ هو

تو پَڌَرِ هي ٻيڙا تَري، جِه ٿانءُ نيرُ نَه ڪوءِ.

[جِتي سچ سنسار سان، سي جي سائين ساڻُ هوءِ

تو پَڌرهي ٻيڙا تري، جنہ ٿاءِ نيرُ نه ڪوءِ]

[70]

سَچُ پِيارا سائينيان، سائِينءَ سَچُ سُهاءِ

سَچي مَنگلُ نَه دَهَئه، سَچي سَرپُ نَه کاءِ

سَچُ سَمُنڊان سِرِ چَڙِهَئه، ڪُوڙُ ڪَکَائين باههِ

جَڏِهُون ڪَڏِهُون ڪُوڙَ کي، ڏِيندو سَچُ سزاء.

[سچ پيارا سائينيا، سائين سچ سُهاءِ

سچي منگلنه دَهِي، سچي سَپ نه کاءِ

سچ سمنڊان سِر چڙهي، ڪوڙ ڪَکائن باه

جڏهن ڪڏهن ڪُوڙ کي، ڏيندو سچ سزاء]

[71]

نَه کاءِ پاڻِيءَ مَنجههِ، ٻاٻِيها ٻُڏي مُوئا

جي تو پَوي سَمنجهه، تان تُون کيرُو نَه ٿِيوين.

[نِڪَ پاڻيءَ منجهه، ٻاٻيها ٻُڏي مُئا

جي تو پوي سمجهه، تان تون ڳيرو نه ٿيوين]

[72]

تان تان سُورا سَڀُ ڪو، جان جان مُههَ نَه مِڙَنِ

رُڪَ وَهندي سامُهين، سُوري سي جاوَنِ.

[تان تان سُورهيه سَڀُڪو، جان جان مِههَ نه مِڙَنِ

رُڪَ وَهندي سامُهين سورهيه سي جاوَنِ]

[73]

جي مُون ڏِيئين لَکَ ڌَڙَ، ڌَڙِ ڌَڙِ لَکَ سِران

سِرِ سِرِ لَکَ مُهان ٿيئين، مُههِ مُههِ لَکَ ڄِڀان

سَڄي ڄِڀان تِکِيان، هِڪڙِيان لِوان

صِفَتِ تُهِنجي راڄِيا، تو هَوَن ڪِيئن ڪَران.

[جي مون ڏئين لَک ڌڙ، ڌڙ دَڙ لک سِران

سِر سِر لک مُهان ٿيئن، مُنههِ منهه لک ڄڀان

سڀي ڄڀان تکيان، تَڪڙيان لنوان

صفت تنهنجي راڄيا، توهَئُون ڪيئن ڪَران]

[74]

گهَڙيين گهَڙيين گهاريان، پَهِري لَهان سَجاءِ

مون هِيَڙو گهڙيال جيون، ڏُکَئه رَيڻ بهاءِ

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[75]

جَهِڙي پائي هَٿَڙي، تَهِڙي پاڻَ ڀَريِن

بَهڻَ مُحِبا ڇَڏيو، تُون نَه ڇَڏِ ڌڻي.

[جِهڙي پائن هَٿڙي، تهڙي پاڻ ڀَرين

ڀانئڻ محبان ڇڏيو، تون نه ڇڏ ڌڻي]

[76]

ڏِيههُ لَٿا سَنجهَا پَئي، اَڳُون آئِي راتِ

کَڙا پُڪاري پاتِڻي، ٻيڙا ڪَپَرَ واتِ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[77]

سُفر مَٿئين سُپرين، اُڀو سار لَدِن

هلڻ جون هَلوُ چوي، ڳُجهيون ڳالهيون ڪَن

[سَفر مٿي سُپرين، اُڀا بار لَڏنِ

هلڻ جون هالو چوي ڳجهيون ڳالهيون ڪَنِ]

[78]

هَنءُ آءٌ وَندا وَڃ تُون، سيڻان ويڻَ مَ ڪَٿِ

پيهي مَنجهه ڪَڻون ڪَري، تو کُوٽي مُون هَٿُ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[79]

سُڃي ٽَٽي جَبابُ چَئي، سو سَڄَڻَ ڪِتِ گَئِي

جِتي بالَ سَرِيرَ ۾، تِتي ڇِن پَئي.

[سُڃي ٺَٽِي جوابُ چئي، سي سڄڻ ڪِٿِ ڳَئي

جتي وال سَرير ۾، تتي ڇَڻ پئي]

[80]

پِيڙان سَڀي ڏُهيلِيان، ايهِي پِيڙ نَه ڪاءِ

جيئن وَڄَنِ واڄو ٿَئي، ڄاڻَئِه هِڪُ خُداءِ.

