سچل سائين جو
آفاقي پيغام
سچل سائين پنهنجي زماني جو بينظير شاعر ٿي گذريو
آهي. هن کان پوءِ اڄ تائين سنڌ ۾ اهڙو شاعر پيدا
ٿي نه سگهيو آهي. هو هڪ سالڪ مجذوب ۽ الاهي اسرار
جو عارف هو. تصوف جو ڪوبه نڪتو ناهي جنهن تي سچل
سائين پنهنجي مخصوص انداز ۾ روشني نه وڌي هجي.
هو هڪ مسلمان شاعر هجڻ جي حيثيت ۾ پنهنجي آفاقي
پيغام جا سمورا دليل قال الله ۽ قال الرسول مان
وٺي ٿو ۽ ثابت ٿو ڪري ته اهو دين آفاقي آهي، جنهن
تي ڪنهن به گروهه جي اجارهه داري ناهي. هو چوي ٿو:
”رسمن جي ڦندي ۾ ڦاسڻ بت پرستي آهي. تنهن ڪري رسمن
جا بُت ڀڃي لولاڪ جي شاهه سان عشق رکڻ گهرجي.“
(راز نامو)
سچل سائين هڪ پڪو ۽ سچو موحد هو، سندس عقيدي موجب
خدا جو تصور ملاحظه ڪيو:
”خدا ڪريم آهي. رحمان ۽ رحيم آهي. سميع ۽ بصير
آهي. هو عليم ۽ خبير آهي. هو حي و قيوم ۽ ڪارساز
آهي. جو سڀني کان بي نياز آهي. (راز نامو)
ان کان پوءِ بارگاهِه رسالت ۾ عقيدت جو اظهار هن
ريت ٿو ڪري:
”مصطفيٰﷺسرور ڪائنات آهن. ڪائنات سندن قدمن جي
هيٺان آهي. سندن راهه حق جي راهه آهي. جنهن انهي
راهه کي ڇڏيو سو گمراهي ۾ پيو.“ (رازنامو)
سچل سائين عاشق رسولﷺآهي، ليڪن سندس عشق رسمي ۽
تقليدي ناهي. هن حقائق تي نظر وجهي، ڪامل يقين سان
دين کي قبول ڪيو آهي. هو واڪا ڪري چوي ٿو:
”هي رستو خيالي ۽ تقليدي ناهي. رسول پاڪﷺجو رستو
توحيد ۽ تحقيق جو رستو آهي.“ (رازنامو)
شريعت جي مڪمل پابندي ڪرڻ کان پوءِ طريقت جا مرحلا
طئي ٿو ڪري ۽ فنا في الله جي مٿاهين منزل تي پهچي
ٿو، جتي کيس هر طرف کان وحدت نظر ٿي اچي. ان ڪري
هو ”وحدت الوجود“ جو نغمو آلاپي چوي ٿو:
”اصل ۾ وحدت هئي ۽ وحدت مان ڪثرت ظاهر ٿي، جهڙيءَ
طرح درياءُ مان حباب بڻيا، موجون آيون ۽ ڪُنن
ڪَڙڪا ڪيا. ڪمند مان ڳڙ، مٺائي، مصري ۽ نبات بڻيا،
۽ هڪ داڻي مان ڪيترائي وڻ، پن ۽ ميوا پيدا ٿيا.
ڪپهه جي ڪڪڙي جو مثال وٺو. ان مان ڪيترن قسمن جا
ڪپڙا تيار ٿين ٿا: ڪوٽ، پتلون، سلوار، اڳٺ، دستار
وغيره. اهي سڀ مثال وحدت ۽ ڪثرت جا آهن.“
(رازنامو)
ان کان پوءِ عشق جي رمزن کي هن طرح ظاهر ٿو ڪري:
”عشق هڪ بي ڪنار بحر آهي ۽ هميشه موجون ماريندو
رهي ٿو. عشق جي ابتدا ۽ انتها نه ٿيندي آهي.
نااهلن کي اها خبر ڪانهي. هن ڳالهه جي خبر فقط
عارفن کي آهي.“ (رازنامو)
”عشق خدائي رازن جو خزانو آهي. هو عاشقن کي پاڻ تي
فدا ڪندا آهي. عشق خدا جو دين آهي. عشق اهڙي شيءَ
ناهي جيڪا لکڻ ۾ اچي سگهي. دنيا ۾ عشق کان سواءِ
ٻي ڪابه حق جي راهه ناهي، جڳ ۾ عشق جي بادشاهي
آهي، ٻئي جي ناهي.“ (عشقنامو)
”عشق جي خبر ڪتابن ۽ مدرسن مان نه پوندي. ڪتابي
علم يوناني علم آهي، جنهن مان ڪجهه به حاصل نه
ٿيندو. ان ۾ فقط ”قيل قال“ آهي. وجد ۽ حال ناهي.
