سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: قاضي قادن جو رسالو

باب

صفحو :5


ڳَرا ڳُوڙها سپرين

 

(1)

ڌَرِ جِيُون ڌؤنسَ سَهَنِ، ڳورائي پَربَتَ جيُون

سيئِي سيڻَ ڪجَن، آئِيءَ واءَ نه ڏولڻا (يا، لُڏڻا).

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (94)، سنتون ڪي واڻي (94)، ورهد (93)، جيپورگرنٿ-4 (42).

• پڙهڻي. پهرين سٽ ۾ ’ڳورائي‘ بدران اصل لفظ ’ڳر وائي‘ آهي، ۽ ٻيءَ سٽ جي آخر ۾ لفظ ’ڏولَنِ‘ آهي، پر ’ڏولن‘ بدران ’ڏولڻا‘ (= ڏولائي ۾ وجهڻ وارا) پڙهبو تڏهن وزن صحيح ٿيندو. ’ڏُلن‘ کي ’لُڏن‘ پڙهڻ پڻ صنعت تَقِليب (ڪنهن لفظ جي اڳئين پوئين ڀاڱي جو هڪ ٻئي سان مٽجڻ) ۽ معنيٰ جي لحاظ سان صحيح ٿيندو.

• معنيٰ.

ــــ اهي جيڪي ڌرتيءَ وانگر ڌر جهلين (وڏو بار سهن)، ۽ جن ۾ جبلن واري ڳؤرائي هجي:

ــــ سيئي سيڻ (مِٽرَ) ڪجن، جيڪي مشڪل وقت ۾ (مدد ڪن ۽) ڏولائي ۾ نه وجهن: يا پڪا ٻانهن ٻيلي ٿي بيهن ۽ لُڏي نه وڃن.

 

(2)

جِنهِين مُک مَڻاءَ، اُمِي اُلَٿِي اَکِڙِئين

تِنهِين جي ڳالهاءَ، ماندوئي ساڄو ٿيو.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (28)، سنتون ڪي واڻي (28)، ورهد (28)، جيپورگرنٿ-4 (30).

• پڙهڻي. پهرين سٽ ۾ لفظ ’مرانءِ‘ آهي جنهن کي ’مَڻاء‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. ٻي پڙهڻي ’مُلاء‘ ( ’وٽان‘ ، ’کان‘ ) ٿي سگهي ٿي. ٻيو لفظ ’اَمِي‘ آهي، پر صحيح شايد ’اُمِي‘ (؟) ٿيندو: معنيٰ اوس، تپش، جلڻ، ساڙو، اُلٿي يعني لٿي.

• معنيٰ.

ــــ جن جي مُنهن جي مَڻيا جي ڪري اکين جو جَل ۽ سور لٿو (۽ اکيون ٺريون).

ــــ تن جي ڳالهاء (ٻڌڻ) سان ماندو وِساڻل هانءُ وري تازو توانو ٿيو.

 

(3)

ڪَڏهين ٻيرين ٻُورُ، ڪَڏهين ڦُلُ نه هِڪَڙو

ڪڏهين پِريان پُورُ، ڪَڏهين سِڪان سَڏَ کي.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (52)، سنتون ڪي واڻي (52)، ورهد (48)، جيپورگرنٿ-4 (34)

• پڙهڻي. پهرين سٽ جي پڙهڻي جيپورگرنٿ-6 ۽ سنتون ڪي واڻي مطابق آهي. ورهد ۽ جيپورگرنٿ-4= ”پن نه هڪڙو“ . ٻيءَ سٽ جي پڙهڻي، ورهد ۽ جيپورگرنٿ-4 جي پڙهڻي موافق آهي، ۽ اها وڌيڪ موزون آهي.

• معنيٰ

ــــ ڪڏهين ڪنهن سال ٻيرين ۾ گهڻو ٻور (جو اهي ٻور سان ڀريل)، ته ڪڏهن هڪڙو ڦُل به نه (۽ اهي صفا خالي)

ــــ اهڙيءَ طرح، ڪڏهين پرين جو ’پُور‘ چڙهيل (سندن مهر ۽ شفقت جو نشو) ته ڪڏهن سندن هڪڙي سڏ لاءِ به سڪان!

 

(4)

کَنج ڏيئي جهَلِيو، جِنِهين روحَ رَساءُ

تِنهِين سَندي تُرهڙي سونهارِي سَڀاءُ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (29)، سنتون ڪي واڻي (29)، ورهد (29)، جيپورگرنٿ-4 (32)

• پڙهڻي. پهرين سٽ ۾ اصل الفاظ ’ڪُنجي ڏيئي جهليو‘ آهن جن مان معنيٰ نڪري ٿي، پر ٻيڙين جي رَسَن کي ’کَنج ڏيئي جهليندا‘ ؛ ’ڪُنجي‘ آگبوٽن ۾ ٿي سگهي ٿي. مٿين ماخذن مان، ’جيپورگرنٿ-4‘ جي پڙهڻي ’تُرهڙي‘ آهي؛ ’سنتون ڪي واڻي‘ ۾ ’تُلِهڙي‘ آهي جيڪو پڻ ساڳيو ’تُرهڙي‘ آهي. ’ترهڙي‘ پڙهڻي صحيح آهي، معنيٰ تُرَهو يا ٻيڙي.

• معنيٰ:

ــــ جن رهبرن (ناکئن، معلمن، سونهن)، رُوح جي رسي کي ڇڪي جهلي سوگهو ڪيو.

ــــ تن جي ٻيڙي ۾ چڙهيل سنگت پڻ سونهاري آهي.

 

(5)

سَڄَڻ ڏُڄڻ ڏيک ڪي، چِت نه ڪِجي ڀَنگُ

لوئِي ٿِيئي پارچِي، لاکَ نه ڇڏي رنگُ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (95)، سنتون ڪي واڻي (95).

• پڙهڻي. ٻنهي ماخذن جي ڀيٽ سان وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ ۾ اصل ”سَڄڻ دُرڄَڻَ“ آهي، ۽ ’درڄڻ‘ کي سنڌي اُچار موجب‘ ڏُرڄڻ‘ ڪري پڙهبو. ڍاٽڪي ۾ پڻ ’ڏُرڄڻ‘ (=دشمن) آهي. مگر صحيح سنڌي اُچار ’ڏُڄڻ‘ يا ’ڏُجهڻ‘ آهي. سرائڪي ۾ پڻ ’ڏرجڻ‘ يا ’ڏجهڻ‘ آهي. آخر ۾ اصل لفظ ’ڪيجي‘ آهي جنهن کي ’ڪِجي‘ پڙهڻ مناسب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ٻيءَ سٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ بيت سنڌي ۾ چيل آهي.

