سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: قاضي قادن جو رسالو

باب

صفحو :10


چتاوني ڪو انگ

 

[71]

گهڙي گهڙيي ماريان، پهري لَهان سجاءِ

مون هينئڙو گهڙيال جيُو، ڏکي ريڻ وِهاءِ.

[گهڙِي گهڙي ماريَان، پَهرين لهان سَزاء

مون هينئڙو گهڙيالُ جيون، ڏُکي رَين وهاءِ]

[72]

ڏيهه لٿا سنج پئي، اگئون آئي راتِ

کَڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپريات.

[ڏينہ لٿا سَنجها پَئي، اڳون آئي راتِ

کَڙا پُڪاري پاتِڻي، ٻيڙا ڪپر واتِ]

 

[73]

سُفر مٿي سُپرين، اُڀو ڀار لڏين

ولڻِ جيُون هال چُوندي، ڳجهيو ڳالهيون ڪن.

[سَفر مٿي سپرين اُڀا بار لڏن

هلڻ جيون هالو چوي ڳجهيون ڳالهيون ڪن]

[74]

هِئه نه وندا وڃ تون سيڻا ويڻ مَ ڪَٿِ

پيئي منجهه ڪڻو ڪري، تو پوٽي ۾ هٿَ.

[هيئن نه وِنڌا وجهه تون، سيڻان ويڻ مَ ڪٿ

پيهي منجهه ڪَڻو ڪري، تو پوٽي ۾ هٿَ]

[75]

سُڃي ٺَٽي وچئي سو سڄڻان ڪِنِ گئي

جتي بال سرير ۾ تِتي ڇنِ پئي.

[سُڃي ٺَٽِي وچ اَهَي سي سڄڻان ڪٿ ڳئي

جتي بال سَرير ۾ تتي ڇن پئي]

[76]

[هيءَ بيت پڙهڻ ۾ نه آيو]

[77]

پيڙا سڀي ڏهيليان، ايهي پيڙ نه ڪاءِ

جيو وڄن واجو ٿئي، ڄاڻي هڪ خداءِ

[پيڙان سڀ ڏهُيليان، ايهي پيڙ نه ڪاءِ

جيون وڄڻ واڄو ٿئي، ڄاڻي هِڪ خداءِ]

[78]

ٻين ڪو ڪيا روئيي، اپڻي ڪو تو روءِ

ٻانڌي سنٻل ٿي ساک تا، اِت نه رهسِي ڪوءِ

[ٻيان ڪُون ڪِيا روئيي، اَپڻي ڪُون تون روءِ

ٻنڌ سَمل ٿِي ساخِتا، اِٿ نه رَهسِي ڪوءِ]

[79]

وڻندِي وَجندڙِي ڪِل جندڙي نَويڙ

تجهي پرائي ڪيا پڙي، تون اپِني نويڙِ.

[وِڙندي وِجُلندڙي، ڪل جِندڙي نه ويڙ

تجهي پَرائي ڪِيا پَڙِي تون اَپڻِي نِويڙ]

[80]

سُتو ڪيهي سائين، تو مٿي ڪپر گُڏي

وهڻ تِٿائِي ٿاءِ، جٿِ تُهه جو تڪيو.

[سُتون ڪيهي ساءِ، تو مٿي ڪَپر گُڙي

وَهڻ تِٿائين تاءِ، جٿ تنهنجو تَڪِيو]

[81]

سُتي سنگي رات، منهن ڍڪي مُوائجي

نه سنڀر تو تاتِ، نه جي ڍاهه ڪي.

[سُتين سَنجهي رات، مُنہ ڍَڪي مُئن جئن

نه تو سَمل تات، نه جهوري آه ڪِين]

[82]

جا جا ڪندي ڪاهه، تا تُو لهندي تندِڪرِ

ڪپر سندي ڌاءِ، اتِي اچيتِي اولَهي.

[جان جان ڪَنڌي ڪانہ، تان تُلهڙي تند ڪر

ڪَپر سَندي دانہ، اَتِ اوچتي اُلَهِي]

[83]

جي اُل اُٽو اُلهڙي، سائِير منجهه ٿياه

تِرِ وانهان پاڻيڇيان، مَڪَرِ سڏ ٻياه.