عاشقي کان سواءِ ٻيا علم فاسقيءَ ۾ داخل آهن. علم
يوناني کي شيطاني علم سڏڻ گهرجي ڇو جو ان ۾ مڪر ۽
فساد کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.“ (رازنامو)
سچل سائين جي عقيدي ۾ الاهي عشق جو ماخذ به
بارگاهه رسالت آهي. هو چوي ٿو ته ”عشق جو سرچشمو
سرڪارِ دوعالم جن جي ذات آهي. عاشقي جي علم کي
مصطفيٰﷺ جن آندو ۽ ان کي مرتضيٰ جي زبان ظاهر
ڪيو. ان کي فقط ”صادق اليقين“ طالب حاصل ڪري
سگهيا.“
سچل سائين انسان جي تخليق جو باعث به عشق کي ٿو
سڏي ۽ ان جي عظمت جو بيان هن ريت ٿو ڪري.
”الله پاڪ، حضرت آدم کي پنهنجي عشق مان پيدا ڪيو ۽
کيس مخلوقات ۾ اعليٰ ڪيو. پوءِ ان ۾ پنهنجو مخفي
راز سمائي کيس عشق جي امانت عطا ڪئي.“ ”جڏهن عشق
جي امانت مخلوق جي آڏو پيش ٿي تڏهن آسمانن ۽ زمينن
۾ ڪوبه اهڙو ڪونه هو، جيڪو اها امانت کڻي سگهي.
آخرڪار اهو بار انسان کنيو ۽ ”ظلوما جهولا“ جو
خطاب حاصل ڪيو.“
”ظلموما جهولا“ جي معنيٰ سچل سائين هن ريت ٿو ڪري:
”ظلم جي معنيٰ آهي پنهنجي سرڪش نفس کي مارڻ ۽ جهل
جي معنيٰ آهي خودپرستي کان پاسو ڪرڻ. هڪ الستي عهد
آهي ۽ ٻيو قالو ابليٰ جو قول.“ (عشقنامو)
سچل سائين جي خيال موجب انسان کي ڪائنات جو جوهر
بڻائي دنيا جي خلافت جو خرقو عطا ڪيو ويو، مگر هو
هتي اچي سڀ ڪجهه وساري ويٺو ۽ پنهنجي حقيقت کان
غافل ٿي ويو.
انهيءَ غفلت مان بيدار ٿيڻ لاءِ کيس خودشناسي
ڏانهن توجهه ٿو ڏياري ۽ چوي ٿو ته: ”پنهنجي هستيءَ
جي ديوار کي ٽوڙي ڇڏ. گدائي جو لباس لاهي دل جي اک
کي بيدار ڪر ۽ جسماني جامي کان ٻاهر ٿي.
(گدازنامو)
انهيءَ هستيءَ لاءِ انهيءَ هستيءَ جي جسماني حصار
کي ٽوڙڻ لاءِ اڳ ۾ تقليدي رسم رواج جي قيد مان
نڪرڻو پوندو. ان کان پوءِ تحقيق منزلون طئي ڪرڻيون
پونديون. سچل سائين وحدت جي وادي ۾ اچي ڪثرت جا
ڪوٽ ڀڃي ٿو ڇڏي ۽ حسد ۽ حق جي هيڪڙائي جو هوڪو
ڏيندي چوي ٿو:
ٻيا ڪوئي ڄاڻڻ محض گناهه، هر ڪنهن صورت آپ الله!
اکيان کول تماشا ويکين، صاحب صورت ساري هي،
ايڏون اوڏون اهوئي دلبر، چؤطرف چوڌاري هي.
انهيءَ مٿانهين منزل تي هو منصوري نعرو به هڻي ٿو
۽ چوي ٿو:
ميئن خدا خدائي اپڻي خود وچ آ پيوسي،
اي سڀ حُسن اساڏا هويا، جنهن وچ آ کڙوسي،
چارمڪان رهئي وچ ڪٿان، ڪٿ مڪان ڪيتوسي،
لامڪان مڪان اساڏا، ”سچل“ نام ڳيوسي.
منصوري نعري هڻڻ سان گڏ سچل سائين گدائي وارا
سمورا گمان توڙي ٿو ڇڏي ۽ الاهي عشق جا نغما ٿو
آلاپي:
ڇوڙ گمان گدائي والا، شملا ٻڌ چا شاهي دا،
غير خيال گذار نه دل تي، غمزه هئي گمراهي دا،
هر ڪنهن طرفون تارڪ ٿيوين، ڪم ڪرين ڪج ڪلاهي دا،
آپ سڃاڻ اناالحق آکين، ماڻين عشق الاهي دا.
