6- ملفوظات
خزانة الحڪمت
1
توکي توڙائين، ’لا‘ سين لاٿائون
اڃان پڻُ ’آئون‘ ، واريون آڻين وچ ۾.
( ’گلزار ابرار‘ ۾ هن بيت جي مفهوم، فارسي نثر ۾
ڏنل آهي، ۽ بيت قاضي قادن جو ڄاڻايل آهي).
2
’لا‘ موراهين ناهِ، ’لا‘ لاهيندي ڪَن کي
’بالله‘ ري پريانہ، ڪَٽُ نه ڏسجي ڪي ٻيو.
( ’گلزار ابرار‘ ۾ هن بيت جو مفهوم فارسي نثر ۾
ڏنل آهي، ۽ بيت قاضي قادن جو ڄاڻايل آهي).
3
پريان سندي ڳالهڙي مَرُ منجهيئي هوءِ
ٻڌائيندي ٻين کي ڪهڙو ڪاڄ سڌوءِ
هن به ڪين ڏنوءِ، هيڏان پڻ هورو ٿيئين.
(’پريان‘ قاضي قادن جي ٻوليءَ مطابق آهي. فقط
پهريون ٻه سٽون قاضي قادن جي اصل بيت جون معلوم
ٿين ٿيون؛ آخري سٽ ڪنهن سالڪ پوءِ ملائي).
4
رب سڃاڻڻ سٿرو، پاڻُ سڃاڻڻ ڏک
تان تان ڪج مَ سُک، جان جان پسين پاڻ کي.
(موضوع ۽ مفهوم قاضي قادن جي بيتن موافق آهن).
دادو
ديال جي روايت وارا چار ماخذ
جيپور گرنٿ-6
هن گرنٿ ۾ پُراڻي ديوناگري صورتخطي ۾ جيئن بيت
لکيل آهن تيئن انهن کي اصل اچارن موجب سنڌي
صورتخطي ۾ نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن
اصل پڙهڻين کي پروڙڻ ۾ مدد ملي. ڪٿي ڪٿي اصلوڪا
اچار سمجهڻ مشڪل هئا ڇاڪاڻ جو ساڳيا لفظ جدا جدا
نمونن سان پڙهجي ٿي سگهيا. ڪي اهڙيون جُدا پڙهڻيون
هيٺ حاشين ۾ ڏيکاريون ويون آهن.
ــــ
”ڪاجي ڪادن
جي ڪي ساکي سنڌي
اور ساڌان ڪي ساکي ايڪٺِي“
[1]
جيران جبران آئيتان، اکر انت نه پار
هڪڙي ئي ايمان ۾، لهنس سڀ سار.
[زيران زبران آيَتان، اکر انت نه پار
هڪڙي ئي ايمان ۾، لهنس سڀ سار]
جُو جُو بارهه لک، ڪوڙِي ڪُتيبان جي پڙهي
ايهه سبائي سِکِ، جا جا پريا نه مڙِي.
[جون جون پاڙهه ۽ لِکَ، ڪوڙين ڪُتيان جي پڙهين
ايءَ سَڀائي سِکَ، جان جان پريان نه مڙين]
[3]
ڪَنج ڪَنجُوريان ڪافيان ڪِي ڪِينَ پَڙهيام
سو ڏيهوئي ڪو ٻِيو، جائي پري لَڌام.
[ڪَنز، قُدوريان، ڪافيان، ڪِي ڪين پڙهام
سو ڏيهه ئي ڪو ٻيو، جان ئي پرين لڌام]
[4]
پَڍندو پيئِي ٻيو، ڪوڙِين لک قُراڻَ
لَکِي لوڪ نه سگهيو، پاڻِي اندر پاڻَ.
[پڙهندو پئي ويو، ڪوڙين لَک قُرآن
لَکِي لوڪ نه سگهيو، پاڻي اندر پاڻ]
گهُر گهُرهي نَوَ ڪينهه، سائين تو ديدار کي
ڪيهي هُج ڪرينهه، سُونپي پَنجُو رب ڏا.
[گُهرَ گهُري نه ڪِينِ، سائين تو ديدار کي
ڪيهي حُجَ ڪَرينِ، سي ڀي پنهنجي رب ڏانہ]
[6]
سُتو ٻيٺو اُوٺيو، ڳالهائيندو گيندو
اسان اُوئان جي تاتِڙي، واٽڙِيين ويندو.
[سُتو، ويٺو اُٿِيو، ڳالهائيندو، ڳيندو
اسان اوهان جي تاتڙي واٽڙيين ويندو]
[7]
اکر ٻيا وِسار، الف انگ هِي ياد ڪرِ
سو تو ڏيوو ٻال، جو نه اُجَهي ڪڏَهي.
[اکر ٻيا وسار، الف انگ هي ياد ڪر
سو تون ڏيئو ٻارِ، جو نه اُجهي ڪڏَهين]
[8]
لائي لام الف سان ڪاتِب مِليي جيئَه
مُو هيئڙو پِريا سان لڳو آهي تيئَه.
[لائي ’لام‘ ’الف‘ سان ڪاتب لِکي جيئن
مون هينئڙو پريان سان لڳو آهي تيئن]
[9]
جو پاڻ جِيُو پڌرو، ٻُڌا آءٌ سَڏ
مُو هيئڙو تان ئِي ڪِييو، سُپِرِيا سُون گڏ.