[جي تَلُ ٽُٽو تُلهڙي، سائِر منجهه ٿِيانہ

ڪر ٻانهان پاڻيچيان، مَ ڪَرِ سَڏَ ٻيانہِ]

[84]

پنجي سُووي اُلهڙو، غفل وو وڌوءِ

جڏي لهري گڏ ٿيو، تڏهي سڀاروءِ

[سنجهي سِبي تُلهڙو، غافل ڇو (نه) وڌوءِ

جڏهين لَهرين گَڏِيو، تڏهين سنڀاريوءِ]

[85]

جي تون تَارُو پاڻَ، تو اُو پُووتِرن ڪل

تُو اُون وِي گهڻا سڄاڻ، وڃيڪپر آهليا.

[جي تون تارُو پاڻ، تو وي پُڇ تارُنِ ڪَل

توئون وي گهڻا سُڄَاڻ، وڃي ڪَپر آهليا]

[86]

تاري جيئي تِري نه، پساييم موهليان

پڍم لجايي، تي سچي ديوان ۾.

[تارُن جيئن تَري، نَه پُسائين مولهيان

پِڙُ مَ لڄائين، تنہ سچي ديوانَ ۾]

[87]

اُٻايي چيو نه جي، سو نه ڪِيوءُ ڪنِ

تائين پائِي پِيا تهيو، گهنگهل گهاتورنِ.

[اُباهي چَيونِ جئن، سو نه ڪِيائون ڪَنِ

تان ئي پاڻي پِيا، ٿِي گهنگهر گهاتُوئڙنَ]

[88]

جگي جوشپُو جتِي، ووهٿ واتاڙا ٿِيِنِ

مِهر تُهه جي تِت، مُڪِريان ڀي پارِ کَوَنِ.

[جُنگيون جوشيون جِت، ٻوهٿ ٻاتاڙا ٿِيَنِ

مِهر تُنهنجي تِت، مَڪُريان ڀي پارِ پَوَن]

[89]

پاکريانءَ جِنهِه ڀو ڀلاهي نه لَهي

جتي ساٿ مو سي، اڄي سُه ڪوُ نَه لنگهيا.

[پاکڙيان ڊِڄَن، ڀَئو ڀَلان هِي نه لهي

تتي ساٿَ سندن، اچي سو لَڪُنِ لَنگهيو]

[90]

وِڄ بدل بي واءِ، دِوِج مَ لهري لگِيان

سڌر سُوها جاءِ، ٻيڙي ڊُبڻ ناهين ڀو.

[وڄ بَدل ڀِي واءُ، ڊڄُ مَ لَهرين لَڳيان

سَڌر سُونهان چاءُ، ٻيڙي ٻُڏڻ ناهِ ڀَو]

[91]

راتڙي سبي وِهاڻيا، سُتوهي تو جاڳُ

پِري وسارڻ م ڪِري، مٿي ٿيو ڀگُ.

[راتڙِين سَڀي وِهاڻِيان، سُتوهِين تو جاڳ

پرين وِسارڻَ مَ ڪر مَٿئين ٿيو اَڀاڳ]

[92]

پِرِي وِسارڻ وي روڻ، ڪَٻُڌڙي ڪرِنِ

ڪنچن راسِي گنوائي ڪري، ٻُڪي ڌوُڙ پَوَنِ.

[پِرين وِسارن وِي رُوَنِ، ڪُٻُڌڙي ڪَرِن

ڪَنچن راس گَنواءِ ڪَر، ٻُڪين ڌُوڙ پَوَنِ]

[93]

ڌر جيُون ڌنس سَهنِ، گروائي پريت جيُون

سيئِي سين ڪِ جانِي، آئيِي واو نَه ڏُول جيُون.

[ڌَر جِيون ڌَنس سَهَنِ، ڳورائِي پَربت جيون

سيئي سيڻ ڪِجَنِ، آئي واءُ نه ڏولجن]

 

مايا ڪو انگ

[94]

منجهي ماوو ناهين ڪِي، پَسڻ ڪي گهاٽي

اُني ڪَسُونڀي رَنگ جيو، ويندُوئي واٽِ.