• معنيٰ: چت= دل مَن. ڀنگ= ڀڳل شيءَ وارو ڀَڳُ. پارچي= ليڙون، ٽڪر ٽڪر. هن بيت جي معنيٰ ڳوڙهي آهي: مقصد آهي ته سڄڻ هر حالت ۾ سڄڻ آهي؛ جيڪڏهن ڪنهن وقت ان کي ڪاوڙ ۾ مخالف يا دشمن واري روپ ۾ ڏسجي ته به کيس ’سڄڻ‘ ئي ڪري سمجهجي؛ ائين بالڪل نه ڀانئجي ته ڪو هو سچ پچ دشمن ٿي بيٺو آهي.

ــــ سڄڻ کي (ڪنهن وقت ڪاوڙ ۾) دشمن واري حالت ۾ ڏسندي به دل تي (سندس باري ۾) ڪواُبتو خيال نه آڻجي:

ــــ (لاک سان رڱيل) لوئي پراڻي ٿئي ته به لاک (ان تان پنهنجو) رنگ نه ڇڏي.

قاضي قادن جي وقت جو ٻيو هڪ وڏو شاعر جيڪو ذات جو ’پِراڙ‘ هو، تنهن جو چيل هيٺيون بيت انهيءَ ساڳئيءَ معنيٰ وارو آهي. ’پراڙ‘ شاعر جو هيءُ بيت شاهه عبدالڪريم پنهنجن نصيحت ڀرين مجلسن ۾ پڙهيو ۽ ’بيان العارفين‘ ۾ موجود آهي:

چندن چُور ڪرِيندي، رَتو مُنہُ ڪُهاڙَ

سَڄڻ ڏُڄڻ نه ٿِيي، جي رُسي سؤ وارَ

پَروڙئو پِراڙَ، ته ڪَرهيندي قرب ٿئي.

 

(6)

ٿُنڌُ مَ ٿاءِ ڪُٿاءِ، ٻوڏ چَوَنِي جيءُ چَئُه

جي ڀانئِين پرينءَ مِڙان ته ڏُوهَنئوُن ڳُڻُ ڀانءِ.

 

• ماخذ: بيان العارفين (15)، شاهه جو رسالو (15).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. ٿاءِ= جاءِ، چڱو ماڳ. ڪُٿاءِ= ڪُجاءِ، بُري جاءِ. ٿُنڌڻ= مُنهن مٿو هڻڻ. ڏوهنئون= ٻنهيءَ کان (سرائڪي ڏونهين= ٻئي).

ــــ جاءِ ڪُجاءِ (هرجاءِ جٿي ڪٿي) منهن مٿو نه هڻ، جُهڪ نه (فقط پنهنجي پِرينءَ آڏو نيازمندي ڪر): پيارا پرين جي ’ٻوڏ‘ چَونَئِي ته به تون کينِ ’جِيءُ‘ چَئُه

ــــ جي تون چاهي ته پرينءَ سان ملان (پرين وٽ مقبول پوان) ته سندن ’ٻوڏ‘ ۽ ’جيء‘ ٻنهي کي ڳُڻ ڪري سمجهه.

(7)

هُنِ-ئونِ وِنڌا وِجُهه مَ تون، سيڻان ويَڻ مَ ڪَٿِ

پِيهِي مَنجههُ ڪڻيُون ڪَرِين، توءِ کُوٽِي ۾ هَٿُ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (78)، سنتون ڪي واڻي (78).

• پڙهڻي. مٿين ماخذن جون ذرا سنواريل پڙهڻيون هيٺينءَ ريت بيهن ٿيون:

جيپورگرنٿ-6: ائين آوندا وِڃ تون، سيڻان ويڻ مَ ڪَٿ

پيهي منجهه ڪَڻو ڪري، تو پوٽي مون هٿ

سنتون ڪي واڻي: هَنءُ آءُ وَندا وَڃ تون، سيڻان ويڻ مَ ڪٿ

پيهي منجهه ڪڻو ڪري، توکي کُوٽي مون هٿ

دوباره غور بعد بيت جي مٿي ڏنل پڙهڻي سامون آئي جيڪا وڌيڪ صحيح آهي. پهرين سٽ ۾ ضمير مخاطب آهي ته ٻيءَ سٽ ۾ به ساڳيو ضمير هئڻ گهرجي، يعني ’ڪَرين‘ . ڪَڻو (هڪ ڪَڻو) بدران ’ڪڻيُون‘ (ڪڻن جا به ڪڻا ڪڻا) پڙهڻ صحيح ٿيندو. ’تو‘ بدران ’توءِ‘ (= ته پڻ)، ۽ ’مون هٿ‘ کي ’۾ هٿ‘ پڙهڻ سان صحيح معنيٰ بيهندي.

• معنيٰ هُن- ئون= انهن کان (پيارن سڄڻ کان. وِنڌا= وِٿي، ويڇو. سيڻان= سيڻن کي، پيارن کي. ويڻ= سامهان جَوابي گفتا، اَڻ سُهائيندا ڳالهاء، مَ ڪٿ= نه سانباهه، سامهان نه ڪر، نه چَئَه. (اصطلاح طور) آڏو ٻول نه ٻولاءِ، شرط نه وجهه. منجههُ= اندر، پنهنجو اندر، پنهنجي جند جان. ڪڻيون= ذرا ذرا. بيت جي معنيٰ:

- هنن (سڄڻن) وچان وٿي نه وجهه (پري نه ٿي)، پيارن سڄڻن سان ٻول نه ٻولاءِ، شرط نه وجهه؛

ـــ هنن لاءِ ته پنهنجو اندر پيهي ڪَڻيون ڪر (پاڻ ڳارِ، بس نه ڪر ۽ پيو قربان ٿي): جيڪڏهن تون پنهنجا اندر سندن واسطي پيهي ”ڏارو ڪرين، ته به (اڃان وڌيڪ پيهڻ لاءِ) تنهنجو هٿُ هٿيي ۾ ئي هجي، (هٿيي مان هٿ نه ڪڍ، ۽ پيو پاڻ کي پيهه).

 

اکيون

 

(1)

اکيون آڪاسانہِ، فوجون ڪري اُلَٿِيُون

سوڙهي ڳَلي منجهانہِ، سوجهي پِرين لَهندِيُون.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (21)، سنتون ڪي واڻي (21)، ورهد (21) جيپورگرنٿ-4 (24).

• پڙهڻي. چئني ماخذن جي ڀيٽ سان، وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ.

ــــ اکيون مٿان آسمان تان فوجون ڪري لٿيون (ائين جيئن ڪڪر قطارون ڪري آگمجي ايندا آهن)

ــــ (اهي پاڻيءَ سان ڀريل اکيون ڪڪرن وانگر) سوڙهين گهٽين توڙي گهرن ۾ هرجاءِ وسنديون ۽ پنهنجي سڄڻ کي ڳولي لهنديون.

اکيون جو فوجون ڪري لهڻ وارو جنگ ۽ حملي جو خيال، ۽ ڪڪرن وانگر ’آگمجي اچڻ وارو مثال، شاهه جي رسالي جي هيٺين بيت ۾ وڌيڪ ورجايل آهي:

اکين کي آهينِ، وڏا واجهه وڙهڻ جا

اُڀيون منڊي مامرو، جهيڙو نه لاهينِ

جيئن سي ڪڪر اُڀ ۾، تيئن آگمئون آهين

جهُڙ ڦُڙ نه لاهينِ، وسن سانوڻ مينهن جئن.

