سچل سرمست
هي ڪتاب حامي صاحب جي ترتيب جو نتيجو آهي، جنهن ۾
ماهوار نئين زندگي ۾ سچل سائين بابت شايع ٿيل ڪجهه
اهم مضمونن کي هڪ هنڌ سهيڙيو ويو آهي جنهن کان
سواءِ حامي صاحب جون ڪيل سچل سائين جي فارسي
مثنوين جو منظوم سنڌي ترجمو ۽ سچل سرمست بابت
اعليٰ معيار جو تحقيقي مقدمو پڻ لکيو ويو آهي. هي
سمورو مواد درازي درويش ۽ ان جي خاندان، شاعري،
فڪر ۽ فن بابت وافر معلومات مهيا ڪري ٿو. هي ڪتاب
جنهن دور ۾ شايع ٿيو ان کان پهرئين سچل سائين بابت
ڪو خاص تحقيقي ڪم سامهون نه آيو هو. حامي صاحب ان
سلسلي ۾ جيڪو قدم وڌايو ان جي نتيجي ۾ سچل بابت
عقلي بنيادن تي سوچڻ، سمجهڻ ۽ لکڻ جي راهه هموار
ٿي.
سچل سائين جي سوانح حيات کان ويندي ان جي فن ۽ فڪر
بابت هي ڪتاب بنيادي حيثيت رکي ٿو، هن ڪتاب جو
مقدمو پنهنجي مواد، ڄاڻ ۽ سٽاءُ جي بنياد تي
انتهائي اهميت وارو آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو سچل
سرمست بابت ايترو تفصيل سان تحقيقي بنياد تي لکيو
ويو. هن مقدمي ۾ شامل مواد اڪثر حامي مرحوم جي الڳ
شايع ٿيل مختصر ڪتابڙي ”درازن جا درويش“ مان ئي
ڦيرگهير سان ورتل آهي.
هن ڪتاب تي نالو ’سچل سرمست‘ لکيل آهي، جڏهن ته
عام طور تي اڪثر هن ڪتاب جو نالو ”منصور ثاني- سچل
سرمست“ لکيو ويندو آهي.
نينهن جا نعرا:
هي ڪتاب حامي صاحب جي لائق شاگرد نامياري محقق،
سچل شناس، اديب، شاعر ۽ دانشور ڊاڪٽر نواز
علي’شوق‘ سهيڙيو آهي، جنهن ۾ حامي صاحب جو ترجمو
ڪيل سرمست سائين جون فارسي مثنويون ۽ ان تي مقدمو
يڪجا ڪيل آهي. حقيقت ۾ هي اهو مواد آهي جيڪو حامي
مرحوم جي اڳ ترتيب ڏنل ڪتاب ’سچل سرمست‘ ۾ شامل
هو. ڊاڪٽر شوق صاحب هن مواد جي جدا حيثيت کي
سمجهندي سچل شناسي جي شاگردن جي آساني خاطر الڳ
ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو. پهرئين شايع ٿيل مثنوين ۾
ساقي نامو، تارنامو، رازنامو، گدازنامو، عشق نامو
۽ دردنامو شامل آهن جڏهن ته تذڪري هيٺ ڪتاب ۾ شوق
صاحب، حامي صاحب کان هڪ وڌيڪ مثنوي رهبرنامي جو به
منظوم ترجمو ڪرائي شامل ڪيو.
