سيڪشن: اشاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو آفاقي پيغام

باب:

صفحو:4 

ميان خدا دوست کي هيٺين نالن سان ست فرزند هئا. ميان الهه بخش (سجاده نشين)، ميان شفيع محمد، ميان ولي محمد، ميان درمحمد، ميان جان محمد، ميان طالب علي ۽ ميان ڦلڻ) پوئيان ٽئي ڄڻا فيض وارا فقير ٿي گذريا آهن.(8)

ميان الهه بخش 1342هه ۾ وفات ڪئي. سندس سجاده نشين ميان محمد علي عرف بچل فقير ٿيو. هن وقت ميان محمد علي جو فرزند ميان نياز حسين سجاده نشين آهي. (9)

هن درگاهه جي خصوصيت اها آهي جو وڏن کان وٺي اڄ تائين، ڪنهن به فقير دنياداريءَ سان واسطو نه رکيو آهي. وقت جا حاڪم کين لنگر لاءِ جاگيرن ۽ پروانن جي آڇ ڪندا رهيا، پر هنن ڪجهه به قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي خريد ڪيل زمين جي پيدائش مان لنگر هلائيندا رهيا، جتان آيو ويو کائيندو رهيو. (10)

اڄ به سندن درگاهه تي وڃبو ته الله ۽ رسول الله ﷺ جن جو نالو ياد ايندو. سندن مدرسي ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت، خدا جي ذڪر، درود و صلواة کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه آيو.

فقير شادي شهيد:

شادي خان ولد محراب خان رند بلوچن جي جاڙو زئي قبيلي سان واسطو رکي ٿو. سندس مورث اعليٰ بچل خان رند ٻين بلوچن سان گڏجي ڪلهورن جي اوائلي دور ۾ سنڌ ۾ آيو هو ۽ اروڙ جي ڀرسان ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو هو. بچل خان کان پوءِ برادري جو پريو مڙس سندس فرزند قادر بخش خان ٿيو. قادر بخش خان کان پوءِ سندس پٽ جمن خان سرداريءَ جي پڳ ٻڌي. جمن خان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ محراب خان پنهنجي قبيلي جو چڱو مڙس ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حڪومت ميرن جي قبضي ۾ آئي. مير سهراب خان، محراب خان کي ٻين ٻروچن وانگر پاڻ وٽ گهرائي، سندس عزت افزائي ڪئي ۽ گوندرڙي شهر جي ڀرسان ڪجهه زمين به ڏني. محراب خان، مير صاحب وٽ تمام گهڻو ويندو هو  ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس پٽ شادي خان به هن سان گڏجي مير صاحب جي سلام تي ويندو هو. مير صاحب شادي خان جي گفتگو ۽ اٿڻي ويهڻيءَ کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ هن کي پنهنجو مقرب خاص بڻايائين. (11)

مير سهراب خان جي مصاحبن ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ شادي خان جي عزت ۾ تمام گهڻو اضافو آيو، پر هو ڪڏهن به مير صاحب جي عزت افزائي تي فخر نه ڪندو هو. وقت جا پير ۽ فقير، جيڪي به مير صاحب جي ڪچهري ۾ ايندا هئا، اهي شادي خان جي راست گوئي ۽ انفرادي طبيعت کان گهڻو متاثر ٿيندا هئا. انهن مان کهڙن جا مخدوم،  روحل فقير، مراد فقير ۽ سچل سرمست، سمورا شادي خان جا دوست بڻجي ويا.

