سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :2

·                 ولي محمد ”وفا“ پلي

روئن نيڻ ڏينهن رات پنهنجا نماڻا،

وسن وڏ ڦڙن جيئن جي تو در وڪاڻا.

اهي لڙڪ لعلن کان وڌ آءٌ ڀانيان،

ااگهن جي پرين وٽ ته جڳ وٽ اگهاڻا.

ملي نيڻ نيڻ سان نينهڙو نڀائن،

جي نيڙا نجين، ڇا تن ناز ناڻا.

فقط نيڻ نيڻن کي ڄاڻن سڃاڻن،

فقط نيڻ پائين نيڻن جا ناڻا.

نه وڇڙن مُٺا، نيڻ ٺارن کان ڪڏهين،

جي وڇڙي وڃن نيڻ واٽن وڃاڻا.

جڏهن نيڻ نيڻن سان وڇڙي ورن ٿا،

تڏهن لڙڪ لاڙڻ گهمائين گهاڻا.

”وفا“ شل هجن نيڻ نيڻن جي نجهري،

ٿين پل پراهان نه پريمي پراڻا.

·                 ”نظير“ ٽکڙائي

اڄ ڏسڻ ۾ ٿو اچين تون شوخ تر ڪهڙو وري،

رات جي محفل جو توتي ٿيو اثر ڪهڙو وري.

نيڻ پُرنم يار تنهنجا زلف برهم، بي انداز،

ويو هليو بدلائي توکي بد نظر ڪهڙو وري.

هي لڪڻ تنهنجو ڇپڻ پاسو ڪرڻ ڪيڏانهن ويو،

ٿيو اڳوڻي کان به آهين بي خطر ڪهڙو وري.

حال تنهنجي کان سندم ڌڙڪي ٿي دل جي ڪائنات،

اوچتو آئين ڏيڻ دردِ جگر ڪهڙو وري.

هيڏي تابش هيڏي مستي جي سڄڻ ساڳي رهي،

ڏينهن ٿوري يا گهڻي جيئندو بشر ڪهڙو وري.

زندگي آئي اڇن ۾ ڀروسو ناهي ”نظير“،

ڳولهيان دنيا ۾ هاڻي جلوه گر ڪهڙو وري.

·                 نشتر ناٿن شاهي

زخم سان، زخم، ڇٽائڻ ٿا گهرو،

باهه سان، باهه، وسائڻ ٿا گهرو.

زخم تازهه تي، نمڪ پاشي ڪري،

زخم تازي کي وڌائڻ ٿا گهرو.

سارو ماحول، مخالف ٿي ويو،

ڪنهن کي حالات ٻڌائڻ ٿا گهرو.

منهنجي ڳوڙهن کي، رواجي نه چئو،

ملهه گوهر جو، وڃائڻ ٿا گهرو.

بي اصولي کي چئو ويٺا اصول،

لعل، شيشي کي بنائڻ ٿا گهرو.

عيش و عشرت جا زمانه، نه ڏسَيوَ،

ڪهنه نغمات ٻڌائڻ ٿا گهرو.

بي وفائن سان وفاداري ڪري،

سون، چانديءَ تي مٽائڻ ٿا گهرو.

مون کي، محبوب کي، سجدي کان جهلي،

مون کي گمراهه، بنائڻ ٿا گهرو.

گرچ، ”نشتر“ ٿو وفادار رهي،

پوءِ، ڀلا، ڇو نه، نباهڻ ٿا گهرو.

·                 ولي سروري

ذرا دير رند، جهان ترسجو،

خدا آهه ٿيو مهربان ترسجو.

ڀريو جام نظرن منجهان ترسجو.

نه جيسين وڃو هوش مان ترسجو

نه منت ڪش جام وشيشه ٿجو،

کڻي نيڻ جيسين سنوان ترسجو.

ٿجو ڪين گل، انجمن جا چراغ،

وڃي جيسين پيرين پوان ترسجو.

جهڪان ٿو مگر ماهه وانجم ٻڌو،

مٿي سر نه جيسين کڻان ترسجو.

