سيڪشن: اشاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو آفاقي پيغام

باب:

صفحو:3 

چون ٿا ته خواجه محمد حافظ جي چله ڪشي واري زماني ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي درازن ۾ آيو هو ۽ جنهن غار ۾ خواجه صاحب معتڪف هيو ان جي مٿان بيهي چيائين ته ”هتي پڪل گدري جي بوءِ ٿي اچي“ پوءِ اندر وڃي خواجه صاحب سان ملاقات ڪيائين ۽ چيائين ته ”يار کي لڪائڻ نه گهرجي“ ساڻس روحاني رهاڻيون ڪري کيس ٻاهر لوڙهي ۾ آندائين. انهيءَ ڀيري شاهه صاحب جي ملاقات خواجه محمد حافظ جي خليفي ميان چنيهي فقير سان ٿي هئي ۽ کهڙن جي ٻاهران چنيهي فقير جي کوهه تي به ويو هيو جتي کهڙن جي مخدومن سان ملاقاتيون ڪيون هيائين.

خواجه محمد حافظ وڏو فيض وارو فقير ٿي گذريو آهي، سندس نظر اثر ڪيميا ڪيترن ئي سڪ وارن سالڪن کي رڱي ريٽو ڪري ڇڏيو جن مان موليڏني فقير ۽ چنيهه فقير جا نالا قابل ذڪر آهن.

خواجه صاحب ايڪانوي سال مٽيءَ جي ملڪ جو سير ڪري سنه 1192هه/1788ع ۾ ابدي وصال ماڻيو، کيس ٻه فرزند هئا. هڪ ميان صلاح الدين ٻيو ميان عبدالحق.

هو هڪ بينظير عالم ۽ باڪمال بزرگ هجڻ سان گڏ پنهنجي زماني جو هڪ وڏو شاعر به هيو ۽ شعر ۾ ڪٿي صاحبڏنو ۽ ڪٿي حافظ نالو آندو اٿس. قادري سلسلي ۾ هجڻ سان گڏ چشتيه طريقه سان به چاهه رکڻ ڪري راڳ جي رهاڻ سان رس وٺندو هيو ۽ راڳ ۾ شاعري ذريعي وحدت الوجود جو پرچار ڪندو هو، سندس ڪلام اسلامي اخوت ۽ مساوات جو آئينه دار آهي، جنهن ۾ ذات پات جي ڀيد ۽ فرقه پرستي جي بو به ڪانهي. سنڌ جي هڪ وڏي عارف پير محمد راشد روضي ڌڻي جي ملفوظات ۽ بيدل فقير روهڙي واري جي سندالموحدين ۾ سندس ڪلام کي سند طور ڪم آندو ويو آهي، نموني طور، سندس ٻه چار بيت هيٺ ڏجن ٿا:

(1)

ڪن جو نينهن نهر سين، ڪن دٻايا درياهه،

صاحبڏني جي ساهه، سارو سمنڊ سمائيو.

(2)

ڪي ٻڌڻ سان ٻٽجي ويا، ڪي چريا منجهه چاهه،

صاحبڏني جي ساهه، سارا ورق ورائيا.

(3)

پاڻ پنهنجو پاڻ ۾ جن پسيو نا پيهي،

صاحبڏنه صورت جي ڪل تنين ڪيهي،

تن وهامي ويئي، چپ چٽيندي راتڙي.

(4)

فڪر ڦرهي جن، اٺئي پهر مراقبو،

دلين جي درياهه ۾ ٽٻي ڏني تن،

سي ٿا لقاءَ پسن، ننڊ عبادت تن جي.

(5)

ننڊ ته ناز پرين جو، جاڳڻ سڀ جنجال،

صحيح ڪر صاحبڏنو چوي هاديء وارو حال،

خاصو رکين خيال، ته سمهڻ مان ئي سڌ لهين.