هڪ دفعي بهاولپور طرف جو هڪ حامد گنج بخش نالي مير صاحب کان لڙائي لاءِ مدد وٺڻ آيو. مير صاحب جي ماڻهن مان ڪنهن به هن سيد سان گڏجي وڃي وڙهڻ جو ست نه ساريو ۽ هو خالي موٽڻ لڳو. ان تي شادي خان اٿي بيٺو ۽ مير صاحب کان موڪلائي اڪيلو شاهه صاحب سان گڏجي هليو. اتي شاهه صاحب جو خط کڻي سندس مخالف نواب ڏانهن هليو ويو. نواب صاحب ۽ سندس ماڻهن شادي خان ۽ شاهه صاحب کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ نوبت وڃي دوبدو مقابلي تي پهتي. شادي خان اڪيلي سر نواب صاحب جا ڪيترائي ماڻهو ماري وڌا ۽ پاڻ به زخمن کان چور ٿي بي هوش ٿي ويو. نواب صاحب جا ماڻهو کيس مئل سمجهي شاهه صاحب جي طرف تي اڇلي آيا. شاهه صاحب پنهنجي گهراڻي وارن کي گڏ ڪري دعا گهري ۽ شادي خان هوش ۾ اچي ويو. اهڙيءَ طرح شادي خان ٻه ٽي دفعا شاهه صاحب جي طرفان وڙهندو ۽ اڌ مئو ٿيندو رهيو. آخرڪار شاهه صاحب هن کي دعا ڪئي ۽ سنڌ ڏانهن واپس ڪيو. ان ڏينهن کان وٺي هو شادي شهيد جي نالي سان مشهور ٿي ويو. (12) شادي خان جي موٽي اچڻ کان پوءِ مير سهراب خان پنهنجو ۽ حيدرآباد جي ميرن جو لشڪر موڪلي، بهاولپور تي ڪاهه ڪئي ۽ شاهه صاحب کي نواب صاحب کان پنهنجو حق وٺي ڏنو. شادي خان 1233هه مطابق 1817ع ۾ وفات ڪئي. مير سهراب خان سندس مزار تي قبو تعمير ڪرايو. شادي شهيد جي درگاهه ٿي سندس اولاد مان هڪ ٻئي پٺيان الاهي بخش فقير، قادر بخش فقير، حيدر بخش فقير، فقير علي خان، سهراب فقير، پير بخش فقير، غلام حسين ۽ الهه بچايو سجاده نشين ٿيندا آيا آهن. هن وقت الهه بچائي فقير جو فرزند خادم حسين فقير سجاده نشين آهي. (13)

فقير نانڪ يوسف:

هي سچل سرمست جو روحاني فرزند هو. سندس والد جو نالو مولوي محمد هاشم کوکر هو، جيڪو بلوچستان جي علائقي جهل جو ويٺل هو. سندس خاندان وارا سمورا ماڻهو راڻيپور جي پيرن جا مريد هئا. فقير محمد يوسف ننڍي عمر کان وٺي حق جو طالب هوندو هو. پنهنجي روء سوء ويٺو عبادتون ۽ رياضتون ڪندو هو. ديني تعليم جي تحصيل کان پوءِ، حق جي ڳولها ڪندي درازن جو درويش بڻجي ويو ۽ سچل سائين جو ٻالڪو ٿي ويٺو. مرشد جي نظر فيض اثر سوني تي سهاڳي جو ڪم ڪيو. ۽ هو ذري مان آفتاب بنجي ويو. سندس ولادت 1792ع ۾ ٿي، ۽ وفات 1845ع ۾ ڪيائين. سندس مزار گنبٽ تعلقي جي اڳڙن جي ڀرسان رنگپور ۾ آهي. رنگپور کي اڄڪلهه فقير نانڪ يوسف جو ڳوٺ سڏيندا آهن. سنڌي، سرائڪي ۽ هندي زبانن ۾ سندس ڪافي ڪلام آهي.(14) سندس هڪ ڪافي نموني طور ڏجي ٿي:

ڪافي

پنهنجو پاڻ ۾ نهار، آهي پرتوو پرين جو

الله جو دم سنڀار، آهي پرتوو پرين جو.

 

توسين هزار حيلا، پر دل ڪيا پتيلا

نالو جسم وسار، آهي پرتوو پرين جو.

 

اول نفي نيارو، پوءِ الا الله اشارو

منجهه عشق هيئن گذار، آهي پرتوو پرين جو.

 

سرتان قدم صفاتي، الله عشق ذاتي

شڪ شبه مڙئي مار، آهي پرتوو پرين جو.

 

سڻ نينهن جو نظارو، اقرب اليھ اشارو

عاشق سخن سچار، آهي پرتوو پرين جو.

 

”يوسف“ کي يار ياري، تنهنجي سدا بهاري،

نه ته آهيان بيڪار، آهي پرتوو پرين جو.