[منجهين ماوو ناه ڪِين پَسڻ کي گهاٽي

دُني ڪَسُونبي رنگ جيون ويندئي وِهاٽي]

[95]

مئه ڀانئِي سون، هي جَر پوس جرڪڻو

ٻئي ٻگين وَن، ڪَہِ لڳِي ڪارو ٿيو.

[مون ڀانيو سوُن، هيءِ جَرِ پوشُ جَهرڪڻو

ٻيئي ٻَنگين وَن، ڪَہِ لڳي ڪارو ٿيو]

[96]

ڀُلي ويئي ڀُلي، تڏ آئون آئي

بابا آدم حوا ڀلي، ڀَلي سڀ اينائي.

[ڀُلي وي ڀُلي تَڏاهون آئِي

بابا آدم حَوا ڀُليي، ڀُلِي سڀ دنيائي]

[97]

ڀوري ڀڳو جت، ماڻڪ اَساري پيو

ڪو نه رُنوءِ تت، ٻي ئي اُگچو هٿ ڪَرِ.

[پوري ڀَڳوءِ جِت، ماڻڪ اَساري پَئي

ڪوه نه رُنوءِ تِتِ، ٻيئي اُگچا هٿ ڪَري]

[98]

ڀوري ڀڳو جاوَ، ماڻڪ اَساري پيو

سُري سَرافي آوَ، ٻيئي اُگچو هٿ ڪَرِ

[ڀوري ڀڳوءِ جانءِ، ماڻڪ اساري پَئِي

سُري صَرافين آءِ، ٻيئي اُگچو هٿ ڪري]

[99]

هٽ وِياجي لُوڻ، ڪَستُوري جهگين گهري

سچان دي ساوڻ، اندر اڇا نه ڪري.

[هَٽ وِياجي (وهائي) لوڻ، کَستورِي جُهنگين گهُري

سَچَان دي صابوڻ، اندر اَڇا نه ڪري!]

[100]

مُوئا مهلان منديان، اچليانَ چلن

هَٽ گِهننِ بڪري، جُهگين اوٺ منگن.

[مُوئوان مَهلان منديان اَچليان چَلنِ

هَٽِ گهِنن ٻڪري، جُهنگين اُٺ مَنگن]

[101]

هر هر فال ڪريندِيَان، رَڌي گَئِي بهاو

وڃ پووجو ساوڻ ستيان لاوي لگن آ.

[هَر هَر فال ڪريندِيَان، راڌي ڳَئي وِهاء

وڃ پُڇو سانوَڻ سُتيَان، لابي لنگهڻاء]

[102]

توبهه ڪري نه باهُڙي، باهڙي توبهه ڪي نه

ڪي ساڌ هٽ ۾ رڌي احاڙينِ.

[توبهه ڪَرينِ باهُڙي، باهُڙِي توبه ڪَرينِ

ڪيهي سادي هَٺَ ۾ راڌي اجاڙينِ]

 

سمر ٿائي ڪو انگ

[103]

پاڻو واڻي رنگ ۾، پاڻو واڻ رتاس

رنگي ڏيندو پاڻ ڌني، سڀو رنگ سناس.

[پاڻو واڻي رنگ ۾، پاڻو واڻ رَتاسِ

رنگ ئي ڏيندو پاڻ ڌڻي، سڀي رنگ سنداس]

[104]

اَنان ئِي پنا ڪري، پنا ان منجهاوَ

راج تُو هنجو راجيا، ٻيا راوي راوَ.

[اَنان ئي پَنا ڪَرين، پَنا ان منجهاءَ

راڄ تُنهنجو راڄِيَا، ٻيا راوَئي راءَ]

[105]

ڪُونسي ڪُونسل نِيپجي، ناڍي ون داهي

عقل غيب الله دا، الائي هائي.

[ڪُونسي ڪُونسل نيپجي،………… (؟)

عقل غيب الله دا، الله هي الله هي]

[106]

ناهِي نصيبو اَگرو، توڙي وڃن روُم

لکي لوهه قلم ۾، سوئِي مانِي ٿُوم.

