سچل جي اردو شاعري
سچل سائين جي اردو شاعري تي تبصري ڪرڻ کان اڳ ۾
ضروري آهي ته ان وقت جي اردو جو مختصر خاڪو پيش
ڪيو وڃي. سچل سائين جي ولادت ولي دکني جي وفات کان
اٽڪل ٽي سال اڳ ۾ ٿي. هي اهو وقت هو جڏهن دکني
اردو ادبي صورت حاصل ڪري چڪي هئي، ۽ ولي پنهنجي
شاعري جو ڌاڪو ڄمائي چڪو هو. ان وقت اردو شاعري
دهلي ۾ پنهنجا ابتدائي مرحلا طئي ڪري رهي هئي. ولي
جيڪا راهه اختيار ڪئي، ان تي هلڻ لاءِ ڪافي پوئلڳ
پيدا ٿي ويا هئا، مثلاً شاهه مبارڪ آبرو، خان
آرزو، حاتم، ناجي، مضمون، مرزا مظهر جان وغيره. ان
وقت تائين شاعري لاءِ ڪا خاص طرز مقرر نه ٿي هئي ۽
نه وري نظم پختگي ۽ ڪمال جي درجي تي پهتو هو.
ان کان پوءِ سچل سائين جي زندگي ۾ اردو شاعري جا
ٻه ٻيا دور پورا ٿيا. هڪ
مير ۽ سودا جو دور جنهن ۾ مرزا سودا، مير تقي، مير
درد، ۽ مير حَسن جهڙا باڪمال شاعر پيدا ٿيا ۽ ٻيو
انشا ۽ مصحفي جو دور، جنهن ۾ مصحفي، انشا، جرات ۽
رنگين جهڙا سخن جا شهسوار ادب جي ميدان ۾ آيا.
انهن ٻنهي دورن ۾ اردو شاعري کي ترقيءَ جو معراج
حاصل ٿيو ۽ سخن جون سموريون صنفون ڪمال تي پهچي
ويون.
سچل سائين جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته
هن مٿين دورن جي ڪنهن به شاعر جو رنگ اختيار نه
ڪيو آهي. البت تصوف جي ميدان ۾ خواجه مير درد سان
ٿوري هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. تڏهن به زبان جي بندش ۽
اسلوب جي لحاظ کان ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. قدرتي
نظارن چٽڻ ۾ اردو جي فقيرتن ۽ همعصر شاعر
نظير اڪبر آبادي جو ڪلام سچل سرمست جي ڪلام سان
ملندو جلندو نظر اچي ٿو.
اردو جي هندستاني شاعرن جي اثر نه قبول ڪرڻ جو سبب
اهو آهي ته سنڌ جو علائقو اردو زبان جي مرڪزن دهلي
۽ لکنوءَ کان تمام پري آهي ۽ ان وقت آمدرفت جا
ذريعا به بلڪل محدود هئا. ان هوندي به اهو سمجهڻ
نه گهرجي ته ان وقت سنڌ ۾ اردو زبان رائج ڪانه
هئي، هتي ته اردو ان کان به گهڻو اڳ ادبي حيثيت
حاصل ڪري چڪي هئي. ليڪن اها اردو دهلي ۽ لکنوءِ
واري اردو نه هئي. هيءَ اها اردو هئي، جيڪا گهڻي
وقت کان ساڳئي وقت تي سنڌ ۽ دکن ۾ ڳالهائي ويندي
هئي.
مٿيئن بحث مان اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته سچل
سرمست جي اردو شاعري انهيءَ زبان ۾ آهي جنهن کي
عام اصطلاح ۾ دکني اردو سڏيو ويندو آهي. هي اها
زبان آهي جنهن بهمني مسلمان بادشاهن جي زماني ۾
ادبي صورت اختيار ڪئي ۽ قطب شاهي حاڪمن جي وقت ۾
دکن کان دهلي ۾ آئي ۽ هڪ بلڪل نرالو روپ اختيار
ڪيائين.