2- ميان عبدالحق

ميان عبدالحق، خواجه محمد حافظ درازيءَ جو ننڍو فرزند ۽ سچل سائين جو چاچو ۽ مرشد سنه 1120هه/1708ع ۾ هن مٽيءَ جي ملڪ تي آيو ۽ پنهنجي والد بزرگوار جي وفات بعد 1192هه/1788ع ۾ خلافت نشين ٿيو، هو پنهنجي زماني جو هڪ وڏو عارف ۽ جيد عالم ٿي گذريو آهي. سندس ديني فتويٰ کي حرف آخر ڪري ڄاتو ويندو هو، ڪيترائي روحانيت جي فيض جا پياسا ڏورانهن ڏيهن تان پنڌ ڪري، وٽس اچي پنهنجي پياس  پوري ڪندا هيا، سچل سرمست وٽ جيڪڏهن ڪو به ماڻهو مريد ٿيڻ ويندو هو ته کيس پنهنجي مرشد ميان عبدالحق ڏانهن رجوع ڪندو هو ۽ سندس گهڻي عزت رکندو هو. ”رازنامه“ ۾ سندس تعريف ڪندي چئي ٿو ڏئي ته:

”مدح او از ما نمي گردد تمام

هر چه گفتم آن بود بس والسلام.“

ميان عبدالحق، دنيا کان بي نياز رهي حقيقت ۽ معرفت جو ملڪ وسائي، آخرڪار سنه 1213هه1798ع برقعو مٽايو، کيس پنج پٽ هيا جي پڻ وڏا درويش ٿي گذريا آهن، سندن نالا مبارڪ هي آهن: 1. سخي قبول محمد، 2. زين العابدين، 3. دين محمد، 4. ولي محمد، 5. خداداد.

پاڻ ڪڏهن ڪڏهن سالڪن کي پنهنجي سلوڪ جا سبق سمجهائيندي، في البديهه شعر به چئي ويندو هو، شعر ۾ ڪٿي پنهنجو سڄو نالو ۽ ڪٿي پنهنجو تخلص ”خاڪي“ آندو اٿس، سنڌيءَ ۽ فارسي ۾ ڪيتريون ئي مداحون چيون اٿس، ڪڏهن ڪڏهن غزل جي زمين ۾ به طبع آزمائي ڪري همه اوست جو سُر آلاپيو اٿس. انتخاب طور، سندس هڪ نظم جا ڪجهه اشعار پيش ڪجن ٿا:

ھر چہ بینی ز فوق تا عرش علا

ھستی ز اوست تا بہ تحت ثرا

ماھی از آب زندگی دارد

لیکہ او غافل است از دریا

غیر حق نیست ھیچ کس موجود

ھم عالم ازو شدہ برپا

جلوۂ لا الہ الا اللہ

بینی از دیدہ دل چون یافت صفا

نیست اشیاء بجز معیت حق

غیر خورشید روشنی ز کجا

مظھر اُوست ھرچہ می بینی

کس نمی داند این بجز دانا

در دوئی صرف عمر چہ کنی

شرک را دفعہ کن شوی یکتا

3- سخي قبول محمد

ميان عبدالحق کان پوءِ سندس وڏو فرزند سخي قبول محمد 
مسند نشين ٿيو، هو سنه 1181هه/1767ع ۾ ڄائو هو، هو هڪ وڏو پرهيزگار متقي ۽ متوڪل درويش ٿي گذريو آهي، جيڪي هٿ ايندو هيس سو في سبيل الله ڏئي ڇڏيندو هو. تنهن ڪري کيس هر ڪو سخي جي نالي سان پڪاريندو هو. سنه 1245هه/1829ع ۾ وفات ڪيائين، کيس ڇهه فرزند هئا: 1- خواجه نظر محمد، 2- خواجه محمد حافظ، 3- خواجه محمد سعيد، 4- خواجه سرور علي، 5- خواجه موجود علي، 6- خواجه محمد غوث.

سخي قبول محمد توڙي سندس وڏا هميشه پنهنجي درگاهه تي معتڪف ٿي رهندا هئا. سڄي حياتي درگاهه کان ٻاهر پير نه پاتائون ٻاهر جو ڪم ڪار. سڏ صلح ۽ درگاهه جو ڪاروبار سندن خليفي سچل سرمست جي حوالي هوندو هو. هو هڪ ڀلاري بزرگ هجڻ سان گڏ هڪ وڏو عالم ۽ شاعر به هو(1) ۽ ڪڏهن ڪڏهن مريدن کي سلوڪ جو رستو سمجهائيندي في البديهه شعر به چئي ويندو هو.(2) روهڙي جي مشهور درويش حضرت بيدل پنهنجي ڪتاب ”سند الموحدين“ ۾ سندن هي شعر ڏنو آهي:

جامن تي جامان، پرين پهري آئيو،

کامان ڙي کامان ڪيڏو لڪ ڪريم ڪيو.