[ناه نَصيبُون اڳرو توڙي وڃي روم

لکي لوح قلم ۾ سوئي ماني ٿُوم]

[107]

نِڪُنجو ڪنجو ٿيو، ڪُنجو ٿيو نِڪُنج

جِنهِي ڪم نِڪُنج سيو، سا ساٿڙوم مُنجهه.

[نِڪُنجو ڪُنجو ٿيو، ڪُنجو ٿيو نڪُنج

جِنهين ڪم نِڪُنج سين، سو ساٿڙو مَ مُنجهه]

[108]

هليا سي نِڪُنجڙو، ڀِرڪڻ چيا ڀري

لوڪان اُري آسري، اسان پٽ پيري.

[هليا سي نِڪنجڙا ’ڀِرڪڻ‘ چيا ڀَري

لوڪان اوري آسرو، اسان پت پري]

[109]

توڙي تڙِيي تِيئه، توڄ تُهه جو آسِرو

تو در وَڙا ڪِيئه، اي وڏا راجيا

[توڙي تڙيين تيئن، توههَ تنهنجو آسرو

تو دَر وَڻان ڪيئن، اي (وَرَ) وڏا راڄيا]

[110]

آهَر اَلا هائي، ڪوئِي مَ لاهيو ڪڏهِي

ٻيا ڪاج هٿائُو، ولي آڻيندو وڏو ڌڻي.

[آهَرَ اَلاهان، ڪو مَ لاهيو ڪڏهين

ويا ڪاڄ هٿان، وري آڻيندو وڏو ڌڻي]

[111]

تو آڌار سڌار تو، تو اڏا تو اَڏ

تو هِي اکڙين ۾، تو هِي اندرِههَ مُو (گڏ).

گل لگِي ڳالهِي چَوا، ڪيهِي حاجت سَڏ.

[تون آڌار سڌار تون، تون آڏاڻو اَڏ

تون ئي اکڙين ۾، تون ئي اندر ۾ گڏ

ڳل لڳي ڳالهين چوان، ڪيهي حاجت سُڏ]

[112]

ڪوئِي نه ڪاهو سارِکا، ڪوئي نه ڪاهُو ڀَتِ

سب ڪو ڦِري گريبيو، پاڻئُو واڻِي متِ.

[ڪوئي نه ڪاهو سارِکا، ڪوئي نه ڪاهو ڀَتِ

سڀڪو ڦِري غريبيو، پاڻو واڻِي مَت]

[113]

اَلله هِي انَتر ڪِييا، هينيڙا منجهه هِير

کير نه گڏي رت ۾، رت نه گڏي کير.

[الله ئي اندر ڪِيا هنيڙا منجهه هِيرِ

کير نه گڏي رَت ۾، رتُ نه گڏي کير]

 

”ڪاجي ڪادن‘ جي ساکي پوري ٿي، ان بعد شيخ فريد جي ساکي اچي ٿي“.

 

جيپورگرنٿ-4

’جيپور گرنٿ-4‘ ۾ ڪُل ايڪونجاه بيت آهن جن مان نَوَ (نمبر15، 31، 33، 35، 40، 41، 43، 44، ۽ 48) نرالا آهن جيڪي ’جيپور گرنٿ-6‘ توڙي ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ ناهن. انهن مان بيت نمبر15 قاضي قادن جي بيت ( ”سڄڻ منجهه هئام، مون ويٺي واءُ ٿيا“ ) جي بدليل صورت آهي. جيڪي بيت اڻپورا آهن يا پورا پڙهڻ ۾ نه آيا آهن، تن جي هيٺان سنواريل پڙهڻيون، ’جيپور گرنٿ-6‘ يا ’سنتون ڪي واڻي‘ واريون رکيون ويون آهن.

”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي“

[1]

جيران جَبران آيتان، اکر انت نه پار

هيڪڙيو ايمان ۾ لَهَنِ سَڀِن سار.

[زيران، زبران، آيتان، اکر انت نه پار

هيڪڙي ايمان ۾ لهن سڀن سار]

[2]

جُجُو ٻارهه لک، ڪوڙِي ڪاتب نه پڍي

هيئين سي ڀائي سکِجوِ جو پِريا نه مِڙي.

