2
قاضي قادن جي بيتن جون روايتون ۽ انهن جا
ماخذ
بيتن جون روايتون
قاضي قادن جا بيت
هيٺين ٽن روايتن ذريعي اسان تائين پهتا
آهن جن مان ٻه روايتون سنڌ جون آهن ۽ هڪ
روايت سنڌ کان ٻاهر گجرات- راجسٿان جي
آهي. هيٺ انهن ٽنهي روايتن جي وضاحت ڪجي
ٿي.
• سنڌ ۾ بکر- سيوهڻ جي روايت. قاضي
قادن بکر ۾ ڄائو ۽ درٻيلي ۾ رهيو، ۽ سندس
وڏا اصل ۾ سيوهڻ شهر يا علائقي جا هئا.
انهيءَ ڪري، سندس بيت سيوهڻ ۽ بکر طرف
مشهور رهيا هوندا، پر اتان جي روايتن مان
فقط پنج بيت ٻن جدا سلسلن ذريعي محفوظ
رهيا آهن. هڪ روايت ان طرف جي ذاڪرن (سماع
جي راڳ وارن) جي آهي جيڪي ملتان جي بزرگن
جي سلسلي سان وابسته هئا، ۽ جن سنڌي بيت
لاهور ۾ شيخ عبدالجليل جي خانقاه تي سماع
جي محفلن ۾ پڙهيا جيڪي ’تذڪره قُطبيہ‘ ۾
ڏنل آهن. انهن مان هڪ بيت قاضي قادن جو
تسليم ڪري سگهجي ٿو. پر قاضي قادن جا گهڻا
بيت يا سڄو رسالو سيوهڻ ۽ پاٽ جي عالمن
عارفن وٽ محفوظ هو جيڪي پوءِ لڏي وڃي
برهانپور (هندوستان) ۾ ويٺا ۽ جن وٽان
پوءِ وڏي عالم محمد غوثي گهڻا بيت ٻڌا ۽
انهن مان چئن چونڊ بيتن جو مفهوم فارسي
نثر ۾ پنهنجي ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ ڏنائين
جن جو تفصيل اڳتي ايندو.
• سنڌ ۾ ٺٽي جي روايت. ٺٽو
ان وقت سنڌ جي گادي جو شهر هو ۽ قاضي قادن
اُتي ايندڙ ويندڙ هو ۽ پڻ هڪ بيان موجب هو
سلطان ڄام نظام الدين جي دور ۾ بکر جو
قاضي هو جنهن ڪري ٺٽي سان سندس ويجهو تعلق
هو. ٺٽو علم جو مرڪز هو ۽ اتي وڏا عالم ۽
عارف موجود هئا جن کي قاضي قادن جي بيتن
جي ڄاڻ حاصل ٿي. انهن بزرگن کان پوءِ ميين
شاهه ڪريم اهي بيت ٻڌا ۽ پنهنجي مريدن
فقيرن آڏو پڙهيا جيڪي پوءِ سندس ملفوظات
’بيان العارفين‘ ۾ قلمبند ٿيا. بعد ۾ شاه
عبداللطيف کي ’بيان العارفين‘ وارا بيت
توڙي ٻيا بيت اتي جي بزرگن کان مليا جيڪي
شاه جي رسالي جي مختلف قلمي دستخطن ۾ ڏنل
آهن. ٻه ٻيا ماخذ آهن ’حڪايات الصالحين‘ ۽
ملفوظات ’خزانة المعرفة‘ ، جن ۾ شامل بيت
اتر توڙي لاڙ جي روايتن جا ٿي سگهن ٿا.