سچل سائين اهڙو ڪلام صرف بيخودي جي حالت ۾ چوي ٿو.
جڏهن مٿس وجداني ڪيفيت طاري ٿئي ٿي ۽ حقيقي حال ۾
اچي ٿو تڏهن منصوري دم هڻي ”همه اوست“ جي ٻولي ٿو
ٻڌائي، مگر جڏهن هن تان حال جو غلبو هٽي ٿو ۽ سندس
موج ۽ مستيءَ جو درياهه ماٺو ٿو ٿئي تڏهن نيڪ نيتي
سان چئي ٿو ڏي: ”من نمي گويم انالحق، يار مي گويد
بگو.“ ٻئي هنڌ ٻڌائي ٿو ته:
گر به خود باشم مذاهب دار دينداري کنم،
ورنه خود بيرون شدم تا نيست برمن اين خطا.
هونئن به سچل سائين جو منصوري نعرو سندس غرور ۽
تڪبر جي ڪري نه آهي، سندس خودي ۽ ٻين جي خوديءَ ۾
وڏو فرق آهي. سندس خودي به بيخودي مان حاصل ٿئي
ٿي. هو چوي ٿو: ”هڪ ماڻهو هڪ ڏيو کڻي سج کي ڏسڻ
لڳو. کيس هڪ عارف ٻڌايو ته ڏئي سان سج کي ڏسي نه
سگهبو.
سج کي سج سان ئي ڏسي سگهجي ٿو.
پاڇو روشني کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته پاڻ فنا
ٿي ويندو.
ڪافور هوا کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ هوا ٿي ويو.
انهن مثالن کي سامهون رکي غور ڪبو ته ان کان پوءِ
ئي حق جي ذات جو مشاهدو ماڻي سگهيو.
(رازنامو)
اڳتي هلي فرعون ۽ منصور جي خوديءَ جو فرق ٿو
ٻڌائي.
”فرعون خودپرستيءَ جي بت ٽوڙڻ کان سواءِ خودي جو
نعرو هنيو. منصور پاڻ کي سراسر حق چوڻ ۾ خودنمائي
نه ڪئي. هن صرف حق نمائي ڪئي ۽ حق تي رهيو. فرعون
پنهنجي غرور واري خوديءَ سان خوار خراب ٿيو، مگر
منصور پنهنجي حق پرستي واري خودي سان قرب الاهي
حاصل ڪري ذات ۾ سمائجي ويو. (رازنامو)
مٿين مثالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سچل سائين جي
سرمستي ۽ خودي ”تخلقوا باخلاق الله“ جو پورو پورو
تفسير آهي. هو هن منزل تي عبديت جي پردي مان ٻاهر
اچي الوهيت جي رنگ ۾ رڱجي ٿو وڃي ۽ چوي ٿو ته:
سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،
وچ ميدان محبت والي، دم قدم ڌريجي،
اها تڪبير فنا في والي، پهلي پهر پڙهيجي،
مار نغارا اناالحق دا، سولي سر چڙهيجي.
معرفت جي انهيءَ منزل تي انسان جو مقام تمام بلند
ٿي ٿو وڃي ۽ سموريون ملتون مٽجي ايمان جو جزو بنجي
وڃن ٿيون.
کہ یکساں کرد بہ من کفر و اسلام،
درون بت خانہ و کعبہ مکانم۔
سچل جو مَقام مذهب جي فروعي ۽ منجهيل مسئلن کان
تمام مٿي آهي. سندس مسلڪ ۾ صوبائي عصبيت، فرقه
پرستي يا گروهه بندي جائز ناهي. هو هر صورت ۾
پنهنجي محبوب جو مشاهدو ماڻي ٿو ۽ وسيع پيماني تي
انساني برادري جي دعوت ٿو ڏئي ۽ ٻڌائي ٿو ته:
”اوهان جنهن کي بندو سڏيو ٿا، سو نه بي دين آهي نه
اسلام ۾ آهي. هو هندي، سنڌي يا شامي به ناهي. هو
نه سفر ۾ آهي ۽ نه حضر ۾. هو ته پاڻ بادشاهه آهي ۽
پنهنجي مدد به پاڻ ڪري ٿو.“
انهن مثالن مان اندازو لڳائي ٿو سگهجي ته سچل
سائين هڪ ”بينظير آفاقي“ شاعر آهي. جيڪو قدم قدم
اخوت ۽ مساوات جي تبليغ ٿو
ڪري.