[جون جون ٻارهه لک، ڪوڙين ڪتابن پَڙهين

هيء سڀائي سِک، جان جان پريان نه مڙين]

[3]

ڪَنج ڪُجوري ڪافيا، ڪِ ڪِي نه پڙهيام

سو ڏيهو ئي ڪو ٻيو جائي پري لڌام.

[ڪَنز، قُدوري، ڪافيا، ڪِ ڪين پڙهيام

سو ڏيهه ئي ڪو ٻيو جانئين پرين لڌام]

[4]

پَڍندا پيئي ويا ڪوڙي لکِ قُراڻِ

لَکِي لوڪ نه سنڌيو پاڻ ئي اندر پاڻ.

[پڙَهندا پيئي ويا ڪوڙين لک قرآڻ

لکي لوڪ نه سگهيو پاڻ ئي اندر پاڻ]

[5]

تون اَنسِي نَهِي پُوڇيو تي پُوڇي اَساڻ

نِهي رَتو رحمان سُون بي پڍڻ هار قراڻ.

[تون اسين نهين پُوڇيو تين پوڇي اَساڻ

نهين رتو رحمان سون ڀي پڙهڻهار قرآڻ]

[6]

جي گهُر گهُري نه ڪِنهه، سائين تو ديدارِ ڪي

سو پي پنجهُورَوَ ڏا ڪيهي هُج ڪَرَنِ.

[جي گهُر گهُري نه ڪِينِ، سائين تو ديدارَ کي

سي ڀي پنهنجي رب ڏانہ ڪيهي حُج ڪرين]

[7]

الف اڳوهي ياد ڪرِ اکر ٻيا وسار

سو تو ڏيئو ٻال، جو نه اُجهي ڪَدهي.

[الف اڳيون هي ياد ڪر، اکر ٻيا وسار

سو تون ڏيئو ٻار، جو نه اُجهي ڪڏهين]

[8]

لائي لام الف سان، ڪا……………

……… پرينِ سون، لگو آهي تِيئه.

[لائي لام الف سان ڪاتب لکن جيئن

مون هينئڙو پرينِ سان لڳو آهي تيئن]

[9]

تو تو تد ڪرين، جولڳندي ڳَر ڦند جيون

سائِين سنڀارين جِنءَ روح سِرجِيَا.

[تون تون تڏ ڪَرين، جو لڳنديءَ ڳَر ڦندَ جِيون

سائين نه سنڀارين، جنءَ روح سِرجِيَا]

[10]

سُتو بئٺو اُٺِيو ڳالهائيندو ڳندو

اسان تُسان جي تاتڙِي مين واٽڙِي ويندو.

[سُتو ٻيٺو اُٺيو ڳالهائيندو ڳيندو

اسان تُسان جي تاتڙي، مين واٽڙي ويندو]

[11]

جو پاڻ جِيون پَڌرو ٻُڌايائو سڏ

مون هيئڙو تا ئي ڪِيئو، سو پِريا سُو گڏ.

[جو پاڻ جيون پڌرو ٻُڌايائون سڏ

مون هينئڙو تان ئي ڪِئو سو پريان سون گڏ]

[12]

مو سائِي سِوَڙاڻِ، پهروئِي پِيام جو

هيئڙو هيجا پڌَ ڪري ڪَدُو ڪِوَڙاڻَ.

[مون سائين سِوَڙاڻ، پهروئي پيامَ جو

هينئڙو هيجان پنڌ ڪري ڪندو ڪِوڙاڻِ]

 

[13]

نه سو لاهه نه سِروُ نا اُردار پارِ

مون ڍووتا تِنِهي ڪي سو مَن منجهه نِهار.

[نه سو لاهه نه سِيرو، نا اورار پار

مون ڍُوُنڍتا تِنہ کي سو من منجهه نهار]

[14]

دل اندر درياوَ، پُوڇي ڪَيا سَمندءَ ڪَل

ماڻَڪ اينهِي سَرِ آوَ، چڙهي چوکي نه کڻي.

