ڇپائيندڙ پاران
سنڌ جو عطار
حضرت
سچل سرمستؒ
پنهنجي دور جو هڪ عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو
آهي. پاڻ سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ شعر
چيو آهي،
جنهن ۾ حق ۽ تصوف کانسواءِ وارداتِ عشق، هجر و
وصال جي ذڪر ۽ پيار الفت جون ڳالهيون ملن ٿيون.
حضرت
سچل سرمستؒ جو ڪلام آفاقي ۽ الهامي آهي، جنهن ۾
ڪيتريون ئي نصيحت جوڳيون ۽ سبق آميز ڳالهيون ملن
ٿيون. سندس شعري سرمايو يقيناً الاهي ڏات جو مُظهر
آهي.
سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي روايتي ذميوارين کي
نڀائيندي حضرت سچل سرمستؒ جي 192هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي هيءُ ڪتاب ”سچل سرمست جو آفاقي پيغام“ هڪ
خصوصي اشاعت ۽ اهتمام هيٺ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. جنهن
۾ سنڌي ادب جي نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر عطا محمد
’حامي‘ جا حضرت سچل سرمستؒ جي احوال، ڪلام ۽ سندن
آفاقي پيغام تي مشتمل اٺ تحقيقي مقالا ۽ مضمون
شامل آهن، جن کي نوجوان محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري
صاحب وڏي محنت سان سهيڙي اُن تي مقدمو لکي بورڊ جي
حوالي ڪيو، جنهن لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان.
هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان پنهنجي ايامڪاريءَ
۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن
لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن
سنڌي ادبي بورڊ ۽ جناب نظرمحمد ڳاهو صاحب چيئرمن
انتظامي ۽ مالي امور جو تهدل سان شڪر گذار آهيان،
جنهن منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان
ڪيو.
اميد ته سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب پڙهندڙن کي اسان جي
هيءَ ڪاوش پڻ پسند ايندي.
01- رمضان المبارڪ 1434هه
الهڏتو
وگهيو
11- جولاءِ 2013ع
سيڪريٽري
پُٺيءَ ڄَڃَ نه ڄُلُ، منجهه تماشي نه پوين،
گهوٽُ ڪري تون پاڻ کي، ڪر هنگامان هُلُ،
ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀُلُ، وٺج حال حلاج جو.
(سچل سرمستؒ)
ٻه اکر
سچل سرمست نه فقط پنهنجي فڪر جي حوالي سان نرالو
شاعر آهي پر فني حوالي سان به هُو يگانو شاعر آهي.
ان جي ڪلام جي سهيڙ، سنوار ۽ تشريح ۾ مرزا علي قلي
بيگ، آغا عبدالنبي ’صوفي‘، نماڻو فقير، عثمان علي
انصاري، مولانا صادق راڻيپوري، پروفيسر ڪلياڻ
آڏواڻي، رشيد احمد لاشاري، ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘،
۽ ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ جا نالا اهميت رکن ٿا.
انهن سمورن ۾ عطا محمد ’حامي‘ جو سچل شناسي تي ڪيل
ڪم انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڻ نه فقط سرمست
سائين بابت اهم تحقيقي مضمونن ۽ مقالن جي سهيڙ جو
ڪم ڪيو پر اُن کان به گهڻو اڳتي سچل سائين جي
فارسي مثنوين جو منظوم سنڌي ترجمو پڻ ڪيو ته ان
سان گڏوگڏ سچل سائين جي خاندان، سندن سوانح حيات،
سندن دور جي سياسي، سماجي حالتن ۽ سرمست سائين جي
شاعري جي مختلف رُخن تي تحقيقي انداز ۾ لکيو. سندس
اهڙو انداز سچل سائين بابت عقلي بنيادن تي سوچڻ
جون واٽون جوڙيون.
ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ جا هن ڪتاب ۾ ڪل ”اٺ“ مضمون
۽ مقالا سهيڙيا ويا آهن جيڪي سچل سرمست جي سوانح ۽
مختلف زبانن ۾ چيل آفاقي شعر بابت آهن، هي سمورا
مضمون ۽ مقالا پنهنجي مواد جي آڌار تي سچل شناسي ۾
اهميت رکندڙ آهن.