[جئن پاڻ جيئون پڌرو ٻڌا آءٌ سَڏ
مون هينئڙو تان ئي ڪييو سُپيريان سون گڏ]
[10]
پِهروئِي پِريام جا، مُو سا ئي سِوَڙان
هيئڙو هيج پنڌ ڪري، لڳو ڪَههُ ڪوڙَران
[پِهروئي پِريام جا، مون سان ئي سُوَڙان
هينئڙو هيج پنڌ ڪري لڳو ڪَهه ڪِيڻان]
[11]
نه سو لاهه م نه سِپي، نه اُروار نه پار
مُو ڍُو وَتي تِن ڪي، سو مَنِ منجهه نِهار.
[نه سو لاهه م نه سپي، نه اورار نه پار
مون ڍُونڍتي تن کي، سو من منجهه نهار]
[12]
دِل اندر دَرياوَ، پُوڇي ڪا سَمندءَ ڪَل
ماڻڪ اِيهه سَرِياوَ، چُگي چوکي نه کڻي.
[دل اندر درياوَ پُوچي ڪيا سَمندءَ ڪَل
ماڻڪ اِيءَ سَرِياوَ، چڳي چوکي نه کڻي]
[13]
ڪايُو مُههِ ڙي ئي وا جي درياوَ ۾
پَسندا سيئِي ماڻِڪ اکڙِيُنِ سِي.
[ڪايُو مُنہ ڏيئي، ويا جي دَرياوَ ۾
پَسندا سيئي، ماڻِڪَ اکڙين سين]
[14]
دَرِ پُورا ڌَرا گُرِ سَگُرا، حقيقتا هنجهه
ڪوڙي هندا ڪَڻ چُگي سَرَ پاڻِي جي منجهه.
[دَر پُورا ڌَرا گُر سَگُرا، حقيقتا هنجهه
ڪوڙين هنڌان ڪَڻ چڳي، سَر پاڻي جي منجهه]
[15]
وَڃي آيو ڪيرُ، ڪِننهه ڏٺو مُو لانهُو……
اَچي ڪندو ڪيرُ، ڳالهِي رَب پَرتيا.
[وڃي آيو ڪير، ڪنہ ڏٺو مُنہ لاهُوتيين
اچي ڪندو ڪيرُ، ڳالهين رَب پَرتِيان]
[16]
اُڻ سَر سندا هنجهڙا اِتي ئي آهِين
ڳالهِي رب پرتيا، جو منگي سو ڏينهه.
[اُن سَرِ سندا هنجهڙا اتي ئي آهِينِ
ڳالهين رب پَرتيان جو منگي سو ڏينِ]
[17]
سَر هيڪڙي وَسَمِ، جَرَ ۾ جِيوَنهَ گڏيو
سارِ نه سالُورنِ، مٿي ڪَنوَرُ ڦُلاريُو.
[سَرِ هيڪڙي وَسَنِ، جَرَ ۾ جِيوَ نه گڏِيو
سارِ نه سالُورَنِ، مٿي ڪَنور ڦلاريو]
[18]
جي سالُورئو سُڌِ لَهي، ڪَنَورا سندِي ڪائِي
تو پي يو پاتالا ۾، اُووَ نه مِٽي يائي.
[جي سالُورو سُڌِ لهِي ڪَنوران سندي ڪاءِ
تو پِيو پاتالَ ۾، اُوءِ نه مٽي ياءِ]
ڪي ويجهائِي ڏُور، ڪي ڏُورِئِي وَلَها
هائي جَڙ سالُور، لَڌِي نه ڪنوراهه ڪَرِ.
[ڪي ويجهائي ڏُورِ، ڪو ڏورِ ئي وَلهَا
هاءِ جَرَ سالُورَ، لَڌِي نه ڪنوراهه ڪَرِ]
[20]
اکِي اندر سَڏِيو، جاڳِي پس جُواڻُ
منجهي ڻِي مَڪو ٿيو، منجهَي ڻي مُلتاڻ.
[اکين اندر سَرِيو جاڳي پَسُ جُواڻَ
منجهيڻي مڪو ٿيو، مَنجهيڻي ملتاڻ]
[21]
اَنِکي آڪاساوَ، ڦَوجُو ڪَري اُلٿيُو
سوڙي گلي مَنجهاوَ، سوجهي پِري لهنديُون.
[اَنکين آڪاساوَ، فوجون ڪري اُلَٿِيُون
سوڙهي ڳلي منجهاوَ، سوجهي پرين لَهندِيُون]
[22]
دادوُ اکيون پسڻ ڪي پري ڀري اُلٿُيو منجهه
جتي ويٺو ما پِري، نِهاريندو هنجهه.
[دادو اکيون پسڻ کي پِري ڀري اُٿيون منجهه
جي ويٺو مان پِري نهاريندو هنجهه]
[23]
سهباج باج ٿيو، پَنکِي نه ماري
اَنکِي کوڙي اَرس ۾ لُمي مُناري.
[شهبازُ باز ٿيو پکي نه ماري
اکين کوڙي عرش ۾ لُمي مُناري]
[24]
جِنهي جانَ جُدا ڪِي، تو مُهه تِنهي پَس
لَتاڙِن لَتَن سِي، اَٺِي پَهَر اَرس.
[جِنهين جانَ جدا ڪِي تون منہ تِنهين پَسُ
لَتاڙن لَتن سِين اَٺئي پهرَ عرس]
[25]
واحد هَندي دائري، هيڪڙيو ايهِي
جنهي جانَ جُدا ڪِي، پَسندا سيئِي.
[واحد هِنڌين دائِرين هيَڪڙو هيئِي
جنهين جانَ جدا ڪي پَسندا سيئي]
[26]
حقيقي مو سيڻ، وَسَن سَهر حَقيق ۾
ڳالهي چَوَنِ حَقيقيا، چَوَن حقيقي ويڻ.