تمنا دل، مضطرب با ادب،

زمين بوس جيسين رهان ترسجو.

چون ٿا ته دلبر اچي ٿو پڇڻ،

مسيحا کي آڻيو متان، ترسجو.

متان پير دلبر مٽيءَ ۾ ڀريو،

اکيون راهه ۾ ٿو رکان ترسجو.

وڃو ڪين هاڻي اي منهنجا پساهه،

سڄو حال جيسين چوان ترسجو.

روانو جڏهن ٿئي هو رخصت وٺي،

ذرا دير اشڪِ روان ترسجو.

ٿجو آرزوئو متان آشڪار،

اچي پيو اچي راز دان ترسجو.‎

جهان جا ڇڏي سازو سامان سڀ،

ٿو تصوير دلبر کڻان ترسجو.

اجهو ٿئي ٿو آزاد سودو زيان،

”ولي“ جا اي پيرِ مغان ترسجو.

احمد خان آصف مصراڻي

دل تي غمن جو گهيرو، سولي ته ڳالهه ناهي،

بازن جي وچ ۾ ڳيرو، سولي ته ڳالهه ناهي.

عشق آ رئڻ ۾ پورو اشڪن اگهڻ ۾ پورو،

حسُن آ کلڻ ۾ کيرو، سولي ته ڳالهه ناهي.

شرميلڙين اکين کي، خوني ڪجل بنايو،

آيو ڇُرين کي ڇيرو، سولي ته ڳالهه ناهي.

شيرين دهن، شڪرلب جي گفتگو سان ڀيٽڻ،

ماکي مکڻ جوٽيرو، سولي ته ڳالهه ناهي.

جنهن کي حيات چئون ٿا سي مستعار گهڙيون،

دنيا دمن جوديرو، سولي ته ڳالهه ناهي.

پُر پيچ مسئلن سان پُرزندگي جا لمحا،

سٽ جو منجهيل ڪو ڍيرو، سولي ته ڳالهه ناهي.

قومون۽ ملڪ ٺهندا آهن صدين پُڄاڻا،

اونده مان ٿئي سويرو، سولي ته ڳالهه ناهي.

حق سان لڙي ٿو باطل لڙندو ئي رهندو شايد،

جهٽ پٽ ٿئي نيبرو، سولي ته ڳالهه ناهي.

اَٽو لَٽو اَجهو اي ”آصف“ ملي سڀن کي،

اهڙو وري ڪو ويرو، سولي ته ڳالهه ناهي.

·                 عاجز اُڄڻ

اڇا ماڻهو، ميرا مَن،

ڪير سڃائي، من درين.

ڪو ته ماڻهو، موتيءَ داڻو،

ڪو ته جهڙو، ٿُوهر پَن.

ڪا ته ڪينجهر، هنجهه اُڏار،

ڪا ته ڪينجهر، ڪانگ لنون.

ڪي ته اهنج به اؤکا ناهن،

ڪي ته سهنج به ڏک ڏين.

آگ حياتي، ”عاجز“ ساري،

پٿر سارو آ جيون.

·                 سومرو محمد اسحاق ”راهي“

قسمت وفا ڪري ته ٿي هر شيء وفا ڪري،

دلبر وفا ڪري ته وفا ٿو خدا ڪري.

دل جي مريض جي ڪو ٻيو ڇا دوا ڪري،

هن جي نگا هِ ناز فقط ٿي شفا ڪري.

ان طرح توتي پاڻ فدا آهيون دلربا،

پروانو خود کي شمع مٿان جئين فدا ڪري.

ڪيڏو نه حسنِ معنيٰ تي بهتان ٿو اچي،

واعظ کي چؤ ته اهڙي نه اڳتي خطا ڪري.

مون کي تلاش نسخه و مرهم جي ڪين آهه،

زخم جگر کپن ٿا اگر ڪو عطا ڪري.

بيتابيون ۽ سوز، پريشانيون، جفا،

سامان زندگي جا مان ويٺس ڪٺا ڪري.