 

غلام حيدر فقير:

غلام حيدر فقير ولد رئيس قائم خان شر بلوچ ويٺل مينگهو فقير شر، فقير نانڪ يوسف جو ٻالڪو هو. هو غلام حيدر گودڙئي جي نالي سان به مشهور آهي. اڳ ۾ سرڪاري نوڪر هو، پوءِ فقيري اختيار ڪيائين. وقت جي پيرن، فقيرن ۽ عالمن سان دوستي هوندي هيس. فقير خيرمحمد هيسباڻي، لونگ فقير مهيسر ۽ عثمان فقير سانگي سان گهاٽا تعلقات هيس. راڻيپور جو پير غلام محي الدين شاهه کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. وقت جو حاڪم مير علي مراد خان سندس وڏو معتقد هوندو هو.

فقير صاحب سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ چڱو ڪلام چيو آهي سندس ڪلام ۾ خيالات جي بلندي ۽ فڪر جي گهرائي آهي. سندس ولادت 1215هه ۾ ٿي ۽ وفات 1278هه ۾ ڪيائين سندس مقبرو مينگهي فقير جو ڳوٺ ۾ آهي.(15) سندس ڪلام جو نمونو هن ريت آهي:

ڪافي

اسان محبت تنهنجي منگي، تون بادشاهه آهين بي رنگي

 

عشق اليلان ڏاڍيون لائيون، جوش جاڳيو دل جنگي

جهڙي تهڙي دامن لڳڙيس توڙي شرابي ڀنگي

 

هر صورت ۾ سئير مچائي، عربي رومي زنگي

ڪٿي ايران توران بنايئي، ٽوپي پوش فرنگي

 

”غلام حيدر“ غير ويو سي، ورهه تنهنجي دل ونگي

پير مغان پر جام پياريو، ترت لاٿائين تنگي

مينگهو فقير:

غلام حيدر فقير کي مينگهو فقير، علي مراد فقير، دين محمد فقير، درمحمد فقير، خداداد فقير، ڳوڌو فقير ۽ غلام نبي فقير نالي ست فرزند هئا، جن مان سندس وڏو فرزند مينگهو فقير پيءَ جو جانشين هو.

مينگهو فقير پنهنجي والد وانگر هڪ فيض وارو فقير هو. ظاهري علم حاصل ڪونه ڪيائين، پر سندس اندر واري اک کليل هوندي هئي، تنهن ڪري ديني ۽ دنيوي مسئلا آساني سان سمجهي سگهندو هو. وڏو متوڪل شخص هو، سمورو وقت پنهنجي درگاهه تي معتڪف ٿي رهيو. مينگهي فقير جو اصلي نالو حبيب الله هو ۽ ننڍي هوندي کان بيمار گذاريندو هو. هڪ دفعي هڪ مجذوب ساڌو فقير درگاهه تي آيو ۽ ننڍڙي حبيب الله کي مٿي تي هٿ رکي مينگهو ڏنگراج سڏيائين ۽ سڀني کي چيائين ته کيس انهيءَ نالي سان سڏين. ان ڏينهن کان وٺي هو مينگهو فقير سڏجڻ ۾ آيو. سندس ولادت 20 رجب 1233هه/1827ع ۾ ٿي هئي ۽ وفات 1313هه/1914ع ڌاري ڪيائين(16).

غلام شاهه فقير:

مينگهي فقير کان پوءِ سندس وڏو فرزند فقير غلام شاهه فقيري جي مسند تي ويٺو، هيءُ فقير به پنهنجن وڏن وانگر نرم سڀاءُ وارو، خوش خلق ۽ سالم طبع وارو انسان ٿي گذريو آهي. سخاوت ۾ پنهنجن وڏن کان وڌيڪ هو. سندس سخاوت جي هاڪ ٻڌي، ڪيترائي بيروزگار ماڻهو سندس درگاهه تي ڌرڻو ماري اچي ويهي رهيا. فقير صاحب سڀني جي کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ جو بندوبست ڪندو هو. هونئن به سندس لنگر جي بٺي هميشه تتل رهندي هئي، ۽ آيو ويو پيو کائيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سائل جي اچڻ وقت فقير صاحب کي ٻيو ڪجهه ڪونه هوندو هو ته پنهنجي جان جا ڪپڙا به لاهي سائل کي ڏيندو هو، روزي نماز جي سختيءَ سان پابندي ڪندو هو. سندس ولادت 21 ربيع الثاني 1258هه/1842ع تي ٿي هئي، ۽ وفات 1335هه/ 1916ع ۾ ڪيائين(17).

