پبلشر پاران
سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جا ڪيترائي
اهڙا ورق آهن جيڪي اڃا تائين وقت جي دز جي تهن ۾
لِڪل آهن، اهڙن جستجو ۽ کوجنا ڪندڙن جي انتظار ۾
آهن جيڪي کين ڳولي لهن ۽ اُجاري عوام آڏو پڌرو ڪن.
انهيءَ ڏس ۾ سنڌي زبان جي وڏي عالم، محقق ۽ ماهر
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هيءُ ڪتاب قاضي ’قادن
جو رسالو‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان پيش ڪري
رهيا آهيون ۽ اميد ٿا ڪريون ته قاضي قادن جهڙي
قادرالڪلام شاعر، ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مهندار ۽
تصوف جي روحاني رمزن جي خواص جو هيءُ رسالو تاريخي
۽ ادبي ڪڙين کي ڳنڍڻ ۾ مدد ڪندو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سالن جي تحقيق
بعد هي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ اهو اشاعت لاءِ
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي حوالي ڪيو آهي. پاڻ
مسودي جي ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ ڪرائي، پروف چيڪ ڪري
۽ پريس ۾ ڇپائيءَ لاءِ هر طرح تيار ڪري، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجيءَ کي بنا رائلٽي/ اُجرت جي شايع ڪرڻ
لاءِ ڏنائون ۽ پريس ۾ ڇپائي جي نگرانيءَ جي اَٺ
ڪاٺئي ڪم جي ذميواري پنهنجي ڪلهن تي هموار ڪيائون.
مان سندن انهيءَ فراخ دلي ۽ سخا لاءِ اداري پاران
نهايت شڪر گذار آهيان ۽ پرُاميد آهيان ته آئيندي
پڻ پاڻ پنهنجي تحقيقي ڪم جي اشاعت ڪرائڻ لاءِ
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ کي ڪڏهن نه وساريندا.
مان اسان جي احترام لائق ۽ هر
دلعزيز وائيس چانسلر ۽ اداري جي ڊائريڪٽر پروفيسر
ڊاڪٽر نذير مغل جي مهربانين کي پڻ وساري نٿو
سگهان، جن کي جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پنهنجو ڪتاب
شايع ڪرڻ جي آڇ ڪئي ته بروقت مون کي ساڻن ملي
مسودو حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪيائون ۽ ڪتابي صورت ۾
جلدي شايع ڪرڻ لاءِ رقم منظوري ڪري مالي دشواري
دور ڪيائون، اهو سندن علم دوستي ۽ قدر شناسيءَ جو
ثبوت آهي.
مان جيڪڏهن پنهنجن هم ڪار
ساٿين ۽ خصوصي طور تي محترم ولي رام ولڀ ڊپٽي
ڊائريڪٽر ميوزم ۽ آڊيو ويوئل سيڪشن جو سندن هر طرح
جي سهڪار لاءِ ٿورا نه مڃيندس ته زيادتي ٿيندي.
سندن پيشه ورانه صلاحيتون ۽ مشورا ڪتاب جي اشاعت
لاءِ يقيناً مفيد رهيا آهن.
محمد
حسين شيخ
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڊائريڪٽر انچارج
يونيورسٽي آف سنڌ
ڄام شورو
17- مئي 1999ع
مهاڳ
شاهه عبدالڪريم پنهنجي سلوڪ جي
محفلن ۾ تصوف جي ڳُوڙهن رازن ۽ ٻين نصيحت آميز
موضوعن جي سمجهائڻي ڏيندي، پنهنجا ۽ ٻين سالڪن جا
بيت فقيرن آڏو پڙهيا جيڪي پوءِ سندس مريد محمد رضا
’بيان العارفين‘ ۾ ملفوظات طور قلمبند ڪيا. انهن ۾
ست بيت اهڙا هئا جن بابت نالو وٺي چيائين ته قاضي
قادن جا آهن. هڪ وڏي عرصي تائين اهي ست بيت ئي
قاضي قادن جي نالي سان سنڌ جي عالمن ۽ اديبن آڏو
رهيا، ۽ ٻئي وڌيڪ ڪلام بابت ڪنهن کي به ڪا ڄاڻ
ڪانه هئي، تان جو هندوستان ۾ اوڀر پنجاب جي اديب
راجا رام شاستري، صوبي هَريانا جي ڳوٺ راڻيلا ۾،
دادو پنٿي ڀڳت هرداس جي مَٺَ (مڙهي) ۾، گرمکي ۾
لکيل قلمي ڪتاب ”سنتون ڪِي واڻي“ ڏٺو جنهن جي هڪ
باب ۾ قاضي قادن ۽ ٻين اڳين سالڪن ۽ سنتن جا بيت ۽
دوها لکيل هئا. اهو باب پوءِ سنڌي اديب هيري ڄيٺا
لال ٺڪر سنڌي صورتخطيءَ ۾ ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي
عنوان سان سنه 1978ع ۾ دهلي مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
ان ڪتاب ۾ شامل قاضي قادن ۽ ٻين جي هڪ سئو ارڙهن
بيتن تي پوءِ راقم سنڌي ادبي بورڊ جي ”رسالي
مهراڻ“ جي ٻن شمارن 1978ع جي آخري ۽ 1979ع جي
پهرئين) ۾ تفصيل سان تنقيدي بحث ڪيو.