هن مهل تائين پيار ۾ تقصير ڪين ٿي،

رهجي اچي ڪا خير جي اڳتي خدا ڪري.

بيشڪ زبان تي ضبط ڪري ”راهي“ ٿو سگهي،

ليڪن اکين تي ضبط ۽ قبضو به ڇا ڪري.

·                   منير سولنگي

اسيرن محبت کي ڀلا ڪهڙي خبر سائين!

ته ڪهڙي وقت کڙيو چنڊ ڪڏهين ٿي سحر سائين!

اها شوخي، اهو انداز، ساڳي چال آ تنهنجي،

ڪرم ڏي ڇونه ٿي مائل اڃا تنهنجي نظر سائين!

خدا تنهنجي جوانيءَ کي ڪري شل درد کان واقف،

يقين آهي نه ويندي آهه منهنجي بي اثر سائين!

سدا آباد رهه ۽ شاد، منهنجا ڀاڳ ڪهڙا ڀي،

ڏکن ۾ يا سکن ۾ زندگي ٿيندي بسر سائين!

مٿان هر زخم منهنجي جي، سجاوٽ لاجواب آهي،

جگر ۽ دل ۾ ٿا چمڪن سوين لعل ۽ گهر سائين!

اگر روداد الفت مون سڻائي انتها ڪئي آهه،

مگر دامن تي هاريندس، اڃا خون جگر سائين!

”منير“ اڄ اوچتو ان جي تصور ۾ روئي ويٺس،

سڄڻ جي ياد ۾ اُڀريا وري اُڌمان سَڄَرَ سائين!

·       ”بيوس“ بازيد پوري

پرين توکي پل پل پڪاري ڇڏيو مون،

اي! ساجن سڄو ڏينهن، ساري ڇڏيو مون.

ڪري صاف رستو، سينگاري ڇڏيو مون،

اڱڻ تنهنجي خاطر، ٻهاري ڇڏيو مون.

ڪري ياد پيارا، پراڻيون پچارون،

پرين پاڻ ڳڻتين ۾ ڳاري ڇڏيو مون.

سهي سور سر تي ڪري يار اُف، اُف

ٿڌو ساهه دل مان، اُٿاري ڇڏيو مون.

ڏکن ۾ ڏکيا ڏينهڙا ڏوري، ڏوري،

ڏکيو وقت ڏک ۾ گذاري ڇڏيو مون.

ڏکن پويان آخر، سڄڻ سک به ايندا،

 

ااهو پَههُ پڪو دل ۾ ڏاري ڇڏيو مون.

اوهان جو وٺي نام، بحرِ الم مان،

ٻڏل دل کي تاري، ڪناري ڇڏيو مون

اڃا تنهنجي خاطر، مان زنده رهان پيو،

اميدن تي جيءَ کي جياري ڇڏيو مون.

جڏهن کان تو ”بيوس“ بنايو تڏهن کان،

”حسن“ کي به تنهنجي سهاري ڇڏيو مون.

·                 حباب انصاري

مجبورين جو حال سُڻائي ڇڏيو اٿم،

حيران هر نظر کي بڻائي ڇڏيو اٿم!

هي درد، هي فراق، هي صدما هي بيڪسي،

ڇا ڇا نه پنهنجي دل ۾ سمائي ڇڏيو اٿم!

ڪوئي ڏسي اچي هي ڪرشمو جنون جو،

دامن تي لاله زار کلائي ڇڏيو اٿم!

منهنجي عظيم عشق جون ڏسجو عقيدتون،

سر کي به سنگِ در سان ملائي ڇڏيو اٿم!

ڏسجي ته هن جهان ۾ ڪهڙا ٿا گل ڦٽن،

پنهنجي اکين مان مينهن وسائي ڇڏيو اٿم!

دل جان پنهنجي دوست جي قدمن اڳيان رکي،

الفت سندو حساب چڪائي ڇڏيو اٿم!

بيتاب ٿي غزل ٿي چوي دل ”حباب“ جي،

رڳ رڳ سندو رباب وڄائي ڇڏيو اٿم!