قائم فقير:

فقير غلام شاهه جو ٻيو نمبر ڀاءُ قائم فقير به هڪ وڏو درويش ۽ اعليٰ درجي جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام تشبيهن، استعارن ۽ فني صنعتن سان سينگاريل آهي. تصوف جا نادر نڪتا سندس ڪلام ۾ جابجا نظر ايندا. قائم فقير سجاده نشين نه هو، پنهنجي ڀاءُ غلام شاهه جي زندگي ۾ وفات ڪيائين.

مراد علي فقير:

فقير غلام شاهه کي نرينو اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري سندس وفات کان پوءِ سندس ٽيون نمبر ڀاءُ مراد علي فقير سجاده نشين ٿيو. هي فقير به پنهنجن وڏن جي پيروي تي ڪاربند رهيو ۽ سمورو وقت ذڪر فڪر ۾ گذاريائين. وڏو بردبار، متوڪل ۽ هردلعزيز شخص ٿي گذريو آهي. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو. سندس ڪلام ۾ وحدت الوجود جي وضاحت ٿيل آهي. سنڌي ۽ سرائڪي سان گڏ فارسي ۾ به ڪجهه ڪلام چيو اٿس. سندس ولادت جي تاريخ 26 شعبان 1303هه/1885ع ۽ وفات جو سال 1361هه/1942ع آهي(18).

ٻڍل فقير:

مراد علي فقير جي وصال کان پوءِ سندس وڏو فرزند ٻڍل فقير گادي نشين ٿيو. هي به هڪ وڏو هردلعزيز ۽ درد واري دل رکندڙ انسان هو. ويجهڙائي ۾ وفات ڪري ويو آهي. سن 1960ع ۾ درگاهه جي جانشين جو ڪلام ڪٺو ڪري "ديوان غلام حيدر فقير" جي نالي سان شايع ڪرايو هئائين.

آخوند محمد حيات "حاتم":

درازن جي فاروقي خاندان مان آخوند محمد حيات ولد آخوند محمد صالح هڪ وڏو اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس تخلص حاتم هو. مخدوم نورمحمد بوبڪائي سندس دوست ۽ همعصر اديب هو. هڪ دفعي مير ڪرم علي خان جي درٻار ۾ ويٺو هو، ته مخدوم نورمحمد به آيو. ادبي محفل گرم هئي. مخدوم صاحب فارسي شاعر ’هلالي‘ جي شهادت جو واقعو بيان ڪيو. جنهن تي مير صاحب کيس هڪ لونگي عطا ڪئي. وري جڏهن آخوند محمد حيات جو وارو آيو، ته هن مخدوم صاحب جي ذڪر ڪيل بيان مان ڪجهه غلطيون ڪڍي، صحيح واقعو پيش ڪيو. جنهن تي سڄي درٻار ۾ واهه واهه جو شور برپا ٿي ويو ۽ کيس خلعت سان گڏ ٻه لونگيون مليون. مخدوم صاحب پڻ پنهنجي لونگي کيس ڏيئي ڇڏي. اهو ذڪر محمد ابراهيم فاروقي جي قلمي بياض تان نقل ڪيو ويو آهي. (19)

آخوند محمد حيات ان وقت عالم خان نظاماڻي جي فرزندن جو استاد هو. ان کان پوءِ هو مير سهراب خان جي فرزند مير مبارڪ خان جو استاد ۽ درٻاري شاعر ٿي رهيو. هو ميان عبدالحق جو مريد هو. 1255هه مطابق 1839ع ۾ وفات ڪيائين. (20)

آخوند گل محمد:

هيءُ آخوند محمد حيات جو وڏو ڀاءُ هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو. سندس ڪلام ۾ جا بجا تصوف جو رنگ نظر ايندو. هن فارسي مدح ۽ غزل ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. هو هڪ وڏو معرفت جو صاحب ۽ درويش صفت انسان ٿي گذريو آهي. 1268هه مطابق 1852ع ۾ وفات ڪري ويو.(21)