سچل سرمست جي ڪلام جي ترتيب هجي يا ان جو ترجمو ان
بابت اعليٰ تحقيقي معيارن بابت ڪم گهٽ ٿيل نظر اچي
ٿو، پر جيڪو ڪم آهي ان کي غنيمت سمجهي ويهي رهڻ به
غلطي ٿيندي پر ان کي سراسر نظرانداز ڪرڻ به ڪنهن
وڏي ڀُل کان گهٽ نه هوندو، حامي مرحوم جي ترجمي ۾
ڪٿي به اهو ڄاڻايل ناهي ته ان ترجمي لاءِ وٽس سچل
سائين جي فارسي مثنوين جا ڪهڙا قلمي نسخا هئا ۽
انهن جي صحت مستند هئي يا نه. حامي صاحب، سچل
سائين جي شاعري بابت پاڻ به ڪنهن شڪ ۾ ويڙهيل نظر
اچي ٿو. ڪتاب ’نينهن جا نعرا‘ جي ديباچي ۾ لکي ٿو:
”ديوان آشڪار“ کان سواءِ سچل سائين جو سمورو فارسي
ڪلام ظني آهي، ۽ ڇو جو اهو ڪنهن به مستند نسخي تان
حاصل نه ڪيو ويو آهي. ڪجهه سالن کان پوءِ محترم
علي اڪبر درازي ڪجهه فارسي ڪلام شايع ڪرايو آهي،
پر ان تي تنقيدي نگاهه وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته
اهو ڪلام ڪنهن تحقيق کان سواءِ ڇپرايو ويو آهي. ڇو
جو ان ۾ علم عروض ۽ زبان جون ڪافي غلطيون آهن. سچل
سائين جهڙو عظيم شاعر اهڙيون ۽ ايتريون غلطيون ڪري
نٿو سگهي. مان سمجهان ٿو ته اهو ڪلام اهڙن ڪاتبن
لکيو آهي، جيڪي فارسي زبان جا ڄاڻو نه هئا، ۽ اهڙن
ڪاتبن جي هٿان اُتارجي اُتارجي موجوده حالت تي
پهتو آهي.“
۽ اڳتي ان ئي ديباچي ۾ پنهنجن ترجمن جي صحت کي
مڪمل مستند نه ٿو مڃي:
”…ان هوندي به مان پنهنجي ترجمي ڪيل مثنوين کي
ايترو مستند نٿو سمجهان، جيترو سمجهڻ گهرجي، انهن
سڀني نسخن جي ادبي ۽ تحقيقي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي.“
سچل سائين جي ڪلام جي قلمي نسخن بابت اڃا هڪ الڳ
تحقيق جي ضرورت موجود آهي، پر اسان جي سچل شناس
پنهنجي پنهنجي حد تائين سچل سرمست بابت لکيو پڙهيو
آهي، حامي مرحوم جي ڪيل مثنوين جو ترجمو به پنهنجي
صورت ۾ اعليٰ آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس رواني، سلامت ۽
ترنم آهي، جيڪو ڪمال حامي صاحب جي شاعر هجڻ جو
آهي، هو هڪ محقق سان گڏوگڏ شاعر پڻ هو ۽ ان ئي ڏات
جو فائدو وٺندي سچل جي فارسي مثنوين جو جيڪو ترجمو
عطامحمد حامي ڪيو اهو ڪم سچل شناسي ۾ هڪ يادگار جي
حيثيت رکي ٿو.
ڊاڪٽر نواز علي شوق، پنهنجي استاد ڊاڪٽر عطا محمد
’حامي‘ بابت لکي ٿو:
”ڊاڪٽر عطا محمد حامي مرحوم جون سڀ ادبي خدمتون
ساراهه جوڳيون آهن، سندس ڪلام فڪر توڙي فن جي لحاظ
کان افضل ۽ اعليٰ آهي، سندن تحقيقي مقالا پڻ سنڌي
ادب ۾ وڏي حيثيت رکن ٿا. خاص طور سچل سرمست تي
سندس مطالعو تمام وسيع هو؛ اُهوئي سبب آهي جو سچل
سائين جي فڪر جي کين وڏي ڄاڻ هئي.
...حامي مرحوم واري (مثنوين) ترجمي ۾ سلاست ۽
رواني آهي، جنهن جو ڪو مَٽ ٿي نه ٿو سگهي.“
سچل سرمست جو آفاقي پيغام:
هن ڪتاب ۾ راقم، حامي صاحب جا سچل سائين بابت لکيل
اَٺ مضمون ۽ مقالا سهيڙيا آهن، ڇاڪاڻ جو انهي مواد
جي بنياد تي اسان حامي مرحوم جي سچل سائين بابت
سوچ کي پرکي سگهنداسين. هن سهيڙ ۾ جيڪو مواد شامل
ڪيو ويو آهي اسان ان بابت هيٺ ترتيب وار مطالعو
ڪنداسين.
درازن جا درويش
حامي صاحب جو هي مقالو هڪ ڪتابڙي جي صورت ۾ 1959ع
۾ شايع ٿيو. بعد ۾ ان ۾ موجود مواد کي تبديلين ۽
اضافن سان ڪتاب ’سچل سرمست‘ ترتيب ڏيندي لکيل
مقدمي ۾ شامل ڪيو، پر جيئن ته هن مقالي جي حيثيت
هڪ الڳ ڪتاب جي به رهي آهي، تنهن ڪري اسان ان کي
اضافن ۽ حاشين سان هتي شامل ڪيو آهي. اضافا حامي
صاحب جي ٿيسز ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽
ثقافت ۾ حصو“ تان آڌاريل آهن جڏهن ته حاشيا راقم
جي ڪوشش آهن.