( سُر رپ)

آڪاسانہ، معنيٰ ’آڪاس مان‘ ، ’مٿان آسمان کان‘ . ”اکين جو آڪاس تان فوجون ڪري لهڻ“ وارو سَمانُ ۽ سهڻو خيال قاضي قادن انهيءَ لحاظ سان آندو آهي، جو محبت واريون اکيون فراق سببان پاڻيءَ سان ڀريل آهن، ۽ ڄڻ ڪڪر آهن جيڪي آگم ڪري اينديون ۽ هرجاءِ ۽ هر گهر ۽ گهر گهٽيءَ ۾ وسنديون ۽ پنهنجا سڄڻ ڳولي لهنديون. اکين جي آگمجڻ ۽ وسڻ وارو خيال، قاضي قادن کان پوءِ واري دؤر جي اعليٰ شاعري توڙي عوامي شاعريءَ ۾ عام مقبول ٿيو. ’شاهه جي رسالي‘ جي بيتن ۾ اهو خيال هن طرح سمايل آهي:

آگمِ ڪِئو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن.

(سُر سرنگ)

-

لس پيارين لوڪ، آگم ڪِئو اکين سين.

(سُر سرنگ)

-

اکين جا آگم، مون تان لاهه مَ سپرين.

(سُر رپ)

(2)

اُڀَرندي سِجان، پِرين جي نه پَسَندِيُون

ڪَڍِي کي ڪانگان، نِوالا نيڻ ڏيان.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو (38).

• پڙهڻي. اصل ائين. ’ڪانگان‘ (جمع واري صورت) قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. نِوالا= گِرَاههَ، لُقما (کاڌي جا).

• معنيٰ.

ــــ (صبوح جو سوير) سج اڀرند ساڻ جيڪي اکيون دلبر جو ديدار نه ڪن

ــــ تن نيڻن کي ڪڍي ڪانوَن کي گِراهه ڪري ڏيان.

(3)

جي اکڙينِ اَلڌَ، ماءُ سي سڄڻ آئيا

ڳالهڙيون پِرينِ سان اوريان لَهي نه سڌَ

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (18)

• پڙهڻي. پهرين سٽ جي اصل پڙهڻي ۾ لفظ ’جي‘ رهجي ويل آهي (آڏو ايندڙ ’سي‘ مان اهو ظاهر آهي).

• معنيٰ.

ــــ اي ماءُ! اڄ اهي سڄڻ آيا آهن، جيڪي منهنجي اکڙين لاءِ اڻ لڀ آهن

ــــ (وڏي وڇوڙي کان پوءِ) آءٌ پنهنجي اندر جون ڳالهيون پرين سان اوريان ٿي ته به منهنجي سَڌ ئي نٿي لهي.

 

(4)

جَڏهانڪُون پِريَنِ، ٻَڌو عَهدُ اَکينِ سين

تَڏهانڪُون تَرڪ ڪِي ننڊر مون نيڻنِ.

 

• ماخذ:، حڪايات الصالحين (9).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ.

ــــ محبوبن جڏهن کان وٺي اکين سان (اکين ملائڻ) جو انجام ٻڌو آهي

ــــ تڏهن کان وٺي منهنجي اکين ننڊر کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي.

 

(5)

توڙي هُئِنِ وَسيُون، مَئِنِ سَهسين ماڙُهوئين،

اکينِ کي مَتيُون، جِتي هوئِنِ مان پِرين.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (55)، سنتون ڪي واڻي (55)، ورهد (55).

• پڙهڻي. ’سنتون ڪي واڻي‘ جي اصل پڙهڻي کي سنوارڻ سان مٿين پڙهڻي نڪري ٿي. ٻيءَ سٽ جي پوئين اڌ جي اصل پڙهڻي ”اکين کِينِ مَتاعُ“ آهي پر پهرين سٽ ۾ قافيي جي سٽاء مطابق ”اکين کي متيون“ پڙهڻ مناسب ٿيندو. ’ورهد‘ جي لکت مان هيٺين پڙهڻي نڪري ٿي:

توڙي هوئنِ چاءُ، سئين سهسين ماڙُهوئين

اکين کِينمِ ٿاءُ، جتي هوئِن مان پِرين.

• معنيٰ.

ــــ جيتوڻيڪ کڻي (سانوڻ جا وڏا مينهن وسن ۽) وَسُون ٿي وڃن (۽ مال ۽ آبادي لاءِ) هزارين ماڻهو اچي مِڙنِ

ــــ ته به (اتي جي لقاء بدران) منهنجي اکين کي اُتي نهارڻ جا پُور پَوَن جتي منهنجا سڄڻ هجن.

 

ڪُهي ڪيا شهيد

 

(1)

ڪُهي ڪيا شَهيدَ، تو جي اکڙين سان

تَنِ تُنهنجِي تاتِڙِي، نه ڪو عيشُ (نه عيدَ).

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (14).

• پڙهڻي. ٻيءَ سٽ جي اصل پڙهڻي ۾، آخري الفاظ جن کي ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي سي ڦاٽل آهن.

• معنيٰ.

ــــ تو پنهنجين اکين سان جن کي قتل ڪري شهيد ڪيو

ــــ تن کي تُنهنجي ئي تات آهي، ۽ نه کين عيش نه عيد ياد آهي.

 

(2)

ايءَ پَرِسندِي سَڄڻان- جي ڪُهنِ ۽ ڪوٺينِ

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (13)

• پڙهڻي. قلمي ڪتاب ۾ بيت جي فقط هيءَ هڪ سٽ سلامت رهي آهي جنهن جي پڙهڻي ائين ئي آهي.

• معنيٰ.

ــــ محبوبن جي اِهائي ريت آهي جو پاڻ ئي سڏين ۽ پاڻ ئي قتل ڪن.

 

(3)

جيڪُس نالائِق، آءُ سِيَاپي سَڄَڻان

تيلاه منهنجِي سِڪ، سُپريان کي ڪِي نه ڪَري.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (8).

• پڙهڻي. پهرين سٽ ۾ اصل صورتخطي ’نالايق‘ آهي، جيڪا صحيح آهي. عام سنڌي اچار موجب هت ’نالائق‘ ڪري لکيو ويو آهي.

• معنيٰ: سياپو= نسب جي مرتبي ۽ مِٽريءَ ۾ برابري. سياپي سڄڻان= سڄڻن جي سياپي ۾.

ــــ لاشڪ آءُ سڄڻن (محبوبن) جي شان مانَ ۽ برابري جو لائق ناهيان

ــــ جو منهنجي سڪ سڄڻن تائين پهچي به ڪو اثر ئي ڪانه ٿي ڪري!