دکن جي اردو ۾ سنڌ جي اردو جو مُنڍ کان وٺي سچل
سائين جي زماني تائين پاڻ ۾ اهڙو لاڳاپو آهي جو
ٻنهي زبانن ۾ فرق محسوس ڪري نٿو سگهجي. ان ڳالهه
جو اصلي سبب اهو آهي ته ٻنهي جو پڻ بنياد سنڌ جي
سرائڪي (ملتاني) زبان آهي، جيڪا پشاور کان وٺي
مڪران ۽ ڪراچي تائين ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. جڏهن
دکن ۾، مسلمان حاڪمن قدم ڄمايا، تڏهن سندن لشڪر ۾
گهڻو ڪري اهي ماڻهو هئا. جيڪي سرائڪي (ملتاني)
زبان ڳالهائيندا هئا. ان کان سواءِ سنڌ جا ڪافي
بزرگ دين جي تبليغ لاءِ هتان هجرت ڪري هميشه لاءِ
دکن ۾ وڃي ويٺا هئا. برهان پور ۾ ”سنڌي پوره“ وارو
محلو اڄ به موجود آهي، جيڪو انهيءَ ڳالهه جي ثابتي
پيش ڪري ٿو. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي ڪجهه محققن
جو خيال آهي ته اردو جي پيدا ٿيڻ جي جڳهه سنڌ آهي.
اردو جي مشهور اديب سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب
”نقوش سليماني“ ۾ لکيو آهي ته: ”سرائڪي زبان سنڌ
جي اردو جو خاڪو (هيوليٰ) آهي.“
بهرحال اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌ جي اردو ۽
دکن جي اردو جو منڍ کان وٺي پاڻ ميلاپ رهيو آهي ۽
ٻنهي جو هڪ ٻئي سان سڌو سنئون ناتو آهي.
دکن ۾ اردو شاعري جي باقاعده شروعات قطب شاهي
درٻار مان ٿي. ان وقت سنڌ ۾ مير معصوم شاهه بکري
جو ننڍو ڀاءُ مير محمد فاضل هڪ قادرالڪلام شاعر
هو، جيڪو هندي (دکني اردو) ۾ ڪافيون چوندو هو. هن
کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي پراڻا اردو شاعر گذريا آهن،
تن مان هيٺيان مشهور آهن.
سيد محمود، محمد سعيد راهبر، مير علي جعفر بينوا،
سيد فضائل علي، محسن الدين، شيخ ورو، فائز ٺٽوي،
سيد حيدرالدين ڪامل، مخدوم معين بيراڳي، ۽ مير
حفيظ الدين علي. اهي سمورا شاعر سچل سائين کان اڳ
جا آهن. انهن مان سيد حيدرالدين ڪامل (متوفي
1164هه/1750ع) جا ٻه شعر نموني طور پيش ڪجن ٿا:
لبوں دلبر کے میری قتل کا بیڑا اٹھایا ہے
خدایا خون سوں میری تو اس کون سرخرو کرنا۔
عشق اب دهول
ہے زلیخا کا،
اس سون آگی ہے چاہ میں یوسف۔
سنڌ ۾ سچل سائين جا همعصر ۽ مشهور اردو شاعر هيٺان
آهن:
مير علي شير قانع، پرسرام مشتري، سيد ضياءِ الدين
ضيا، نواب ولي محمد خان لغاري، شاهو فقير زنگيجو،
سيد ثابت علي شاهه، محمد صالح فاروقي ۽ گل محمد
فاروقي.
انهن شاعرن دکن جي شاعرن وانگر اردو زبان کي مذهبي
۽ عاشقانه مضمونن سان سينگاريو آهي، پر ان ۾ تصوف
جو رنگ ڀرڻ وارو سچل سائين آهي ۽ حق به اهو آهي ته
سنڌي، اردو ۾ صوفيانه شاعري جي باقاعده شروعات به
هن کان ئي ٿي آهي. ان لحاظ کان کيس انفرادي حيثيت
حاصل آهي.