[حقيقي مون سيڻ، وَسن شهر حقيق ۾
ڳالهِين چَوَن حقيقيان، چَوَن حقيقي ويڻ]
[27]
سَفافي مون سيڻَ، وسن سهر سَفاف ۾
ڳالهِي چَوَنِ سَفافيا، چَوَنِ سفافي ويڻَ.
[شفافي مون سيڻ، وسن شهر شفاف ۾
ڳالهين چون شفافيان چون شفافي ويڻ.]
[28]
جِنهي مُک مَراءِ اَمي اُلٿِي اکري
تِنهي جي ڳالهاءِ، ماندوئِي ساجو ٿيو.
[جنهين مُک مُلاءُ (؟)، اُمتي اُلَٿِي اکڙيين
تِنهين جي ڳالهاءُ، ماندوئي ساڄو ٿيو]
اَنجِڙء ئي جهليو، جنهي روحَ رَساوَ
تِنهي سندي ڏلهڙي سونهاري سڀاوَ.
[آنجِڙيئي جهليو جِنهين روحَ رَساوَ
تِنهين سندي ڏلهڙي سونهارِي سڀاوَ]
[30]
جي لوڙي تي نه لَها، اَلوڙي دي ڍير
توڙي ڏسن سهڻي، انبان لُولنِ وير.
[جي لوڙيندي نه لهان اَلوڙيندي ڍير
توڙي ڏسڻ سهڻي انبان لُولن وير]
[31]
سُن سَرپ نَه لوڙِيَا، جي لوڙي تا لَک
مُو تِنها سُندي ڀُک، جِنهي مَستَڪ مَڻي وَسي.
[سوني سَرپ نه لوڙيان جي لوڙي تان لکَ
مون تنهان سندي بک، جنهين مَستڪ مَڻي وَسي]
[32]
اَين ڪَسَرَ دَرَ لَک، ڪوڙِي سَهس کِڙڪيان
جائِي ڪَر پرک، تائي سجن سامهان.
[عين قصر در لک، ڪوڙين سهس کڙڪِيَان
جان ئي ڪَر پرک، تان ئي سڄڻ سامهان]
[33]
پَهلِي پاڻ پَرک، پري پرکڻ ساکڙا
دَر ڀِي سوئِي رَک، جِٿا ڌڪا نه لَهين.
[پِهرِي پاڻُ پَرَک، پرين پرکڻ سوکڙا
دَرُ ڀي سوئي رَکُ، جٿان ڌڪا نه لَهِين]
[34]
پَهلِي پاڻ وِڃاءِ، پاڻ وڃائي سُو لهي (=هُو
لَههُ)
تَن اندر مُهُو پاءِ، تانهُو اندر سو پِري.
[پهري پاڻ وِڃاءِ، پاڻُ وڃائي هُو لَههُ
تَن اندر مُنہ پاءِ، تانهون اندر سو پرين]
تَو وِيروئِي وِير، جوڳي سو جو جَگ ۾
تو اسانهه جو پير، سوڌِي ڏِئي سرير ۾.
[تون وِيرئون ئي وِير، جوڳي سو جو جڳ ۾
تون اسانهه جو پيرُ، سوڌي ڏئين سَريرَ ۾]
[36]
سُتو اُوتو سُنَ ۾، جوڳي جگايو (سِ)
سِمَري وَن جِي وا مومنا، تتي ئي گيو سِ.
[سُتو اُتو سُن ۾، جوڳي جَڳايوسي
سِمَرِي وَن جي وا مومنا، تتي ئي گيوس]
[37]
اَپيرِي ۾ پير، ڪِنِهي لڌو پِريڙيين
تِنهي سي سدا تير، ڪوڙِي منجههِ ڪو لهي.
[اَپيري ۾ پير، ڪِنهي لڌو پيرڙئين
تِنهين سندا تير، ڪوڙين منجه ڪو لَهي]
[38]
جِ مَهِران مَيا ڪري، تو ساگر سَهي نه سَٽ
سو پريا سدي ڳالهڙِي، رهي نه اندر گهٽ.
[جي مهراڻ مَيا ڪري، تو ساگر سَهي نه سَٽ
سو پريان سندي ڳالهڙي رهي نه اندر گهٽ]
اُلان جيهي اُل، توسا نه اَسا جيتري
پِرِيا جَمان اُل، تُسان ٻيائِي اُلهَنِ
[اُلان جيهي اُل، تو سان نه اَسان جيتري
پريان ضمان اُل، تُسان ٻيائي اُلَهنِ]
[40]
لَڳِي وڃان پيرِ، ڌانهان ڪندي مُڱري
سوئِي سڄڻ ميڙِ، جِنهي هُون مُو مَڻي.
[لڳي وڃان پير، دانهان ڪندي مُگرين
سوئي سڄڻ ميڙ، جئن ئي هو مون مڻي]
[41]
تُو تُو تَد ڪريهه، لَڳندِي ڪَر ڦنڌ جيئن
سائين سنڀاريهه، جِن پيئُه رُوح سِرجيا.
[تون تون تڏ ڪرين، لڳندءِ ڳَر ڦند جيئن
سائين نه سنڀارين، جنهن پَئه رُوح سِرجيَا]
[42]
سُور جِنهُو کي هوءِ، ڌانها تِنها اُڀرَنِ
ڪاٿي ڪو ڏٺوءِ، ڌانها ڪندو سُور بِن.