• سنڌ کان ٻاهر گجرات-راجسٿان ۾ دادُو
دَيال جي روايت. درويش
دادو ديال قاضي قادن کان پوءِ ٿيو پر هو
احمد آباد ۾ ڄائو، گجرات ۾ رهيو ۽ غالباً
سنڌ ۾ به آيو، ۽ اتي هن قاضي قادن جا بيت
ٻڌا ۽ مٿس وڏو اثر پيو. پوءِ هن اهي بيت
پنهنجن پوئلڳ ساڌن سنتن آڏو نصيحت طور
پڙهيا ۽ پڻ پنهنجي يادگار گرنٿ ۾ هڪ جدا
باب هيٺ شامل ڪيا. ان وقت يا کانئس پوءِ،
سندس سنتن ساڌن پڻ پنهنجن گرنٿن ۾ اهي
ساڳيا ۽ ڪي ٻيا بيت لکيا. انهن مان موجوده
تحقيق تائين چار گرنٿ دستياب ٿيا آهن جن
کي هن ڪتاب ۾ جيپور گرنٿ-6، سنتون ڪي
واڻي، وَرهد ۽ جيپور گرنٿ-4 جي نالن سان
بحث هيٺ آندو ويو آهي.
قاضي قادن جي بيتن جا ماخذ
مٿين روايتن وارا قاضي
قادن جا بيت ڏهن ڪتابن ۾ موجود آهن جن جو
تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. انهن ڪتابن مان هرهڪ ۾
جيڪي بيت شامل آهن تن جو تفصيل هن ڪتاب جي
ڀاڱي ٽرئين ۾ ’ضميمي‘ طور ڏنو ويو آهي.
سنڌ جي روايت وارا ماخذ
1- تذڪره قُطبيہ
2- گلزار ابرار
3- بيان العارفين
4- شاهه جو رسالو
5- حڪايات الصالحين
6- ملفوظات ’خزانة
المعرفت‘
گجرات- راجٿسان ۾ دادو ديال جي روايت وارا
ماخذ
7- جيپور گرنٿ-6
8- سنتون ڪي واڻي
9- ڪتاب ورَهد
10- جيپور گرنٿ-4
(الف) سنڌ جي روايت
1- تَذڪِره قُطبيہ
هيءَ ڪتاب ’قطب
العالم‘ شيخ عبدالجليل جي سوانح عمري ۽
ملفوظات بابت آهي ۽ سندس مريد جمال الدين
ابوبڪر الله آبادي 946- 953 هه
(1540-1545ع) وارن سالن ۾ لکيو. ان ۾ ڪي
بيت ڏنل آهن جيڪي سنڌ جي قوالن ذڪر ۽ سماع
جي محفلن ۾ ڳايا .
انهن مان هيٺيون بيت، موضوع ۽ اسلوب بيان
جي لحاظ سان، قاضي قادن جو آهي جيتوڻيڪ
نالو ڏنل ڪونهي.
جو گهڙي سو ني، ڪو جو
قهر ڪَلاچ ۾
خبر ڪونه ڏي، رڇ ڪڄاڙي
رَنڊيو.
انهن سماع جي محفلن
وارو زمانو قاضي قادن جو آهي، ڇاڪاڻ جو
شيخ عبدالجليل سنه 910هه (1504ع) ۾ وفات
ڪئي. هيءُ بيت سنڌي ذاڪرن شيخ عبدالجليل
آڏو سماع جي محفل ۾ پڙهيو يعني سنه 910 هه
کان اڳ پڙهيو جنهن وقت قاضي قادن جي عمر
چاليهه سال هئي، هن بيت جو موضوع انسان جي
اندر وارو سرڪش نفس آهي جنهن کي قاضي قادن
ڪَلاچي جي ڪُنَ ۾ ويٺل مانگر مڇ سان
تشبيهه ڏني. اهو بيت قاضي قادن جي حياتي
واري دور جو آهي ۽ قاضي قادن جي تسليم ڪري
سگهجي ٿو. اهڙي تصديق ان مان به ٿئي ٿي جو
ڪَلاچي جي ڪُن وارو موضوع دادو ديال واري
روايت ۾ به قاضي قادن جي بيتن ۾ ملي ٿو.