افسوس آهي جو سچل سائين جو اردو ڪلام پنهنجي اصلي
حالت ۾ لفظي صحت سان باقي نه رهيو آهي، ڇو جو اهو
فقيرن ۽ ڳائڻن کان ٻڌي لکيو ويو آهي ۽ ظلم وري اهو
ٿيو آهي: جو نقل ڪندڙن بي توجهي ۽ زبان کان
ناواقفيت جي ڪري هن ۾ ڪافي غلطيون ڪيون آهن، ان
هوندي به مضمون آفريني، اصليت ۽ رواني ۾ ان جي
ڪلام کي سنڌ جي ٻين اردو شاعرن جي ڪلام تي فوقيت
حاصل آهي.
اردو ۾ سچل سائين جون اٽڪل پنجاهه غزل نما ڪافيون
آهن، جن جي اڪثريت غزل جي عام بحرن ۽ وزنن تي پوري
بيهي ٿي تنهن ڪري ڪي ماڻهو انهن کي غزلن جي فهرست
۾ شمار ڪن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيل سچل جي
سرائڪي ڪلام ۾ ته ايتري ڀڃ ڊاهه ٿيل آهي، جو انهن
اردو ڪافين جي ساخت ئي بدلجي وئي آهي. اهي ڪافيون
اڄ ڪلهه جا جديد غزل معلوم ٿين ٿيون. ڪٿي سچل
سائين جي زماني جي دکني اردو ۽ ڪٿي جديد دهلوي
اردو؟ اهي ڪافيون پنهنجي اصلي حالت ۾ مرزا علي قلي
بيگ جي ڪتاب ”رسالو ميان سچل فقير جو“ ۾ موجود
آهن.
انهن مان ڪجهه ڪافيون اهڙيون به آهن، جيڪي عنوان
هيٺ اچڻ ڪري نظم جي صف ۾ داخل ڪري ٿيون سگهجن،
مثلاً هيٺين ڪافي جا ٻول خودبخود مطالبو ڪري رهيا
آهن ته کين دليل جي عنوان هيٺ اچڻ گهرجي.
اک دن بزار میں، میں نے دیکھا عجب نظارا
طفلوں کی ہاتھ میں تھا اک بلبل بیچارا،
رشتی سے اس کے قابو تھے بال پر تمامی۔
تڑپنے سے وہ نہ چھوٹے، کرتا ہے لکھ پکارا،
ہم حال اس سون پوچھا کہہ بلبل ہمیں سون۔
کس جا پہ آ پڑا ہے چھوڑیئی چمن ہزارا،
ہنس ہنس وہ ہم سون گویا ای ہجر برھ سون۔
عاشق جو کوئی ہویا وہ حال ہے ہمارا،
دم عشق جس نے مارا اس گلے پڑی ہے گاری۔
سر جان عاشق سجن پر محل سرپر سارا۔
سچل سرمست جي ڪلام کي الهام سڏڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه
ٿيندو، ڇو جو هن جو ڪجهه به چيو آهي سو وجداني
ڪيفيت ۾ چيو اٿس. سندس ڪلام ۾ عشق جي رمزن ۽ الاهي
اسرارن جا نڪتا جابجا نظر ايندا. هو جڏهن شريعت ۽
طريقت جون منزلون پوريون ڪري، معرفت جي ملڪ ۾ اچي
ٿو، تڏهن هن اڳيان ساري حقيقت ظاهر ٿي پوي ٿي. ان
وقت برهه جي باهه کان بيتاب ٿي پنهنجي هستي جو به
انڪار ڪري ٿو ويهي ۽ چوي ٿو ته:
تاب سے ہوں بیتاب میں تو تاب سے ہوں بیتاب،
نا مئی گویا نا مئن جویا نا مئن سوال جواب۔
نا مئن خاکی نامئن باری نا مئن آگ نا آب،
نامئن جنی، نامئن
انسی، نا سائی نایاب۔
نا مئن سُنی، نا مئن شیعا نا مئن ڈوھ ثواب،
سچو دی کہی ذات پچیدئیں نالی تا نایاب۔
جڏهن هو فنا جو مقام لتاڙي بقا جي مٿانهين مقام تي
پهچي ٿو، تڏهن هو پنهنجي اندر ۾ ئي پنهنجو محبوب
ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي پنهنجو مطلوب سمجهي چئي ٿو ڏئي
ته:
"معشوق سراپا ہوں ہم گوئی وہم چوگاں"
نه فقط ايترو پر وحدت وجودي جي تبليغ ڪندي پنهنجي