هن مقالي ۾ حامي صاحب، سچل سرمست جي جدامجد شيخ
شهاب الدين جو محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ اچڻ جو
احوال، فاروقي خاندان بابت بنيادي معلومات، درگاهه
درازا جو قائم ٿيڻ، ان جي
گادي نشينن سميت سچل سائين جي حياتي ۽ ان جي شاعري
بابت جامع انداز ۾ لکيو آهي، جڏهن ته هن ئي مضمون
جي پڇاڙي ۾ ”درازن جا پانڌيئڙا“ وارو مواد حامي
صاحب جي ٿيسز تان وٺي هتي موضوع جي مناسبت پٽاندڙ
گڏ رکيو ويو آهي، جهڙي طرح هن خاندان بابت ڄاڻڻ
سان گڏوگڏ هنن درويشن جي ڪن اهم عقيدتمندن، خليفن
۽ مريدن بابت پڻ مواد پڙهندڙ جي سامهون هجي.
ڪجهه غلط روايتون
سچل سائين بابت هي مضمون اهميت رکندڙ آهي، هن ۾
سرمست سائين بابت ڪن چئن نُڪتن بابت ڳالهه ٻولهه
ڪئي وئي آهي، اهي نُڪتا هي آهن:
1- سچل
سائين جو ڪلام ستن جي بجاءِ چئن زبانن ۾ آهي.
2- سچل
سائين سنڌي زبان جا غزل گو شاعر نه آهن.
3- سچل
سائين جي سرائڪي رسالي ۾ سچل جي اردو شاعري کي
زبان جي لحاظ کان تبديل ڪري مشڪوڪ بڻايو ويو آهي.
4- غزل
بحر طويل سچي سائين جي تصنيف ناهي.
حامي صاحب پنهنجي هن مختصر مضمون ۾ سرمست سائين
بابت مٿين چئن نُڪتن تي دليل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي
آهي. سچل جي هفت زبان هجڻ واري روايت کي رد ڪندي
چئي ٿو ته سچل سائين جي ڪنهن به آڳاٽي شارح مثلاً:
مرزا علي قلي بيگ، آغا عبدالنبي صوفي، نماڻو فقير
توڙي ٻيا چٽي طرح مڃيندا هئا ته سرمست سائين جو
ڪلام سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي چئن زبانن ۾ هو.
سچل جي هفت زباني شاعر هجڻ واري روايت ڪهڙي ريت
جنم ورتو ان بابت حامي صاحب لکي ٿو:
”....راڻيپور ۾ سچل ڪاليج کلڻ کان اڳ اها دعويٰ
ڪنهن به نه ڪئي هئي اهو ڳپوڙو هڪ دوست. ان ڪاليج ۾
هڪ تقرير ذريعي هنيو هو ۽ ان جو مقصد صرف پنهنجي
ولي نعمت کي راضي ڪرڻ هو، اهو ڳپوڙو فقط پندرهن
سالن کان پڙاڏي جي صورت وٺي گرهوڙي جي پيش گوئي
وانگر سنڌ جي فضا ۾ گونجندو رهي ٿو. دعويٰ هميشه
دليل سان ۽ روايت سدائين سند سان قبول ڪئي ويندي
آهي.“
اهڙي ريت سچل سائين جي ڪافين ۾ ڪٿي عروض جي صورت
ڏسڻ سان ڪن محققن ان کي غزل سڏيو آهي جيڪا ڳالهه
پڻ ڪمزور معلوم ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته اهڙين ڪافين ۾
عروض ته موجود آهي پر اهي هيئتي ۽ موضوعاتي طور
ڪافيون ئي آهن. ٽين نُڪتي تي حامي صاحب بحث ڪندي
سچل جي سرائڪي رسالي ۾ موجود اردو ڪلام کي شڪ جي
نگاهه سان ڏٺو آهي. جڏهن ته غزل بحر طويل بابت هت
مختصر گفتگو ٿيل آهي جڏهن ته ان بابت ڪتاب ۾ جدا
مضمون موجود آهي.
هڪ وضاحت
هي حامي صاحب جي سچل سائين جي 1981ع ۾ ميلي جي
موقعي تي ڪيل تقرير آهي جيڪا شايد مولانا غلام
مصطفيٰ قاسمي صاحب کي جواب طور ڪيل آهي. جنهن ۾
سچل سائين جي مذهب بابت عام ڪيل غلط روايتن کي
ننديو ويو آهي.