2- ڪتاب گلزار ابرار
هن ڪتاب جو مصنف محمد
غوثي شَطاري مانڊوي (هندستان جي شهر مانڊو
جو رهندڙ) آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي
ڇهه سئو ٻارهن عالمن ۽ صوفين مشائخن جو
ذڪر آهي جن مان ويهن کان مٿي اصلي وطن جي
لحاظ سان سنڌ جا آهن. انهن مان هڪ ’قاضي
قادن‘ آهي. مصنف 998- 1022 هه (1590-
1413ع) وارن سالن ۾ حالات گڏ ڪري هيءُ
تذڪرو تصنيف ڪيو. هن ڪتاب ۾ قاضي قادن جو
ٿورو ذڪر به گهڻي جي برابر آهي، ڇاڪاڻ جو
مصنف هڪ ته قاضي قادن جي دور کي ويجهو هو،
۽ ٻيو ته کيس قاضي قادن بابت احوال سنڌ جي
اهڙن وڏن عالمن کان مليو جن مان ڪن قاضي
قادن کي ڏٺو هو.
محمد غوثي، قاضي قادن
جي وفات (958 هه) کان چار سال پوءِ 962 هه
۾ ڄائو. هُو شاه عبدالڪريم (ولادت 944 هه)
جو ننڍو همعصر هو. محمد غوثي کي برهانپور
۾ سنڌ مان آيل بزرگن کان قاضي قادن جو
احوال مليو. هو سنه 991 هه ۾ يا ٿورو
پوءِ، اعليٰ تعليم لاءِ برهانپور پهتو جتي
سنڌ جي بزرگن جو هڪ خاص پاڙو (محلو) آباد
هو ۽ سنڌ مان اڳ يا پوءِ آيلن مان ان وقت
وڏا سنڌي عالم ۽ صوفي عارف موجود هئا.
غوثي اتي خاص طرح وڏي عالم حڪيم بن عيسيٰ
سنڌي کان اعليٰ تعليم ورتي. سنه 994 هه ۾
هو في الحال پنهنجي شهر مانڊُو موٽي ويو،
پر سنڌ جي عالمن استادن جي علم ۽ اعليٰ
اخلاق جو مٿس ايترو ته اثر ٿيو جو ڇهن ستن
سالن بعد (يا ان کان اڳ) 11- صدي هجري جي
شروع ۾ هو برهانپور موٽي آيو ۽ وڌيڪ اعليٰ
تعليم توڙي روحاني فيض حاصل ڪيائين. اتي
هو ’سنڌي پاڙي‘ ۾، وقت جي عالم ۽ عارف
مسيح الزمان شيخ عيسيٰ سنڌي، محمد بن
عبدالله سنڌي، بابو سنڌي، شيخ لاڏن جيو
سنڌي ۽ سندس فرزند شيخ عثمان سنڌي جو
ويجهو پاڙيسري ٿي رهيو.
يارهين صديءَ هجري جي
پهرئين ڏهاڪي ۾ اتي رهائش واري عرصي ۾ محمد
غوثي کي سنڌي بزرگن کان سنڌ جي عالمن
عارفن بابت ڪافي معلومات ملي. هو وڏي عالم
شيخ طاهر سنڌي ۽ سندس مريد شيخ اسحاق
قلندر سنڌي جي همسايگي مان ڪافي مستفيد
ٿيو. شيخ اسحاق قلندر سنڌي (وفات 1010 هه)
قاضي قادن جو ننڍو معاصر هو. سنڌ ۾ هن
پنهنجي اوائلي زندگي سير سفر ۾ گذاري ۽
سنه 945 هه قاضي قادن جي حج تي وڃڻ بعد
سير سفر ترڪ ڪري اچي برهانپور ۾ شيخ ظاهر
سنڌي جي خذمت ۾ رهيو ۽ ويندي وفات
(1003هه) تائين اتي گذاريائين.
هڪ ٻيو عارف صوفي
ابراهيم بن عمر هو جنهن محمد غوثي جي
برهانپور ۾ اچڻ (994 هه) کان اڳ وفات ڪئي.