(نئين زندگي تان ورتل)
ڪنڊڙيءَ جا ڪلتار
خيرپور ضلعي جي ڀرسان روهڙي تعلقي ۾ ڪنڊڙي هڪ
ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جتي روحل فقير ۽ سندس اولاد جي
عشق جا آکاڙا آهن ۽ جتي اڄ تائين پرت جا پانڌيئڙا
وڃي پنهنجي پياس پوري ڪن ٿا. هن سرزمين ۾ سچي سڪ
جا اهي سرواڻ ستل آهن، جن جي نقشِ قدم تي هلي وحدت
جا واٽهڙو پنهنجي معرفت ۽ مقصد جي منزل ماڻي سگهن
ٿا. انهن قرب جي ڪلتارن جي ايامڪاري ۾ ڪنڊڙي
خيرپور جي آزاد حڪومت جي سرحد اندر هئي تنهن ڪري
خيرپور جي ادبي جائزي وٺندي انهن جي احوال کي
درگذر ڪري نه ٿو سگهجي. ڇو ته اهي نه فقط اهلِ دل
درويش هئا پر علم ۽ ادب جا علمبردار به هئا ۽
خيرپور جي درٻار سان سندن ڪافي مراسم هئا. هتي
سندن مختصر احوال ڏجي ٿو:
(1) روحل فقير:
ميان روح الله عرف روحل فقير قوم جو زنگيجو هو ۽
سندس وڏا اصل پنجاب جي هڪ ڳوٺ لونگريه جا ويٺل هئا
جتان روحل فقير، شاهو فقير ۽ مراد فقير ڪوچ ڪري
سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ اچي رهيا. روحل فقير ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. ننڍپڻ
کان وٺي سندس دل جو لاڙو درويشن جي صحبت ڏانهن
هوندو هو. ويتر ميان غلام شاهه جي وفات وقت هڪ
دنيوي واقعي کيس ايترو ته متاثر ڪيو جو هو لوڪ جا
لاڳاپا لاهي سڀ ڪجهه ترڪ ڪري ويٺو. اهو واقعو هي
آهي ته ميان غلام شاهه حرمين شريفين مان هڪ ڪفن
آندو هو ۽ ان کي زم زم جي پاڻيءَ ۾ تر ڪري متبرڪ
سمجهي پنهنجي لاءِ رکيو هئائين، مگر سندس وفات وقت
ان جي پٽ ميان سرفراز خان اهو ڪفن پنهنجي پيءُ کي
ڏيڻ جي عيوض پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيو. دنيا جي
معاملات ۾ ايتري بيوفائي ڏسي روحل فقير حقيقي مرشد
جي تلاش ۾ نڪتو ۽ جهوڪ ميرانپور ۾ صوفين جي لڙهه
وڃي لڳو، جتي ڪافي رياضتن ۽ فقيري آزمائشن بعد
پنجويهه سالن کان پوءِ قبول پيو. ڪامل مرشد جي نظر
فيض اثر کيس قطري مان درياهه بنائي ڇڏيو پوءِ ٿورو
عرصو مرشد جي جهوڪ ۾ رهي موڪلايائين، جتان امر ٿيس
ته سندس رهڻ جي جاءِ اها ٿيندي، جتي خودبخود کيس
روڪ ٿئي. روحل فقير حسبِ ارشاد رمندو رهيو ۽
آخرڪار هڪ جاءِ تي سندس پهرياڻ هڪ ڪنڊيءَ جي وڻ ۾
اَٽڪيو ۽ مرشد جو قول ياد ڪري ان جاءِ کي پنهنجو
وٿاڻ سمجهي ويهي رهيو. فقير صاحب جي هنڌين ماڳين
هاڪ هلي وئي ۽ ڪيترا پرت جا پياسا اچي پنهنجي اُڃ
لاهڻ لڳا ۽ اهڙي طرح اتي هڪ ڳوٺ ٻڌجي ويو جنهن جو
نالو ”ڪنڊڙي“ مشهور ٿي ويو.
ان وقت مير سهراب خان جي صاحبي هئي ۽ مير صاحب پاڻ
روحل فقير جو بيحد معتقد بڻجي ويو ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جي
ڀرسان ڪوٽلي جي شهر ۾ زمينون ڏنائين جي ڪافي عرصي
تائين سندس عزيزن وسايون.
روحل فقير پنهنجي وقت جو جيد عالم هو، عربي ۽
فارسيءَ سان گڏ هندي زبان تي به ڪمال دسترس هيس،
سنڌي ۽ سرائڪي سان گڏ هنديءَ ۾ به سندس ڪافي
تصنيفون آهن، جن مان (1) من پرٻوڌ (2) پريم گيان
(3) ”انڀو“ مشهور ۽ تصوف جي نڪتن سان ڀرپور آهن.