·                 ”جانثار“ سروري

اکين ئي اکين ۾ پياريو ڇڏين،

نشا نينهن وارا ڏياريو ڇڏين.

جي ڦيرائين نظرون ته ماريو وجهين،

جي مرڪي نهارين ته جياريو ڇڏين.

ڪناري تي بيهي جي ڪجلا کڻين،

ڪُنن مان ڪنئين ٻيڙا اُڪاريو ڇڏين.

اوهان ڪنهن نه وعدي کي ايفا ڪيو،

مگر ڇا ڪجي، جو وساريو ڇڏين.

نگاهن ۾ جادو اٿئي قهر جو،

کڻين ٿو ته پٿر به ڳاريو ڇڏين.

ٻڌايان جڏهن توکي ٿو دردِ دل،

ڪري يار ڪنٽار ٽاريون ڇڏين.

 

نه پاري ڪو توسان ٿو اي”جان نثار“،

مگر تون ته سڀ ڪنهن سان پاريو ڇڏين.

·                                   ”قلندر“ بدوي          

تنهن جو قسم مان توکي وساري نٿو سگهان،

تو بن گهڙي ڪا هڪڙي به گهاري نٿو سگهان.

سوزِ درون جو دارون آ ديدار يار جو،

ٻي ڏي کڻي نگاهه نهاري نٿو سگهان.

راءِ وفا ڪٺن آ مگر راه سا ڇڏي،

آسان ڪا به راه اجاري نٿو سگهان.

دهرايو آهه اڄ مون وري عشقِ قيس کي،

مجنون جان سر کي سنگ کان ٽاري نٿو سگهان.

تقدير آڏو ڪانه ٿي تدبيرڪا هلي،

بگڙيل نصيب پنهنجو سنواري نٿو سگهان.

احساس نامرادي جڏهن دل ۾ گهر ڪيو،

دل کي ڏئي دلاسو ڌتاري نٿو سگهان.

عشق بتان ۾ منهنجي سڄي عمر ٿي بسر،

ازلي اهو آ انگ جو واري نٿو سگهان.

بارش بار بار وسن نيڻ نير ٿي،

آتش لڳائي عشق، سان ٺاري نٿو سگهان.

ڪاوڙ منجهان ئي سون ڏي نهاري ته ٿوپيو،

احسان ان جا هي به وساري نٿو سگهان.

·                 نيڀراج ”صوفي“

مند موٽي مهر ٿي مينهن منڊيو مانڊاڻ اڄ،

چنڊ چو ڏس جي لڪي چو ڏس ڪئي چانڊاڻ اڄ،

آهه اڄ آڙنگ ٿيو اُڀ ۾ اٿيا آهن ابر،

اوت اوتي هي اجهي ڪنديون اُٻون اَلاڻ اڄ،

ويل واهيري وسيو وانڍن وٿاڻن وڏ ڦڙو،

ور ڏئي واحد سندي ولهار ڪن واکاڻ اڄ.

پلٽ ٿي پوٽن پٽن پرچي پيارل پرت مان،

پاڪ پاڻي پلر جو پياسن پياريو پاڻ اڄ.

ٿر جبل ساري وچولي لاڙ ۽ منگرن مٿان،

جام جالارو وٺو جو هن سين جر جنهاڻ اڄ.

مينهن هن موتي وسايا ملڪ ماکي ٿي پير،

سنڌ جي سرسبز وادي سرس ڪئي سُر هاڻ اڄ.

برڪتون باريءَ ڪيون ڏس ٿي ڪڻن مان ڪيچ پيا،

قرب سان قادر ڪيا ڪنڊ ڪڻڇ ۾ ڪلياڻ اڄ.

اڄ اڱڻ تون ٿو اچين ”صوفي“ اهو پيڙو پسڻ،

آسمان تنهنجي اچڻ جا ٿو ڏئي اُهڃاڻ اڄ.

·                                  مومن مليرائي

جي گهرو ٿا زندگاني ٿئي سجائي دوستو!