سچل جو ڪلام ۽ ان جا ناشر
هن مضمون ۾ حامي صاحب ڪجهه ”غلط روايتون“ ۾ بحث
هيٺ آيل پوئين ٽن نُڪتن بابت تفصيل سان گفتگو ڪئي
آهي، لکي ٿو:
”دراصل اسان جي ڪلاسيڪي دور جي برگزيده شاعرن جي
ڪلام ۾ ترميم يا اصلاح جو معاملو بيحد نازڪ آهي ۽
ڪنهن به فرد توڙي اداري کي ان جو ڪوبه حق نه ٿو
پهچي. تحقيق جي صورت ٻي آهي، پر موقعي، جواز،
ضرورت يا بهتري بنا، ڪنهن به قسم جي ڇڙواڳ قلمي
ڪاروائي جو طريقو ڏاڍو نقصانڪار ثابت ٿيندو.“
حامي صاحب، سچل سائين جي شاعري جي مستند لکت لاءِ
مسلسل سوچيندو رهيو آهي ۽ ان ئي پسمنظر ۾ هو مسلسل
سچل سائين جي شايع ٿيل ڪلام بابت ٽن اهم نُڪتن
متعلق گفتگو ڪندو رهيو ۽ اسان جو ان مسئلي ڏانهن
ڌيان ڇڪائيندو رهيو.
سچي سان گڏ ڪچو ڪلام
سچل سرمست جي عاشق ۽ سندن درگاهه جي مريد قاضي علي
اڪبر درازي پنهنجي سڄي زندگي سچل سائين جي سوانح ۽
فڪر کي عام ڪرڻ ۾ گذاري ۽ ان ئي جذبي تحت هن صاحب،
درازي درويشن تي ڪيترائي ڪتابڙا لکيا ۽ سرمست
سائين جي فارسي ’ديوان آشکار‘ ۽ مثنوين جو اردو،
سنڌي ۾ نثري ترجمو به ڪيائين. سندن انهي سموري ڪم
تي عقيدت ۽ محبت جو غلبو غالب آهي، منجهس تحقيق جو
عنصر گهٽ نظر اچي ٿو. ان جي نسبت ڊاڪٽر عطا محمد
’حامي‘ جو سچل سائين تي ڪيل ڪم ۾ عقيدت گهٽ ۽
تحقيق جو عنصر نمايان نظر اچي ٿو.
”سچي سان گڏ ڪچو ڪلام“ مضمون ۾ حامي صاحب، قاضي
علي اڪبر درازي جي ترتيب ڏنل ۽ شايع ڪرايل ’غزل
بحر طويل‘ ڇنڊڇاڻ ڪندي ان خيال جو آهي ته مذڪوره
تصنيف سچل سائين جي ناهي پر اها سچي سائين ڏانهن
منسوب ڪئي وئي آهي. حامي مرحوم مُدَلل انداز سان
بحث ڪندي هن غزل بابت چئي ٿو ته هن غزل ۾ جيڪو فڪر
پيش ٿيل آهي يا مختلف فرقن تي اجائي تنقيد ڪئي وئي
آهي اها سوچ سرمست سائين جي نه آهي، ڇاڪاڻ جو هن
انسان دوست صوفي جي انساني اتحاد ۽ مذهبي هم آهنگي
واري سوچ عيان آهي فني حوالي سان به هي غزل ڪمزور
آهي. حامي مرحوم غزل بحر طويل جي وزن تي بحث ڪرڻ
بعد ان ۾ غلط استعمال ٿيل قافين کي پيش ڪندي چئي
ٿو ته شاعري جي فن کان ڪوبه واقف ماڻهو اهڙن قافين
کي درست نه مڃيندو.
سچل جي اردو شاعري
هن مضمون ۾ عطا محمد ’حامي‘ صاحب، سچل سائين جي
دور تائين سنڌ ۾ اردو شاعري جي اُسرڻ نسرڻ، سندن
اردو ڪلام جي صحت تي گفتگو ڪرڻ بعد سرمست سائين جي
اردو ڪلام تي مختصر پر جامع جائزو پيش ڪيوآهي.
جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سچل سائين جي اردو ڪلام
جا موضوع به اهي ئي ساڳيا
وحدت الوجود وارا ئي آهن، حامي صاحب، سچل سائين جي
اردو شاعري ۽ سندن دور جي برصغير جي ڪن وڏن اردو
شاعرن بابت گڏيل راءِ ڏيندي لکي ٿو:
”سچل سائين جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته
تصوف جي ميدان ۾ خواجه مير درد سان ٿوري هڪجهڙائي
نظر اچي ٿي، تڏهن به زبان جي بندش ۽ اسلوب جي لحاظ
کان ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. قدرتي نظارن چِٽڻ ۾ اردو
جي فقيرتن ۽ همعصر شاعر نظير اڪبرآبادي جو ڪلام
سچل سرمست جي ڪلام سان ملندو جلندو نظر اچي ٿو.“
سچل سائين جو فارسي ڪلام
هن مضمون ۾ حامي صاحب، سرمست سائين جي سموري فارسي
ڪلام جهڙوڪ: ’ديوان آشکار‘، ساقي نامو، مثنوي
تارنامو، مثنوي رازنامو، مثنوي گدازنامو، مثنوي
عشق نامو، مثنوي دردنامو، مثنوي رهبرنامو، مثنوي
وصلت نامو، وحدت نامو ۽ بحر طويل جو مختصر تعارف
پيش ڪيو آهي.
مجموعي طور سچل سائين جي فارسي شاعري بابت عطامحمد
’حامي‘ لکي ٿو:
”سچل سائين فارسي ۾ غزل، مستزاد، قطع ۽ مثنوي ۾
طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ انهن سڀني صنفن ۾ تمثيل
ذريعي وحدت الوجود جي وضاحت ڪئي اٿس. خيال جي
بلندي ۽ معنيٰ جي گهرائي سان گڏوگڏ ضايع ۽ بدايع
جو به ڪافي استعمال ڪيو اٿس، سندس زبان بلڪل سادي
صفا ۽ تمنع کان پاڪ آهي.“
سچل سائين جو آفاقي پيغام
سچل سرمست سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جو اهو اهم شاعر آهي
جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان پوءِ عالمِ انسانيت
کي سهپ، رواداري، اتحاد، محبت ۽ مذهبي هم آهنگي جو
پيغام ڏنو آهي. عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي
ته سنڌ جا صوفي بزرگ طريقت ۽ معرفت جي راهه تي
هلندي شريعت جي واٽ کي ڇڏي ويٺا آهن، اها سوچ سچل
سائين بابت به عالم آشڪار آهي پر حامي صاحب
پنهنجي هن مقالي ۾ سرمست سائين جي فارسي ۽ سرائڪي
ڪلام جي مثالن سان اهو ثابت ڪيو آهي ته هو وحدانيت
جي واٽ تي هلندڙ ۽ عاشقِ رسول آهي. شريعت جي پوري
پوري پوئواري کان پوءِ ئي طريقت ۽ حقيقت جي واٽ تي
هلي سگهجي ٿو.
حامي صاحب ان حوالي سان لکي ٿو:
”سچل سرمست هڪ مسلمان شاعر هجڻ جي حيثيت ۾ پنهنجي
آفاقي پيغام جا سمورا دليل ”قال الله الرسول“ مان
وٺي ٿو ۽ ثابت ٿو ڪري ته اهو دين آفاقي آهي جنهن
تي ڪنهن به گروهه جي اجاره داري ناهي. هو چوي ٿو:
”رسمن جي ڦندي ۾ ڦاسڻ بت پرستي آهي، تنهن ڪري رسمن
جا بت ڀڃي لولاڪ جي شاهه سان عشق رکڻ گهرجي.“
ڪنڊڙي جا ڪلتار:
ڪنڊڙي، سچل سرمست جي دؤر ۾ تصوف ۽ ويدانت جو مرڪز
رهي. هتان به اهائي درازن واري صدا بلند ٿيندي
هئي، ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ جتي ڪيترن ئي موضوعن
تي لکيو اتي هن جو هڪ مقالو ڪنڊڙي جي ڪلتارن بابت
پڻ آهي موضوع جي ويجهڙائي سبب اهو مقالو هن ڪتاب
جي آخر ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
سچل سائين کي منظوم ڀيٽا
ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ هڪ محقق سان گڏوگڏ شاعر پڻ
هو ۽ هن سچل سائين بابت پنهنجي خيالن ۽ جذبن کي
سچل سائين کي منظوم ڀيٽا پيش ڪندي سرمست سائين جي
آفاقي پيغام کي عام ڪيو آهي. پنهنجي عقيدت جو
اظهار ڪندي چئي رهيو آهي:
سو سچل سرمست صوفي سنڌ جو سردار هو،
وقت جو منصور بيشڪ مرد منصبدار هو.