4- خواجه نظر محمد

سخي قبول محمد بعد سندس فرزند خواجه نظر محمد خلافت تي ويٺو، سندس ولادت سنه 1201هه ۽ وصال سنه 1252هه ۾ ٿيو، کيس ٻه صاحبزادا هيا، هڪ خواجه نجم الدين ٻيو خواجه محمد غوث.

5- خواجه نجم الدين

سندس ولادت سنه 1239هه ۾ ٿي، تيرهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي پيءَ جو  جانشين ٿيو، نهايت سخي مرد ٿي گذريو آهي، حد کان وڌيڪ حسين هجڻ ڪري کيس يوسف ثاني ڪري سڏيندا هئا، سنه 1272هه ۾ انتقال ڪيائين.

6- سخي قبول محمد ثاني

خواجه نجم الدين کان پوءِ سندس فرزند قبول محمد ثاني مسند نشين ٿيو، هي به سخي قبول محمد اول وانگر سخي هو، تنهنڪري کيس سخي ثاني سڏيندا هيا، سخي قبول محمد ثاني ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هيو، نمونه طور سندس ٻه ڪافيون ڏجن ٿيون:

ڪافي-1

مون کي اوهان سان دلبر آهي رهائڻي، ڏکيو ڪيو سکيو ڪو آهي نباهڻي

 

1. اميد ڪري آيس تو نااميد ڪيڙو

     مون کي اوهان جي نينهن جي آهي ڳالهه ڳائڻي.

2. ڪيل قول وعدا پاڙيو ڪين پنهنجا،

     مون کي اوهان جي عشق جي آهي واري وسائڻي.

3. قبول محمد قرب ڪٺا اکڙين جي اشاري،

     اهڙي نه گهرجي هر هر ڪاتي وهائڻي.

 

ڪافي-2

ديد دلبر جي ڪيا ايڏا انڌير نوان نوان

چشم جي زلفل چٽيا سيني تي نير نوان نوان.

 

1. ڌار ڪجل جي پائي ڪئي محب منشا ڪوس جي

قتل ويري قاتل ڏنا ڪاتي کي ڇير نوان نوان.

2. انتظاري آ عجيبن جي اچڻ جي تن ۾ تار

روز راهان ٿي واجهايان گهٽيون ۽ گهير نوان نوان.

3. اڱڻ آءُ قبول جي محب ڪو لائق ڪري

قرب وارا کڻ قدم تون پرتئون پير نوان نوان.

 

7- ميان صاحبڏنو ثاني

سخي قبول محمد ثاني کان پوءِ سندس فرزند ميان صاحبڏنو ثاني فقيري جي گادي تي ويٺو. سندس ولادت جو سال 1307هه/1889ع ۽ وفات جو سال 1350هه/1932ع آهي(3).

8- ميان قبول محمد ثالث

ميان صاحبڏني ثاني کان پوءِ ميان قبول محمد ثالث مسند نشين ٿيو. سندس ولادت 1332هه /1913ع ٿي ۽ وفات 1371هه/ 1951ع ۾ ڪيائين. هيءُ به پنهنجن وڏن جون سڪون لاهي ويو.(4)

9- ميان عبدالحق ثاني

هن وقت ميان عبدالحق ثاني سجاده نشين آهي. سندس تاجپوشي 25- فيبروري 1952ع تي ٿي هئي. ميان صاحب هڪ زنده دل درويش آهي. ڪڏهن ڪڏهن جذب ۽ مستيءَ جي حالت ۾ رهندو آهي. سخي مرد آهي ۽ پاڻ وٽ ڪجهه به سانڍي نه رکندو آهي.

10- سچل سرمست

خيرپور جي بادشاهِه سخن، سچل سائين جو اسم گرامي عبدالوهاب هيو ۽ ميان صاحبڏني جي وڏي فرزند ميان صلاح الدين جو پٽ هيو. سندس پير و مرشد خواجه عبدالحق کيس ننڍي هوندي ئي سچل ۽ سچو ڪري ڪوٺيندو هو. تنهن ڪري کيس اهو نالو ڏاڍو پسند ۽ پيارو هو ۽ پنهنجي سنڌي خواهه سرائڪي ۽ هندي ڪلام ۾ انهيءَ نالي کي تخلص طور ڪم آندائين.