[پِيڙان سڀ ڏُهيليان، ايهِي پيڙ نه ڪا

جئن وَڄڻُ واڄي ٿئي، ڄاڻي هڪ خُدا]

[81]

ٻِيَنِ ڪُون ڪِيا روئِئي، ڏُکَه اَپَني ڪُون روء

ٻنڌِ سَنبَلُ، ٿي ساختي، اٿ نه رَهَسي ڪوءِ.

[ٻيَان ڪُون ڪِيا رُوئيي، ڏُکَ اپڻي ڪون روءِ

ٻَڌ سَمل، ٿي ساختي، اِٿ نه رهسي ڪوءِ]

[82]

سُتو ڪي هَئِه ساءِ، تو مَٿي ڪَپَرُ گُڙي

وَهڻُ تِٿائين کاءِ، جِتي تُهِنجو تَڪِيو.

[سُتون ڪيهي ساءِ، تو مٿي ڪپرُ گُڙي

وَهَڻُ تتائين کاءِ، جتي تُنهنجو تِڪيو]

[83]

سُتو سڄي راتِ، مُههُ ڍَڪي مُئَنِ جِيئَن

نَه تو سَنبَلَ تاتِ، نَه جهوري تو آههِ ڪا.

[سُتون سَڄي رات، مُنہ ڍَڪي مُئن جيئن

نه تو سَمل تاتِ، نه جهورِي تو آه ڪا]

[84]

جان جان ڪَنڌي ڪاءِ، تان تُون تُرهيءَ تاتِ ڪَرِ

ڪَپَرَ سَندي داههَ، مَتِ اُؤچِنتي اُلِهَئه.

[جان جان ڪنڌيَ ڪانههَ، تان تون تُرهي تات ڪر

ڪَپر سندِي دانهَه، مَتِ اوچتي اُلَهي]

[85]

جي تُلَ تُٽو تُلَهڙي، سايَرَ مَنجهِه ٿِيانههِ

ڪَرِ ٻانهان پاڻيچِيان، مَ ڪَرِ سَڏَ ٻِيانههِ.

[جي تَرُ ٽُٽُو تُرهَڙي، سائر منجهه ٿِيانہِ

ڪر ٻانهان پاڻيچيان، مَ ڪَر سَڏ ٻيانہِ]

[86]

سَنجهي سُبي تُلِهَڙا غافلَ ڇو نَه وِڌو

جَڏهُون لَهِرين گَم ٿَئي، تَڏَهُون سَنڀارِيوءِ.

[سنجهي سِبي تُرهَڙو غافل ڇونه وڌوءِ

جڏهين لَهرين گم ٿئين تڏهين سنڀاريوءِ]

[87]

جان تُون تارُو پاڻَ تان ڀي پُڇُ تِلڱانِ ڪَلَ

تو تُون گَهڻا سُڄاڻَ وڃي ڪَپَر آهلِي.

[جان تون تارُو پاڻ، تان ڀي پڇ تِلڱان ڪَل

توهَئُون گهڻا سڄاڻ، وڃين ڪَپرُ آهلي]

[88]

اُٻائي چَيئُونِ جي، سو نَه ڪِيائيِن ڪَنِ

تان ئي پيئي پِرِيانِ سان، گَهگَهِرِ گهاتؤڙنِ.

[اُباهي چَيون جئن، سو نه ڪيائون ڪَنِ

تان ئي پيئي پَريان کان گهنگهرِ گهاتوئڙن]

[89]

جُنِگَيَئُون جوکِيئون جِتَ، ٻوهِٿ ٻاتاڙا ٿيَنِ

مهَرَ تُهِنجي تَتِ، مُڪَرِيان ڀي پارِ پَوَنِ.

[جُنگيون جَونڪيون جت، ٻُوهٿَ ٻاتاڙاٿين

مِهر تُنهنجيَ تِتِ، مَڪُرِيَان ڀي پارِ پَوَن]

[90]

پَکَڙِيان ڊِڄَنههِ، ڀَوُ ڀَلان ئِي نَه لَهي

جِتي ساٿُ سَنُدءِ، اَڄي سُه لَڪنِ لَنگهِيو.

[پاکَڙِيان ڊِڄَڻ هو، ڀَئُه ڀَلان ئي نه لهي

تِتي ساٿُ سندوءِ، اچي سو لڪَنِ لنگهِيو]

[91]

وِڄُ بادَلَ ۽ واءُ، ڊڄُ نَه لَهرِين لَڳِيو

سَڌرُ سُنهان جانءُ، ٻيڙيءَ ٻُڏَڻ ناههِ ڀَوُ.