تذڪره لطفيءَ جي حوالي موجب سنڌ جو ڪوبه شاعر ساڻس
هنديءَ ۾ مقابلو ڪري نه ٿو سگهي ۽ کيس فريد ۽ ملڪ
جانسي جي دفعي ۾ آڻي ٿو سگهجي. سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾
سندس هڪ بياض آهي. جنهن کي ”گنج“ جي نالي سان سڏيو
وڃي ٿو، جنهن ۾ سندس غزل، ڪافيون، ڏوهيڙا ۽ سي
حرفيون آهن، جن جي مطالعي مان اندازو لڳائي ٿو
سگهجي ته هو هڪ بي نظير صوفي شاعر ٿي گذريو آهي ۽
سنڌ جي ڪنهن به چوٽيءَ جي شاعر کان گهٽ ناهي.
نموني طور سندس ٻه ٽي ڏوهيڙا ڏجن ٿا:
(1) |
نه مون جن نه ڪن، اچي عشق اٿاريم اوچتو.
روحل چوي روح ۾، محبت محبوبن.
سيئي سڄڻ آئيا، تات جني جي تن.
جيءَ جڙ لڳي جن، سائين ميڙيا سپرين.
|
(2) |
جن کي عشق اندر ۾، تن کي اُڃ نه بک.
وحدت منجهه وصال جي، ٿا سدا ماڻن سک.
ڏور تنين کئون ڏک، جي روحل رتا روح ۾.
|
(3) |
پنهنجيون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن.
سي سئو ڀيرا ساعت ۾، ٿا پلپل پرين پسن.
تن تحصيلون تمام ڪيون، محبت جن جي من.
روحن مٿان تن، لٿا حرف حساب جا. |
(2) مراد فقير:
مراد فقير ڪنڊڙي جي ڪلتارن جو ٻيو نمائندو آهي جو
روحل فقير جو عزيز ۽ سالو به هو ۽ پنجاب مان ڪوچ
ڪرڻ وقت روحل فقير سان ڪٺو هو. روحاني فيض روحل
فقير وٽان حاصل ڪيائين. فقيري خواهه شاعريءَ ۾
پنهنجي مرشد ۽ استاد کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه
هو. ڪجهه وقت ڪنڊڙيءَ ۾ رهي عمر جو آخري حصو ميرن
کان مليل زمينن تي ڪوٽليءَ جي شهر ۾ اچي گذاريائين
جتي سندس ابدي آرامگاهه آهي. اڄ به ڪوٽليءَ ۾ مراد
فقير جي درگاهه جي ڀرسان زنگيجن جو ڦٽل کوهه موجود
آهي. هتي مراد فقير کي هڪ سيد ڪافي ستايو ۽ مريدن
جي مدد سان فقيرن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ لڳو؛ جنهن
تي فقير صاحب ساڻس مقابلو ڪرڻ چاهيو مگر روحل فقير
کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو. مراد فقير صبر ۾ رهي ستت ئي
وفات ڪري ويو. سندس عمر ستونجاهه اٺونجاهه سال جي
لڳ ڀڳ هئي. وقت جا مير سندس ڪافي معتقد هوندا هئا،
جن جي پنهنجي شعر ۾ ساراهه ڪئي اٿس.
مراد فقير پنهنجي دور جو وڏو شاعر هو. فارسيءَ ۾
سندس مڪمل ديوان موجود آهي، سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ۾
به ڪافي ڪلام چيائين جو روحل فقير جي ڪلام کان
ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ناهي. سندس ڪلام تصوف جي موتين
سان مالامال آهي. تصوف جي سمجهاڻين سان گڏ اخلاقي
تعليم تي به ڪيتريون ئي رس ڀريون رمزون ڏيکاري ويو
آهي. مراد فقير پنهنجي پٺيان هڪ پٽ حيات فقير ڇڏي
ويو. جو پڻ شاعر ٿي گذريو آهي. فقير صاحب جي ڪلام
جو نمونو:-
(1) |
حاجي مڪي هليا عاشق عرش وڃن.
هو سڃ پسي سرها، هو حج حضور پڙهن.
هنن تن من طواف ڪيو، هو ڀورا ڀت ڀڃن.
سي انڌا ساڻ سڄڻ، ڪيئن موافق مراد چئي.