راج رام شاستري جو راڻيلا جي
مَٺ ۾ سانڍيل ڪتاب ’سنتون ڪي واڻي‘ ۽ ان ۾ قاضي
قادن جي بيتن وارو باب ڳولي لهڻ ۽ پوءِ هيري ٺڪر
جو ان کي سنڌي صورتخطي ۾ سنواري شايع ڪرڻ قاضي
قادن جي بيتن جي وڌيڪ ڳولا لاءِ نيڪ فال بنيا.
’سنتون ڪي واڻي‘ واري بابت مان
اهو معلوم ٿيو ته قاضي قادن جا بيت گهڻا آهن پر سڀ
بنا نالي آهن. انهيءَ اهڃاڻ مان، قاضي قادن جي ٻين
بيتن کي ٻين ماخذن مان ڳولي لهڻ لاءِ راهه روشن ٿي
جن ۾ اهي بنا نالي هئا: ان کان اڳ ان طرف گمان ئي
نٿي ويو ته اهي قاضي قادن جا آهن.
ايترن سارن گهڻن بيتن جو
دستياب ٿيڻ قاضي قادن تي نئين سر تحقيق لاءِ هڪ
پيغام هو. انهيءَ ڪري وڌيڪ معلومات لاءِ جون 1979ع
۾ آءٌ دهلي ۾ وڃي هيري ٺڪر ۽ راجا رام شاستري سان
مليس. شري شاستري کان معلوم ٿيو ته راڻيلا واري
گرنٿ ۾ لکت جو سال ڄاڻايل ڪونهي، پر ان کان سواءِ
ٽي ٻيا قلمي گرنٿ موجود آهن جن ۾ پڻ هڪ بابت هيٺ
قاضي قادن ۽ ٻين جا بيت لکيل آهن. اهي پستڪ سنبت
1745، 1802، ۽ 1805 ۾ لکيا ويا. سڀ کان آڳاٽو سنبت
سالن 1745 وارو دادو ديال جي ٻالڪي رجب لکيو جيڪو
جيپور ۾ رکيل آهي ۽ جنهن ۾ شامل بابت هيٺ 118
بدران 243 بيت لکيل آهن. جنهن ڏينهن 24 جون 1979ع)
آءٌ ساڻس سندس گهر مليس تنهن ڏينهن ان گرنٿ جو نقل
پڻ ڏيکاريائين، ۽ 118 ڇپيل بيتن کان سواءِ باقي
بيت اردو صورتخطيءَ ۾ لکي ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. 26
جون تي وري وڃي ساڻس مليس پر اڃان اهي بيت ڪين
لکيا هئائين.
پوءِ مون هيري ٺڪر کي صلاح ڏني
ته هو انهن بيتن کي ڏسي ۽ انهن ۾ قاضي قادن جا يا
ٻيا جيڪي سنڌي بيت هجن سي گڏ ڪري، ۽ سندس ڇپايل
ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي ٻئي ايڊيشن ۾ اهي
شامل ڪري. ان وقت کيس وڏو شوق هو ۽ مون کي به
خاطري ڏنائين ته جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو هو اهي
سڀ قلمي ڪتاب ڏسي پنهنجي ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن شايع
ڪندو. دهلي مان موٽي اچڻ کان پوءِ وري ڏانهس
يادگيري لاءِ خط لکيم ته اهو ڪم پورو ڪري پر پوءِ
سندس جواب ڪونه آيو. راجا رام شاستري ڏانهن به خط
لکيم پر ڪو جواب ڪونه آيو؛ ته به انهيءَ آس اميد ۾
رهيس ته هيرو ٺڪر، شري شاستري يا ٻيو ڪو اُتي جو
اديب اهي قلمي ڪتاب پڙهندو ۽ قاضي قادن جي بيتن جو
سڄو ذخيرو شايع ٿيندو. ائين انتظار ڪندي جڏهن ڏهه
سال کن گذري ويا تڏهن آخرڪار سنه 1988ع ۾ مون
ارادو ڪيو ته آءٌ پاڻ پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪريان ۽
انهن باقي قلمي پستڪن مان قاضي قادن جي بيتن وارو
جيڪو ڪجهه مواد هٿ اچي سو مطالعو ڪيان ته جيئن
سنڌي اَساسي (ڪلاسيڪي) شاعري جي تاريخ ۾ جيڪو
شروعاتي خال آهي سو ڀري سگهجي.