[وِڄ بادل ۽ واء، ڊڄُ نه لَهرين لڳِيو

سَڌَر سُونهان چاءُ، ٻيڙيءَ ٻُڏڻ ناه ڪو]

[92]

سُتو هُتو جاڳُ، راتِڙي سَبَئه وِهاڻِيان

مَٿئِن ٿيوءِ ڀاڳُ، پِرين وِسارَڻُ مَ ڪَرِ.

[سُتا اُٿِي جاڳ، راتڙين سڀئي وِهاڻيان

مٿئن ٿيو اَڀاڳ، پِرين وسارڻ مَ ڪر]

[93]

پِرينِ وِساري رَتُ روئنِ، ڪَٻُڌِي ري ڪاَرڻِ

ڪَنچَنِ راسِ وِڃاءِ ڪي، ٻُڪَئِن ڌوُڙ پَوَنِ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[94]

ڌَرِ جِيُون ڌَنس سَهَنِ، ڳَرِ وائي پَرِبَتَ جِيُون

سيئي سيڻَ ڪِجَن، آئيءَ واءَ نَه ڏوَلَنِ.

[ڌَرِ جيون ڌَونس سَهَنِ، ڳورائي پربت جيون

سيئي سيڻ ڪجَنِ، آئي واء نه ڏولڻا

(يا) آئي واء نه لُڌڻا]

[95]

سَڄَڻَ دُرڄَڻَ دَءِ ڪَهي، چِتِ نَه ڪِيجيءَ ڀَنگُ

لوئي ٿِيئيءَ پارِچي، لاکَ نه ڇَڏي رَنگُ.

[سَڄڻ ڏُڄڻ ڏيک ڪي، چِتِ نه ڪِيجي ڀنگ

لوئي ٿئي پارِچي، لاک نه ڇڏي رنگ]

[96]

مَنجهين مائو ناههِ ڪي، پَسَڻ کي گهاٽي

دُني ڪَسُونڀي رَنگ جِيُون، ويندو ئي واتِي.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[97]

مَئن ڀانيي سون، هي جَرَ پوسُ جَرِڪَڻون

وِيئِين وَرائي وَن، ڪَہُ لڳي ڪارو ٿِيو.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[98]

ڀُلي وي ڀُلِي، ڀُلي تِڱائُون آئي

بابا آدُمَ اَتي حوالي ڀُلي، ڀُلي سَبُ دُنيائي.

[ساڳئي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[99]

ڀوري ڀَڳي جِتِ (جاتِ)، ماڻِڪُ اَساري پَيو

ڪوهه نَه ڍُونڍءِ تَتِ، تون بي- اوُنگهيو هِٿ ڪَرِ.

[ڀوري ڀَڳڻي جت، ماڻڪ اَساري پَئِي

ڪوه نه ڍُونڍي تِتِ، ٻئي اِڪيون هٿ ڪرين]

[100]

ڀوري ڀَڳي جاوَ، ماڻِڪُ اَساري پَيو

سُري صَرافين آو، (تون) بي- اِينگهِيو هَٿ ڪَرِ.

[ڀوري ڀَڳُئي جان، ماڻِڪ اَساري پَئي

سُري صرافَنِ وان، ٻئي اِڪيون هَٿِ ڪري]

[101]

هَٽِ وِياجَهئن لُوڻُ، ڪَستُوري جُهنگئِن گُهري

سَچَان دي صابُوڻ، اَندرُ اَڇا نَه ڪري.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[102]

مُبان مَحلان مَنڊِيان، اَڇَلِيانِ ڇَلِنِ

هَٽئُون ڳِنَنِ ٻَڪِري، جُهنگئِن اُٺَ مَڱِنِ

[مَيان محلان منڊيان اَچَلِيَان چَلن

هٽئون گهِنن ٻڪري، جهُونگئن اُٺ منگن]

[103]

هَرَ هَرَ فالَ ڪريندِيان، رَڌي گَئي وِهاءِ

وَڃي پو (ءِ) ڇو سانوَڻَ سُتِيان، لاوي لَڳَنِ آءِ.

[هر هر فال ڪرينديان، راڌِي ڳَئي وِهاءِ

وڃ پُڇو سانوڻ سُتِيَان، لابي لنگهڻ آهَ]

[104]

توبَههَ ڪري نَه باهُوڙي باهُڙي توبَههَ ڪَرِين

ڪيهي سادي هَٺَ ۾، رَڌي اُجاڙِينِ.

[ٻيء سٽ ۾ ’راڌي‘ ، باقي ساڳي پڙهڻي]

[105]

جي سائِين سون سَچُ، تو ڀَو ڪوڙا سَٿَڙي

اُڀا ٿي ڪَرِ نَچُ، توڙي اَڱرڙا بَلَئِه.