[دِل اندر درياوَ، پڇين ڪياء سَمُنڊرَ ڪَل

ماڻڪ اينهين سَرياوَ، چڙهي چوکي نه کڻين]

[15]

پِري پاڻ لکائِيا، مون مَن منجهي ئِي

هيڏي هيڏِي هٿَڙي هِي هِڌاءِ.

[پرين پاڻ لَکائيا مون من منجهيئي

هيڏي هوڏي هٿڙا وِڌا هِنهي ئي]

[16]

ڪايُو مُهه ڙي ئي سيٺا جي درياوَ ۾

سَندا سي ئي ماڻِڪ اکڙين سي.

[ڪايو منہ ڏيئي، پيٺا جي درياوَ ۾

پَسندا سي ئي، ماڻڪ اکڙين سين]

[17]

دَرِ پُورا گُر سَگُرا، حَڪيڪٿا هنجهه

ڪُوڙي هندا ڪَڻ چُڳي، سَرَ پاڻي جي منجهه.

[در پورا گُر سَگُرا حقيقتا هنجهه

ڪوڙين هنڌان ڪَڻ چُڳن سَر پاڻي جي منجهه

[18]

وَڃي بجي آيو ڪير، ڪنهن ڏٺو مون لاهوتين

اَچِي ڪندو ڪير، ڳالهِي رَب پَرتِيان.

[وڃي بچيو آيو ڪير، ڪنہ ڏٺو منہ لاهوتيين

اچي ڪندو ڪير، ڳالهين رَب پَرتيان]

[19]

هُڻَ سندا هنجڙا، اتي ئي آهن

ڳالهي رب پرتيان، جي مانگي سي ڏينَهه.

[هُن (سَرَ) سندا هنجهڙا اتي ئي آهينِ

ڳالهين رب پرتيان، جي منگي سي ڏين]

[20]

سَرَ هِڪڙي وَسن جَرَ ۾ جِيُون گڏيا

سارَ نهَ سالرَن، مَٿي ڪَنور ڦُلاريا.

[سَرَ هڪڙي وَسنِ، جَر ۾ جِيوَ نه گڏيا

سارَ نه سالورَن، مٿي ڪَنورَ ڦلاريا]

[21]

جي سالُورو سُڌِ لهي ڪَنوَرا سندي ڪاءِ

تان پيهي ئو پاتال ۾، هُڙ نه مِٽِي کاءِ

[جي سالُورو سُڌ لهي ڪَنَوران سندي ڪاءِ

تان پيهي اُو پاتال ۾، هُوند نه مِٽي کاءِ]

[22]

ڪي ويجهائي ڏُورِ، ڪي ڏُور ئِي وَلها

هُوئِي جڙ سالُور، لَڌِي ڪَنورا جم ڪل

[ڪي ويجهائي ڏوُرِ، ڪي ڏورِ ئي وَلَها

هُوءِ جي جَر سالُور، لڌَي ڪَنوَران جِي مَ ڪَل]

[23]

اندر سڏيان جگي پس جُواڻ

منجهي ڻِي مَڪو ٿِييو منجهي ڻي مُلتان

[(اک) اندر سَريَا جاڳي پَسُ جُواڻ

منجهيئي مَڪو ٿيو منجهيئي ملتاڻ]

[24]

اَکِي اَڪاساوَ، فوجون ڪري الٿيان

سوڙِي گَلِي مَنجهاو، سوجهي پِري لهندُيو.

[اکِين آڪاساءِ، فوجون ڪري اُلٿيُون

سوڙهي ڳلي منجهاء، سوجهي پرين لهنديُون]

[25]

شهباج باج ٿِيو، پنکِي نه ماري

اکي کوڙي اَرس ۾، لُڏي مناري.

[شهباز باز ٿيو پکي نه مارِي

اکين کوڙي عرس ۾ لُڏي مناري]

[26]

جِن هي جان جُدا ڪييا، تون مُہ تِنهي پس

لتاڙين لِتن سين اَٺي پهر اَرسِ.