انداز ۾ خودي جو نعرو بلند ٿو ڪري ۽ چوي ٿو:
کون ہے میرا خالق مالک خود ہی خود میں سمایاں ہوں،
چھوڑ افلاک زمین پر آیا، عرش معلیٰ پر نہ سمایا۔
خود کا جلوہ خود کو بھایا خود ہی خود میں آیا ہوں،
اول سے نہ مکان ہے میرا لاحد ہوں نہ نشان ہی میرا۔
نام اتھان انسان ہے میرا خود کا خود ہی سایا ہوں۔
کوئی انسان ماں باپ نہ میرا حد
سے
لاحد میں ہے سيرا
سچل میرا ہرجا دیرا اپنا ہوں نہ پراں ہوں۔
هڪ جاءِ تي وري وجد ۽ مستي جي حالت ۾ ڪامل يقين
سان معرفت جي رمزن کي هن طرح سان ظاهر ٿو ڪري:
اگر اثبات کر جانی نہ ہرگز تم گدا ہوگا،
یقین کرنا گداگر ہیں و لیکن خود خدا ہوگا۔
ہوالاول ہوالاخر ہوالظاہر ہوالباطن۔
یہاں بھی وہ وہاں بھی وہ سچل تر تم کجا ہوگا۔
ان کان پوءِ هو پنهنجي ذاتي ۽ عيني شاهدي جي ڳالهه
ڪيڏي نه بي تڪلفي ۽ خلوص سان ٻڌائي ٿو:
مری اس چشم اک ايسا عجب
اسرار دیکھا تھا،
ابر کی بیچ اس آفتاب کا انوار دیکھا تھا۔
سچل سائين حُسن
۽ عشق جون موشگافيون ڪندي جڏهن پيار ۽ محبت جون
ڳالهيون ڪري ٿو، تڏهن پنهنجي ڪلام ۾ ڪونه ڪو اهڙو
اشارو به ڪري ٿو، جنهن مان سندس حقيقي عشق جو اصلي
رنگ صاف صاف نظر ٿو اچي. هو هجر ۽ وصال جي ڪيفيتن
کي هڪ جڳهه تي ئي ڪٺو ٿو ڪري.
کانگے نے یہ خبر سنائی یار میرے گھر آویگا،
آویگا ول جاویگا پر تجھ کون برہ بچاویگا۔
یار غیور ضرور اول سون عاشق کون آزماویگا،
پہلی مکھ وکلاویگا پر سارا ہجر آڑاویگا۔
دمدم دوست دلاسا دیکر
پیالا سوز پلاویگا،
کس دن آپ دیکھاویگا پر کس دن آپ چھپاویگا۔
سچل مجھ کون دلبر اپنا آپ دیدار دیکھاویگا،
جب تب
اول آخر ساجن پائوں تیری در پاویگا۔
حقيقي عشق جي رنگ ۾ رڱجي عشق جي درد جي واردات هن
طرح سان بيان ٿو ڪري:
تیری درد منجھ جانا یوں بے خبر کیا ہے
مجروح میرل دل کوں تیری اک نظر کیا ہے
ناحق مسافروں سی نیناں کیتی لڑائی
ہم نے گواہ اس پر سارا
شہر کیا ہے
اتنی یہ بے نیازی ساجن نہ کر سچل سی
اس کی گلی میں تم نے اک دن گذر کیا ہے۔
پنهنجي خيالي محبوب جي بيپرواهي ۽ پنهنجي حال راز
کي بلڪل سادن لفظن ۾ هن طرح سان پيش ٿو ڪري:
کس سون مئن کہ سائوں میرا یار ہے خیالی
مرا حال پوچھتا نہیں ہے اصل لاابالی
بیچارا اک نہیں مئن آشفتہ دلربا کا،
لاکھوں پہ چھا گیا ہے وہ حسن لایزالی۔
هو جدائي جي تڪليف ۽ انتظار جي بيقراري کي هيٺين
لفظن ۾ ادا ٿو ڪري:
تیری ہجر میں پیارا روتا ہوں زار زار،
تیری واعدے مجھ کون جاناں اب منتظر کیا ہے۔
*
(ڪاروائي سچل نيشنل سيمينار خيرپور 1985ع تان
ورتل)
سچل سائين جو فارسي ڪلام
سچل سائين هڪ وڏو پرگو ۽ بلند پرواز شاعر ٿي گذريو
آهي. سنڌ جو ٻيو ڪو به شاعر ڪونهي، جنهن مختلف
ٻولين ۾ ايترو ڪلام چيو هجي. مرزا علي قلي بيگ جي
تحقيق موجب هو پنهنجي انتقال وقت جيڪو ڪلام ڇڏي
ويو ان جو تعداد نو لک ڇٽيهه هزار، ڇهه سو ڇهه
بيت هو.