محمد غوثي سندس ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
’ذڪر شيخ ابراهيم بن
عمر سنڌي. سندس ابدي آرامگاهه شهر
برهانپور جي حدن اندر اُتر طرف بنائي وئي
آهي. پنهنجي زندگيءَ ۾ ماڻهن توڙي ٻين دل
وڻندڙ شين کان گوشائتو ٿي گذاريائين. چون
ٿا ته هو قاضي قاضن جي همنشينن مان هو
جنهن وحدت وجود جي بيان ۾ بيش بها جواهر
(بيت) پنهنجي زبان (سنڌي) ۾ نظم جي ڌاڳي ۾
پُوتا آهن ۽ پڻ ان سلسلي ۾ دليل قائم ڪيا
آهن، ڪن جو چوڻ موجب هو سيد محمد جونپوري
جو معتقد هو‘ ،
معلوم ٿيو ته درويش
ابراهيم سنڌ ۾ قاضي قادن جو صحبتي
(همنشين) هو، ۽ قاضي قادن جي حج تي وڃڻ
کان پوءِ، يا اتي سندس وفات (958 هه) کان
پوءِ، هو سنڌ مان برهانپور ۾ آيو. هڪ
روايت موجب هو سال 974 هه کان اڳ برهانپور
اچي چڪو هو.
شيخ اسحاق قلندر سنڌي به سنه 955 هه کان
پوءِ برهانپور ۾ سڪونت پذير ٿيو. سمجهجهي
ٿو ته شيخ ابراهيم ۽ شيخ اسحاق قلندر،
برهانپور ۾ سنڌي صوفين عارفن جي انجمن ۾
قاضي قادن ۽ سندس عارفانه ڪلام کي متعارف
ڪرايو، ڇاڪاڻ جو جڏهن محمد غوثي برهانپور
۾ هو تڏهن انهن جو ذڪر ان وقت اُتي هلندڙ
هو.
محمد غوثي ’گلزار
ابرار‘ ۾ قاضي قادن جو ذڪر جدا طور سندس
نالي سان به ڪيو آهي (1)، جنهن ۾ هن سندس
چيل چئن بيتن ۾ سماعيل مفهوم هيٺينءَ طرح
فارسي ترجمي جي صورت ۾ ڏنو آهي:
[1] ’ڪَنز‘ ۽ قدوري
پڙهڻ سان معرفت جي مهڪ ذري
جيترو به منهنجي دماغ
۾ ڪانه آهي؛
جو ڪجهه حاصل ٿيو سو
هن ڪائنات (جي مطالعي) مان ٿيو.
[2] سڀني زبانن ۾ ’لا‘
جي ڪلمي سان تنهنجي نفي ڪئي وئي آهي؛
پر تون اڃان به پنهنجي
اثبات پويان لڳل آهين!
[3] ’لا‘ ڪنهن جي به
نفي نٿو ڪري،
جڏهن ته ’ما سواءِ حق‘
کي هستي آهي ئي ڪانه!
[4] اسين جنهن جا
مشتاق آهيون
سو غور سان ڏسجي ته
اسين پاڻ ئي آهيون!
هي اصل عبارتن جو
(فارسي مان اردو ۽ اردو مان سنڌي ۾) ترجمو
آهي. محمد غوثي اهو ترجمو يا مفهوم لکندي
وضاحت ڪئي آهي ته ”هر ڪلام جي لطافت ان
اصل ٻولي جي پنهنجي اسلوب بيان ۾ آهي جنهن
ٻوليءَ ۾ اهو چيو ويو هجي“ . پڻ وڌيڪ
وضاحت ڪيائين ته: قاضي قادن جا اهڙا
عارفانه بيت ايترا ته گهڻا آهن جو لکي
پورا نه ڪري سگهبا. مٿيون مفهوم هيٺين چئن
بيتن جو آهي:
[1] ڪنز، قُدوري،
ڪافيَہ ڪِي ڪونه پڙهئوم
اُو پاڙهه ئي ڪو ٻيو،
جئان پرين لڌوم.
[2] توکي توڙائين ’لا‘
سين لاٿائون
اڃان پڻ ’آئون‘ ،
واريو وِجهين وِچ ۾.
[3] ’لا‘ لاهيندي ڪن
کي، ’لا مورهين ناه
بالله ري پريانہ، ڪَٽُ
نه ڏسي ڪي ٻئو.