[سُور جنهون کي هويءِ، دانهان تِنهان اڀرن
ڪاٿي ڪونه ڏٺوءِ، دانهان ڪندو سُور بِن]
[43]
ڪاگد ڪالي اکري، مُو تا مُو سيڻين
گوري کڙي وانچائيا، ٽمندي نيڻين.
[ڪاغذ ڪالي اکڙين موتا مون سڻين
ڳوري کڻي وانچيا، ٽمندي نيڻين]
ڪاگد ڪالي اکري، مين وانچو ائڻني وِڌو
سڄڻ هِه بي اکرِي، مين لوڙيدو لڌو.
[ڪاغذ ڪالي اکرين مئن وانچو اَڻي وڌو
سَڄڻ سڀي اکرين، مئن لوڙيندو لڌَو]
[45]
لِيها لَک ڪِيامِ، پسڻ ڪي پاڻ پِري
سوجهي سيڻ لَڌام، مَن منجهه ئي سُپِري.
[لِهيان لک ڪِيام، پَسڻ کي پاڻ پرين
سوجهي سيڻ لڌام، من منجهه ئي سپرين]
[46]
(روئي مَ ڪَرِ پَڌرو، هَٺ منجهي ئي جَال
جا جا پِريا نه مِڙي، تن ڪاٺي جي ٻال.
[روئي ڪَرِ مَ پَڌرو، هَٺ مَنجهيئي جالِ
جان جان پريان نه مڙين، تَنُ ڪاٺي جِين ٻالِ]
هَنسي ڪِتَ سَهَجڙي، رووي ڪِي ناهي
پِريان پسڻ جوڳيا، اَنکِي تو ناهي.
[هَسين ڪِت سَهجَڙي، رووين ڪيون ناهين
پِريان پَسڻ جوڳيان، اکين تَؤ ناهين]
[48]
پِريا سدي گالهڙي، مَر منجهي ئي هوءِ
ٻُڌائيي وِيي ڪي، ڪيهو ڪاج سَريوءِ
[پريان سندي ڳالهڙي، مَرُ منجهيئي هوءِ
ٻُڌايئي ٻيين کي، ڪيهو ڪاڄ سَريوءِ]
[49]
وِچارا وي ڀٺ، تو ڪل ٻاهرِ نڪري
اسانههِ جو هٺ، کامَئه لُوسَئه منجهه ٿيو.
[وِچارا وِي ڀَٺ، تَئُه ڪَلِ ٻاهرِ نِڪري
آسانهه جو هٺُ، کامي لُوسي منجههِ ٿو]
[50]
اُونها اندرِ ماههَ، ٻاهر ڌَک نه پڌرو
وَئد ڪريندو ڌاهه، پرسان سي وانٽوريان
[اُونهان اندر ماههَ، ٻاهر ڌَڪ نه پڌرو
ويدُ ڪَريندو دانههَ، پَسڻان سي واڍوڙيان]
[51]
ڪَدِي ٻيري ٻُور، ڪَدي ڦل نه هڪڙو
ڪدي پِريا پُورِ، ڪدي (يا ’ڪڙي‘) سِڪان سدڪي.
[ڪَڏهين ٻيرين ٻُورُ، ڪڏهين ڦَل نه هيڪڙو
ڪڏهين پِريان پُورُ، ڪڏهين سِڪان سڏ کي]
[52]
سُهرانيان سنجهڙيجاسم ڪيو نه تِيئِه
تو ڪي اکڙين ۾، پِري پَيَندو ڪِيئه.
[سوئيرايان سَنجهڙي جا سين ڪيوءِ نه تيئن
توکي اکڙين ۾، پِرين پائيندو ڪيئن]
[53]
روج مهنسر ڏيهنڙي، ستر سيجهه تپن
سَڀوئي جُهڙ ڀائييا، جي مو پِري مڙَنِ.
[روز محشر ڏينهڙي سَتر سِجَ تَپن
سڀوئي جُهڙي ڀانئيَان جي مون پرين مِڙنِ]
جيڏَهه لائِي رَچ مَچِ، تو پڻ لُڪڻ لاهه
جَهَر هَلائرَ هٿِ ڪَرِ، ڪارَڻِ پِريا کاههِ.
[جڏهن لائي رَچِمَچِ، تو پڻ لُڪڻ ناه
زَهر هَلاهِل هٿِ ڪَر، ڪارڻ پريان کاء]
[55]
توڙي هُوئِن بساوَ، سي سهسين ماٽوَين
اَنکي کيئُن مَ تاءُ، جتي هوئِم ما پِري.
[توڙي هُئنِ بَساوَ، سَئين سَهسين ماڻهوين
اَکِين کينئن اُنِ ٿاءِ، جتي هوئم مان پرين]
تِکو تيڏوئي وَهي، جيڏو مُهه مهراڻ
ڏَيهه سڀوئي هِڪڙو، ڌر لڌو سين پاڻ.
[تِکو تيڏوئي وَهي جيڏو مُنہ مهراڻ
ڏيهه سڀوئي هڪڙو ڌر لڌوسين پاڻ]
[57]
باڙي ۾ بڙ هيڪڙو، سو مو گهڻو سُهاءِ
واري مِلاسي سڄڻا، باڙِي وِي وڻ راءِ.
[واڙيءَ ۾ وَڻ هيڪڙو سو مون گهڻو سُهاءِ
واري ملائي سڄڻان، واڙي ڀي وَڻراه]
[58]
ماوَ موسي لي وير، هان بيئي وِساريو
عِيدِ ڪريندو ڪير، ما کي سڄڻ گڏيو.