سچل سائينءَ جو ڪلام سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي
زبانن ۾ آهي. هتي سندس فارسي ڪلام جو سرسري جائزو
پيش ڪجي ٿو.
فارسي شاعريءَ ۾ حضرت عبدالقادر جيلاني، شمس
تبريزي، خواجه احمد جام ۽ خواجه فريد الدين عطار
جي ڪلام کان متاثر ٿيل ٿو ڏسجي ۽ انهن چئن بزرگن
جون تصنيفات ئي سندس شاعريءَ جو سرچشمو آهن. هو
پنهنجي ڪلام ۾ وقتاً فوقتاً انهن بزرگن کي ياد ڪري
ٿو، مثلاً:
از شرح غوثیه ای اتقیا
ترجمه
این
است کلام خدا۔
کر کسی دیوان
شمس الحق بخواند بالیقین
از خودی آزاد
کردد زمن ومائی بدل
من شدم عاشق به نام
آشفتگان
رهه رفیف
خواجه احمد جام ماست
راز وحدت نامه خواندم
رم "منطق طیر"
را
این
چنین
قرمده ست
آن خواجه عطار
ما۔
سچل سائين فارسيءَ ۾ غزل، مستزاد، قطع ۽ مثنويءَ ۾
طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ انهن سڀني صنفن ۾ تمثيل
ذريعي وحدت الوجود جي وضاحت ڪئي اٿس. خيال جي
بلندي ۽ معنيٰ جي گهرائي سان گڏوگڏ ضايع ۽ بدايع
جو به ڪافي استعمال ڪيو اٿس. سندس زبان بلڪل سادي،
صفا ۽ تصنع کان پاڪ اهي، جنهن تي سنڌي ۽ هندي
زبانن جو اثر غالب آهي. ان لحاظ کان سندس فارسيءَ
کي سنڌي فارسي يا هندي فارسي سڏيو ويندو ته بيجا
نه ٿيندو.
سندس فارسي ڪلام به عارفاڻو ۽ حقيقي عشق تي مبني
آهي، جنهن ۾ تصوف جون تمثيلون پيش ڪيون ويون آهن.
سندس سارو ڪلام عوام جي هدايت ۽ نصيحت لاءِ چيو
ويو آهي. ان ۾ رومانوي شاعرن وانگر جذبات کي اڀارڻ
جو سامان نه ملندو، جيئن پاڻ فرمائي ٿو:
این
سخن عشق است نی از
شاعری ست
کی خسان
داند این
اشعار ها۔
سندس ڪلام ۾ نازڪ خيالي، سوز و گداز ۽ درد جو ڪافي
سرمايو آهي. ليڪن زبان جي اها بندش ۽ صفائي نه
ملندي جيڪا امير خسرو ۽ حافظ شيرازيءَ جي ڪلام ۾
نظر ايندي. سندس ڪلام جي خصوصيت اها سادگي ۽ اهو
جوش آهي، جيڪو حڪيم ثنائي ۽ خواجه عطار جي ڪلام ۾
ملي ٿو. هو پنهنجي خيالن ۽ جذبن کي محلڪات جي
ذريعي، سهڻن ۽ پراثر لفظن ۾ پيش ڪري ٿو. سندس
فارسي تصنيفات جو مختصر تفصيل هي آهي.