[4] اسين سڪون جن کي،
سي تان اسين پاڻ
هاڻي وڃ گمان، صحيح
سڃاتا سپرين.
اهي چارئي بيت ’بيان
العارفين‘ ۾ موجود آهن پر شاهه عبدالڪريم
جڏهن بيت نمبر-2 ۽ بيت نمبر-4 ( ’بيان
العارفين‘ ۾ نمبر78 ۽ نمبر 79، صفحو 93)
پڙهيا تڏهن ائين ڪونه ڄاڻايائين ته ڪو اهي
بيت قاضي قادن جا آهن.
3- ڪتاب ”بيان العارفين وتنبيہ الغافلين“
هيءُ ڪتاب ميين شاه
عبدالڪريم بلڙي واري جي ملفوظات آهي جنهن
۾ فقيرن آڏو، بيان ڪيل سندس عارفانه
وضاحتن ۽ ارشادن جو ذڪر آهي. شاه
عبدالڪريم 20- شعبان 944 هه (1538ع) تي
ڄائو ۽ 7- ذوالقعده 1032 هه (1623ع) تي
وفات ڪيائين. قاضي قادن جي وفات 958 هه/
1551ع) وقت هو چوڏهن پنڌرهن سالن جو هو، ۽
اهو هڪ اهڙو وڏو ڏکائتو واقعو هو جو
نوجوان شاه ڪريم ضرور اُن جو ٻڌو هوندو ۽
قاضي قادن جو نالو سندس ڪنن تي پيو هوندو.
جيڪڏهن چاليهن سالن جي عمر ۾، سنه 984 هه
ڌاري، ميون شاه ڪريم سلوڪ ۽ طريقت جي تصوف
واري فڪر ۾ مشغول ٿيو هجي ته ان وقت تائين
هو قاضي قادن ۽ ٻين اڳين عارفن جي قولن
ڪلامن کان وڌيڪ واقف ٿيو هوندو: ان وقت
کان وٺي سندس پنهنجي وفات تائين، هن انهن
جا بيت، وعظ ۽ نصيحت طور، پنهنجن فقيرن
آڏو پڙهيا. انهيءَ لحاظ سان، ”بيان
العارفين“ ۾ قاضي قادن يا ٻين سالڪن جا
جيڪي بيت ڏنل آهن سي ميين شاه ڪريم سندس
پنهنجي زباني اندازاً 944- 1032 هه (1566-
1623ع) واري عرصي ۾ فقيرن آڏو پڙهيا. سندس
وفات کان ڇهه سال پوءِ، ٺٽي شهر جي سندس
مريد محمد رضا انهن بيت مان ڳچ بيت جيڪي
کيس يا ٻين کي ياد هئا سي ٻڌي سڻي ”بيان
العارفين“ ۾ قلمبند ڪيا. هو لکي ٿو ته:
”مون حضرت پير جي ڪامل فرزندن، خاص خليفن
۽ دلي مريدن ۽ خادمن وٽان، جن تي سندن مهر
جي نظر هئي، ۽ جن سندن صحبت ۾ گهڻو وقت
گذاريو هو، سياڻپ جا سخن، وعظ ۽ نصيحت جون
موچاريون ڳالهيون، بلند ڪرامتون، سنڌي بيت
۽ توحيد جا عجيب غريب دقيقا سڻي (هن ڪتاب
’بيان العارفين وتنبيہ الغافلين ۾) گڏ
ڪيا“ . اهو ڪتاب هن فارسيءَ ۾ مهيني رجب
سنه 1038 هه (1629ع) ۾ لکي پورو ڪيو.