|
(2) |
تن پرين، من پرين، چت پرين دل يار،
اندر ٻاهر سپرين وٿ نه آهي وار،
اکين منجهه مراد چوي، ڪونه قريبن ڌار،
جاڏي ڪريان نهار، تاڏي سڄڻ سامهون. |
(3) |
ڪهڻي ڪهي سڀڪو پر وهڻي ڪين رهن،
ذات نه پر جهن پانهنجي، ٿا ٻڌيو بات بڪن،
سي من ميرا مراد چئي، لڪا ڪين لڪن،
توڙي ڪوڙين مڪر ڪن، ته به پارين آهن پڌرا. |
(3) شاهو فقير:
روحل فقير جي وفات بعد سندس وڏو پٽ شاهو فقير
مسندنشين ٿيو، هي به پنهنجن وڏن وانگر هڪ الله
وارو ۽ زندهه دل درويش ٿي گذريو آهي. فقيراڻي
سلسلي ۾ پنهنجي والد ماجد جو مريد هو. سندس اخلاق
نهايت شاهاڻا هئا ۽ هميشھ صبر و رضا تي راضي رهندو
هو. پنهنجي سڄي حياتي ۾ ڪنهن سان به ڪشيده خاطر نه
ٿيو ۽ نه وري ڪنهن سان ڪنهن قسم جي ڪاوڙ يا غصي جو
اظهار ڪيائين. وقت جي ميرن سان سندس سهڻا تعلقات
رهندا آيا ۽ انهن وٽان سندس لنگر جي خرچ لاءِ ڪافي
نذرانا ۽ پروانا ملندا هئا.
شاهو فقير پنهنجي زماني جو هڪ عمدو شاعر ٿي گذريو
آهي. مگر چون ٿا ته پنهنجي ڪلام جو ڪافي حصو
درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيائين باقي ٿورو شعر جيڪو ملي
ٿو سو معنيٰ ۽ خيال کان اعليٰ آهي. ڪن تذڪره نگارن
لکيو آهي ته هو لاولد فوت ٿيو، مگر اها ڳالهه غلط
آهي، ڇو ته کيس ٻه فرزند ڪرم علي فقير ۽ نظر علي
فقير هئا. سندس ڪلام جو نمونو ڏسو:
(1) |
پنهنجي اکين پاڻ ۾، ليئو پاتو جن،
ويهڻ تن کي وهه ٿيو نڪي سک سمهن،
اٺئي پهر عجيب سان، ويٺا اورڻ ڪن،
”شاهو“ منجهئون تن، اچي بوءِ بهار جي.
|
(2) |
اچي بوءِ بهار جي، پرين پاڻ پسايو،
وئي وڇوڙي راتڙي، اڱڻ سو آيو،
سو لڌو لامڪان مان، گر روحل بنايو،
”شاهو“ سمايو، پاڻ پنهن جو پاڻ ۾. |
(4) غلام علي فقير:
روحل فقير جو ٻيو نمبر پٽ غلام علي فقير پنهنجي
ڀاءُ شاهو فقير جي وفات بعد فقيريءَ جي گاديءَ تي
ويٺو ۽ پنهنجي وڏن جي نقشِ قدم تي هلندو رهيو. هو
هڪ وڏو دل وارو درويش ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. ڪافيءَ
جي صنف ۾ ڪمال ڏيکاري ويو آهي. سندس هرهڪ ڪافي
تصوف جي رنگ ۾ رتل آهي جنهن ۾ جوش ۽ روانيءَ سان
گڏ سچي سڪ وارو سوز به سمايل نظر ايندو. هو فقيري
سلسلي ۾ پنهنجي پيءُ جو مريد هو، مگر پنهنجي وڏي
ڀاءُ جو به مرشد جيترو ادب رکندو هو. اهڙو اظهار
جتي ڪٿي پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو اٿس. کيس هڪ فرزند روحل
ثاني ڄائو. جو هن کان پوءِ سندس جانشين ٿيو. ڪن
تذڪرن ۾ سندس ٻه فرزند ڏيکاريل آهن. اها هڪ تاريخي
غلطي آهي. کيس هڪ پٽ روحل ثاني هو ۽ نواب شاهه
سندس پوٽي جو نالو هو. غلام علي فقير 1839ع ۾
گذاري ويو. سندس ڪلام تمام گهڻو نه آهي، مگر جو
ڪجهه آهي سو محبت جي موڙي ۽ ادبي سوغات آهي. نموني
طور سندس هڪ ڪافي مطالع ڪيو:
هادي والا نڪتا هڪو
اندر ٻاهر سهڻا سائين
ڄاڻين تان تون آپ سڃاڻين،
حسن اسان تي حملا ڪيتا،
ڪل فقير ڪون سجدا ڪيتم، |
صحيح ڪرين تون سارا،
نرمل نور نظارا،
ٻيا سڀ ڪوڙ پسارا،
نينهن مريندا نعرا،
شاهو شاهه همارا، |
غلام علي تون ظاهر باطن،
ماريــــن نينهن نقـــــارا.
(5) خدا بخش فقير:
روحل فقير جو ٽيون پٽ خدا بخش فقير پڻ هڪ وڏو
درويش ٿي گذريو آهي. روحل فقير جي گادي غلام علي
فقير جي اولاد ۾ هلي وئي ۽ ٻين وڏن ڀائرن وانگر
خدا بخش فقير ۽ دريا خان ٻئي مراد فقير جا ڀاڻيجا
هئا. هي فقير به پنهنجن وڏن جي پيروي ڪري سال
1843ع ۾ انتقال ڪري ويو. سندس شعر تمام ٿورو آهي.