فارسيءَ ۾ سندس تخلص اول ”خدائي“ ۽ پوءِ ”آشڪار“ هيو، سندس ولادت باسعادت سنه 1152هه مطابق 1739ع ۾ ٿي، کيس هڪ آخوند، حافظ عبدالله وٽ تعليم لاءِ ويهاريو ويو، چوڏهن سالن جي عمر ۾ فارسي ۽ عربي علوم ۾ تحصيل حاصل ڪيائين ۽ قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتائين. پوءِ شيخ محي الدين ابن عربي، مولانا روم، فريدالدين عطار ۽ ٻين ڪيترن صوفي بزرگن جي تصنيفات جو مطالعو ڪري پنهنجي مرشد وٽان روحاني مرحلا طئي ڪيائين. وقت جي حاڪمن وٽ ڪافي اثر ۽ رسوخ هيس. ڪيترن ئي پرت جي پانڌيئڙن کي معرفت جي منزل تي پهچائي تاريخ 14- رمضان 1242هه مطابق 1829ع ۾ انتقال فرمايائين. سچل بادشاهه هڪ وڏو عارف ۽ 
بين الاقوامي شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف وائي ايجاد ڪئي ۽ صاحبڏني فقير انهيءَ وائي کي ڪافي جو رنگ ڏنو، سچل سائين وري انهيءَ ڪافي کي موسيقي جي مختلف سُرن ۾ آڻي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ۽ مقبول عام راهه کولي ڇڏي، سنڌي ۽ سرائڪي ڏوهيڙي کي به عروج تي پهچايائين. سندس سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي شعر جو تخمينو ڪبو ته مرزا علي قلي بيگ جي تحقيق موجب نو لک ڇٽيهه هزار ڇهه سؤ ۽ ڇهه بيت ٿيندا.

اڄ ڏينهن تائين سندس هيٺيون ڪلام شايع ٿي چڪو آهي، 1- ديوان آشڪار؛ فارسي، جيڪو اول مير علي مراد خان ۽ پوءِ آغا غلام نبي خان ”صوفي“ شايع ڪرايو، ٻيو مرزا علي قلي بيگ، سچل سائين جو رسالو ٻن جلدن ۾ شايع ڪرايو. جن مان پهرئين جلد ۾ 1340 ڪافيون آهن ۽ ٻئي جلد ۾ سنڌي بيت پنجابي دوهڙا ۽ سي حرفيون آهن، ان کان پوءِ آغا غلام نبي خان ”صوفي“، ”سچل سرمست“ شايع ڪرايو جنهن ۾ سنڌي ۽ سرائڪي بيتن سان گڏ اردو ۽ فارسي ڪلام جو انتخاب به ڏنل آهي، تازو سردار بهادر محمد بخش خان مرحوم جي ڪوشش سان ديوان آشڪار از سر نو ڇپرايو ويو آهي، هندوستان مان نماڻي فقير ڪافين جو ڪافي ذخيرو ڇپرايو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جناب عثمان علي انصاري کان تبصرو لکرائي سچل سائين جو سنڌي ڪلام شايع ڪرايو آهي، سچل سائين جون ٻيون تصنيفون اڃا تائين شايع نه ٿيون آهن، سندس غير مطبوعه تصنيفات هي آهن: 1. بي انداز سنڌي، سرائڪي دوهڙا ۽ ڪافيون، 2. مرثيا، 3. جهولڻا، 4. مثنوي قتل نامه، 5. مثنوي رهبرنامه، 6. رازنامه، 7. گداز نامه، 8. مثنوي تار نامه، 9. ساقي نامه.

پونئين ٻنهي تصنيفن جو منظوم ترجمو راقم الحروف ڪيو آهي جو سماهي رساله مهراڻ ۾ شايع ٿي چڪو آهي.

سچل سرمست پنهنجي زماني جو هڪ بينظير شاعر ٿي گذريو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين کانئس پوءِ سنڌ سندس درجي جو شاعر پيدا ڪري نه سگهي آهي. هو هڪ مجذوب، سالڪ ۽ الاهي اسرار جو عارف هو، علامه دائودپوٽي جي لفظن ۾ سندس ڪلام عين بيباڪي جو 
آئينو آهي ۽ منجهانس رندي ۽ مستي پئي بَکي، ائين پيو ڀانئجي ته گويا وجد ۾ اچي نچندي شعر چيو اٿس ۽ ذوق سان پڙهندڙن جي دل تي به اهڙي ئي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي، تصوف جو ڪو اهڙو نُڪتو ڪونهي جو سچل سرمست نروار نه ڪيو هجي. هو ٻڌائي ٿو ته هي جهان اصل عدم جي اوڙاهه ۾ هيو مگر جڏهن ذات اِلاهي پنهنجي صفات جي مظهر کي ظاهر ڪرڻ چاهيو تڏهن ڪُن جي اشاري سان ڪائنات جو ڪتاب جڙي راس ٿي پيو ۽ هي سموري هنگامه آرائي نيستي مان نڪري نروار ٿيل هستي واري نئين چيز مان پيدا ٿي پئي، سچل سائين اهو سمورو مضمون هيٺين ٻن سٽن ۾ هن طرح ادا ٿو ڪري.