 

(4)

بَندِي سَڀ قَرار، اسان لوچَڻ لوهَڙِيين

مٿي تَنَ تَرار، سَدا سُپيرينِ جِي.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (23)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. بندي= بند ۾ ڦاٿل، قيدي. قرار= آزار کان آجا. لوچڻ= ڀوڳڻ، ڦٿڪڻ، نجُهرڻ. لوهڙيين= لوهين ڪَڙِين زنجيرن ۾.

ــــ ٻيا قيدي ته سڀ آزار کان آجا آهن، باقي (بِرهه جي بند ۾ ڦاٿل) اسين پيا لوهين ڪَڙين زنجيرن ۾ ڦٿڪون نِجهُرون

ــــ (جو) اسان جي سر جي مٿان سدائين محبوبن جي ترار (وار لاءِ) تيار بيٺي آهي.

 

(5)

چوي سِڀَڪوءِ، محبتي مانَ ٿيان

اِن درِ اگهيو سوءِ،  جو سِيباڻو سڄڻان.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (5).

• پڙهڻي. اصل ائين.

• معنيٰ. سڀو ڪوءِ= سڀڪو. اگهيو= مان وارو ٿيو، مقبول پيو. سيباڻو= وڻيو. سڄڻان= سڄڻن کي.

ـ سڌ ته هرڪوئي ٿو ڪري ته آءُ (محبوبن وٽ، سندن) ’محبتي‘ (عاشق) طور شمار ٿيان

ــــ پر سڄڻن جي اِن در تي مقبول اهو ٿو پوي جنهن مان کين آسيس ٿي اچي (سندن دلي کي ٿو وڻي).

 

(6)

جَڏَڻ منهنجا سُپرين ڏِٺُئي جيلاهِين

جوڙَ جَهَانان اکيُون توکي تيلاهِين.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (16).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. جَڏڻ (قاضي قادن جي ٻوليءَ جو لفظ)= جڏهن. جوڙ جهانان اکيون= جَهان کان اکيون توڏانهن جوڙ ٿيون، ٻئي ساري جهان کان اکيون ڦري توڏانهن جُڙي بيٺيون. توکي= تولاءِ، توڏانہ.

ــــ اي منهنجا پيارا پرين! جيئن جو تو مون ڏي مِهر جي نظر ڪئي

ــــ تيئين ئي ٻئي ساري جهان کان اکيون ڦري توڏانهن جُڙِي بيٺيون.

 

(7)

سَڌَ سڀئي ڪَرِينِ، پِريان جي پِرَيتَڻي

سڄڻ تني سامُهُون جي جِيءُ جُهومي ڏِينِ.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (99).

• پڙهڻي. اصل ائين.

• معنيٰ. پِرِيَتَڻو= پرين ڏانهن ڇڪيندڙ، پيار، عشق.

ــــ محبوبن جي پيار ماڻڻ جي سڌ تي سڀني (عاشقن) کي آهي

ــــ پر سڄڻ تن کي سامهون ۽ ويجهو ٿين جيڪي کين پنهنجي جند جان گهوري ٿا ڏين.

 

(8)

سُتي، ويٺي، اُٿيي، ڳالهائيندي، ڳِيندي

اَسان تُسان جي تاتِڙِي واٽڙيين ويندي.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (6)، سنتون ڪي واڻي (6)، ورهد (6)، جيپورگرنٿ-4 (10).

• پڙهڻي. مٿين چئني ماخذن جي لکتن مان، ٿوري فرق سان، هيٺين پڙهڻي نڪري ٿي:

ستو ويٺو اٿيو ڳالهائيندو ڳيندو

اسان تسان جي تاتڙي واٽڙيين ويندو.

ظاهر آهي ته اصل بيت ائين هوندو جئن مٿي ڏنو ويو آهي.

• معنيٰ.

ــــ (اي منهنجا سائين، اي منهنجا پرين!) ستي، ويٺي، اٿيي، ڳالهائيندي، ڳائيندي

ــــ واٽن تي هلندي، اسان کي ته اوهان جي ئي تات تاري آهي.

 

جي تو لائي رَچمچ

 

(1)

جي تو لائِي رَچِمَچِ، ته ڇپَڻُ لِڪَڻُ لاه

زَهَرُ هَلاهلُ هَٿِ ڪر، ڪارَڻ پريان کاء.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (54)، سنتون ڪي واڻي (54)، ورهد (52).

• پڙهڻي. مٿين ماخذن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان، بيت جي صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ. رچمچ= مجازي عشق، محبت جي راند. زهر هَلاهِل= اهو زهر جيڪو ماري

ــــ جي تو نينهن لاتو آهي ته پوءِ لِڪڻ ڇپڻ ڇڏ (۽ نسنگ نِروار ٿي بيهه)

ــــ (محبوب جي توکي آزمائين ته) قاتِل زهر هٿ ڪر ۽ محبوبن خاطر کاءُ.

 

(2)

سوئيرِيَان سَنِهڙو، جُہ تَنُ ڪيوءِ نه تِيئَن

توکي اَکڙُينِ ۾، پِرِين پائيندا ڪيئَن.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو ( ) جيپورگرنٿ-6 (52)، سنتون ڪي واڻي (52)، ورهد (49).

• پڙهڻي. بيت جي پڙهڻي، دادوديال جي روايت وارن ٽن ماخذن مطابق آهي. ’شاهه جو رسالو‘ ۾ بيت (سنواريل سٽاء ۽ پڙهڻي موجب) هيٺينءَ طرح آهي:

سوئيريان ئي سنهڙو جان تَنُ ڪيوءِ نه ايئن

پِرين پائِيندا ڪِيئن، توکي اکڙين ۾.

• معنيٰ. ’سوئيريان‘ يعني سوئيري کان، سُرمي کان. ’جُہ تَن‘ = جيئن جو پنهنجو تن يا جسم. ٻيءَ سٽ ۾ اصل پڙهڻي مطابق ”پرين پائيندو ڪيئن“ پڙهي سگهجي ٿو، پر جيئن ته قاضي قادن اڪثر پنهنجي پرين کي ادب وچان جمع جي صيغي سان ياد ڪيو آهي، انهيءَ ڪري هتي به ’جمع‘ جي صورت ۾ ’پرين پائيندا ڪيئن‘ پڙهڻ وڌيڪ موزون ٿيندو.

ــــ جيسين تائين جو تو پنهنجي جسم (تن) کي پيهي سرمي کان به وڌيڪ سنهڙو نه ڪيو آهي

ــــ (تيسين تائين) پرين توکي پنهنجين اکڙين ۾ ڪيئن پائيندا (توکي ونين ۾ ڪيئن وهاريندا، اکين ۾ جاءِ ڪيئن ڏيندا!)

 

(3)

پَئُه پَڌَرِ سيڻانِ، لِڪجُ لِڪَندين ڪيتَرو،

ٻُڏا چاءُ سَندانِ، ڪوڏَئُون سَڄا مِيهَڻا.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (23).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. پَئُه پَڌرِ= پڌر ۾ پَئه، پڌرو ٿيء، ظاهر ٿيءُ. سيڻانِ= ساڻن. لڪج لڪندين= لڪي لڪندين. ٻُڏا= ٿورا، احسان. چاءُ= کڻ. ڪوڏئون= ڪوڏ مان، چاه مان.