سرائڪي زبان ۾ سندس سي حرفي مان هڪ بند پيش ڪجي
ٿو:
الف الله دي ذات اصل هــﻶ، رنگ نه ڪو بيرنگي،
ڪن فيڪون وچون جڳ جوڙيس بيرنگي تان رنگي،
ڪٿان ايراني، ڪٿان عراقي، ڪٿ رومي ڪٿ زنگي،
خدا بخش هڪا حق ڪنون اسان محبت منگي.
(6) دريا خان:
روحل فقير جي فرزندن مان دريا خان ننڍي ۾ ننڍو ۽
چوٿون شاعر ٿي گذريو آهي. هو مراد فقير جو ڀاڻيجو
هو. روحل ۽ مراد کان پوءِ سندس شاعري جو درجو تمام
بلند آهي. هن فقيريءَ جو فيض پنهنجي پيءُ ۽ مامي
ٻنهي کان ورتو، نه فقط ايترو، مگر نوشهري جي مشهور
۽ معروف بزرگ مخدوم عبدالحي کان به فيض ورتو
هئائين. هو الاهي عشق ۽ نينهن جي نشي ۾ ايترو ته
محو ۽ مستغرق هوندو هو جو کيس سڏيندا ئي دولهه
دريا خان هئا هو ننڍوئي هو جو روحل فقير ۽ مراد
فقير خاڪي جامو مٽائي چڪا هئا. تنهنڪري سندس تربيت
سندس وڏن چئن ڀائرن جي هٿ هيٺ ٿي ۽ فقير غلام علي
جي مٿس ڪافي نظر رهي. هن سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ۾
ڪافي ڪلام چيو آهي. سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ سندس ڪافيون
۽ دوهيڙا سچي سڪ ۽ حقيقي عشق جو آئينو ڏيکاريندڙ
آهن. منجهن سوز ۽ ساز ايترو آهي جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ
جي دل مان آهه! آهه!! سان گڏ واهه! واهه!! جون
صدائون بي ساخته نڪري اينديون. هنديءَ ۾ به هو هڪ
مهاڪوي نظر ايندو. مطلب ته هو پنهنجي وقت جو هڪ
وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ سندس ڪلام اڄ به سنڌ جي
محفلن ۾ سڪ سان آلاپيو ويندو آهي. نموني طور سندس
هڪ ڪافي پيش ڪجي ٿي:
منجهه وجود شهود شعاع ڪيو، اوندهه جو اسباب ويو.
اڀريو سج حقيقت وارو تارن جو سڀ تاب ويو،
عشق زليخا يوسف کي نئي منجهه مصر بي آب ڪيو،
عبديت جو ڀول ڀڳو جڏهه رخ اتون نقاب ويو،
عاشق عشق ۾ شاهه شهيدان ڪهڙو ڏوهه ثواب ڪيو،
صوفي صاف ٿيو سر ڏيئي بحر ۾ رلجي حباب ويو،
عاشق ڪن تا عشق مطالع بي تي وارو باب ويو،
دريا خان بيدار هتان هي خوف ورجا جو خواب ويو.
(وکريل موتي تان ورتل)
سچل سائين
کي منظوم ڀيٽا
سچل سرمست
هند ۾ آئي جڏهن بي اتفاقي جي بلا،
پاڻ ۾ پنهنجا لڙي ٿيا جا بجا جاني جدا.
رسم جي پيري ريا واري بزرگيءَ جي رواج،
چوٽ تي چاڙهي ڇڏيو بيڪار ماڻهن جو مزاج.
خانداني بغض ۽ قومي رقابت رڻ ڪيو،
هيڪڙائي ختم ٿي هر جا ٻيائي ٻک وڌو.
مولوين ۽ ٻانڀڻن پيدا ڪيا دنگا فساد،
پاڻ ۾ هندن مسلمانن وڃايو اعتماد.
بس انهيءَ ماحول ۾ ٿي زندگي زارو نزار،
ملڪ ۾ ملت جي شيرازهه ۾ آيو انتشار.
وجهه وٺي وڻجار ٿي آيا فرنگي ديس ۾،
روپ بدلائي بگهڙ آيا رڍن جي ويس ۾.
رنگ بدليندڙ سندن هر چال هئي سانڊي مثال،
ويا وڪوڙي ملڪ کي شيطان جي آنڊي مثال.
مڪر سان مهراڻ جون موجون تپاسيندا رهيا،
سنڌ جي سرحد ۾ هو ايندا رهيا ويندا رهيا.