قاضي قادن بابت ميين
شاه ڪريم ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن کان ڪافي
ڪجهه ٻڌو هوندو، جتي هو گهڻو ايندڙ ويندڙ
۽ ٽڪندڙ هو. مڪلي تي هڪ ماڳ اڃان تائين
ميين شاه ڪريم جي چِلي طور مشهور آهي. شاه
بيگ جي حملي وقت قاضي قادن ٺٽي ۾ موجود
هو، ۽ جئن ته ٺٽو ان وقت سنڌ جو ’تختگاه‘
هو انهيءَ ڪري قاضي قادن جهڙي وڏي عالم ۽
وڏي رتبي ۽ عهدي واري قاضي جو اتي گهڻو
اچڻ وڃڻ ٿيو هوندو. انهيءَ ڪري ٺٽي ۾ سندس
معتقدن، صحبتين ۽ ٻين سالڪن وٽ سندس بيتن
جو ذخيرو محفوظ رهيو جنهن مان پوءِ ميين
شاه ڪريم کي به ڀاڱو مليو.
ميين شاه ڪريم پنهنجن
فقيرن آڏو جيڪي بيت پڙهيا سي وعظ ۽ نصيحت
طور پڙهيا: سندس مقصد هو ته انهن بيتن ۾
سماعيل معنيٰ ذريعي هو اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت
وارا نُڪات بيان ڪري. اهڙي بيان وقت، ڪن
بيتن جي سالڪن شاعرن جا نالا به ورتائين
پر هر بيت پڙهڻ وقت ضروري ڪونه سمجهائين
ته ان بيت چوندڙ سالڪ جو نالو به وٺي.
جڏهن هيٺيون بيت پڙهيائين، جنهن ۾ ’پِراڙ‘
قبيلي جي شاعر جو نالو پڌرو هو تڏهن به ان
بابت وڌيڪ ڪجهه نه چيائين:
چَندنُ چُور ڪَرِيندي،
رَتو مُہُ ڪُهاڙُ
سَڄَڻُ ڏُڄَڻُ نه ٿِيي
جي رُسي سَئُووارَ
پَرُوڙِئو پِراڙَ، ته ڪَرَهِيندي قُربُ
ٿِيي. (ص 48)
پر قاضي قادن جو درجو
مٿاهون هو ۽ سندس بيت وڏي اهميت وارا هئا؛
انهيءَ ڪري ڪم از ڪم ستن بيتن پڙهڻ وقت
سندس نالو ورتائين: باوجود ان جي، ڪن ٻين
بيتن پڙهندي قاضي قادن جو نالو ڪونه
ورتائين.
جيئن ته سلوڪ ۽ تصوف
جو وڏي ۾ وڏو رازدان قاضي قادن هو انهيءَ
ڪري ميين شاه ڪريم سندس گهڻا بيت مثال طور
پڙهيا هوندا، پر محمد رضا ۽ ٻين کي اهڙا
بيت جيڪي قاضي قادن جي نالي کان سواءِ هئا
سي ياد نه رهيا. ميين شاه ڪريم يقيني طور
قاضي قادن جا اهڙا بيت به پڙهيا جن ۾ سندس
نالو ڪونه ورتائين: اهڙي تصديق ڪن ٻين
ماخذن مان ٿئي ٿي جيڪي هاڻي دستياب ٿيا
آهن. اهڙن بيتن جو تجزيو ۽ تفصيل هن ڪتاب
جي ’ٽئين ڀاڱي ضميمي‘ هيٺ ڏنو ويو آهي.
4- شاهه جو رسالو
’شاهه جو رسالو‘ جدا
جدا قلمي يا ڇاپي رسالن جي صورت ۾ موجود
آهي جن ۾ ٻن قسمن جا بيت شامل آهن: هڪڙا
اهي جيڪي شاهه عبداللطيف جا پنهنجا چيل
آهن، ۽ ٻيا اُهي جيڪي ٻين عارفن، سالڪن ۽
شاعرن جا آهن.
انهن ۾ قاضي قادن جا بيت پڻ شامل آهن
جيتوڻيڪ انهن بابت اڳ ڪا سڃاڻپ ڪانه ٿي
سگهي.