انهيءَ وچ ۾ شاه ڪريم جي
ملفوظات ’بيان العارفين‘ کي غور سان پڙهيم ته قاضي
قادن جي ڪن بيتن جو پتو پيو. ’شاه جي رسالي‘ تي
تحقيق ڪندي رسالي جي مختلف قلمي نسخن مان ڪي اهڙا
بيت مليا جن تي غور ڪندي اهي قاضي قادن جي معلوم
ٿيا. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ قلمي ڪتاب
’حڪايات الصالحين‘ جي حاشين تي لکيل بيتن مان ڪي
بيت قاضي قادن جي ٻولي ۽ اسلوب بيان وارا نظر آيا.
بعد ۾، ساڳئي ڪتاب جي ٻئي هڪ قلمي نسخي ۾ ڏنل بيتن
بابت ڊاڪٽر نواز علي شوق رسالي مهراڻ (آڪٽوبر-
ڊسمبر 1991ع) ۾ پنهنجو مضمون شايع ڪيو جنهن ۾ وڌيڪ
اهڙا بيت نظر آيا .
باوجود انهيءَ مطالعي جي، جيسين تائين هندوستان
مان قلمي ڪتابن وارو مواد دستياب نٿي ٿيو، تيسين
تائين قاضي قادن جي بيتن بابت تحقيق جو ڪم پورو ٿي
نٿي سگهيو.
اتفاق سان راجسٿان يونيورسٽي
جيپور جي پروفيسر ڊاڪٽر ناٿ سان سڃاڻپ ٿي ۽ هو
اسلام آباد آيو ته کيس ٻڌايم ته جيپور ۾ دادو پنٿي
ادارن ۾ سانڍيل قلمي گرنٿن مان قاضي قادن جي بيتن
واري مواد جي مون کي ضرورت آهي، ۽ هن وعدو ڪيو ته
هو اهي هٿ ڪري ڏيندو. ڳچ وقت گذري ويو پر بالآخر
’دادو اِنسٽي ٽيوٽ‘ ۾ رکيل ٻن گرنٿن مان گهربل
مواد جا فوٽا ڏياري موڪليائين.
ان بعد درگاه سچل جي سجاده
نشين (ڊاڪٽر) سخي قبول محمد صاحب جي معرفت
هندوستان مان سندس مريدن جي ڪوشش سان هڪ ٻئي ڪتاب
’وَرهد‘ جو نقل دستياب ٿيو جنهن ۾ قاضي قادن ۽ ڪن
ٻين درويشن ۽ سنتن جا بيت قلمبند ٿيل هئا. آءٌ هن
مدد لاءِ سخي صاحب جن جو نهايت شڪر گذار آهيان.
ڊاڪٽر ناٿ طرفان ٻن گرنٿن مان موڪليل مواد بعد،
ڪتاب ’ورهد‘ جي دستياب ٿيڻ سان ڀانيم ته شايد انهن
ٽنهي ڪتابن تائين رسالي ٿي وئي هجي جن جو ذڪر راجا
رام شاستري ڪيو هو. انهن ٽنهي گرنٿن جو وڌيڪ تفصيل
هن ڪتاب جي ڀاڱي پهرئين ۾ ’دادو ديال جي روايت‘ جي
عنوان هيٺ ڏنو ويو آهي ۽ انهن ۾ شامل بيتن جو
تفصيل ڀاڱي ٽرئين ۾ ضميمي طور ڏنو ويو آهي.