صرف هڪڙي مرد موليٰ جي اشارن ۾ چيو،
وائڙا ويساهه غيرن تي اوهان ڇو ٿا ڪيو.
دور دوئي کي ڪيو وحدت ۾ سڀ هڪ ٿي وڃو،
اتحاد باهمي سان ڪوٽ ڪثرت جو ڀڃو.
مذهبن جا معرڪا ۽ خانداني خر خسا،
سڀ ٺڳيءَ جا ٺاهه آهن ڪفر جا ڪوڙا قصا.
پنهنجي حالت کي سڌاريو سوچ ۽ ويچار سان،
پاڻ ۾ گڏجي رهو آزادگي ۽ پيار سان.
ڪير هو درويش هي جنهن درس آزادي ڏنو،
قوم کي بروقت ئي آگاهه خطري کان ڪيو.
هڪ صدي اقبال کان اڳ جنهن جي اک بيدار ٿي،
بي خودي ۾ جنهن خودي جي رمز ڏيکاري ڇڏي.
فلسفي يونان جي کي علم شيطاني سڏيو،
معرفت جي علم کي جنهن علم رحماني سڏيو.
جنهن فقيريءَ ۾ گدائيءَ جو گمان ٽوڙي ڇڏيو،
معرفت جي ماڳ ۽ شاهيءَ جو شملو جنهن ٻڌو.
هر ريا واري تقدس کي ملائي خاڪ ۾،
جنهن اُڏايو فڪر پنهنجي کي مٿي افلاڪ ۾.
سو سچل سرمست صوفي سنڌ جو سردار هو،
وقت جو منصور بيشڪ مرد منصبدار هو.
سربسر ثابت ڪيو جنهن حق جي وحدت جو وجود،
جنهن صفا ٽوڙي ڇڏيو باطل جي اسمن جو نمود.
(1968ع)
(’حامي جو ڪلام‘ تان ورتل)
اي سچل سائين
اي سچل سرمست سائين اي ولي الله جا،
دانهن ٻڌ دل سان اسان جي دادلا درگاهه جا.
تو ڏنو پيارا اسان کي پارسائي جو سبق،
ايڪتا جو پيار جو دل جي صفائي جو سبق.
جوءِ تي جوءِ کي سڀ ڪجهه لٽائڻ جو سبق،
پنهنجي ننگن جي مٿان سر جي ڪٽائڻ جو سبق.
هڪ صدي اقبال کان اڳ تو خودي جو ڏس ڏنو.
عشق الفت جو حقيقي زندگي جو ڏس ڏنو.
تو چيو نعرو هڻي شاهي جو شملو سڀ ٻڌو،
پاڻ ۾ گڏجي گدائي جي گمانن کان بچو.
تو ڏنو هر دم سچا سائين سبق سڪ جو سچو،
پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃو ڌارين جي ڌاڙي کان بچو.
هاءِ سڀني کان اهو تنهنجو سبق وسري ويو،
ڌار هڪٻئي کان برابر يار هر هڪ ٿي ويو.
بغض ڪيني ۽ حسد آندو اسان خاطر عذاب،
خانه جنگي ۾ اسان جو ٿي ويو خانو خراب.
شير هئا جيڪي اُهي ڀي اڄ گدڙ بڻجي ويا،
پنهنجي هستي کي وڃائي پاڻ پستي ۾ پيا.
حق ڇڏي ناحق تي سندرو سڪ ٻڌي بيهي رهيا،
پنهنجي غيرت کي وڃائي غير جا ساٿي ٿيا.
آسرو جن تي هيو ساٿي بڻيا سي غير جا،
سر جهڪائڻ
سان گذارن ٿا ڏهاڙا خير جا.
قرب ڪامورن ڇڏيو ونٽي وڏيرا ٿي ويا،
پير مرشد ڀي اسان جي ڀر ڇڏي بزدل ٿيا.
جسم جا آزاد آهيون پر ضميرن جا غلام،
اهڙي حالت ۾ اسان جي زندگي آهي حرام.
سڀ ڪي لٽبو ٿو رهي ڏسندا رهون ٿا رات ڏينهن،
نڪ وڍائي ڀي اسان جيئندا رهون ٿا رات ڏينهن.
اي سچا سائين اسان لئي گهُر دعا الله کان،
ياد تو وارو سبق ٿئي فضل سان احسان سان.
دين ۽ ايمان تازو ٿي وڃي هر حال ۾،
پاڻ هڪ جهڙا هجون سڀ حال قال ۾.
جو به اک ميري ڪري ”حامي“ اسان جي ملڪ ڏي،
ٻئي اکيون ان جون ڪڍي ماري ڇڏيون مردود کي.
(جولاءِ 1981ع)
(’حامي جو ڪلام‘ تان ورتل)
|