”زنا چيزي شده يک چيز پيدا،

که اُو در هر دو عالم شد هويدا.“

وري جڏهن وحدت جي وادي ۾ اها ڪثرت جي ڪچهري لڳي تڏهن هن ساري ڪچهري جو مير مجلس ۽ روح روان حضرت انسان کي ئي قرار ڏنو ويو ۽ تخليق جو سمورو راز اُن جي سيني ۾ سمايو ويو.

نه ديدم سر از انسان بيرون

همه ملک خدا گر ديده ام

 

صورت سڀ انسان جي اٿي عشق اصل

خلق الله آدم عليٰ صورته جزو تهڙو ڪل

 

الانسان سري وانا سره سچ سچل پيو سل

ڀول نه ٻئي تون ڀل هُتي هتي هڪ ٿي.

 

انسان کي ڪائنات جو جوهر ۽ اشرف المخلوقات بڻائي ساري خدائي جي خلافت جون واڳون سونپيون ويون مگر انسان وري ٻي مخلوق تي حڪومت هلائڻ بدران انسانن تي حڪومت هلائڻ شروع ڪري ڏني، ذات پات جو ڀيد، وڏ ننڍائي جا درجات ۽ دوئي جا طلسمات ان کي ويڙهي حقيقت جي نقطي کان هٽائي ويا، سچل سائين اها حالت ڏسي هڪ همدرد ناصح جي صورت ۾ هن طرح هدايت ٿو ڪري ته:

”آءُ سالڪ ڪر صحيح تون هن طلسمات کي

ڀڃ دوئي تان ڪل پويئي دور ڪر درجات کي.“

 

دوئي جا بند ڀڃي ڪوٽ جي طلسم ٽوڙڻ بعد وري ساڳي وحدت جي وادي ۾ قدم ٿو پوي ۽ هيڪڙائي جو عالم نظر ٿو اچي. سچل اها هيڪڙائي واري هستي پنهنجي پاڻ  ۾ ٿو ڏسي ۽ سڀ ڪجهه پنهنجوئي مظهر تصور ڪري ببانگ دهل پڪاري ٿو ته:

پاڻ پنهنجو پاڻهيءَ صورت منجهه سڃاڻ

الله الله ڇو چوين پاڻ ئي الله ڄاڻ

ناهي شڪ گمان سچو سائين هيڪڙو.

انهيءَ مٿئين منزل ماڻڻ لاءِ کيس ڪنهن به اڪتسابي علم ۽ هنر جي ضرورت نٿي پوي. اها شيءِ شيخن مشائخن وٽان نٿي ملي، ڇو ته اها امانت فقط اِلاهي عشق جي عطا آهي جنهن لاءِ ڪوبه ٺڳي جو ٺاهه ڪارگر نٿو ٿي سگهي.

بزرگ شيخ مشائخ يارو نا مخدوم ٿياسي.

نڪي قاضي نڪي ملا معلم پير بڻياسي.

نڪي ٺاهه ٺڳي جا ٺاهي رنگ رساءَ رکياسي.

سچا ٻاجهئون عشق الله جي ڪوئي هنر نه سکياسي.

 

سچي ۽ الاهي عشق لاءِ عقل ۽ اختيار جو ڪم ناهي، اتي محبت جي مئخاني مان بيخودي جي شراب جي ضرورت آهي جنهن جي پيڻ سان خدائي خمار چڙهي ٿو ۽ ان مدامي مستي سان ئي الستي عشق حاصل ڪري الاهي اسرار جو راز حاصل ڪري ٿو سگهجي.