انهن گرنٿن مان مواد دستياب ته
ٿيو پر ان کي پڙهڻ پرجهڻ مشڪل هو. ڊاڪٽر ناٿ شروع
۾ ئي پنهنجي خط (مورخه 3- سيپٽمبر 1988ع) ۾ ڄاڻايو
هو ته اهي گرنٿ ”آڳاٽي ديوناگري خط ۾ وچئين (ميڊي
ول) دور واري راجسٿاني ٻوليءَ ۾ لکيل آهن ۽ پنا
ايترو ته ضعيف آهن جو ڀُرندا ٿا وڃن پر مون ڪوشش
ڪري فوٽا ورتا آهن.“ باوجود سندس ڪوشش جي، فوٽن ۾
به ڪي ڀاڱا صاف
نه آيا ۽ ڪن سٽن جا آخري حصا
ميٽيجي ويا. پر وڏو مسئلو اهو هو ته اسان وٽ هت
ٻيو ڪير آهي جيڪو ان آڳاٽي دور جي ديوناگري
صورتخطي کي صحيح طور تي پڙهي سگهي! انهيءَ ڳولا ۾
ڳچ وقت گذري ويو، تان جو سال 1993ع ۾ ٿر جو سفر
ڪندي شهر مٺي جي مانائتي شخص آن جهاني مسٽر
ماڻڪاڻيءَ کان معلوم ٿيو ته گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
مٺي جو اڳوڻو پرنسپال پروفيسر شيام داس جوشي وڏي
ڄاڻ وارو آهي ۽ هو اهي پراڻا پستڪ به پڙهي ويندو.
سندس اهو ڏس صحيح ثابت ٿيو.
جڏهن پروفيسر جوشي سان مليس ته
هن هر طرح جي مدد جو واعدو ڪيو، ۽ پوءِ وڏي چاه
سان اهو واعدو پاڙيائين. مون ڏانهس ڊاڪٽر ناٿ وارو
مواد ڪتاب ’ورهد‘ موڪليو ۽ هن صاحب ان مواد کي
سنڌي صورتخطي ۾ اتاريو. 1992ع جي آخر کان وٺي
سيپٽمبر 1998ع تائين ساڻس مشورا هلندا رهيا،
انهيءَ لاءِ ته جيترو ٿي سگهي اوترو اصلوڪي مواد
کي صحيح طور تي سمجهي سگهي. پر آڳاٽي ديوناگري
صورتخطي کي سمجهڻ ايترو سولو نه هو. پروفيسر جوشي
روبرو ملاقاتن توڙي پنهنجن خطن ۾ لکيو ته ”اها
بالڪل پراڻي صورتخطي (Script)آهي
جنهن جا ڪجهه حرف هن وقت جي هندي ۾ نه آهن، تنهن
هوندي پڻ خاص ڪوشش وٺي جيتري سمجهه م آئي آهي سا
سنڌي ۾ لکي موڪليان ٿو (خط مورخه 4- 1- 1993ع)؛
”فوٽو به پرو صاف ناهي جنهن ڪري پڙهڻ ۾ گهڻي تڪليف
رهي ٿي؛ ڪٿي ڪٿي اکر آيل نه آهن ته ڪٿي صاف نه
آهن“ (خط مورخ 4-9- 1994ع). ”اها هندي صورتخطي
تمام پراڻي آهي، هن وقت جي (Scriprt) کان
ڪجهه قدر بدليل آهي. ڪي اکر سمجهه ۾ نٿا اچي سگهن.
انهن کي پڙهڻ ۾ گهڻي دشواري ٿي ٿئي. ڪٿي ڪٿي ڪي
اکر صاف نه آهن ۽ پڙهي به نٿا سگهجن“ (خط مورخه
17- 10- 97).
انهن اشارن مان اندازو ٿيو ته
پراڻي ديوناگري ۾ لکيل اصل بيتن کي شايد پوريءَ
طرح پڙهي نه سگهجي پر منهنجي گهُر موجب، پروفيسر
جوشي جئن اصل عبارت ۽ اصل اچار هئا تئن انهن کي
سنڌي صورتخطي ۾ اتاريو. اصل لکت مطابق بيتن جو اهي
پڙهڻيون (وڌيڪ سنواريل صورت ۾) ڪتاب جي ٽرئين ڀاڱي
’ضميمي‘ هيٺ ڏنيون ويون آهن. مون ڪوشش ڪئي آهي ته
انهن اصلوڪين پڙهڻين جي آڌار تي، قاضي قادن جي
سنڌي ٻولي جي مزاج مطابق، بيتن جون صحيح پڙهڻيون
قائم ڪيون وڃن. آءٌ مانائتي پروفيسر جوشي جو
شڪرگذار آهيان جنهن وڏي ڪوشش سان سنڌي صورتخطي ۾
اصل مواد کي اتاريو. جنهن مان منهنجي رهنمائي ٿي.