سربسر ثابت ڪيو جنهن حق جي وحدت جو وجود،
جنهن صفا ٽوڙي ڇڏيو باطل جي اسمن جو نمود.
ان کان سواءِ اها به سُڌ پئي ٿي ته حامي صاحب جا
منظوم ترجمو ڪيل، ’ديوانِ آشکار‘ جا ٽي فارسي غزل
7، 14 ۽ 21- مارچ 1953ع جي هفتيوار الصلاح خيرپور
جي پرچن ۾ شايع ٿيا پر هر ممڪن ڪوشش جي باوجود
اسان کي مذڪوره پرچا هٿ نه اچي سگهيا.
پڄاڻي
اسان هتي مختصر طورتذڪري هيٺ مواد جو جائزو پيش
ڪيو آهي، پروفيسر عطا محمد ’حامي‘ شاعر، محقق ۽
سچل شناس جي حيثيت سان سچل سائين جي شاعري جي جيڪا
پرک ڪئي آهي ۽ ان جي اصليت بابت جيڪا گفتگو ڪئي
آهي تنهن مان اهو چِٽو ٿئي ٿو ته حامي مرحوم هڪ
سڄاڻ محقق جي حيثيت ۾ سچل سائين جي ڪلام ۽ فڪر
بابت عقلي بنياد رکندڙ شخص هو، هن محض انڌي عقيدت
جي بنياد تي هر غير علمي ۽ غير واسطيدار روايتن،
ڪرامتن ۽ ڌارين ڪلام کي قبول نه ڪيو آهي بلڪ وٽس
سچل سائين جي حوالي سان سمورن نُڪتن بابت دليل آهن
۽ دليل منطق جي بنياد تي ئي حل ٿي سگهن ٿا.
سچل سرمست سنڌي صوفياڻي شاعري جو اهو اهم نالو آهي
جنهن پهريون ڀيرو سنڌي شاعري ۾ حسين بن منصور حلاج
جو پيغام کلم کلا ظاهر ڪندي خدا ۽ بندي جي وچ واري
فرق کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ انسان کي پنهنجي
ادراڪ جي ڏڍ جي بنياد تي پاڻ ۾ پوشيده لاتعداد
لياقتن، صلاحيتن ۽ طاقتن جو اندازو ڪرڻ جي بار بار
صلاح ڏني آهي.
جي تو ڄاتو پاڻ آءٌ ٻيو ڪو آهيان،
ڪندءِ غرق گمان ڳهلا انهي ڳالهه ۾.
ڊاڪٽر مخمور بخاري
سچل سرمست جو
آفاقي پيغام
(سچل سرمست جي سوانح، فڪر ۽ فن جو جائزو)
درازن جا درويش
خيرپور ڊويزن ۾ درازن جو شهر، فاروقي خاندان جي
اهلِ دل درويشن ۽ باڪمال بزرگن کان مشهور آهي،
انهيءَ خاندان جو مورث اعليٰ شيخ شهاب الدين بن
عبدالعزيز بن عبدالله بن عمر فاروقؓ سنه 93هه/711ع
۾ محمد بن قاسم سان گڏجي، سندس مشير اعليٰ جي
حيثيت ۾ سنڌ ۾ آيو۔ سنڌ
فتح ڪرڻ بعد کيس سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو، هن
تاريخ 9 محرم سنه 95هه/713ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ
محمد سندس جانشين ٿيو جنهن 7 رجب سنه 134هه ۾ وفات
ڪئي، ان کان پوءِ سندس پٽ محمد باقر سيوهڻ جو حاڪم
ٿيو ۽ 11 صفر سنه 147هه ۾ وفات ڪيائين، ان بعد
سندس جانشين عبداللطيف سترهن سال حڪومت ڪري 6
ذوالقعد سنه 164هه ۾ انتقال ڪيو ۽ سندس پٽ اسحاق
تخت نشين ٿيو، انهيءَ عرصي ۾ بني اُميه جي حڪومت
جو خاتمو آيو ۽ عباسين جي حڪومت قائم ٿي مگر شيخ
اسحاق ساڳيوئي سيوهڻ جو حاڪم رهيو ۽ 30 جمادي
الثاني سنه 193هه ۾ وفات ڪيائين. پوءِ سندس پٽ
محمد تخت نشين ٿيو. آخرڪار سنه 217هه ۾ سلطان محمود
غزنوي سنڌ فتح ڪري محمد کي پينشن مقرر ڪري ڏني
جيڪا هو سال بسال وٺندو رهيو ۽ تاريخ 20 رمضان سنه
231هه ۾ وفات ڪيائين.