(1) ديوان
آشڪار
هي فارسي غزلن، ننڍين مثنوين ۽ ڪجهه قطعات جو
مجموعو آهي، جو ٽي دفعا شايع ٿي چڪو آهي. پهريون
دفعو مير علي مراد خان جي ڪوشش سان، ٻيو دفعو
ولڀداس شڪارپوريءَ جي ڪوشش سان ۽ ٽيون دفعو وري
پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ لالا مڪند لعل جي قلبي ڪوشش
سان شايع ٿيو.
اهو ڪتاب تصوف جو هڪ املهه ۽ بي بها خزانو آهي ۽
سچل سرمست جي بي خودي، ذوق، مستي ۽ بيباڪي جو
ترجمان آهي.
(1) ساقي
نامو
هي سچل سائين جي ٻاويهن قطعن جو مجموعو آهي، جنهن
۾ ازل جي ساقيءَ کان معرفت جي شراب جي طلب ڪئي وئي
آهي. هن ۾ مڪر ۽ ريا واري زهد عبادت، ۽ انگوري
شراب کان پاڻ کي دور رکڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي،
مثلاً:
ساقيا اين شراب انگوري،
مانخواهم کزوست صد دوري،
لازوال ست آن مئي وحدت،
آن بنو شان زهم زمينجوري.
(2) مثنوي
تارنامو
هي مثنوي بحر رمل مسدس محذوف ۾ 146 شعرن تي مشتمل
آهي. جنهن ۾ هڪ ساز جي تار جو قصو بيان ڪري، هجر
۽ وصال جي حقيقت کي آشڪار ڪيو ويو آهي. جهڙي طرح
مولانا روم هڪ بينسريءَ جي صدا کان متاثر ٿي،
انسان جي اصليت ۽ حقيقت جي تمثيل پيش ڪئي آهي.
تهڙي طرح سچل سائين تار جي ذريعي معرفت جي مخفي
راز کي ظاهر ڪيو آهي.
(3) مثنوي
رازنامو
هي مثنوي به بحر رمل مسدس محذوف ۾ آهي، ۽ منجهس
862 شعر آهن. هن ۾ ننڍين حڪايتن ۽ تمثيلن جي رستي
تصوف جي مشهور معروف وحدت الوجود جي مسئلي جي
تبليغ سان گڏ خود شناسيءَ جي تعليم ڏني ويئي آهي،
۽ جڳهه جڳهه تي اهوئي سوال دهرايو ويو آهي ته:
کيستم من کيستم من کيستم،
در تحير مانده ام تاچيستم.
(4) مثنوي
گدازنامو
هن مثنويءَ ۾ 208 شعر آهن ۽ رمل مسدس محذوف جي بحر
تي آهن. هن ۾ پختن دليلن ۽ واضح مثالن سان عشق جي
سوزو گداز جو بيان ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته
پنهنجي هستيءَ کي فنا ڪرڻ کان پوءِ ئي بقا جي منزل
حاصل ٿيندي آهي. ايمان بالغيب جي تعليم لاءِ
هيٺيان شعر ڪيڏا نه دلڪش آهن.
باارادات چاه ڪنديون بود- آب ناديده که درديدن
بود،
گل بود بيرون کشيدن اي پسر- بعد ساعت آب آيد در
نظر،
اين برد برغيب آوردن يقين- تاکشيدن آب بيرون از
زمين.
(5) مثنوي
عشق نامو
هي مثنوي بحر رمل مسدس محذوف ۾ آهي، جنهن ۾ 152
شعر آهن. هن ۾ انسان جي عظمت جو نعرو بلند ڪندي
عقل جي فيل قال ۽ عشق جي وجد ۽ حال جو بيان ڪيو
ويو آهي. شاعر عقل ۽ عشق جون موشگافيون ڪندي هن
نتيجي تي پهچي ٿو ته:
عقل راداني که در تقليد شد،
عشق راخواني که صد توحيد شد.