[جي سائين سون سچ، ته ڀَئو ڪهڙا سُتڙي

اُڀا ٿي ڪر نَچ، توڙي اڱرڙا ٻَرنِ]

[106]

پاڻي واڻي رَنگ ۾، پاڻو واڻُ رَتاسِ

رَنگِيندڙو پاڻَ ڌڻي، سَڀي رَنگ سَنداسِ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[107]

اَنان ئي پَنا ڪَرين، پَنا اَن مَنجهانوَ

راڄُ تُهِنجو راڄيا، ٻِيا راوَ ئي راوَ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[108]

ڪُو سي ڪُوپَلَ نِيپَجيءَ، ٽاڙي بَنَ داهي

عَقُل غيب اَلله دا، اَلله اَيَ آهي.

[پهرين سٽ ۾ صحيح ’ٽاري بَڻندا هي‘

باقي پڙهڻي جيئن آهي تيئن]

[109]

توڙي وَڃنِ روُمَ، نانههِ نصيبون اَڳِرِو

ماني وَتِئن ٿُومَ، جي لِکيا ڇِپَنِ م.

[توڙي وڃي رُوم، ناهه نصيبئون اڳرو

ماني مٿي ٿُوم، جئن لکيو چِٺي ۾]

[110]

توڙي نه ڌيئين توءِ، توج تُهنجو آسِرو

تو دَرُ ڇَڏان ڪِيئن، اِي وَڏا راڄِيا.

[توڙي (تون) نه ڏِيئِن، توءِ تُنهنجو آسِرو

تو درُ ڇڏيان ڪِيئَن، اي (وَرَ) وڏا راڄَيا]

[111]

آهر الاهر، ڪوءِ مَ لاهِيو ڪَڏهين

وِيا ڪاجَ هَٿانوَ، وَڌِ آئِيندو وَڏو ڌَڻي.

[آهَر اَلاهان، ڪيم لاهَيَو ڪَڏهين

ويا ڪاڄ هَٿان، وڌ آڻيندو وڏو ڌَڻي]

[112]

تُون آڌارُ سَڌارُ تُون، تُون اَڏائُون اَڏ

تُون ئي اکِڙِيُن مون، تُون ئي اَندَرِ هَڏَ

ڳَلِ لَڳي ڳَالِهه چَوان، ڪيهي حاجتَ سَڏ.

[پهرين سٽ ۾ ’آڏاڻُو‘ ، ٻيءَ سٽ ۾ صحيح

’اکڙين ۾‘ : باقي ساڳي پڙهڻي]

[113]

سِيچاڻا اَتي سِينهَن، ڏوُوَئِن وَسَنِ جَهنگَ ۾

سوکُڙ کاوَنِ ڪِيئن، ماسُ جِنِهِين ڪو لِکِيو.

[سيچاڻا تي سينهن، ڏُوهَئين وَسن جهنَگَ ۾

سي کَڙُ کاوَن ڪيئن، ماس جِنهين کي لِکيو]

[114]

جي جي ٻولي مَئِن ڪِيئي، سو سو مُجِههِ نَه ٿَيان

اُسِ چنگي دِيوان مَئِن، سَڀي مُڪَرَ گَيان.

[جي جي ٻولَ مئن ڪِيِتي، سي سي مُجهه نه ٿيان

اُس چَنگي ديوان مين سڀي مُڪَر ڳَيان]

[115]

ڀَڳا ساڄا نَه ٿِئي، مَنُ موتاهَل ڪَچُ

ڪَنين سُڻا نَه مَنِيئي اَکِ ڏِٺو سَچُ.

[ڀڳا سڄا نه ٿيوي، مَن موتاهل ڪَچ

ڪَنين سُڻيا نه مَنِيئي، اکين ڏٺا سَچ]

[116]

ڪاجي محمود دنيا ديک ڪَرِ، مَن مين آپ نه ڀُول

اپني غربت سيتيون رَهِيي، جيون پائون تَلي ڪي ڌوُل

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[117]

ڪاجي محمود ڪاجَل ڪَرُون، تو ڪَنڪَر

سُرما ڪِييا نه جاءِ

اِن نينُون مين ايک تو، دُجا ڪَهان سَماءِ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[118]

ڪاجي محمود سُمَرءِ سانئِيان، جِسان ٿيئن ڀاجي ڀِيڙِ

سُکبا دُک نه جانِئي، جِس بيدَن تِس پِيڙ.

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي سمپورڻ سَماپتہ“

(جناب قاضي قادن جي ساکي پوري ٿي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org