هن ڪتاب جي اشاعت لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده
سيڪريٽري محترم الهڏتي وگهيي جو خاص طور ٿورائتو
آهيان جنهن جي ڪوششن سبب ئي هي ڪتاب اوهان جي هٿن
تائين پهتو آهي، ان موقعي تي سچل چيئر، شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽
نامور شاعر محترم اياز گُل جن جو علمي سهڪار به
ياد رهندو.
شال نه وسرين تون، لوڪ سڀوئي وسري.
(سچل)
2012-6-29 ڊاڪٽر مخمور
بخاري
هالا
مقدمو
سنڌي شاعري جي رائج روايتن ۾ جنهن شاعر تبديليون
آڻيندي نيون روايتون جوڙيون ان کي اسان سچل سرمست
جي نالي سان ڄاڻون سڃاڻون. سچل سائين حق ۽ سچ جو
خوددار ۽ نرالو شاعر آهي جنهن شاعري جي فن ۽ اسلوب
۾ تبديليون آنديون. هن يگاني شاعر جي شاعري پنهنجي
اندر ۾ اونهو ساگر آهي جنهن ۾ تصوف جا موتي جواهر
لڪيل آهن، اهي سڀ تڏهن ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا جڏهن
سلوڪ جي راهه تي هلجي ۽ سرمست سائين جو ڪلام اهڙن
سلوڪ جي واٽ تي هلندڙن جي خاصي رهنمائي ڪري ٿو.
اهڙي شاعر جي ڪلام جي سوڌ سنوار ۽ تشريح جو ڪم به
اعليٰ سوچ رکندڙ عالم، اسڪالر ئي ڪري سگهن ٿا.
ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ گذريل صدي جي آخري اڌ ۾ سچل
سائين جي آفاقي پيغام بابت اهم ڪم شروع ڪيو. هن
مقدمي ۾ حامي صاحب جي سوانح حيات جي مطالعي بعد
سچل سائين بابت ڪم جو مطالعو ڪنداسين.
“حامي” جي مختصر سوانح حيات
ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ اهڙي شخصيت هو جيڪو هڪ ئي
وقت محقق به هو ته سچل جي فارسي شاعري جو مترجم به
۽ وري گڏوگڏ شاعر ۽ استاد پڻ هو. سندس جنم ضلعي
خيرپور جي هڪ ڳوٺ ”سوهو ڪناسرا“ ۾ 1- جنوري 1919ع
تي قائم الدين سوهو جي گهر ٿيو. ابتدائي تعليم
پرائڻ کان پوءِ 1941ع ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان
بمبئي يونيورسٽي جي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.
ان کان پوءِ رياست جي اڏاوتي کاتي ۾ ڪلارڪ جي
حيثيت سان گهڙيو. ڪجهه وقت کان پوءِ نوڪري ڇڏي سنڌ
مسلم ڪاليج ڪراچي مان 1946ع ۾ انٽر جو امتحان پاس
ڪرڻ بعد موٽي اچي ناز هاءِ اسڪول جي لقمان شاخ ۾
ماستر مقرر ٿيو. 1947ع ۾ کيس ٽريننگ ڪاليج فارمين
۾ بدلي ڪيو ويو، جتي رهندي بي.اي، بي.ٽي ۽ ايم.اي
(سنڌي) جا امتحان سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ طور
پاس ڪري ورتائين.
ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ جي فارمين ڪاليج واري اها
نوڪري 1953ع تائين هلندي رهي، 1953ع ۾ حامي، نوڪري
تان استعيفا ڏئي خيرپور رياست جي چونڊن ۾ حصو
ورتو ۽ ڪامياب ٿي کاٻي ڌر جو اڳواڻ مقرر ٿيو، پر
سندس ميمبري جي ڄمار ٻه ورهيه کن مس ٿي، ڇاڪاڻ ته
آڪٽوبر 1955ع ۾ ون يونٽ قائم ڪيو ويو، جنهن تحت
اسيمبلي ته ڇا، رياست جي به ڪا حيثيت قائم نه رهي.
ان بعد حامي صاحب، ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌي جو
ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ هالا،
ٽنڊو جان محمد، شڪارپور ۽ سکر ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي
رهيو، جنهن دوران 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان
نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر غلام علي الانا جي
رهبريءَ هيٺ ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽
ثقافت ۾ حصو“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽر
آف فلاسافي جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪيائين.