باوجود هن محنت جي، مون کي
احساس آهي ته قاضي قادن جي بيتن بابت تحقيق مڪمل
تڏهن ٿيندي جڏهن هندوستان مان گجرات، راجسٿان ۽
ٻين علائقن ۾ دادو ديال جي سنتن ساڌن جي مَٺَن ۾
سانڍيل مواد مان قاضي قادن جي بيتن جو پورو پتو
لڳايو ويندو. منهنجو ارادو هو ته آءٌ پاڻ ڪشالا
ڪري اهي سڀ مَٺ ۽ مڙهيون ماڳ ووڙيان ۽ مواد هٿ
ڪريان، پر گذريل سالن ۾ هندوستان- پاڪستان جي
بگڙيل ناتن ۽ ’ويزا‘ جي پابندين سببان ائين ڪري نه
سگهيس. اميد ته آينده ٻئي ڪنهن صاحب کي اهڙو موقعو
ملندو ۽ هو وڌيڪ مواد هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
قاضي قادن جي بيتن جي مطالعي‘
کان سواءِ سنڌي اَساسي (ڪلاسيڪي) شاعريءَ جي تاريخ
اڻپوري آهي. انهيءَ ڪري مون ضروري سمجهيو ته في
الحال جيڪي ڪجهه دستياب ٿي سگهي ان کي سامهون رکي
تحقيق کي اڳتي وڌائجي جيئن قاضي قادن جي عظمت جو
ڪجهه حق ادا ٿي سگهي، ۽ پڻ سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جو
هيءَ قيمتي ذخيرو صحيح صورت ۾ سامهون اچي سگهي.
انهيءَ عزم ۽ ارادي ۾ ڪافي ڪاميابي حاصل ٿي آهي جو
ڏهن سارن ماخذن مان قاضي قادن جا بيت ڳولي لڌا ويا
آهن.
هن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو
ويو آهي. پهرين ڀاڱي ۾ قاضي قادن جي سوانح، ڪلام
جي اصل روايت، رسالي جي اهميت ۽ ان ۾ سمايل فڪر تي
روشني وڌي وئي آهي؛ ٻئي ڀاڱي ۾، ’قاضي قادن جو
رسالو‘ آهي جنهن ۾ سندس بيتن کي مختلف عنوانن هيٺ
موضوع ۽ معنيٰ جي لحاظ سان ترتيب وار ڪري رکيو ويو
آهي، ۽ پڻ هر بيت جي صحيح پڙهڻي ۽ معنيٰ ڏني وئي
آهي؛ ٽريو ڀاڱو ضميمي طور شامل ڪيو ويو آهي ته
جيئن اهي ڏهه ماخذ (قلمي ۽ ڇاپي ڪتاب) جن مان قاضي
قادن جا بيت کنيا ويا آهن تن جو تفصيل پڙهندڙ جي
سامهون اچي وڃي، ڇاڪاڻ جو اهي سڀ ڪتاب دستياب
ناهن. رسالي جي متن ۾ هر بيت جي هيٺان اصل ماخذن
وارا جيڪي حوالا ۽ نمبر ڏنا ويا آهن سي هن ضميمي ۾
ڏنل هر ماخذ جي بيتن جي نمبرن وارا آهن. مثلاً
رسالي جي پهرئين بيت هيٺان حڪايات الصالحين (4) جو
حوالو ڏنل آهي، جنهن مان مراد ته اهو ضميمي ڀاڱي
ٽرئين هيٺ ’حڪايات الصالحين“ وارو بيت نمبر (4)
آهي. رسالي جي بيت ٻئي هيٺيان سنتون ڪي واڻي نمبر
(107)‘ جو حوالو ڏنل آهي، جنهن مان مراد ته ضميمي
هيٺ ڏنل ’سنتون ڪي واڻي‘ وارو بيت نمبر (107) آهي.
جن مهربان هن ڪم ۾ مدد ڪئي تن
جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. منهنجن ڪارڪن مددگارن
مان، محمد اسماعيل شيخ سالن جي رفاقت بعد جدائي
ڪئي، باقي ڪارڪنن مختيار احمد بلوچ ۽ اياز مرزا
شروع کان آخر تائين پروفن پڙهڻ ۾ مدد ڪئي، حسين
احمد ميمڻ سهڻي سٽاء سان سڄو مواد ڪمپوز ڪيو. آءٌ
سڀني سڄڻن جو شڪرگذار آهيان.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌ
يونيورسٽي پروفيسر ايمرائِيٽَس ۽
حيدرآباد، سنڌ
نگران علامه آ. آءِ قاضي چيئر
16- مئي
1999ع سنڌ يونيورسٽي
|