شاهه صاحب 1102 هه
(1690ع) ۾ ڄائو ۽ سنه 1165 هه (1752) ۾
وفات ڪيائين. هو چاليهن سالن جي عمر ۾
1142 هه (1719ع) ڌاري ’ڀٽ‘ تي سڪونت پذير
ٿيو، ۽ اتي فقير سندس خذمت ۾ رهڻ لڳا. ان
وقت کان وٺي شاهه صاحب سندس سلوڪ واري
رهاڻ ۾ پنهنجا ۽ ٻين سالڪن جا بيت فقيرن
آڏو پڙهيا: يعني 1142 هه کان وٺي وفات
واري سال 1165 هه تائين (1729- 1752ع)،
قاضي قادن جا ڪي بيت فقيرن آڏو پڙهيائين ۽
شايد ڪي اهڙا بيت ڪن ٻين به سندس آڏو
پڙهيا؛ انهن مان جيڪي لکيا ويا سي پوءِ
رسالن ۾ داخل ٿيا، جيتوڻيڪ ائين ڪونه
ڄاڻايو ويو ته اهي قاضي قادن جا آهن. انهن
کي هيٺينءَ طرح وراهي سگهجي ٿو.
(الف) ڪي
بيت ساڳيا اهي آهن جيڪي ”بيان العارفين“ ۾
موجود آهن، جيڪو ڪتاب شاه صاحب سان سفر ۾
به گڏ هوندو هو. اهي بيت شاهه صاحب کي
ميين شاهه ڪريم جي روايت ذريعي مليا.
(ب) انهن
کان سواءِ ’شاهه جي رسالي‘ ۾ قاضي قادن جا
ٻيا بيت اهي آهن جيڪي شاهه صاحب سنڌ جي
ٻين سالڪن، عارفن ۽ عالمن کان ٻڌا جن سان
سندس روح رهاڻ ٿي. انهن جي تصديق ميين شاه
ڪريم کان پوءِ واري دور جي درويش دادو
ديال جي سلسلي جي ڪتابن مان ٿئي ٿي جن جو
ذڪر اڳتي ايندو.
(ج) ٻيا
اهي بيت آهن جيڪي ’بيان العافين‘ يا دادو
ديال جي روايت وارن گرنٿن ۾ موجود ناهن پر
ٻولي، اسلوب بيان ۽ فڪر جي لحاظ سان سڃاڻي
سگهن ٿا ته قاضي قادن جا آهن.
شاهه جي رسالي ۾ شامل
مٿين جملي بيتن جو تفصيل ’ڀاڱي ٽرئين
ضميمي‘ ۾ ڏنو ويو آهي.
5- ڪتاب حڪايات الصالحين
ڪتاب ”حڪايات
الصالحين“ عبدالله بن اَسعد بن علي
اليافَعي جي عربي ڪتاب ’رَوض الرِياحِين‘
جو فارسي ۾ ترجمو آهي جيڪو ڪنهن سنڌي عالم
ڪيو ڇاڪاڻ جو شروع ۾ چيو اٿس ته: ”اگر
رساله شريف حکايات الصالحسين را ترجمہ شود
بعبارت سهل فارسي در فهميدن از زبان سند“
؛ وري آخر ۾ ”بعضي فقراء سند کہ مطابق
حروف ”فمي به شوقي“ از استفاده آن رساله
محروم مي باشد“ . مترجم پنهنجو نالو آڻڻ
چاهيو ٿي ۽ ”بنده بي مقدار ياوه گفتار زشت
کردار که در زبان سند هم زاز خواهي نمايد
و در حل الفاظ هيج قوت ندارد“ وارا الفاظ
لکيائين پر ان عبارت کان پوءِ وارو صفحو
هن وقت دستياب قلمي نسخن ۾ موجود نه آهي
جو وڌيڪ سڃاڻپ ٿي سگهي.
هن ڪتاب جي ڪن صفحن جي
حاشين تي مترجم پاڻ يا پوءِ ٻئي ڪنهن سنڌي
بيت لکيا. ڪتاب جي ٻن نقل ٿيل نسخن ۾
فارسي متن توڙي سنڌي بيتن جو قلم ساڳيو
آهي؛ يعني ڪاتب ساڳيو آهي، انهيءَ ڪري اهي
بيت دير ۾ دير ته به 1168 هه (55- 1754ع)
۾ لکيا ويا.