[جِن هِي جان ڪيئي تون مُنہَ تِن هِي پَس

لتاڙين لتن سين اَٺئي پهر عرس (عرش)]

[27]

واحد هندي دائري هيڪَڻِ يو پيئِي

جِن هِي جان جدا ڪِيي پسندا سيئِي.

[واحد هنڌين دائرين هيڪڙيو پيئي

جِن هِي جان جدا ڪيئي پَسندا سيئي]

[28]

حقيقي مون سيڻ، وسن شهر حقيق ۾

چَون حقيقي ويڻ، ڳالهِي چون حقيقيون.

[حقيقي مون سيڻ، وَسن شهر حقيق ۾

چُون حقيقي ويڻ، ڳالهين چون حقيقيون]

[29]

سفافِي مون سيڻ، وسن سهر سفاف ۾

چَوَنِ سفافي ويڻ، ڳالهِي چَوَن سفافيون.

[شفافي مون سيڻ، وَسن شهر شفاف ۾

چَون شفافي ويڻ، ڳالهين چَوَن شفافِيُون]

[30]

جِن هي مُک مرا ٿئي اميءَ اُٿلي اکر

تِن هي جي ڳالهائي، ماندو ئي ساجو ٿيئيو.

[جن هِي مُک مُلاءُ، اُمي اُلَٿِي اکڙيين

تِن هِي جي ڳالهاء، ماندو ئي ساڄو ٿيو]

[31]

ڳالهي ڳالهي جي دِيا، سڏي مُو سا چُون

ڪانونِ ٻڪر پَساريا، جِيون پنکي ٻَچُون.

[ڳالهين ڳالهين جيڏيان سڏي مُون سان چُونِ

ڪانون ٻڪر پَسارِيا جيون پَکي ٻَچُون]

[32]

ڪُنجِي ڏيئِي مِليو، جِنهي رُوح رَساوَ

تِنهي سندي تُرهڙي، سونهاري سُباوَ.

[ڪُنجي ڏيئي مَليوِ، جِنهين رُوح رَساوَ

تِنهين سندي ترهِڙي سونهاري سُڀاوَ]

[33]

پَسَ ڪَسِي پِرِينِ ڪي ڪيها گهاوَ

سِر سونپُون پيرن ڀَرِي، اندر بَت ڊري وَ.

[پس ڪي سي پرين کي ڪيها گهاء

سِر سونپون پيرن ڀر اندر بُت ڌَراء]

[34]

ڪڙي ٻيري ٻُور، ڪڙي پَنَ نه هِڪڙي

ڪڙي پِريان پُور، ڪڙي سِڪان سڙڪي.

[ ڪڏهن ٻيرين ٻُور، ڪڏهين پن نه هڪڙو

ڪڏهين پِريان پُور، ڪڏهين سڪان سڏ کي]

[35]

جن هِي ڏٺا جِيوِئي، مِل يا رَهِي پَرَج

نالَ تِنهِي دي وَتِيي، جِتي ڪِتي پَجِ.

[جنهين ڏٺا جيوِئي، مليا رهي پرج

نال تِنهين دي وَتِيي جتي ڪِتي پُڄ]

[36]

جِنهِي محبت من ۾، تي ميلي هي سوڀَنتِ

تَن ۾ بَلي مو سا هالا سندا سو پِرِيَن.

[جنهين محبت مَن ۾، تي ميلي هِي سونهن

تَن ۾ ٻَلن مَشاعلان سندا سپِرين]

(مساهل= مشاعل)

[37]

سيڻان هوندو سڏيو، پَپِيهو آيو

لَکِي لوڪ نه سگهيو، اساڻ ڳالهايو.

[سيڻان هنڌئون سڌيو پپيهو آيو

لَکِي لوڪ نه سگهيو اسان ڳالهايو]

[38]

سُنو سرپ نه لوڙيان، جي لوڙيان ته لک

مون تِنها سندي ڀُوک لائي مستڪِ مڻِي بَلي.

[سُوني سَرپ نه لوڙيَان، جي لوڙيان ته لک

مون تِنهان سندي بُک، (جن) لائي مَستڪ مَڻي ٻلي]

[39]

جي لوڙان تي نه لهان، الوجي دا ڍير

توڙي ڏسڻ سوهڻ ابي تُل نه بير.