”مست رهي مئخاني اندر منگ وتيسي مستي

مستي سان نا سر سڃاڻي تنهن جو ڪم ڪم بختي

ٻيون سڀ ڪوڙيون ڳالهيون سچا سچو عشق الستي.“

الاهي عشق حاصل ڪرڻ سان  سالڪ کي پنهنجي هستي جي سموري حقيقت معلوم ٿي وڃي ٿي، هو عبديت جي اولي کان ٻاهر اچي خدائي رنگ ۾ رڱجي ٿو وڃي اهڙي حال حاصل ڪرڻ بعد ئي سچل سائين پنهنجي وقت جي غلامانه ذهنيت خلاف صدائي احتجاج بلند ڪئي هئي ۽ علامه اقبال کان هڪ سؤ ورهيه اڳ خودي جو نعرو بلند ڪيو هو، سندس ڪلام ۾ اها هڪ اهم خصوصيت آهي جو هو تقليدي رسم و رواج جا بند ڀڃي تحقيقي مرحلن طئي ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو.

1- تون ئي مالڪ ملڪ جو ٻانهو ڀانءِ م پاڻ

لا خير في عبيدي اِهو اٿيئي اُهڃاڻ

صورت منجهه سڃاڻ پاڻ پنهنجو پاڻهئي.

 

2- ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون مرد ٿئين مردانو

پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين آهين يار يگانو

ونفخت فيه من روحي بلڪل ڇڏ بهانو

وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو شملو ٻڌ شهانو.

 

3- طبل وڄائج وحدت وارو غازي ڇڏ گدائي

هيڏي هوڏي تون ئي آهين ڪانهي جاءِ جدائي

بر بحر ۾ تنهنجو سچا آهي سير سدائي.

 

هو وحدت جو طبل وڄائيندي انساني برادري جي وسيع پيماني تي دعوت ٿو ڏئي، صوبائي عصبيت خواهه مذهب جي فروعي ۽ منجهيل مسئلن کان سندس منزل مٿي آهي،  هن وٽ هندي، سنڌي، پنجابي، پٺاڻي وغيره جي گروهه بندي ڪانه آهي، هو هر ڪنهن جي صورت ۾ پنهنجي محبوب جو مشاهدو ٿو ماڻي.

نه بي ديني بندي ۾ نه اسم اسلامي

هندي سنڌي ناهه هي هو شاهه ناهي شامي

نڪا حرڪت هن کي نه ڪي آهي آرامي

خواجه خدامي پنهنجي ڪري پاڻ ٿو.

 

ايتري فراخدل ۽ بين الاقوامي برادري جي مبلغ هجڻ جي باوجود سچل سائين ائين ڪڏهن به نٿي چاهيو ته ڪا هڪ قوم دغا ۽ دولاب سان ٻي قوم تي غلبو حاصل ڪري وڃي، سندس زماني ۾ جڏهن فرنگي سياست جو ڄار سڄي هندستان ۾ پکڙجي چڪو هو. جابجا سندس عياري ۽ مڪاري پنهنجو ڪم ڪري رهي هئي ۽ خود ملڪ کي حريص نگاهون پنهنجي آماجگاهه بڻائڻ لاءِ سوچي رهيون هيون تڏهن فقط هن شاعر جي دوربين ۽ موقع شناس نظر پنهنجي وطن واسين کي ايندڙ خطري کان خبردار ڪري رهي هئي ۽ هو وقت جي تقاضا موجب هندو مسلم اتحاد تي زور ڏئي بار بار پڪاري رهيو هو ته:

 

وقت اها ٿي ويل دوئي دور ڪرڻ جي

ڪڍ مذاهب من مان ساجهر ساڻ سويل

هندو مومن سان ملي محبت جا ڪر ميل

متان ٿئي اويل اولهه سج نه الهي.

 

اولهه سج نه الهي متان ٿئي اوير

ميڙي ويندئي مغربي تاريڪي ۾ تير

ڇڏي ويندئي ڇپرين ڍونڍن سندا ڍير.

مرد ڏين ٿا مام ۾ ماٿيڪي مٿير

وَجهه اٿئي؛ وِجهه پاڻ ۾ هيڪڙائي جي هَير

ناسودي نا خير نپٽ پوءِ نابود ڪر.

نه فقط ايترو مگر فرنگين جي دريائي تماشي ۽ هنرمندي ۾ به خلوص نه ڏسي مٿن اکيون ٻوٽي ويساهه رکن جي خطرناڪ نتيجن کان به کولي کولي قوم کي واقف ڪري ويو آهي.