حامي مرحوم پنهنجي عمر جا سٺ سال پورا ڪري نوڪري
تان 31- ڊسمبر 1979ع تي رٽائرمينٽ ورتي. ۽ ڪجهه
عرصو بيمار رهي، 3- جون 1982ع تي هن فاني جهان مان
لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مرتئي تي سنڌ جي ٻن اديبن ۽
سندس دوستن ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومري ۽ مرزا عباس
علي بيگ فارسي ۾ قطعه تاريخ وفات لکيا، ان کان
سواءِ مرزا عباس علي بيگ سندس پهرين ورسي تي سنڌي
۾ هڪ نظم به چيو، فارسي قطعن سان گڏ سنڌي نظم جون
ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون:
قطعه تاريخ وفات (فارسي)
شاعر به
خوش
زبان حامي بود باڪمال
پس
خمش مزاج عالم او بود بي مثال
تاريخ ”راز وصلش جستم به ”رقد نطيط“
1982ع
در کلک مصطفيٰ شد در نوم خوش خصال
ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو
شاعر شيرينِ سخن فخر وطن حامي شهير
رفت زين دنيائي فاني، وائي! با حڪم قدير
سال ترحلش سروش، غيب گفت در غراءِ
سوئي جنت شد روان آن ”نيڪ خلق بي نظير“
مرزا عباس علي بيگ
سنڌي نظم
مرحبا صد مرحبا اي سنڌ جا ”حامي“ اديب،
مرتبو علم و ادب ۾ تو سندو مثل خطيب
شعر تنهنجي ۾ نزاڪت ۽ لطافت جو حسن
داد ڏئي ۽ ياد ڪن توکي ٿا ياران وطن
جوهر آئينه کي تابنده تر توئي ڪيو.
مرزا عباس علي بيگ
حامي مرحوم جو علمي اثاثو
الف: نثر
ڪتاب:
(1)
ثمر حيات 1953ع
(2)
درازن جا درويش 1959ع
(3)
سچل سرمست 1964ع (ترتيب)
(4)
سنڌي ڪلاسيڪي شاعري 1981ع (ترتيب)
(5)
نينهن جا نعرا (سچل جي فارسي مثنوين جو ترجمو،
ترتيب: ڊاڪٽر نواز علي شوق) 1983ع
(6)
وکريل موتي (مختلف مضمون ۽ مقالا ترتيب: قاضي:
مقصود”گل“) 1983ع
(7)
حامي جو ڪلام (حامي جي مڪمل شاعري مرتب: محمد علي
حُداد، 1986ع
(8)
خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو
(پي.ايڇ.ڊي لاءِ لکيل تحقيقي مقالو) 1994ع
(9)
ڪشف المحجوب (حضرت علي هجويري المعروف داتا گنج
بخش جي ڪتاب جو ترجمو)
(10)
ڪلياتِ ناز (مير علي نواز ’ناز‘ جو ڪلام، ترتيب)
(11)
آدم جي تخليق (ترجمو) 2010
محمد علي حداد، ”حامي جو ڪلام“ ۾ حامي صاحب جي
اڻڇپيل ڪتابن جي فهرست ڏني آهي، جيڪا هتي نقل ڪجي
ٿي:
1-
سچل سرمست (اردو)، اوقاف کاتي مغربي پاڪستان لاهور
کي ڏنل، هن مسودي بابت هن وقت ڪابه ڄاڻ ناهي)
2-
پيرل فقير جو ڪلام (ترتيب)
3-
لعل چند مجروح جو ڪلام (ترتيب )
عطا محمد ’حامي‘ ان کان پوءِ ڪيترائي مضمون ۽
مقالا پڻ لکيا جيڪي مختلف علمي ادبي رسالن ۾ شايع
ٿيا، ان کان سواءِ حداد مرحوم لکي ٿو ته: ”حامي،
سچل سرمست جي فارسي مثنوين کان سواءِ بوعلي قلندر
جي مثنوي، سچل جي ديوان آشڪار، نسيم امروهي جا ٻه
اردو مرثيا، منتخب ديوان علي عليھ السلام، حديث
ڪسا جو ترجمو به ڪيو. انهن مان سچل جون مثنويون ۽
حديث ڪسا جا ترجما ته شايع ٿيل آهن، باقي سڀ شيون
حامي صاحب جي ڪنهن مٺڙي جي ور چڙهي ويون آهن، حامي
صاحب جو ڪو ”ظالم“ حامي جي سادڙن پوئينرن کي هر
ڪنهن کي سندس تبرڪات ڏيکارڻ جو سبق سيکاري ويو.