آخوند عبدالهادي:

آخوند عبدالهادي ولد آخوند صادق علي فاروقي به پنهنجي وقت جو چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ جي مشهور شاعر 
سچل سرمست جو دوست ۽ مرشد ڀائي هوندو هو. سچل سائين جي وفات جو صدمو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ ٻئي ڏينهن 16 رمضان 1242هه مطابق 1827ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس ڪلام ۾ عاشقانه جذبات جي ترجماني ٿيل آهي. (22)

آخوند محمد صالح:

هيءُ آخوند عبدالهادي جو سؤٽ ۽ محمد اسماعيل فاروقي جو فرزند هو. فاروقي خاندان جي شاعرن ۾ کيس چڱي حيثيت هوندي هئي. فارسي زبان ۾ غزل چوندو هو. (23)

آخوند باغ علي:

هيءُ آخوند محمد صالح جو ويجهو عزيز هو. هڪ درويش ماڻهو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن شعر جي ذريعي ناصحانه نڪتا ٻڌائيندو هو. سندس ڪلام ۾ رواني تمام گهڻي آهي. (24)

آخوند محمد نشان:

هيءُ آخوند گل محمد فاروقي جو فرزند هو. پنهنجي زماني جو وڏو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. فقط ٻه قطع تاريخون ملن ٿيون، جيڪي هن مير سهراب خان اول، ۽ محمد عالم ڪربلائي جي وفات متعلق لکيون هيون. سندس تصنيفات مان هڪ فارسي لغات (قلمي) راقم الحروف (حامي) وٽ محفوظ آهي. (25)

حوالا

(1)        زباني روايت، رحمت الله فقير ڦلپوٽو درازي، ساڪن محلو ڀرڳڙي خيرپور.

(2)       علي ڏنو، ميان صاحبڏني جو ڪلام، ايم.اي لاءِ مونوگراف 1973ع، ص 27

(3)       ميان صاحبڏني جو ڪلام، ص 27

(4)       ميان صاحبڏني جو ڪلام، ص 27

(5)        عطا محمد حامي، کهڙن جا مخدوم، (مقالو)،  مهراڻ جا موتي، پاڪستان پبليڪيشن ص 278-277، 1959ع

(6)       ميان علي محمد اڄڻ جو لکيل احوال.

(7)       ساڳيو

(8)       زباني روايت: ميان حليم الله اُڄڻ، ساڪن کهڙا

(9)       زباني روايت: ميان نياز حسن

(10)   زباني روايت: علي محمد اُڄڻ، ساڪن کهڙا

(11)    زباني روايت: الهرکيو خان رند، ساڪن ڳوٺ سنهڙو تعلقو خيرپور

(12)   زباني احوال: خادم حسين فقير، سجاده نشين درگاهه شادي شهيد

(13)   زباني احوال: خادم حسين فقير، سجاده نشين درگاهه شادي شهيد

(14)   محمد موسيٰ سومرو ماستر، نانڪ يوسف جو احوال، قلمي نسخو سنڌي ۾ 20 ذوالقعد 1353هه

(15)    ٻڍل فقير شر، ديوان فقير غلام حيدر، 7.8.9 منگي پريس، خيرپور 1960ع

(16)   ديوان فقير غلام حيدر شر، ص 13

(17)   ديوان فقير غلام حيدر شر، ص 13

(18)   ديوان فقير غلام حيدر شر، ص 14

(19)   عطا محمد حامي، سچل سرمست ص 23-22، پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي 1964ع

(20)  سچل سرمست، ص 23

(21)   سچل سرمست، ص 24

(22)  سچل سرمست، ص 24

(23)  سچل سرمست، ص 24

(24)  سچل سرمست، ص 24

(25)   سچل سرمست، ص 25


·   هن وقت ميان نياز حسين جو فرزند ميان محمد علي سجاده نشين آهي. م - ب

·   هن وقت خادم حسين جو پٽ ذاڪر حسين رند سجاده نشين آهي. م - ب

··   نانڪ يوسف جو ڪلام سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي.

· فقير غلام حيدر جو سمورو ڪلام سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان شايع ٿي چڪو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org