ــــ تون سندن محبت ۾ پڌرو ٿي بيهه: لڪي ڪيترو لڪندين!

ــــ تون سڀ طعنا مهڻا (جيڪي توکي ماڻهو ڏين ٿا) سي سندن (محبوبن جا) ٿورا ڄاڻي پنهنجي سر تي کڻ (سَههُ).


 

عشق جي آتش ۽ اُڃ

 

(1)

اُلان جيهِي اُل، تُسان نه اسان جيتري

پِريان جامِعُ اُل، تِنہ سان ٻيائيي اُلِئَنِ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (39)، ستون ڪي واڻي (39).

• پڙهڻي. مٿئن ٻنهي ماخذن ۾ ڏنل پڙهڻين جي ڀيٽ سان، صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ ۾ ’اُلان‘ ( ’اُلَ‘ جي جمع واري صورت) قاضي قادن جي بکر واري ٻولي مطابق آهي. ’اُلو‘ يا ’اُلُون‘ جو جمع پڻ ’اُلا‘ يا ’اُلان‘ ٿيندو. ’تسان‘ (سرائيڪي) توڙي ’پِريان‘ ٻئي لفظ قاضي قادن جي ٻولي جا آهن.

• معنيٰ. هن بيت ۾ الهي عشق جي مُور ۽ منڍ يا سرچشمي واري سهڻي معنيٰ سمايل آهي. مطلب آهي ته: اوهان کي به عشق جي تاء جي سختي، سوز ۽ آتش آهي؛ پر جيتري بيحد گهڻي اڃ اسان سِڪايلن کي آهي اوتري اوهان کي ناهي. پر راڳو ائين چوڻ سان پنهنجي ذات جي وڏائي ۽ تعريف ٿئي ها: انهيءَ ڪري ٻيءَ سٽ ۾ اصلي حقيقت کي بيان ڪيو ويو ته: اها اڃ (سِڪ) پِرين جي پار جي آهي ۽ اتان ئي مليل آهي. انهيءَ عشق جي سوز جو سرچشمو، مور ۽ منڍ خود پِرين پاڻ آهن، جن کان ئي پوءِ ٻين کي اها پَيَاسَ ۽ اهو سوز (هرهڪ جي وِت ۽ سَت آهر) مليو آهي.

ــــ عشق جي سوز جي ستين واري اها آتش جيتري اسان کي آهي اوتري اوهان کي ناهي:

ــــ (حقيقت ۾) پرين پاڻ ئي انهيءَ آتش ۽ اڃ جو سرچشمو آهي، جنهن سان ٻين کي به (هرهڪ جي وت ۽ ست آهر اهو) سوز لڳي ٿو.

 

(2)

جي مَنَ مانہِ سي نانہِ، جي نانہِ سي ڏِسڻِ گهڻا

موڙهو منجهه وَڳانہِ، هينڙو نولي ڍورَ جئن.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو (36)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. مانہ، نانہ ۽ وڳانہ وارن اُچارن جي آخر ۾ ’ه‘ جي ٽيڪ، قاضي قادن واري دور جي ٻولي مطابق آهي، ۽ پڻ ’وڳانہ‘ (=وڳان ۾) جي جمع واري صورت قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. جي نانہ= جيڪي ڪجهه به ناهن، جن ۾ ڪا مَڻيا ڪانهي. ڏِسِڻِ گهڻا= ڏسجڻ ۾ گهڻا، ڏسجن گهڻا. موڙهو= موڳو ٿيو، منجهيو. نولو ڍور= ٻاهريون نئون ڍور.

بيت جي معنيٰ:

ــــ جيڪي (سڄڻ) منهنجي من ۾ آهن سي موجود ناهن، ۽ جيڪي ڪجهه به نه آهن (عام روانجي ماڻهو آهن) سي گهڻان ئي پيا ڏسجن

ــــ منهنجي حالت ان نولي ڍور واري آهي جيڪو ڪنهن ٻئي ڌڻ جي وچ ۾ پئي اچي مُنڌو آهي.

(3)

جي مَنَ مانہ سي نانہ، جي نانہ سي ڏسڻ گهڻا

تني ڪبو ڪانہِ، جن گڏيي گوندرُ نه لَهي.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو (37)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. پهرين سٽ لاءِ ڏسو مٿئين بيت هيٺ ڏنل معنيٰ. ڪبوڪانہ= ڇا ڪبو! گوندر= وڇوڙي ۽ فراق وارو غم.

ــــ جيڪي (پرين) منهنجي من ۾ آهن سي موجود ناهن، ۽ جيڪي ڪجهه به نه آهن (عام ماڻهو آهن)، سي گهڻا ئي پيا ڏسجن

ــــ تن (ماڻهن کي) ڇا ڪبو جن کي ملڻ سان فراق وارو غم نه لهي.

(4)

جُہ مِهراڻ موج ڪئي، ته ڇاڳَر سَهي نه سَٽَ

اِيئن پِريان سندي ڳالهڙِي، رَهي نه اندر گهَٽَ.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو (28)، جيپورگرنٿ-6 (38)، سنتون ڪي واڻي (38)، ورهد (37).

• پڙهڻي. بيت جي مٿي ڏنل پڙهڻي جو مدار ’شاهه جي رسالي‘ جي پڙهڻين تي آهي. شاهه جي رسالي جي آڳاٽن قلمي نسخن ۾ (جيڪي سر سسئي سان شروع ٿين ٿا) بيت جي پڙهڻي ٻن جدا نمونن سان ڏنل آهي.

ٻن دستخط رسالن مطابق:

سپيريان جي ڳالهڙي، اندر رهي نه گهٽ

جُہ مهراڻ موج ڪِي، ته ڇاڳر سهي نه سَٽ.

چئن ٻين دستخط رسالن موجب:

اندر رهي نه گهٽ، سپيريان جي ڳالهڙي،

ڇاڳر سَهي نه سَٽ، جہ مهراڻ موج ڪي.

جيپورگرنٿ-6، سنتون ڪي واڻي ۽ ورهد جون پڙهيون اڳوڻي صورتخطيءَ سببان منڌل آهن. مجموعي طور سان، انهن جي ڀيٽ مان هيٺين وڌيڪ صاف پڙهڻي نڪري ٿي:

جي مِهراڻ مَيا ڪري ته ساڳر سهي نه سٽ

ايئن پريان سندي ڳالهڙي رهي نه اندر گهٽ.

’ڇاڳر‘ معنيٰ ’تانگهو پاڻي‘ ، جيڪو سمنڊ جي ڪناري لڳ واهڙن ۾، يا درياء لڳ ڍنڍن ۾، يا ٻي ڪنهن گهڻي ايراضي ۾ ڇَر مثل پکڙيل هجي. جڏهن چاڙهه اچي ٿو، تڏهن مهراڻ جو پاڻي اٿلي ڇاڳر واري اراضي کي ٻوڙي ڇڏي، ۽ پڻ سمنڊ جي ڪناري وارن واهڙن توڙي ڪناري لڳ سمنڊ جي پاڻي کي به ڌڪي پوئتي ڪري ڇڏي. رسالي جي ”سر گهاتو“ ۾ پڻ هي لفظ آيو آهي:

ڇاڳر ڇڳيرن، گهور نه اچي گهاتوئين.