”مڪڙي ڏٺم موج ۾ تنهن ۾ مير ملاح

مڇيون مارن اوچتي بانڪا بيپرواهه

لهر بحر جا حاڪم ڄاڻي شوريا وتن شاهه

هند ۽ سنڌ تي فلڪ نه آڻن مارن ملڪ سپاهه

وائڙا رکن تن مٿان ويچارا ويساهه

آسرا اڙين جا آهن منجهه الله

ڏئي پاند پناهه رکي وٺندو راڄ کي.“

 

مٿين بحث مان معلوم ٿيو ته سچل هڪ بينظير قومي ۽ بين الاقوامي شاعر آهي، ۽ قدم قدم تي انساني برادري ۽ مساوات جي تبليغ ڪندو ٿو رهي.

ان کان سواءِ حُسن و عشق جون سموريون ڪيفيتون سندس ڪلام جو جزو آهن، مجاز ۽ حقيقت جون اهي موشگافيون ڪيون اٿس جتي ڪنهن عام شاعر جي رسائي مشڪل ۽ محال ٿيندي، حسن جي حملي جو منظر ڏسو.

”چالي چشم چٽڪ، ماريو محبوبن جي

قاتل فوج حُسن جي آئي، ڪاهون ڪاهه ڪٽڪ

اچي وڌائون اوچتو، سيني سيف سٽڪ

عاشق ٽپي آئيا، اٽڪجي اٽڪ

جهٽ پٽ سان جهٽڪ، سر سٽيائون سٽ.

ساڳئي نموني مجازي محبوب جي سراپا بيان ڪندي ان جي ڪنڍن وصفن جي تصوير ٿو ڪڍي، سندس منهن کي مصحف سمجهي تلاوت ٿو ڪري ۽ برهه جا باب ختم ٿو ڪري.

 

ابرو ڪنڍا قريب جا وار ڪنڍا ڪارا

اکيون ڪنڍيون عجيب جون ماڻڪ موچارا

محرابي مرغول ڪنڍا پيشاني پارا

مٺا موچارا سدا منهنجا سپرين

 

ڪجا ڪج محراب، منهن تي محبوب جي

ڏنگا ڏنگ واهه واهه، مصحف جا اعراف

سٽون سيپارن جون، پڙهن ٿيون ثواب

برهه سندا باب، سچل سڀ ختم ڪيا.

 

وري محبوب جي منهن تي وارن جي پکڙجڻ جي تشبيهه ملاحظه ڪيو:

مو پکيڙيا منهن تي، ڇيلن ڇلا

سنبل ڄڻ ڪي سلا، صبح ڪڍيا ساجهري

مو پکيڙيا منهن تي، ڇٻيلن ڇلا

واسينگن ولا، ورهه وارن تي ڏنا.

 

يار جي رخسار تي ڪاري تِر جو منظر جيئن سچل ڏيکاريو آهي تيئن سڀ ڪو شاعر ڏيکاري نٿو سگهي، سندس حسن بيان ۽ حُسن تشبيهه جو اندازو لڳايو.

حبيبن حبشي، پهرو رکيو پاڻ تي

اندر اچڻ کان اڳي، ڪاتي تنهن ڪشي

رخ انهي رشي، ڪروڙين قتل ڪيا.

مطلب ته سچل جي ڪلام کي گهري نظر سان ڏسبو ته ضايع بدايع جا ڀنڊار ڏسڻ ۾ ايندا، فصاحت ۽ بلاغت جو درياءُ ڇوليون ماريندو نظر ايندو. خيال جي گهرائي، فڪر جي بلندي، ٻولي جي سلاست ۽ بيان جي خوش اسلوبي سندس ڪلام جون اهم خصوصيتون آهن، سندس روجهن وارو داستان خواهه سُر سارنگ کيس نيچرل يا فطرتي شاعري جو شهنشاهه ثابت ڪندا. حاصل ڪلام شاهه صاحب کان سواءِ سنڌ جو ڪوبه شاعر ڪنهن به لحاظ کان سچل جو مد مقابل ٿي نه سگهندو.

”ڍڍي چونڪ جور جا نسري، ڳنا تن جا ماکي مصري،

کيرن جا به خمار وو، آهن پيهي واري جي پونجار تي.“

 

درازن جا پانڌيئڙا:

درازن جي درگاهه جا مريد هزارن جي تعداد ۾ آهن. انهن مان نانڪ يوسف ۽ غلام حيدر گودڙيو تمام مشهور فقير ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، جن جو مختصر احوال دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو.