[ماءَ مُصلي ويرَ، هاڻ ويئي وِسري
عيد ڪريندو ڪيرُ، مان کي سڄڻُ گڏيو]
[59]
جيئه ڦڦڙ ماهه ۾، ايءَ روجا عيد نماج
اڃان آکي ڪا ٻي الله دي هاجَ.
[جيئن ڦڦڙ ماهه ۾، ايئن روزا عيد نَماج
اڃا آهي ڪا ٻي، الله دي حاج]
[60]
پتو ڦٿو پيٽ ۾، وڏي مُلا ماه
دٻِي هَتي ڌُوڙَ ۾، الا اوري هاوَ (آوَ)
[پتو ڦٿو پيٽ ۾، وڍي مُلا ماه
ٽٻي هنئي ڌوڙ ۾ الله اوري آوَ]
[61]
ڪاجِي ڪَٿِ مَ ايترو، مَتِ ڪِيرو ئِي پير
پلاڻيندو پوٽلي مٿي ڪِيندو ڪير.
[قاضي ڪَتِ مَ ايترو، مَتِ ڪِيروئي ڦير
پلاڻيندون پوٿڙي، مٿي ڪيندو ڪير]
[62]
مَکڻ مَڪَرِن ڪي، مُلا اُون ٽي کِيَن
پڇو ڪڏ بِيو ڪي، اُو جي رب گهُرن.
[مکڻ مکن ان کي، مُلا ڪُٽي کِيَنِ
پڇو ڪڏ ٻين کي، او جي رٻ گهُرنِ]
[63]
ڏنِهِي پاڻ بَکاڻ ڪُون جيء ته اُوهنجي بات
بندي خالق نه گهري، ڪري جئان وان ٽيت.
[ڏِنئين پاڻ وکاڻ ڪون، ’جي‘ تونهينجي وات
بندا، خالق نه گهُرين، ڪري ’جِي‘ ئاوان‘ (تات)]
[64]
تي پُونڇو اَساڻ، تو اَنَسِي نَهِي پُوڇيو
پَڍڻهار ڦُراڻ، نَهي رتو رحمَان سان.
[تئن پُوڇو اَساڻ، تو انسي نهين پُوڇيو
پڙهڻ-هار قُراڻ، نهين رتو رحمان سين]
[65]
عِلت وڃي ايش نا، عادتِ ڪَڌي نه جاءِ
اُٺ ڪڻڪين ڇڏئي، چُڻي جَواسا کاءِ.
[عِلَت وَڃيئِيسِ نا، عادت ڪڏهين نه جاء
اُٺ ڪَڻڪينَ ڇڏئي، چُڻِي جَواسا کاء)
جِني محبت مَن ۾، تي ميلي ئي سوهن
تَن ۾ ٻَلي مساهل سودا سوپرين.
[جني محبت مَن ۾ سي ميلي ئي سُونهن
تن ۾ ٻري مَشاعِل سدا سُپيرين]
[67]
سچي سائين ساڻ، تو مَ ڪَر ڪَڙي ڪَڙيان
جي تو منجهه هنياوَ، وو سَڀو ڪِلي پَرکڻو.
[سچي سائين سانءَ، تون مَ ڪر ڪَڙِي ڪَڙيان
جي تو منجهه هِيانءَ، او سڀ کي پرکڻو
(يا) او سڀو ڪُل پرکڻو]
[68]
سيڻا هَنڌو سڌيو، پپيهو آيو
لَکي لوڪ نه سگهيو، اسان ڳالهايو.
[سيڻان هَنڌئُون سُڌِيو پيهو آيو
لکي لوڪ نه سگهيو، اسان ڳالهايو]
[69]
جِتا (جتي) سَچُ سنسار سان، سو جي سائين سان هوءِ
تو پڌر هِي ٻيڙا تري، جه ٿا نِير نه ڪوءِ.
[جتان سِچ سنسار سان، سو جي سائين ساڻ هوءِ
تو پَڌرِ هي ٻيڙا تَري، جنہ ٿاءِ نير نه ڪوءِ]
سچ پيارا سائِينَيان، سائين سَچ سُهاءِ
سچي مَنگل نه دَهي، سچي سَرپ نه کاءِ
سچ سَمندان سِر چڙهي، ڪُوڙ ڪکان ئي باه
نَڙُون تَڙُون ڪنڪُو ڏيندڙ سچ سَجاءِ
[سڄي ساڳي پڙهڻي. ائين]
[71]
نَکهه پاڻي منجهه، بَبيها ڙي وي مُووا
جي تو پُونيس منجهه، تا مُو ڪي سونَ ٿئي.
[نَڪ پاڻي منجهه، ٻاٻيها ٻُڙي (ٻڏي) مُئا
جي تون پَئينس منجهه، ٽامُوڪي سونُ ٿئي
(يا) جي تو پوي سمجهه، تان مون ڪيسو نَه ٿئي]
[72]
تا تا سُورا ست ڪو، جا جا مُہ نه مِڙَن
رُوڪ بهندي سامهين، سُوري سي جاوَنِ.
[تان تان سُورهان سَت ڪو جان جان مَہَ نه مڙن
رُڪ وَهندِي سامهين سُورهه سي جاوَن]
[73]
جي مو ڏئي لک ڌڙِ، ڌڙ ڌڙ لَکه سِران
سِر سِر لکه مُهه ٿئي، مُههِ مُهه لک جِڀان
سَڀِي جِڀان تِکيا، هِڪِڙيا لوان
صفت اُونهجي راجيا، تي هُون لِيه ڪَرَان.