يعني: جيڪي وڏا گهاتو آهن ۽ اونهي اوڙاهه کي گهوريندڙ (مڇي جي شڪار لاءِ ڦيرا ڏيندڙ) آهن، تانگهو پاڻي (ڇاڳر) تن بهادرن (ڇڳيرن) جي گهور لائق ناهي. شعر جي سهڻائي جي لحاظ سان، يا ان وقت ۾ رائج اُچار جي لحاظ سان، ٿي سگهي ٿو ته قاضي قادن ’ڇاڳر‘ بدران ’ساڳر‘ لفظ آندو هجي.

• معنيٰ.

ــــ جيئن جو درياء ۾ چاڙهه اچي ٿو ۽ پاڻي جي پلٽ ٿئي ٿي ته ان جي آڏو ٻيا سڀ تانگها پاڻي ڌڪجي لڙهي وڃن ٿا

ــــ تيئن جڏهن سڄڻ جي يادگيريءَ جو پُور دل تي چڙهي ٿو ته اندر ۾ سمائجي نٿو سگهي (۽ بي اختيار روئڻ راڙو، دانهون فرياد نڪري وڃن ٿا).

ڀٽائي صاحب چيو ته:

جڏهن پوي ٿي ياد، صحبت سپيرين جي،

فريادون فرياد، ناگَــہَ وڃن نڪرئو.

 

(5)

ماءَ! مُصَلي ويرِ، هاڻي ويئي وِسري

عيدَ ڪَرِيندِي ڪير، مان کي سڄڻ گڏيو.

 

• ماخذ: جيپور گرنٿ-6 (58)، سنتون ڪي واڻي (58)، ورهد (57).

• پڙهڻي. مٿين ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان، صاف صحيح پڙهڻي ايئن بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ.

ــــ اي ماءُ! مُصلي تي بيهڻ (نماز پڙهڻ) واري مهل ئي هاڻ منهنجي دل تان لهي وئي؛

ــــ (جنهن کي پنهنجو پرين پاڻ ملي ويو سا پرين کان پاسي ٿي عيد ڪيئن ڪندي!) مون کي پنهنجو پرينءَ ملي ويو، هاڻي عيد ڪير ڪندي!


 

محبت کي ڍَڪِ

 

(1)

روئِي مَ ڪَرِ پَڌرو، هَٺَ مَنجهيئِي حالُ

جان جان پِريان نه مِڙين، تَنُ ڪاٺي جيئن ٻالِ.

 

ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (46)، سنتون ڪي واڻي (46)، ورهد (44).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن ۾ ڏنل پڙهڻين جي ڀيٽ سان، صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پر ٽنهي ماخذن ۾ پهرين سٽ جو آخري لفظ ’جال‘ آهي جنهن مان پڻ معنيٰ نڪري ٿي؛ پر شعر ( ’هٺ‘ ۽ ’حال‘ جي هم آواز شروعات) توڙي معنيٰ جي سهڻائي جي لحاظ سان، اصل ۾ اهو لفظ ’حال‘ ٿي سگهي ٿو ۽ مٿي بيت ۾ پڻ ’جال‘ بدران ’حال‘ رکيو ويو آهي. ٻيءَ سٽ ۾ ’ٻال‘ قاضي قادن جي سرائيڪي- آميز ٻوليءَ مطابق آهي.

• معنيٰ

ــــ (سڄڻ جي سِڪ جو، يا فِراق وارو) حال پنهنجي روئڻ سان ظاهر نه ڪر، بلڪ پنهنجي اندر ۾ ئي رهاءِ

ــــ جيسين تائين جو تون پرينِ کي نه ملين تيسين تائين (سندن سڪ ۽ سوز ۾) پنهنجو پاڻ کي پيو ڪاٺيءَ وانگر ٻار.

(2)

پِريان سَندِي ڳالهِڙِي، مَرُ مَنجهين ئي هوءِ

ٻُڌائي ٻِيَنِ کي، ڪيهو ڪاڄُ سَرِيوءِ.

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (48)، سنتون ڪي واڻي (48)، ورهد (45).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان، صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ. ’ٻُڌائي‘ يعني ’ٻين کي ٻُڌائي‘ . ’سريوءِ‘ (ماضي)= توکي حاصل ٿيو.

ــــ پرين جي پچار ڀل ته تنهنجي اندر ۾ ئي هجي

ــــ ٻين کي ٻڌائڻ سان توکي ڇا حاصل ٿيو! (= ٻين کي ٻڌائيندين ته تنهنجو ڪهڙو مقصد پورو ٿيندو).

 

(3)

سَڄڻَ منجِهه هُئامِ، مون ويٺي واءُ ٿِيا

هيڏان هوڏانهن هَٿڙَا، هِيئِين جاڙ وِڌامِ.

 

• ماخذ: بيان العارفين (4)، شاهه جو رسالو (4)، جيپورگرنٿ-4 (15).

• پڙهڻي. بيت جي پڙهڻي ’بيان العارفين‘ مطابق آهي. جيپورگرنٿ-4 جي پڙهڻي هن طرح آهي:

پِرين پاڻ لکائِيَا مون مَن منجهيئي

هيڏي هوڏي هٿڙا وِڌا هُنهيئي.

هن پڙهڻي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيئن قاضي قادن جا بيت دادو ديال جي فقيرن جي زبان تي چڙهيا ۽ بدليا. هي بيت ’ستون ڪي واڻي‘ ۽ ٻين ماخذن ۾ ڪونهي ۽ فقط جيپورگرنٿ-4 جي گڏ ڪندڙ سنت کي مليو. ان مان ظاهر آهي ته دادو ديال جي فقيرن جون روايتون جدا جدا آهن.

• معنيٰ. مون ويٺي= مون کين نه سڃاتو، بي خبري ۾ ويٺو رهيس. واء ٿيا= غائب ٿيا، پري ٿي ويا، منهنجي بي خبريءَ ۾ پري ٿي ويا

ــــ پرين مون منجهه ئي هُئا:

ــــ مون کين ڳولڻ لاءِ اجايو هيڏانهه هوڏانهه (پاڻ کان ٻاهر) هٿ هنيا.

 

(4)

سُورُ جِنهِين کي هوءِ، لِيهان تِنهِين اُڀِرَن

ڪاٿي ڪو ڏٺوءِ، دانهان ڪندو سُورَ بِنِ!

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (42)، سنتون ڪي واڻي (42)، ورهد (40).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن ۾ ڏنل پڙهڻين کي ڀيٽڻ سان، صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ.

ــــ جن کي سور ٿئي ٿو تن کي ئي هاءِ هاءِ واريون ڪَهلُون پون ٿيون

ــــ بنا سور جي تو ڪٿي ڪو دانهون ڪندو ڏٺو!