عزمِ همت سان اُٿي ڪريو ڪمائي دوستو!

پرت جي پڙ ۾ پسايو سور هيائي دوستو!

ڪين ڪريو قرب ۾ ڪڏهن ڪچائي دوستو!

ظلم مان ڪجهه ڪين وريو آ نه ڪجهه ورڻو ڪڏهن،

ڪوڙ سچ جي ٿيندي ڪا آخر صفائي دوستو!

قرب سان جي ٿا رکن هٿ ڪار ۾ دل يار ۾،

پرت تن پوري پرينءَ جي آ پِرائي دوستو!

قوم جي خدمت ڇڏي جن پيٽ جي پوڄا ڪئي،

طمع تن کي آ ڪيو تڪڙو توائي دوستو!

مينهن ڪنڍيءَ پور جان آ دل وراڪو دوس سين،

مون، پرينءَ ”مومن“ نه ٿيندي ڪا جدائي دوستو!

نظم

·                 عبدالڪريم گدائي

اڄ سندءِ ياد ۾ ڳوڙها ٿو وهايان ويٺو!

(پنهنجي شريڪ حيات جي ياد ۾)

 

اي منهنجي سور جي ساٿي سندم شريڪ حيات!

اڄ سندءِ ياد ۾ ڳوڙها ٿو وهايان ويٺو.

 

تنهنجي خدمت ۽ وفائن کي هينئر ياد ڪري،

تنهنجي تصوير کي سيني سان لڳايان ويٺو.

 

توکي ان وقت هو تقدير ملايو مون سان،

منهنجي ٻارن جو جڏهن ڪو به سهارو نه هيو.

 

ماءُ جي پيار کان محروم ها ابهم منهنجا،

ٻاٽ اوندهه هئي، اميد جو تارو نه هيو.

 

تون مگر آئين سندم گهر ۾ فرشتو بڻجي،

ٻارڙن کي تو سڳي ماءُ جي الفت بخشي.

 

پنهنجي بي لوث محبت سان تو اي جان وفا،

تو پراين کي سڳي ماءُ جي قربت بخشي.

 

سندم ممتا ۽ سندءِ پيار محبت کي ڏسي،

ٻارڙا داغ يتيميءَ جو وساري ويٺا.

 

تنهنجي بي لوث محبت جي مٺيءَ لوليءَ ۾،

ٻارڙا پنهنجي سڳي ماءُ وساري ويٺا.

 

اڄ جڏهن توکي هئي گهرج سندن خدمت جي،

تون ڏئي داغ جدائيءَ جو هلي وئي آهين.

گهرجي هر چيز تي اي جان_وفا يادن جو،

پيار ۽ قرب جو هڪ نقش ڇڏي وئي آهين.

اڄ سندءِ ياد م ڳوڙها ٿو وهايان ويٺو.

تنهنجي خدمت ۽ وفائن کي هينئر ياد ڪري،

تنهنجي تصوير کي سيني سان لڳايان ويٺو.

·                 سليم ڳاڙهوي

زندگي

زندگي گلپاش ۽ گلپوش آهه،

زندگي، سرهاڻ ۽ سهڻو ڪنول!

زندگي هڪ سوز ۽ هڪ ساز آهه،

زندگي شيرين صدا، رنگين غزل!

همنشين! هي فلسفو آسان آهه،

زندگي تحريڪ ۽ احسن عمل!

ڪل نه ڪا توکي رهي ڪهڙيءَ طرح،

زندگي ماڻن پيا سچ تي ڪُٺل!

ديس دلبر جي مٽي اڪسير آهه،

هن مٽيءَ ۾ لعل لک آهن لڪل!

ڀل ته سانڊا رنگ بدلائن سوين،

فيصلا مردن سندا آهن اٽل!

قلب پٿر، حِسّ ڪم، ضمير،

نفس باغي، روح رکَ، ايمان سُتل!

ڪير سوچي، ڪير سمجهي اي ”سليم“،

ڪيترا آهن دماغن ۾ خلل!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com