[جي مون ڏئين لَک ڌَڙ، ڌَڙِ ڌڙِ لَکَ سِران
سِرِ سِرِ لک مُنہَ ٿين، مُنہِ مُنہِ لَکَ ڄِڀان
سَڀي ڄڀان تِکَيان، هِڪِڙيان لنوان
صفت آهِنجِي راڄيا، تِنہ ئُون لِيه ڪَران (؟)]
[74]
گهڙيي گهڙيي مارِيا، پهري لهان سجاءِ
مون هيئڙو گهڙيال جيو دُکي ريڻ وِهاءِ.
[گهڙيين گهڙيين مارِيَان، پَهرين لهان سَزاء
مون هينئڙو گهڙيال جيون، دُکي رَين وِهاءِ]
جيڏي پائي هٿڙي، تيڏي پاڻ ڀرِي
بَهڻ مَهَبا ڇڏيا، تو نه ڇڏ ڌڻي.
[جيڏِي پائي هَٿِڙي، تيڏي پاڻ ڀَري
ٻَهڻ مُحبان ڇَڏِيا، تون نه ڇڏ ڌَري]
[76]
ڏيهه لُٿا سنجهه پَئِي اگئوون آئي راتِ
کَڙا پُڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪَپَر باتِ.
[ڏِينہ اُلَٿا، سَنجها پَئي، اڳُون آئي راتَ
کَڙا پُڪاري پاتَڻِي ٻيڙا ڪَپَر واتِ]
[77]
سُفر مٿي سُپرين، اُڀو ڀار لَڏنِ
وَلڻ جيون هالو چوي، ڳجهيو ڳالهيو ڪن.
[سِفر مٿي سپرين اُڀا بار لَڏين
هَلڻ جيون هالو چوي، ڳجهيون ڳالهيون ڪَن)
[78]
هِئن آوندا وڃ تون، سيڻا ويڻ مَ ڪَٿِ
پيهِي مَنجهه ڪُنو ڪڙي، تو پُوٽي مُو هٿ.
[ايئن آوندا وڃ تون، سيڻان ويڻَ مَ ڪَٿ
پيهي منجهه ڪَڻو ڪري، تو پوٽي مون هٿُ]
[79]
سُنِي ٽٽي جَبان وَ، سو سَڄڻا ڪِنِ گيي
جتي بال سرير ۾، تِتي ڇِنَ پَئِي.
[سُڃي ٺَٽِي زبانئون (جبانئون) چَئي، سو
سڄڻاڻ ڪِنِ ڳئي
جِتي بال سَرير ۾ تِتي ڇِن پَئي]
[80]
پِيڙا سَمڀي دوهيليا، ايهِي پِيڙ نه ڪاءِ
جيو وڄن هاجو نئِه جاني هڪ خداءِ.
[پِيڙان سڀي ڏُهيليَان، ايهِي پيڙ نه ڪا
جيون وَڄڻ واڄو ٿئي، ڄاڻي هڪ خُدا]
[81]
بِيَن ڪُو ڪيا روئيي، دک اپني ڪو روءِ
ٻَنڌِ سنٻل ٿِي ساک تي، اِت نه رَهسِي ڪوءِ.
[ٻِيان ڪُون ڪِيا روئيي، دُک اپني ڪون روءِ
ٻنڌ سَمل ٿي ساخَتِي اٿِ نه رهسي ڪَوءِ]
[82]
سُتو ڪي هي سائِي، تو مٿئن ڪَپر گُڏي
بهڻ تٿان ئي کاءِ، جيٿِ اونهجو تَڪِييو.
[سُتون ڪيهي ساءِ، تو مَٿي ڪپرُ گُڙي
وَهڻُ تِتائين کاءِ، جِٿِ اَهنجو تَڪيو]
سُتو سِڄي راتِ مُهه ڍڪي موئان جي
نه تو سَٻل تات نه جُهري دو هاءِ ڪي.
[سُتون سڄي راتِ، مُنہُ ڍڪي مُئن جئن
نه تو سَمل تاتِ، نه جهوري تو آهه ڪين]
[84]
جا جا ڪنڌِي ڪاهه، تا تا تو رهي تاتِ ڪَرِ.
ڪپر سندِي ڌاهه، مَتِ اونچي تِيئَه اُلَهي.
[جان جان ڪنڌي ڪانہَ، تان تان تُرَهي تاتِ ڪرِ
ڪپر سندي دانہ، مت اوچِتي اُلَهِي]
[85]
جي اول اوٽو اُولهڙي، سائِر منجهه ٿِياهه
ڪَر ٻانها پاڻيچيان،. مَ ڪر سڏ بِياهه.
[جي اول ٽُٽو اولڙي، سائِر منجهه ٿيانهِه
ڪَرِ ٻانهان پاڻيچيان، مَ ڪَرِ سڏ ٻِيانهه]
پنجين ميين اُلهڙا، غافل وو نه وڌوءِ
جَڏوُ لهرين گڏ ٿِئي، تَڏُ سَنڀاريوءِ.
[پنجين مويي اُلهڙا، غافل وو نه وِڌءِ
جڏون لهرين گڏ ٿئين تڏون سنڀاريوءِ]
[87]
جان تو تارُو پاڻا، تو ڀِي پُڇِ تِڙَن ڪَل
تارُو گهڻا سُڄاڻ، وڃي ڪَپَر آهلي.
[جان تون تارُو پاڻ، تان ڀي پڇ تَڙن ڪَل
تارُو گهڻا سُڄاڻ، وڃي ڪپر آهلي]
[88]
اُونئائي چَيو نه جي، سو نه ڪِيياءِ ڪَنِ
تا ئِي پيئِي پِريا سان گهگهر گهاووڙن
[اوبائي چَيونِ جئن سو نه ڪيائون ڪن
تان ئي پيئي پَريان سان گهنگهر گهاتوڙن]
[89]
جُجون جوکَيون جِت، بوهِٿ باتاڙا ٿِينِ
مِهَر اونَهن جي تاتِ، مُڪريان ڀِي پارِ پوَنِ.