(حامي جو ڪلام، ص 34)
شاعري
حامي مرحوم سٺو شاعر به هو، سندس شاعري جا موضوع
گهڻو ڪري عشق، بي وفائي ۽ رنج والم آهن. چوندا آهن
خوشي ۽ فرحت جا سال به پل ڀانئبا آهن ۽ ڏکن تڪليفن
جو لمحو به سالن برابر محسوس ٿيندو آهي، اهڙو خيال
حامي جو به آهي، هو چوي ٿو:
سکن جا سال ويا وسري، ڏکن جا دم نٿا وسرن،
خوشيون سڀ خير سان وسري ويون پر غم نٿا وسرن.
حامي وٽ عشق شاعري جو اهم موضوع آهي، عشق ۾ ڪڏهن
رسڻ ته ڪڏهن پرچڻ، ڪٿي وفاداري ته ڪٿي وري جفائون
ئي جفائون، هو چوي ٿو:
وفائن ۾ توڙي جفائن ۾ جاني،
نڪو مثل منهنجو نڪو تنهنجو ثاني.
ڪٿي ناز وارا، ڪٿي نينهن وارا،
هي ڪن عيش عشرت، هو ڪن نوحه خواني.
زباني ۽ ناني مليا کوڙ ”حامي“،
لڌو ڪين ليڪن، ڪٿي دوست جاني.
انسان جو هٺ، غرور ۽ اَنا ئي کيس حقيقي لذتون ماڻڻ
کان محروم رکن ٿيون ۽ انسان جي حياتي جو ڏيئو اچي
وسامڻ تي پهچي ٿو، ته ڪڏهن ڪڏهن ڳڀرو جوانن کي به
ڪمهلو موت ڀاڪر وجهيو وٺي. اهو قدرت جو قانون آهي.
جيڪو اٽل آهي ۽ ازل کان اَبد تائين اَٽل ئي رهڻو
آهي، حامي چوي ٿو:
نه ڪر ناز ايڏو جواني تي جاني،
هي ڪاغذ جي ٻيڙي! اِجها ٿي رواني،
ڏيئي جي وس آهي ٻرڻ، توڙي وسامڻ شمع جو،
زندگي ۽ موت تي ڪنهن کي به ناهي اختيار.
هن دنيا ۾ جيڪو رب ڪريم تي پورو پورو يقين رکي ڪو
ڪم شروع ڪندو ته اهو هر حال ۾ مڪمل ٿيندو. اهڙو
شخص هميشه دنيائي خطرن ۽ تڪليفن کان بي نياز هوندو
آهي، حامي چوي ٿو:
بحر هستي ۾ رهي ٿو ڀروسو رحمان جو،
خوف ناهي موج جو، گرداب جو، طوفان جو.
ذڪر و فڪر و سوز، سختي سان رهي ٿو واسطو،
اهل حق جي قلب جو، جيءَ جو، جگر جو، جان جو.
ملڪ ۾ جاري ڪجي، قرآن مان ڳولي مثال،
قاعدي جو، حڪم جو، قانون جو، فرمان جو.
عطا محمد ’حامي‘ جي شاعري ۾ عشق کان ويندي زماني
جي حالتن، واقعن تائين اڻ ڳڻيا موضوع ۽ مضمون شامل
آهن، ته وري ٻئي طرف حامي مرحوم جو اندازِ بيان
سادو به آهي ته اوترو اونهو ۽ ڳنڀير به- جيڪو
ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ کي متاثر ڪري ٿو. حامي مرحوم جو
اهو انداز نرالو به آهي ته خوبصورت پڻ:
مٺن ماڻهن اڳيان ’حامي‘ مٺو ڳالهائڻو پوندو،
زبان کولڻ کان اڳ ۾، حرف سارا تورڻا پوندا.
سچل سرمست بابت تحقيق
ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ هڪ شاعر هجڻ سان گڏوگڏ غير
جانبدار محقق ۽ سچل شناس جي حيثيت به رکي ٿو. سندس
سچل سائين جي حوالي سان ٻه ڪتاب ”سچل سرمست“ ۽
”نينهن جا نعرا“ شايع ٿيل آهن ۽ هي ٽيون ڪتاب ”سچل
سرمست جو آفاقي پيغام“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هت
اسان ’حامي‘ مرحوم جي سچل سائين تي ڪيل سموري ڪم
بابت گفتگو ڪنداسين. |