سچي سان گڏ ڪچو
ڪلام
عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته اڄڪلهه هرڪس وناڪس حضرت
سچل سرمست جي ڪلام سان هٿ چراند ڪرڻ تي آماده ٿيو
وتي، ۽ پنهنجي مطلب جا شعر ٺاهي، سچي سائينءَ
ڏانهن منسوب ڪريو ڇڏي. ان مان نتيجو اهو ٿو نڪري
جو گهڻي عرصي گذرڻ بعد، سچي ڪلام مان انهيءَ ڪچي
ڪلام کي ڌار ڪرڻ ۾ دشواري محسوس ٿي ٿئي. سچي
سائينءَ ۾ ڪمال عقيدت سبب، بيشمار خامين هوندي به،
اهڙي ڪلام کي اکين تي رکڻو ٿو پوي، حالانڪ سرمست
سائين جن جو اهڙي ڪلام سان دور جو به واسطو ڪونهي.
ڪي حضرت وري پنهنجي ڪم علميءَ سبب سچي سائينءَ جي
ڪلام جي اصلاح فرمائي، نادانيءَ واري عقيدت جو
ثبوت ٿا ڏين. پري ڇو وڃجي، سچل جي شايع ٿيل سرائڪي
ڪلام ۾، اردو ڪلام واري حصي تي نظر وجهڻ سان معلوم
ٿيندو ته ڪيئن نه اردوءَ ۾ چيل ڪافين جي اصلاح
ڪري، انهن کي غزليات ۾ شامل ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾
اهي غزل نه، پر سچل سائينءَ جون غزل- نما ڪافيون
آهن، جيڪي موسيقيءَ جي ماترائن تي منظوم ڪيون ويون
آهن. جيڪڏهن مرزا علي قلي بيگ يا نماڻي فقير وارن
رسالن جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته واقعي انهن
ڪافين جي صورت مٽائي، دکني اردوءَ کي جديد لکنوي ۽
دهلوي اردوءَ جو جامو پهرايو ويو آهي. اها ڳالهه
ڪڏهن به مخفي نه رهي سگهندي. دراصل، ائين ڪرڻ
دوستيءَ جي پردي ۾ دشمني ڪرڻ جي برابر آهي. سچي
سائينءَ جي اردو ڪلام تي تفصيلوار بحث ڪنهن ٻيءَ
فرصت ۾ ڪنداسين، في الحال هڪ فارسي منظوم تصنيف جو
مختصر جائزو پيش ٿو ڪجي. تازو، جون 1966ع ۾، هڪ
غزل، مسمي بحرطويل مرتب قبله قاضي علي اڪبر درازي
صاحب، شايع ٿيو آهي جيڪو ٻه سو ٻاونجاهه شعرن تي
مشتمل آهي، ۽ جيڪو سچل سرمست سائينءَ ڏانهن منسوب
ڪيو ويو آهي
انهيءَ ڪتاب تي حضرت سچل سائينءَ جو نالو آهي ان
ڪري، هرڪو عقيدت ۽ احترام سان اهو ڪلام پڙهندو ۽
مطالعي بعد کيس مجبور ٿي مڃڻو پوندو ته اهو ڪلام
سچي سائينءَ جو ٿي نٿو سگهي. ان لاءِ هيٺيان يارهن
نڪتا ڪافي ٿيندا.
(1) غزل کي ”بحر طويل“ سڏيو ويو آهي، حالانڪ ان جا
ارڪان ”بحر رمل“ وارا آهن، جنهن جي وزن ”فاعلاتن،
فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلات“ آهي. علم عروض موجب،
بحر طويل مثمن جو وزن ”فعولن- مفاعيلن- فعولن،
مفاعيلن“ آهي. اها ڳالهه علم عروض جي معمولي ڄاڻ
رکندڙ ماڻهو به سمجهي سگهندو.
(2) هن غزل ۾ ڪل ٻه سؤ ٻاونجاهه شعر آهن جن مان
پنجاهه کان وڌيڪ قافيا بلڪل غلط آهن. فارسي زبان ۾
معمولي دسترس رکندڙ ڪوبه شاعر اهڙا قافيا استعمال
نه ڪندو. مثال طور، ڪرار، بيزا، اسرار، وغيره
هيٺين قافين جو استعمال ڪنهن به صورت ۾ جائز نه
آهي بهار، اعتبار، شمار، نهار ديار، نثار، شهسوار
عترت المعار، رستگار، گنهگار، ذوالفقار، شعار،
ڪامگار، ايماندار، بڪار، خاڪيار، حصار، استوار،
شڪار، هزار، گذار، مزار، وقار، سم الفار، نگهدار،
خواستگار، نفع دار، خاڪبار، وفادار، اختيار،
باستغفار، ڪوهسار، خمار، حمد گذار، مقار؛ لظار،
قرار انار، بادمدار، نگار خبردار، پائدار، شرمسار،
آبدار، ڪسنار، خريدار وغيره.
(3) قافين جي استعمال کان سواءِ پنجهتر سيڪڙو ان ۾
رديف ”باش“ جو استعمال بلڪل بي موقعي، ۽ بي معنيٰ
آهي. سڄي غزل جي ٻين سمورين بيتن کي ڇڏي، صرف رديف
جي غلط استعمال مان ئي سريحا“ ثابت ٿيندو ته اهو
ڪلام سچي سائينءَ جهڙي باڪمال شاعر جو نه، پر ڪنهن
فارسي زبان کان ناواقف ماڻهوءَ جي تصنيف آهي.