هن وقت ان ترجمي جا ٻه
قلمي نسخا مطالعي لاءِ موجود آهن جن مان
(الف) نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾
(نمبرص-1/14) آهي جيڪو 1160 هه ۾ شاه
عبداللطيف جي وفات کان پنج سال اڳ نقل ٿيو
۽ (ب) نسخو ڊاڪٽر نواز علي شوق وٽ آهي
جيڪو 1168هه ۾ شاه جي وفات کان ٽري سال
پوءِ نقل ٿيو. ٻنهي ۾ ڏنل حڪايتون گهڻي
ڀاڱي ساڳيون آهن ۽ جيتوڻيڪ ترتيب ۾ ڪٿي
فرق آهي؛ ٻنهي جي ڪن صفحن جي حاشين تي
سنڌي بيت فارسي خط ۾ لکيل آهن جن مان
اٺاويهه ٻنهين ۾ ساڳيا آهن ۽ باقي ٻيا الڳ
الڳ آهن. (الف) نسخي ۾ پنجٽيهه (35) بيت ۽
(ب) نسخي ۾ شروعاتي صفحن تي چار بيت (هڪ
هڪ سٽ سان) اڻپورا ۽ انهن کان سواءِ ٻيا
اٺانوي بيت سڄا آهن .
(ب) نسخو غالباً اڳ جو لکيل آهي ۽ ان ۾
بيتن جو انتخاب به قدامت جي لحاظ سان ڪيل
آهي.
انهن بيتن جي مطالعي ۽
تجزيي مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن مان جملي
پنجويهه بيت قاضي قادن جا قرار ڏئي سگهجي
ٿا، جن مان ٻارهن بيت ٻين ماخذن جي تصديق
مطابق قاضي قادن جا آهن، ۽ باقي تيرهن بيت
ٻولي، اسلوب بيان، سلوڪي موضوعن ۽ معنيٰ
جي لحاظ سان ايستائين قاضي قادن جا تسليم
ڪري سگهجن ٿا. جيستائين اُهي ڪنهن ٻئي
سالڪ جي ثابت ٿين. انهن بيتن جو تفصيل،
ڀاڱي ٽرئين ضميمي ۾ ڏنو ويو آهي.
6- خزانة المعرفت
هيءُ ڪتاب پير صاحب
پاڳاري جناب صبغت الله شاهه (اول) جي
ملفوظات آهي جنهن
جو جامع (گڏ ڪندڙ) سندن فرزند پيرڳارو
جناب علي گوهر شاهه ’اصغر‘ آهي. جناب صبغت
الله شاه جي سجادگي جو دور (1233- 1246هه)
سالن وارو آهي ۽ جناب علي گوهر شاه اصغر
جي سجادگي جو دور (1246- 1263هه) سالن
وارو آهي. هن ملفوظات ۾ شامل بيتن مان چار
بيت، قاضي قادن جا آهن پر بنا نالي ڏنل
آهن. انهن مان پهريان ٻه بيت ’گلزار
ابرار‘ (مٿي نمبر-2) ۾ موجود آهن ۽ پويان
ٻه بيت قاضي قادن جي بيتن جي اسلوب بيان
سان سڃاڻي سگهجن ٿا. اُهي بيت 1233- 1246
هه واري عرصي ۾ جناب صبغت الله شاهه اول
جي زباني بيان ٿيا. جنهن مان ظاهر آهي ته
ان وقت تائين قاضي قادن جا سالڪانه بيت
سنڌ ۾ عارفانه فڪر واري رس رهاڻ ۾ هلندڙ
هئا. اهو ممڪن آهي ته جناب صبغت الله شاه
اهي بيت پنهنجي والد حضرت محمد راشد
(1170- 1223 هه) جي زباني ٻڌا هجن جيڪو
پنهنجي وقت ۾ قادري طريقي جو اڳواڻ ۽ عارف
بالله هو: ’خزانة المعرفت‘ وارا چار بيت،
ڀاڱي ٽرئين ضميمي هيٺ ڏسڻ گهرجن.