مٿين سڀني بزرگن جون قبرون سيوهڻ ۾ آهن.
ان کان پوءِ، زماني جي انقلاب سبب فاروقين جي
ٻانهن خداباد جي ڀرسان نوريجن جو ڳوٺ ٻڌو جتي
ڪيترا فاروقي به لڏي اچي ويٺا، آخرڪار محمد فاروقي
جي اولاد مان اڻويهين پيڙهي مان مخدوم نورالدين بن
وحيدالدين جا ٻه فرزند مخدوم ابوسعيد ۽ مخدوم
بدرالدين سنه 665هه ۾ مخدوم شاهه جمار جا مريد
بڻجي ڪماليت جا صاحب ٿيا ۽ مرشد جي قرب حاصل ڪرڻ
لاءِ سيوهڻ ۽ نوريجن کي خيرباد چئي، لڏي گاگن واري
پرڳڻي (گاگڙي) ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا، شاهه جمار جو
مقبرو گنبٽ تعلقي جي شهر گڏيجي جي ڀرسان آهي ۽
مخدوم ابوسعيد جو مقبرو ديهه راڻيپور مڪان موسيجي
۾ آهي.
مخدوم ابوسعيد ۽ مخدوم بدرالدين، مرشد کان فيض
حاصل ڪرڻ بعد ڪافي رياضتون ۽ مجاهدا ڪيا، ايتريقدر
جو جهنگ ۾ گاهه ۽ ڏُٿ کائي پيٽ جو پورائو ڪندا
هيا. غوث بهاءُالدين زڪريا ملتاني جڏهن سنڌ ۾ آيو
تڏهن ٻنهي ڀائرن کي ڏوٿيئڙن جي لقب سان ياد ڪيائين.
انهيءَ مخدوم ابوسعيد جي نائين پيڙهي مان خواجه
محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو درازن جي درگاهه جو
باني ٿيو.
درازن جي شهر تي اهو نالو فاروقين جي هڪ نوڪر جي
نالي پٺيان پيو. اهو هنن جو فاروقين مان هڪ شخص
ميان احمد نالي مير سهراب خان ٽالپور جي ملازمت ۾
هيو جنهن جي ايمانداري سان نوڪري ڏيڻ جي عيوض ۾
گنبٽ ۽ راڻيپور جي وچ واري زمين فاروقين کي جاگير
طور ملي هئي. فاروقين اها زمين پنهنجي ٻن نمڪ حلال
نوڪرن دراز ونڊير ۽ ڪاجن ونڊير کي آبادي لاءِ
ورهائي ڏني جتي هو پنهنجا ڳوٺ ٻڌي ويٺا ۽ سندن
نالن پٺيان دراز ۽ ڪاجن جا ڳوٺ مشهور ٿي ويا جن
مان ڪاجن جو ڳوٺ ڦٽي ويو آهي باقي دراز جي عمر
هميشه دراز آهي، هينئر درازن جي اهل دل درويشن جو
مختصر احوال ڏجي ٿو.
1- خواجه محمد حافظ
خواجه محمد حافظ ولد ميان عبدالوهاب سنه 1101هه/
1689ع ۾ تولد ٿيو، ننڍي هوندي پيار وچان کيس
صاحبڏنه، موراڳي ۽ سوائي جي نالي سان به سڏيندا
رهيا، ان وقت جي رواج موجب عربي ۽ فارسي علوم ۾
تحصيل ڪري سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو ۽ زمين جي
ضابطي جو ممتاز عهدو ماڻيائين، هڪ دفعي جيئن گهوڙي
تي سوار ٿي نوڪري تي وڃي رهيو هو تيئن ڪوٽڙي ڪبير
۽ ڏيوڻي جي وچ تي هڪ مجذوب عورت گهوڙي جي واڳ جهلي
سندس رستو روڪي بيهي رهي ۽ ڪجهه بيت ڏئي چوڻ لڳي
”خدا توکي ٿو ڳولي، تون ڪنهن جي ڳولا ۾ آهين.“
مجذوبه جي گفتگو ٻڌي خواجه صاحب تي حال پئجي ويو ۽
نوڪري وغيره ڦٽي ڪري جهنگل وسائي چلا ڪشي ڪيائين.