[جي لوڙان تي نه لهان، الوڙين دا ڍير

توڙي ڏسڻ سُوهڻي اَنبين تُل نه ٻير]

[40]

اَلا ڏِينِي نيڙِي مُنجهه بي به ڏنين هَرَکِ

ايڪو ڏِينِي مُنجهه مليا جيڻي مليا لک.

[اَلله ڏِيڻي نيڙي مُنجهه، ٻِي به ڏني هَرکَ

هيڪو ڏِيڻي مُنجهه مليا، جِيڻي مِليا لک]

[41]

به ڏينِي بي عقلان، ڏينِي ٻي فرياهه

ڪا لاهوجِي ونديا، ڪاڇبو مون داهه (يا مون واهه)

[ٻه ڏنئين بي عقلان، ڏِنئي ٻي فرياه

ڪالاهو جي ونديا ڪاڇبو مون ڏانہ]

[42]

ڌَر جيون دَس سهن، ڳورائي پربت جيو

سوئِي سين ڪِي زنِ، آئِي وا بن ڊلڻ

[ڌَر جيون ڌنئَس سَهن، ڳورائي پربت جيون

سيئي سيڻ ڪِجَن، آئي واء به نه لَڏن]

[43]

اسان سڄسڻ تي مِلَنِ، جو دِل اندر پَڪ

جيها لوڙ آپ ڪُون، تيها سَرَوَ (سڀ) خلق

[ساڳي پڙهڻي، جيئن آهي تيئن]

[44]

تون اَوگُڻ ڪَرِ مين سَهُون، جيتا من ڀاوَنِ

مين هيئڙو سائر ڪيئو منجهه ٻيڙيان تَرنتِ

[تون اوگُڻ ڪَر مئن سَهُون، جتا مَن ڀاوَن

مئن هينئڙو سائر ڪيئو، منجهه ٻيڙيان تَرن]

[45]

ڪوڙي سهس کڙِڪيان، انيڪ سَرَ دَر لَک

تان ئِي سڄڻ سامها، جوئي ڪر پرک.

[ڪوڙين سَهس کِڙڪِيان، انيڪ سَر در لَک

تان ئي سڄڻ سامهان، جان ئي ڪر پرک]

[46]

پَهِلي پاڻ پرک، تا پِري پرڻ سکڙا

در ڀِي سورک، جيه ڌڪا نه لهين.

[پِهري پاڻ پَرک، تان پِرين پَرکڻ سوکڙا

دَر ڀي سو رک، جيان ڌِڪا نه لهين]

[47]

پهلي پاڻ وَڃاءِ سو لهي

تن اندر مُهه پاءِ تان توئي اندر سپيريا

[پِهري پاڻ وڃاءِ، (پاڻ وڃائي) سو لهه

تن اندر منہ پاءِ، تان توئي اندر سُپيريان]

[48]

جوڳي جڳ گهڻا، تِنهانم راچي مَنوا

راچي رتڙياهه، جي رتي رحماڻ سُون.

[جوڳي جَڳ گهڻاه، تِنهان مَ راچي مَنوا

راچي رَتڙياه، جي رتي رحماڻ سُون]

[49]

جوڳي سو جو جڳ ۾، تون بي روئي ويرِ

سوڌِي ڏيئي سرير ۾ تو اسانهه جو پِير.

[جوڳي سو جو جَڳ ۾، تون وِيرون ئِي وِير

سُوڌي ڏئين سَريرَ ۾، تون اَسانہ جو پير]

[50]

سُتو هوندو سُن ۾ جوڳي جگائيس

مَري بَجي وو مومنا، تِتِي ئي گَئيس

[سُتو هوندو سُن ۾ جوڳي جڳائيسِ

مَري بچي وو مون مَنا تِتي ئي ڳَئيسِ]

[51]

اپيريءَ ۾ پير، ڪَنهِي لڌو پِرِيَڙيا.

..................................................................................

[اَپيريءَ ۾ پير، ڪِنهين لَڌو پيرڙيان]

[41] 2. مون واهه (يا) مون دانہ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org