(4) اڪثر شعر بلڪل بي معنيٰ ۽ مهمل آهن، جن جي
معنيٰ ترتيب ڏيندڙ مترجم خود ڌڪي تي ڪئي آهي.
هيٺين مصراعن کي ڏسو:
1.ڪن تو باور امر شوقندني اشخار باش.
2. روح حق جسم نبي چون عترت المعار باش.
3. پس ڪني سجده بحق ني قرض را به هزار باش
4. ڪا آن ڪن ڪرد شهه منصور در نگونسار باش.
5. الغياث، اي شهه عرب جيلان مدعا بر آر باش.
6. فقر لايحتاج هرجا ليڪ الاهي هو آر باش.
(5) ڪلام جو ڪافي حصو سچي سائينءَ جي مسلڪ جي
برخلاف آهي. سندس آفاقي پيغام جو هر ٻول ٻيائيءَ
کان ٻاهر، ۽ هيڪڙائيءَ جي هوڪي وارو آهي. هو بار
بار پڪاري ٿو چوي ٿو:
وقت اها ٿي ويل، دُوئي دُور ڪرڻ جي،
هندو مومن سان هڪ ٿي، ڪر محبت وارو ميل.
ان عقيدي وارو اهل دل درويش وهابين، سنين ۽ شيعن
جي اختلافي مسئلن جي ڇيڙڇاڙ ڪري ئي نٿو سگهي. ان
غزل جي هيٺين شعرن تي غور ڪريو:
1. حيف صد بر هر وهابي برخلاف اند زين امر.
2. رافضي و خارجي هستد هردو شيعه.
3. رافضي و خارجي هر دو حرامي روي دار.
4. نقشبندي چشتي و هم سهروردي چه جائي.
(6) هيٺين شعرن مان شاعر جي ديني ڄاڻ جو اندازو
لڳايو:
1. محض شهپر را ڪلان ميداشته حضرت علي.
2. راست گويم شهپر اين بيشڪ نشان اهل فقر.
ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي، صرف مٿين ٻن مصراعن مان ئي
معلوم ٿيندو ته اهو عقيدو ڪنهن به فرقي واري
مسلمان جو ڪونهي ته ڪو حضرت علي ڪرم الله وجهه جن
ڊگها شهپر رکائيندا هئا. وري صوفياءِ ڪرام جي ڪنهن
به طريقي ۾ شهپرن کي فقيريءَ جو نشان سڏيو ويو
آهي. ڇا، سچو سائين انهيءَ عقيدي وارو هو؟
(7) هيٺين شعر مان شاعر جي تاريخدانيءَ تي غور
ڪريو:
رفت تنها بر حرب دهه لک بودند از و اميرالمعاويه،
بس تعجب زين سه لرزد را فضا خونبار باش.
انهيءَ شعر ۾ اسلوب بيان، فارسيداني، عروضي ڄاڻ،
وغيره کي ڇڏي، فقط اسلامي تاريخ جي لحاظ کان تبصرو
ڪبو، ته به معلوم ٿيندو ته صفين جي جنگ ۾ ٻنهي
طرفن تي بيشمار لشڪر هو. سني خواهه شيعو، ڪو به
مسلمان نه چوندو ته حضرت علي ؓ شام جي لشڪر سان
اڪيلو لڙڻ ويو هو.
(8) انهيءَ غزل ۾، رسمن ۽ رواجن جي قيد کان
آزاديءَ وارو عقيدو رکندڙ، حضرت سرمست سائين
فرمائي ٿو:
داده باشي يازده تاريخ شگر ماهوار.
(9) هيٺين شعرن ۾ متضاد خطاب ڏسو. هڪ شعر ۾ هدايت
آهي، ”باجماعت پنج وقتي نماز پڙهه.“ ٻئي شعرن ۾
چيو وڃي ٿو، ”اسين رند آهيون، ۽ نماز مان ڇا
ڄاڻون: اي طالب، تون به رند بڻجي اسان جو خدمتگار
ٿي.“
1. باجماعت ان مدي پنج وقت نماز را،
در جمع ناغه مڪن، بس پيشوا صفدار باش.
2. ماڪه هستيم رند مذهب، من چھ دانم از نماز،
طالبا، شو رند دم از ما تو خدمتگار باش.
(10) جيڪڏهن ڪو فارسي زبان جو اديب هيٺيان يا
اهڙا ٻيا شعر پڙهندو ته هو سچل سائينءَ جي فارسي
شاعريءَ لاءِ ڪهڙي راءِ قائم ڪندو:
1. بڪ رتي محبت نڪو از الفت من دوجهان.
2. شه علي ني قنت خورده ني خمر افيون تماڪ.
3. دمبدم با شوق تصور را بدل ميدار باش.
4. بر رضا با صبر خود نسيان چون مرده دار باش.
5. حق مخالف زان شود تول باومدار باش
(11) اصل ۾ هي غزل سچل سائينءَ جي ”ديوانِ آشڪار“
جي هڪ پنجن شعرن واري غزل کي آڏو رکي ڪنهن اڻڄاڻ
ويهي ٺاهيو آهي. ”ديوان آشڪار“ واري غزل جا پنج ئي
شعر هن ”بحر طويل“ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. انهن پنجن
شعرن ۽ باقي ٻه سو ستيتاليهن شعرن جو موازنو ڪبو،
تڏهن به اصل ۽ نقل جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
شاعريءَ جي معمولي واقفيت وارو ماڻهو به آسانيءَ
سان چئي سگهندو ته انهن پنجن شعرن جو مصنف، اهڙا
ردي شعر چئي، پنهنجي نااهليت جو ثبوت نه ڏيندو.
(نئين زندگي فيبروري 1967ع تان ورتل) |