 

(5)

اَونهان اَندَرَ ماهَ، ٻاهَرِ ڌَڪَ نه پَڌرا

ويڄُ ڪَرِيندو داهَ، پسڻ سان واڍوڙيَا.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (50)، سنتون ڪي واڻي (50)، ورهد (47).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان، وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. ٻيءَ سٽ جي اصل پڙهڻي ۾ ’ويد‘ ۽ ’پَسان سي‘ آهي: ’ويد‘ بدران ’ويڄ‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو، جو اهو آڳاٽو سنڌي اُچار آهي؛ ’پسان سي‘ جي بدران ’پسڻ سان‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. واڍوڙيا= واڍوڙيل، ڦٽيل، وڍيل.

• معنيٰ.

ــــ گهاءِ (ڌڪَ) بدن (ماه) ۾ اندر هيٺ اونهان آهن، جيتوڻيڪ ٻاهران اهي ظاهر ناهن:

ــــ (حالت اهڙي دردناڪ آهي) جو ويڄ (حڪيم) پڻ اهڙن ڦٽيلن (واڍوڙين) کي ڏسڻ ساڻ پريشان ٿي دانهن ڪندو!

 

(6)

وِچاران بِي بَٺِ، تَؤ جَلُ ٻاهرِ نِڪري

اَسانهِنجي هَٺِ، کامَڻُ لُوسَڻُ مَنجهِه ٿيو.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (49)، سنتون ڪي واڻي (49)، ورهد (46).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي پڙهڻين کي ڀيٽڻ سان، بيت جي وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. اصل لکت ’تون جهل‘ بدران ’تَؤ‘ ’جَلُ‘ (=تپش ۽ ساڙيا باهه) پڙهبو ته وڌيڪ صحيح ٿيندو. ٻيءَ سٽ جي ٻي پڙهڻي ’اسان هَڄُون هٺ‘ ٿي سگهي ٿي پر ’اسانهنجي هٺ‘ پڙهڻ سان بيان وڌيڪ فصيح ٿيندو.

• معنيٰ.

ــــ بَٺِي، نهائين يا آوِي (جيڪا ٻاهران ڍڪيل آهي) جي اندران به بعضي باهه جو تؤ ۽ ڄڀيون ٻاهر نڪرن ٿيون

ــــ پر اسان جي جسم (جو اهو حال آهي جو ان) جو سڄو سڙڻ ۽ پچڻ اندرئي اندر ۾ آهي (۽ ٻاهر ٻاڦ به ڪانه ٿي نڪري).

 

(7)

روز محشرَ ڏِينهڙي سَتَر سِجَ تَپَنِ

سَڀَوئي جُهڙَ ڀانئيان، جي مون پِرين مِڙَنِ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (53)، سنتون ڪي واڻي (53)، ورهد (50).

• پڙهڻي. اصل ٻيءَ سٽ ۾ ’جَر‘ (= پاڻي) آهي جنهن کي ’جُهڙَ‘ ڪري پڙهبو ته صحيح ٿيندو.

• معنيٰ.

ــــ محشر جي ڏينهن ڀل کڻي (هڪ بدران) ستر سِجَ اڀرن ۽ تپي تاءُ ڪن

ــــ ته پڻ (اهو) سڄو جُهڙ ڪري ڀانئيان جيڪڏهن (ان ڏينهن) مون کي پِرين ملن.


 

حقيقي سڄڻ

 

(1)

حقيقي مون سيڻ، وَسن شهر حَقيق ۾،

ڳالهِين چون حَقِيقِيَان، چوَنِ حَقِيقِي ويڻ.

ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (26)، سنتون ڪي واڻي (26)، ورهد (26)، جيپورگرنٿ-4 (28).

• پڙهڻي. چئني ماخذن جي ڀيٽ سان، وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ.

ـــ منهنجا سچا سڄڻ (سدائين) رهن ئي سچ جي شهر ۾

ـــ اهي جيڪي چون، سو سڀ حق طرفان يا حق مطابق آهن؛

- يا -

هو هرڪنهن کي (حق ۽ انصاف) جون نصيحتون ڪن ۽ حق جا گفتا چون.

 

(2)

شَفِيقي مون سيڻ، وَسن شَهرِ شَفيق ۾،

ڳالهه چون شَفيقَان، چون شفِيقي ويڻ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (27)، سنتون ڪي واڻي (27)، ورهد (27)، جيپورگرنٿ-4 (29).

• پڙهڻي. چئني ماخذن جي ڀيٽ سان، وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

• معنيٰ. ’شفيقي‘ = ’شفيقن وانگر‘ يا ’شفيقن جهڙا‘ . ’شفيق‘ معنيٰ پياري سڳي ڀاءُ وانگر پيار ڪندڙ. انهيءَ لحاظ سان ئي (عربي فارسي ۾) ’اَخي شفيق‘ محاورو مشهور آهي ۽ سنڌي ۾ پڻ نهايت پيار ڪندڙ ڀاءُ کي ’شفيق ڀاءُ سڏيو ويو. ’سيڻ‘ جي لفظي معنيٰ آهي ’پيءُ- ماءُ جيڪي پنهنجي نياڻي جو سڱ ڏين‘: جيڪو سڱ وٺي ان کي ’سياءُ‘ چئبو ۽ جيڪو سڱ ڏئي سو ’سيڻ‘ سڏبو. ’سيڻ‘ جي اصطلاحي معنيٰ سچا سڄڻ يا وڏي قرب وارا مِٽرَ. ’وسن‘ معنيٰ سدائين گهڻو رهن؛ ’ويڻ‘ معنيٰ ’سامهون گفتو‘ ميار وارو ڳالهاء ، ڏکيو ڏوراپو. انهيءَ لحاظ سان بيت جي معنيٰ ٿيندي:

ــــ منهنجا پيارا سڄڻ وڏي پيار وارا آهن، ۽ سدائين پيار واري شهر ۾ رهندڙ آهن:

ــــ ڪا ڳالهه ٿا ڪن ته به قرب وچان ٿا ڪن، ۽ جيڪڏهن ڪو ڏوراپو ٿا ڏين ته به پيار ۽ قرب سان ٿا ڏين.

 

(3)

پاڙي ۾ وَڻُ هيڪَڙو، سو مون گهڻو سُهاءِ،

ٺار وِهاري سَڄَڻان، ڇَڙِي ڀي وَڻراهِ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (57)، سنتون ڪي واڻي (57)، ورهد (55).