[جُنگيون جوکيون جِت، ٻُوهٿ ٻاتاڙا ٿِيَن
مِهر اوهان جي اُت، مَڪُرِيان ڀي پارِ پَوَن]
[90]
پکرِيان جِنهِن، ڀو ڀلان هِي نه ليه
جِتي ساٿ مُوسَنِ، اَجي سه لَڪ نه لگيو (لگهيو)
پَکڙيان ڊِڄَنِ، ڀَئو ڀَلان هِي نه لَهي
جتي ساٿ مُسَنِ، اچي سو لَڪن لنگهيو]
[91]
وِڄ بَدَل اِي واءِ، هچ مَ لَهرِي لَڳِيا
سَڌر سونها جاوَڙ، ٻيڙِي دُوبڻ ناهِي ڀَو.
[وِڄِ بادل ۽ واءُ، هِچَ مَ لهرين لڳيَان
سَڌر سونهان چاءُ، ٻيڙي ٻڏڻُ ناه ڀؤ]
[92]
سُتو اون تو جڳُ، راتڙي سبيئِي وهاڻِيا
مٿي ٿِيو ڀَگ، پري وِسارڻ مَ ڪَرِي.
[سُتوهُون تو جاڳ، راتڙين سَڀيُ وهاڻيان
مَٿَئه ٿيو اَڀاڳ، پرين وَسارڻ مَ ڪَرِ]
[93]
پري وسارڻ وِي رَڻ، ڪبڌڙي ڪَرِن
ڪَنچن راس وِجاءِ ڪرِ، ٻُڪين ڌُور پَوَنِ.
[پرين وِسارڻ وِي روئڻ، ڪُٻڌڙي ڪَرن
ڪَنچن راس وڃاءِ ڪَر، ٻُڪين ڌوڙ پون]
[94]
ڌَر جِيُو ڌَنس سَهَنِ، گَروائِي پَربَت جِيُو
سيئي سيڻ ڪيچَنِ آئِي ٻاوَ نه ڊولنِي.
[ڌَر جيُون ڌَنئسَ سَهن، ڳَورائي پَربتِ جيون
سيئي سيڻ ڪِجنِ، آئي واءُ نه لُڏڻا]
سجڻ اُرجڻ ڇي ڪهين، چِت نه ڪي چي ڀنگ
لوئي ٿيئي پارَچِي، لاک نه ڇڏي رنگ.
[سڄڻ اُرڄڻ ٿئي ڪهين، چِت نه ڪِجي ڀنگ
لوئي ٿيئي پارچِي، لاک نه ڇڏي رنگ]
[96]
منجهي ماووُ ناهين ڪِي، پَسڻ ڪِي گهاٽي
دُني ڪَسُوڀي رنگ جيون ويندوئِي واٽي.
[مَنجهين ماوو ناه ڪِي، پَسڻ کي گهاٽي
دُني ڪَسُونبي رنگَ جيون ويندءِ وِهاٽي]
[97]
مين ڀايين سووَنِ، هي جرپوس جرڪڻو
ٻئين ٻگئين وَنِ، ڪَہ لگين ڪاريو ٿيو.
[مون ڀانيو سووَن، هِي ڄَرپوس جَرڪِڻو
وِئين وڳڻين وَن، ڪَہ لڳينَ ڪارو ٿيو]
[98]
ڀُلي وين ڀُلِ، تڏائون آئي
بابا آدمءَ تي حوا ڀُلِي، ڀُلي سب اِنيائِي
[ڀُلي وي (ڀُلي)، ڀُل تڏائون آئي
بابا آدم تي حوا ڀُلي، ڀُلي سڀ دنيائي]
[99]
ڀوري ڀڳو جَتِ، ماڻِڪ اَساري پيو
ڪوههُ نه رُنو تَتِ، تُو وي گُچو هٿ ڪَرِ.
[ڀوري ڀڳوءِ جِت، ماڻڪ اَساري پَئَي
ڪوهُ نه رِنُوءِ تِتِ، تو ٻئي ڳُچا هٿ ڪري]
ڀورِي ڀڳوءِ جاءِ، ماڻِڪ اَساري پيو
سُري سرافين آوَ، ويئي گُچو هَٿ ڪَرِ.
[ڀوري ڀڳوءِ جانءِ، ماڻڪ اَساري پَئي
سُري صَرافِين آءِ، ٻيئي ڳُچا هَٿِ ڪري]
[101]
هَٽِي وِيا ڪي لُوڻ، ڪستُورِي جُهگين گهُري
سَچا دي سابُوڻُ، اندر ههَ ڇا نَه ڪري.
[هَٽِي وِهاءِڪي لُوڻ، کَستُوري جُهنگين گهُري
سَچان دي صابُوڻ، اندر آڇا نه ڪرين]
[102]
مُووان محلان مَنديان، اَچليان جَلنِ
هَٽون گِهننِ بڪري، جُهنگين اوُنٺ مَنگن.
[مَيان محلان مَنڊيَان، اَچَليَان چَلن
هَٽئون گهنن ٻڪري، جُهنگين اونٺ منگن]
[103]
هل هل ڦال ڪرينديان، راڌي گئي وِهاءِ
وڃي پُڇو ساوَنِ سُتِيان لاوِي لَگن آءِ.