چاليهن چلن ڪڍڻ بعد شاهه عبيدالله جيلاني اچي کيس
مريد ڪيو، اهو قصو سچل سرمست پنهنجي مشهور تصنيف،
”رازنامه ۾“ هن ريت منظوم ڪيو آهي:
نام جدم مشتهر صاحبدنہ |
هم محمد حافظ است در سلسلہ |
روز یک می رفت بیرون از شھر |
بود خواجہ بر تماشائی دگر |
درمیان کوتری و دیونہ |
دیديک
دیوانہ زن بد برھنہ |
بیبی بصری بود ظاھر نام اُو |
کس نمی دانست او را تارمو |
ناگھان دیوانہ زن پیشش رسید |
گفت با آن خواجہ و آھے کشید |
بشنو از من راز اے مرد خدا |
آن خدا در کار تو، تو تا کجا |
بیتھا سندھی بگفتا از زبان |
آن بہ پیش تو ھمی سازم عیان |
1. چري کري بصري کري تا ڪر نانهن،
وئي پرائي وهانءِ تنهنجو هينئڙو تا هئن ٿيو.
2. جئان گهڻو جڳ ۾ پر جسم نه جئڻ ڏئي،
باب نه پڙهجه بي هنجه آلوده الف سين.
3. ور سان وجهيو ڪاڻ کر سان کليو سمهين،
آيل هي اُهڃان جو ڪڻ ڇڏي تهه اُبهين.
از شنیدن خواجہ آن بیخود شدہ |
باز پس کردید عاشق حق شدہ |
پارچہ عمامہ را ازسر کشید |
جرعہ از میئخانہ الفت چشید |
آمد، بشگافت جھنگل گوشہ یافت |
جز محبت ھرچہ بد روئی بتافت |
چھل چلہ اندران گوشہ کشید |
بعد مدت شہ عبیداللہ رسید |
دست بیعت خواجہ را دادن آن زمان |
کشف بخشید از مکان تا لامکان |
ترجمو:
منهنجو ڏاڏو مشتهر صاحبڏنو،
جو محمد حافظ اعليٰ شان هو.
هڪ ڏهاڙي شهر کان ٻاهر ٿيو،
سير خاطر واٽ ورتيون ٿي ويو.
ڪوٽڙي ۽ ڏيوڻي جي درميان،
هڪ اگهاڙي مست عورت ٿي عيان.
اصل ۾ ”بصري“ انهي جو نانءُ هو،
جنهن جي حالت کان نه واقف عام هو.
ويجهڙو خواجه جي بيهي پاڪباز،
درد واري دانهن ڪئي هڪ دلنواز.
”ڏس ته توکي ڪيئن ساري ٿو خدا،
تون خدا کان ڇو ٿيو آهين جدا.“
بيت سنڌي ۾ ٻڌايائين ٻه ٽي،
پيش خدمت ٿو ڪيان تن کي هتي.
چري کري بصري، کري تان ڪر نانهن،
وئي پرائي وهان، تنهنجو هينئڙو تا هيئن ٿيو.
جئان گهڻو جڳ ۾، پر جسم نه جيئڻ ڏي،
باب نه پڙهج بي، هج آلوده الف سان.
ور سان وجهيو ڪاڻ، کر سان کليو سمهين،
آيل هي اهڃاڻ جو ڪڻ ڇڏي تهه ابهين.
هي ٻڌي خواجه صفا بيخود ٿيو،
سر بسر عاشق بڻيو الله جو.
پنهنجو پٽڪو پاڻ اُڇلايائين مٿان،
مئي محبت جي چکيائين چاهه مان.
بس محبت کان سواءِ سڀ ڪجهه ڇڏي،
جهنگ ۾ ويهي رهيو گوڏا گڏي.
چهل چاليها ڪڍيا جيئن مردِ راهه،
پوءِ هلي آيو عبيدالله شاهه.
پاڻ خواجه کي بڻايائين مريد،
لامڪان تائين پڄايائينس ديد.
شاهه عبيدالله، شيخ عبدالقادر جيلانيؒ جي اولاد
مان هو ۽ پنهنجي ٻن ڀائرن هرهڪ شاهه ڪليم الله ۽
شاهه عبداللملڪ سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو. شاهه ڪريم
بلڙي وارو، شاهه ڪليم الله کان باطني فيض حاصل ڪيو
۽ شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ واري، شاهه عبداللملڪ
جي مريدي اختيار ڪئي. شاهه عبيدالله، خواجه محمد
حافظ سان روح رچنديون ڪري اجمير شريف هليو ويو،
سندس مزار به اتي خواجه معين الدين چشتي جي درگاهه
عاليه ۾ آهي.
|