• پڙهڻي. ٽنهي ماخذن جي ڀيٽ سان وڌيڪ صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ ۾ اصل عبارت ’پاڙي ۾ بَڙُ هيڪڙو‘ آهي جنهن کي ’پاڙي ۾ وڻ هيڪڙو‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. ’پاڙي جو وڻ‘ يا ’پاڙي ۾ وڻ‘ وارو سنڌي محاورو آڳاٽو آهي. ٻيءَ سٽ ۾ اصل لفظ ’وِلاسي‘ آهي، جيڪو ڍاٽڪي- راجسٿاني لفظ ’ٻلهاسي‘ (=وهاري) جي برابر آهي. ظاهر آهي ته اصل سنڌي لفظ ’وهاري‘ هو جنهن کي ’وِلاسي‘ ڪري پڙهيو ويو. ’ڇڙي‘ يا ’ڇڙهي‘ معنيٰ هڪ ڪاٺي يا اڪيلو وڻ.

• معنيٰ.

ــــ پاڙي ۾ هڪڙوئي وڻ آهي، پر اهو مون کي گهڻو وڌيڪ ٿو سِيبائي

ــــ اهو هڪڙو ئي وڻ، جيڪو سڄڻ کي پنهنجي ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهاري ٿو، سو اڪيلوئي (ڄڻ ته) وڏي وڻراه آهي.


 

هنجهه: اعليٰ ڪردار

 

(1)

اَڇا ٻَگهه مَ پَسُ، وَرُ ميرا هنجهڙا

رَتا جي خالق سين، تَني لڳي مَ ڪَسُ.

 

• ماخذ: حڪايات الصالحين (15)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ.

ــــ ٻَگن کي اڇو ڏسي انهن تي هِرکي نه پَئُه، هنجهڙا ميرا ئي سَهي پر ڀَل ته هجن.

ــــ هنجهه جيڪي پنهنجي خالق سان رَچي راس ٿيا آهن تن کي شال ڪو ٽِڪو نه لڳي!

(2)

سَرُ سُڪِي کَڙيُون ٿيو، اُڏَڻ لڳي کيہِ

ماناسَر جي هنجهڙي لَڏي ڇڏيو ڏيہِ.

 

• ماخذ: شاهه جو رسالو (35)

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. سر= وڏو تلاء، ماناسر= ’مانا سر‘ نالي وڏو شاهي تلاء، وڏو مانائتو تلاء. کڙيون ٿيو= کَڙا ٿيو، سُڪي ويو ۽ باقي تري ۾ مٽي ۽ ڀتر وڃي بچيا. اڏڻ لڳي= اڏامڻ لڳي. کيهه، کِهه= سنهي مٽي. بيت جي معنيٰ:

ــــ (مانا سر جو) وڏو شاهي تلاء سُڪي ڀتر ۽ کڙا ٿي ويو، ۽ تري ۾ مٽي اڏامڻ لڳي

ــــ تڏهن ’ماناسر‘ جي هنجهڙي، اتان اڏامي ان ڀيڻيءَ کي ڇڏيو.

 

(3)

هُنَ سَرَ سندا هَنجهَڙا، اِتي ئي آهينِ

ڳالهِين رب پَرِتِيَان جو مَنگي تنہ ڏينِ.

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (16)، سنتون ڪي واڻي (16).

• پڙهڻي. اصل ائين

• معنيٰ. ڀانئجي ٿو ته قاضي قادن هيءَ بيت ڪنهن ٻئي سالڪ جي چيل هيٺيين بيت جي جواب ۾ چيو:

وڃي آيو ڪير، ڪنہ ڏٺو مُنہ لاهُوتيين،

اچي ڪندو ڪير، ڳالهِين رب پَرتيان.

[جيپورگرنٿ-6 (15)، سنتون ڪي واڻي (15)، جيپورگرنٿ-4 (18).]

قاضي قادن جي بيت ۾ لفظ ’ڳالهِين‘ (= ڳالهيون) آهي جيڪو روهڙي ڊويزن جي اوڀر – اترئين ڀاڱي (خاص طرح گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي جي ٻهراڙي واري سنڌي) جي ٻوليءَ ۾ اڃان تائين ڳالهائجي ٿو. بيت جي معنيٰ ته:

ــــ هُن تلاء (الاهي راز وارو ٻيو جهان) جا هنجهه هتي پڻ موجود آهن؛

ــــ جيڪو کانئن رب جي پرتلن (ڀلارن درويشن ۽ ولين) جي ڳالهين جي گهر ڪندو تنهن کي ئي هو ٻڌائيندا.

ـــــ

ائين ٿو معلوم ٿئي ته پهرين سٽ جي معنيٰ وارو ٻيو ڪو آڳاٽو بيت پڻ هلندڙ هو، جنهن جي هڪ سٽ ميين شاهه ڪريم هن طرح پڙهي ته:

”ڪِہ سَر سندا هنجهڙا، ڪيٿي ٿا چُڻن“

ساڳي معنيٰ ۾ ٻيو هڪ بيت پڻ آڳاٽي وقت کان سنڌ ۾ هلندڙ هو، جنهن جو جواب ڀٽائي صاحب ڏنو. اڳ ڪنهن درويش چيو ته:

”هُو جي رڱ رڱينِ، سي کَٽي کُنڀ کڻي وئا“

ڀٽائي صاحب جواب ڏنو ته:

اڃان پڻ آهين، هوندا ڪلجڳ تائين ڪاپڙي

لالائي جو، لطيف چئي، هو لاڳ چڱو لائينِ

ٿا نِيَت مقابل نِينِ، ماڻهو ميرا ڪپڙا.

(4)

دِل اَندرِ دَرياءُ، پُڇِين ڪِيان سَمُونڊرَ ڪَلَ

ماڻِڪَ اِي سَرياءِ، چُڳِي چوکا نه کَڻِين!

 

• ماخذ: جيپورگرنٿ-6 (12)، سنتون ڪي واڻي (12)، ورهد (12)، جيپورگرنٿ-4 (14).

• پڙهڻي. چئني ماخذن جي ڀيٽ سان، صاف ۽ صحيح پڙهڻي ائين بيهي ٿي جيئن مٿي ڏني وئي آهي. پهرين سٽ ۾ اصل الفاظ ’درياوَ‘ ۽ ’ڪِيا سَمندرَ ڪَلَ‘ آهن. ’درياء‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو ۽ ’ڪِيا‘ بدران ’ڪِيان‘ (معنيٰ ’ڇو‘ ، ڪنهن کان) پڙهڻ صحيح ٿيندو؛ وزن جي لحاظ سان ’سمونڊر‘ ڪري پڙهبو. ٻيءَ سٽ ۾ اصل الفاظ ’سرياو‘ (توکي سريا) وڌيڪ صحيح ٿيندو، جو مٿي پڻ جمع بدران واحد آيل آهي. ٻيءَ سٽ ۾ لفظ ’چوکي‘ آهي، پر جيئن ته ’ماڻڪَ‘ جمع ۾ آهن، ته هي لفظ پڻ ’چوکي‘ بدران ’چوکا‘ پڙهڻي صحيح ٿيندو.

• معنيٰ.

ــــ (اي هنجهه) درياء تنهنجي دل جي اندر آهي، ٻاهر سمنڊر ڇو پيو پڇين!

ــــ ماڻڪ اِهي اتي ئي تو وٽ موجود آهن؛ سهڻا سٺا چونڊي ڇو نه ٿو کڻين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org