[هر هر فال ڪرينديان، راڌِي ڳئي وِهاءِ
وچ پڇو سانوڻ ستيان لابي لنگهڻ آهَ]
[104]
توبهه ڪري نَه بائُڙِي، بائُٿِ توبَ ڪَري نَه
ڪيهِي سادي هٺ ۾، راڌي اُجاڙِين.
[توبهه ڪري نه بائُڙِي، بائڙي توبه ڪَرينِ
ڪيهي سادي هَٺَ ۾ راڌي اُجاڙِينِ]
جي سائين سُو سَچُ، تو ڀي ڪُوڙا مٿڙِي
اُتا ٿِي ڪَر نچُ، توڙي اڱڻ را ٻَلي.
[جي سائين سُون سچ، تو ڀَئه ڪِهڙا مَٿڙءِ
اُڀا ٿِي ڪَر نچ، توڙي اڱرڙا ٻلي]
[106]
پاڻا واڻي رنگ ۾، پاڻون واڻ رَتاس
رنگي ڏيندو پاڻ ڌڻي، سڀي رنگ سَناس.
[پاڻا واني رنگ ۾، پاڻو واڻ رَتاسِ
رَڱيندڙو پاڻ ڌڻي، سڀي رنگ سنداس]
[107]
انا ئي پَنا ڪري، پنا اَن منجهاوَ
راج اُڏندِ تو راجيو، ٻيا راوَ ئي راوَ.
[اَنان ئي پَنا ڪري، پَنان اَن مِنجاوَ
راڄ اُڏندتو راڄيو، ٻيا راوَ ئي راوَ]
[108]
ڪُوسي ڪُونپل نِيپجي، ٽاٽي وَن داهِي
عقل غيب الله دا، الله ايها هي.
[ڪُونسي ڪُونپل نپچي، ٽاري بَڻداهي
عقل غيب الله دا، الله ايها هي]
[109]
توڙي وڃن روم، ناهه نصيبو اگري
مانِ نِيو تو يُون، جي لِکيا ڇِيينِ ۾.
[توڙي وڃن روم، نانهه نصيبئون اڳرو
ماني وٽن ٿوم، جي لِکيا ڇِيَن ۾]
[110]
توڙي تَڙيي پي توئِي، توجه اُوهنجو آسرو
تو در ڇَڏان ڪيئن، اي بڙا راجيا.
[توڙي تڙيين تيئن، توهه تنهنجو آسرو
تو در ڇڏيان ڪيئن، اي وڏا راڄيا]
[111]
آهَر اَلا هار، ڪوئي ملاهي ڪَدهي
پيا ڪاج هٿاوَ، بڙآڻيندو وڏو ڌڻي.
[اهَرَ اَلا هاءَ، ڪوءِ مَ لاهي ڪڏهين
وِيا ڪاڄ هَٿاء، وڌائيندو وڏو ڌڻي]
[112]
تو آڌار سُڌار تو، تو آڏاتو آڏ
تو هي اکڙين موُ، تو هي اندر هَڏِ
گَلي مِلي گالهِي چوان ڪيهي ڏاجت سَڏ.
[تون آڌار سُڌار تون، تون آڏاڻو اَڏ
تون هي اکڙين ۾، تون هي اندر هڏ
ڳلي مِلي ڳالهين چوان، ڪيهي حاجت سڏ]
سينچاڻا اَتِي سيههَ، ڏوين وَسن جهنگ مَئن
سو کَڙ کووَن ڪِوان، مانس جنهان ڪُو لِکيو.
[سِيچاڻا تي سِينهه، ڏونهين وسن جهنگ ۾
سي کَڙ کاوَن ڪيئن، ماس جنهان ڪون لکيو]
[114]
جي جي ٻيلِي مين ڪِيئي، سو سو مُجهه نه ٿيان
اُس چنگي ديوان ۾، سِڀي مُڪرِ گيان.
[جي جي ٻيلي مئن ڪِيئي سي سي منجهه نه ٿيان
اس چڱي ديوان ۾ سڀي مُڪر ڳيان]
[115]
ڀڳا ساجا نه ٿيين، مَن موتاهل ڪَچ
ڪنين سڻيو نه مَنيي، انکين ڏٺو سچ.
[ڀڳا ساڄا نه ٿِيوي، مَن موتاهل ڪَچ
ڪنين سُڻيو نه مَنِئي، اکيين ڏٺو سچ]
ڪاجي محمود دنيا ديک ڪَرِ، مَن ۾ آپ نه ڀُول
اَپنِي غُربت سي تئين رهيي جن اُون تلي ڪي ڌُول.
[قاضي محمود دنيا ديک ڪر، من مين آپ نه ڀول
اپني غربت ڪي تئين رهيي، جون پائون تلي ڌُول]
[117]
ڪاجِي محمود ڪاجل ڪَروُن تو ڪنڪرا سُرما
ڪِييا نه جاءِ
اِن نينن ۾ اِڪ تُوو، دُوجا ڪَهان سَماءِ.
[قاضي محمود ڪاجل ڪرون، تو ڪنڪر
سرما ڪِيا نه جاءِ
اِن نينن ۾ اِڪ توئي دُوجا ڪَهان سَماءِ]
[118]
ڪاجي محمود سُمري سائين يان، جِس ٿِي تاجِي ڀيڙَ
سُکيا اُک نه جانهين، جِسِ بيدَن تِسِ پِيَڙَ.
[قاضي محمود سُمري سائييان، جس ٿاء تاجي پيڙ
سکيا دُک نه جانئي، جس بيدن تس ڀيڙ]
”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي سَمپورڻ“
[جناب قاضي قادن جي ساکي پوري ٿي]
|