چنيهه فقير اُڄڻ:

گهڙن جي شهر ۾ اڄڻ فقيرن جي درگاهه جو بنياد ميان صاحبڏني فاروقيءَ جي خليفي ميان چنيهه فقير ولد ميان محمد عثمان رکيو. چنيهه فقير جو وڏو ڀاءُ چنڻ عرف غني، مخدوم عبدالرحمٰن شهيد کهڙن واري جو نوڪر هو. هڪ ڏينهن ڪاٺيون ڪندي کيس ڪاٺي لڳي ۽ مري ويو. ان وقت مخدوم صاحب جذب جي حالت ۾ هو. ميان محمد عثمان کي گهرائي دعا ڪيائين ۽ بشارت ڏنائين ته کيس هڪ ٻيو پٽ ڄمندو، جيڪو پير ٿيندو ۽ ميان صاحبڏني فاروقيءَ کان فيض وٺندو. الله پاڪ اِها دعا اگهائي ۽ چنيهه فقير تولد ٿيو جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو فيض وارو فقير ۽ شاعر بنيو.(5)

ميان چنيهه فقير جا ٽي فرزند ميان فقير محمد، ميان خاوند ڏنو ۽ ميان محمد ذاڪر به وڏا درويش ٿي گذريا آهن. چنيهه فقير جو سجاده ميان فقير محمد سن 1228هه مطابق 1812ع ۾ گذاري ويو. ميان محمد ذاڪر مدح، معجزي، بيت ۽ ڪافيءَ جو وڏو شاعر هو.

ميان فقير محمد کي ٻه فرزند ميان محمد علي ۽ ميان محمد فاضل هئا. ميان محمد علي سجاده نشين ٿيو. کيس پکي ڌڻي به سڏيندا هئا. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون آهن. شڪارپور وارو خليفو ڪرم الله سندس مريد هو. ميان محمد پکي ڌڻي 1256هه مطابق 1840ع ۾ رحلت ڪئي.(6)

ميان محمد ذاڪر جو فرزند ميان راز ڏنو به بيت ۽ ڪافي جو وڏو شاعر ۽ اهل دل درويش هو.

ميان محمد علي جو فرزند ۽ سجاده نشين ميان خدا دوست هڪ وڏو عالم ۽ ڪامل درويش هو. کيس سماع سان وڏو شوق هوندو هو. پير علي مراد خان ٽالپر هن کي مخدوم دين محمد ۽ سندس جماعت سان گڏ گنبٽ تعلقي جي هڪ هندو سڀاڳي مل کي زوريءَ مسلمان بنائڻ جي ڪري ڪوٺ تي چاڙهي پنج مهينا قيد ۾ رکيو هو.(7)


Ý ميان عبدالحق جي سنه 1334هه/1915ع ۾ ولادت ٿي ۽ سنه 1399هه/1998ع ۾ هي جهان ڇڏيائون.

            هن وقت گادي تي ڊاڪٽر سخي قبول محمد (چهارم) موجود آهي. جيڪو خود به عالم، اديب ۽ اهل علم ۽ نيڪ دل انسان آهي. سندن ٻه تصنيفون هن وقت تائين شايع ٿي چڪيون آهن:

1.         A Voice from the wilderness, by: T.L Vaswani- Edt: by. Dr. Sakhi Qabool M. Muhammad Farooqi

2.        Study of Mysticsim Darazi School of sufi Thought (Ph.D. Thesis)

سخي قبول محمد چهارم جي ولادت 19 جولاءِ 1962ع تي ٿي.  – م.ب

r  1242هه جو درست عيسوي سنه 1827هه آهي. – م.ب

· سچل سائين جون سرائڪي ڪافيون، ڏوهيڙا ۽ سي حرفيون مولانا صادق راڻيپوري ترتيب ڏئي مقدمو لکي رسالوسچل سرمست (سرائڪي ڪلام) جي سري هيٺ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايو. - م.ب

·· حامي مرحوم هي مقالو گهڻو اڳ لکيو. سچل سائين جي سمورين فارسي مثنوين جو ترجمو حامي صاحب پنهنجي وفات تائين ڪري ويو هو، جيڪو ڪتاب ”نينهن جا نعرا“ ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهن.       – م.ب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org