(6) مثنوي
دردنامو
هن مثنوي ۾ ڪل 86 شعر آهن ۽ بحر رمل مسدس محذوف ۾
چيل آهي. هن ۾ درد و عشق جي واردات جي تشريح ڪندي
ٻڌايو ويو آهي ته بيدرد نامرد هوندو آهي ۽ نامرد
کي خدا جي راهه نه ملندي آهي. آخر ۾ دليلن سان
ثابت ڪيو ويو آهي ته:
اين جمله جهان ذات حق است،
آن ذات همه صفات حق است.
(7) مثنوي
رهبرنامو
هي مثنوي 521 شعرن تي مشتمل آهي. ۽ بحر رمل مسدس
محذوف ۾ آهي. هن ۾ رياڪار مرشدن جي قلعي کولي سچي
عارف ۽ ڪامل مرشد جي تعريف ڪئي ويئي آهي. هن مثنوي
۾ شاعر هڪ سوداگر جي حڪايت پيش ڪري تمثيل ذريعي ٽن
قسمن جي ماڻهن جو بيان ٿو ڪري. پهريان عام ماڻهو
آهن جيڪي کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪندڙ آهن. انهن
جي زندگي ورد وظيفي تائين محدود آهي. ٻيا زرين
لباس ٿا خريد ڪن. اهي خاص ماڻهو آهن، جيڪي ڪشف
ڪرامت جي منزل کان اڳتي نه ٿا وڃن، ٽيان وري اهي
بادشاهه آهن، جيڪي لعل ۽ گوهرن جا خريدار آهن. اهي
سچا عاشق آهن.
(8) مثنوي
وصلت نامو
هي سڀني مثنوين کان وڏي آهي. جنهن ۾ 905 شعر آهن.
هي به بحر رمل مسدس محذوف جي وزن تي آهي هن ۾ حمد
خدا، نعت رسول ۽ منقبت صحابه کان پوءِ ڪجهه بزرگان
دين جا واقعا آهن. ان کان سواءِ آدم جي تخليق جو
بيان ڪندي ساڳيو ئي وحدت الوجود جو نغمو آلاپيو
ويو آهي. جيڪو حسين بن منصور حلاج جي شهادت جي
بيان تي ختم ٿئي ٿو. هن ۾ حقيقي محبوب سان ملڻ جا
رستا به ٻڌايا ويا آهن. پاڻ فرمائي ٿو ته:
هرکه مي خواهد که حق واصل شود،
اندرين وصلت همه حاصل شود.
(9) وحدت
نامو
هي لمبو نظم آهي جيڪو 64 بندن تي مشتمل آهي. هرهڪ
بند ۾ ڇهه هم قافيه مصراعون آهن، ۽ هرهڪ مصرع جو
وزن فعلن فعلن آهي. هن ۾ به تصوف جي ا ن نُڪتي جي
وضاحت ڪئي وئي آهي ته وحدت ۽ ڪثرت ٻئي هڪ آهن.
ڪائنات ۾ جو ڪجهه آهي، اهو صفات جي صورت ۾ نظر اچي
ٿو، ۽ اهو عين ذات آهي. شاعر نعرو هڻي چوي ٿو ته:
حقا که زخود سخن راست گفتم، از ديد روانم،
کنمه از درد بيانم، نه هيننم نه همانم، همه سر
سجانم.
(10) بحر طويل
هي غزل نما قطع جي صورت ۾ هڪ طويل نظم آهي، جيڪو
سچل سائين ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي. هن ۾ لفظي،
معنوي ۽ تاريخي لحاظ کان بيشمار غلطيون آهن. ان
کان سواءِ سچل سائينءَ جي آفاقي مسلڪ تي پورو نه
ٿو اچي. شايد ڪنهن اناڙي ملا هي نطم لکي عارف سچل
ڏانهن منسوب ڪيو آهن.
|