پر هاڻي نالي جي حيثيت ۾ وڏي ڦير گهير آئي آهي.
نالو هاڻي پنهنجي جدا حيثيت ڪونه ٿو رکي. نالو
هاڻي فقط جملي جو هڪ جزو (Component)
آهي. ۽ نالو هاڻي يا ته فعل آهي يا مفعول . هينئر
وڏو زور صفتن، فعلن ۽ ظرفن تي آهي. ڇو ته ٻوليءَ
کي هاڻي جيڪا نئين حيثيت ملي آهي، تنهن ۾ سڄو زور
آهي معنيٰ تي، ۽ معنيٰ پيداڪرڻ ۽ معنيٰ پکيڙڻ جو
ڪم اسم نه پر پر صفتون، فعل ۽ ظرف ڪري رهيا آهن.
ان ڪري ٻوليءَ جي هاڻوڪي حيثيت ۽ اهميت جي خيال
کان وڏو زور به هنن تي ڏنو ٿو وڃي.
پر ياد رکڻ گهرجي ته هاڻوڪي ويا ڪرڻي نظريي
پٽاندر، خود صفت، فعل ۽ ظرف به جدا جدا ڪا حيثيت ۽
اهميت نٿا رکن، ڇو ته ٻوليءَ جو ايڪو لفظ نه پر
جملو آهي. ان ڪري اسمن، صفتن، فعلن ۽ ظرفن جي
اهميت ۽ ڪم جو فيصلو به تڏهن ڪري ٿو سگهجي، جڏهن
انهن کي جملي ۾ رکي ڏسجي. پر هيءَ تبديلي به ڪا
وڏي تبديلي نه آهي، ٻوليءَ جي باري ۾ اڃا به ڪي
تمام وڏيون تبديليون آيون آهن جن جو ذڪر اڳتي هلي
ڪبو.
هت اهو ڏيکارڻو آهي ته ٻوليءَ جي هن نظرياتي تبديل
جو، جنهن جو هت بيان اچي ويو آهي: شاعريءَ تي
ڪهڙو اثر پيو آهي، هن باري ۾ عرض آ ته:
الف:
جهڙيءَ ريت جدا جدا لفظن کي ڪا حيثيت ڪانهي،
تهڙيءَ ريت شاعريءَ ۾ به لفظ جي معنيٰ کي ڪو مقام
ڪونهي، يعني جهڙيءَ ريت اهو ڄاتو ويو آهي ته لفظ
ايترو ڇنل ۽ اڪيلو آهي جو اُهو ٻوليءَ ۾ جدا رهي
ڪابه معنيٰ ۽ ڪو به مطلب ڏئي نٿو سگهي. اهڙيءَ ريت
اهو به مڃيو ويو آهي ته لفظي معنيٰ کي شعر جي يا
شاعر جي معنيٰ چئي نٿو سگهجي.
ب:
معنيٰ ۽ مطلب جو سوال شعر جي مقصد سان به تعلق رکي
ٿو،ان ڪري شاعريءَ ۾ لفظن جي انهيءَ معنيٰ کي،
جيڪا ڪنهن ٻوليءَ جي ڪوشش ۾ موجود آهي، تيستائين
اهميت حاصل نه آهي، جيستائين اُها شعر جي مقصد جي
خيال کان استعمال ڪرڻ جهڙي نه آهي.
ت:
هن خيال کان شاعري ۽ نثر جي ٻولي به جدا جدا آهي،
ڇو ته ڳالهائڻ جا لفظ جيڪو ڪم نثر ۾ ڪن ٿا،اُهو
سندن نظم واري ڪم جهڙو نه آهي. نظم ۾ هرهڪ لفظ کي
بنيادي معنيٰ کان مٿي هڪ مقصدي يا مددي معنيٰ (Subsidiary
meaning)
به هوندي آهي،۽ اِهائي معنيٰ آهي، جنهن جي ڪري
ڪنهن ٻوليءَ کي شاعريءَ جي ٻولي چئي سگهجي ٿو. ان
ڪري منهنجي اڳيان نظم ۽ نثر ۾ فرق رڳو اهو آهي ته
نظم ۾ بنيادي معنيٰ کان سواءِ هڪ مٿين معنيٰ (Higher meaning)
يا (Reformed
meaning)
سڌاريل معنيٰ به هوندي آهي، پر نثر ۾ اهڙي معنيٰ
جو هئڻ ضروري نه آهي.
هن وقت تائين نثر ۽ نظم جي رڳو فني حيثيت جي ڪري
هنن ٻنهي کي جدا جدا رکيو ۽ سمجهيو ويو آهي.
منهنجو خيال آهي ته رڳو فني حيثيتن جي ڪري اسان
ٻنهي جي جدا جدا حيثيت ته کڻي سمجهي سگهنداسون، پر
ٻنهي مان ڪنهن به هڪ لاءِ ائين چئي نه سگهنداسون
ته ٻوليءَ جو اُتم درجو فقط هن ۾ ئي آهي. ٻوليءَ
جي خيال کان نثر ۽ نظم جي حيثيت رڳو معنيٰ جي درجي
معلوم ڪرڻ سان مقرر ڪري ٿي سگهجي.
ج:
ٻوليءَ جي باري ۾ جڏهن اسان لفظ کي نه پر جملي کي
بنيادي حيثيت ڏني، تڏهن اهو ضروري ٿي پيو ته نظم
جي حالت ۾ ٻوليءَ جي سٽائن (Language sepies)
کي معلوم ڪجي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، ڇو ته لفظ کان
پوءِ اهميت وڃي سٽاءَ (Series)
جي جهوليءَ ۾ پئي آهي. ٻوليءَ جي سٽائن کي ٻين
لفظن ۾ (Poetic
order)
يا شاعراڻي ترتيب چئبو آهي.
(3) علم عروض ۽ علم ترتيب
آءٌ ڀايان ٿو ته اسان ترڪيب ۽ ترتيب جو بنيادي فرق
اڳ ۾ ئي ڄاڻون ٿا. ترڪيب جي اصولن پٽاندر اسان کي
هر هڪ لفظ جي وياڪرڻي حيثيت معلوم ڪرڻي هوندي آهي،
۽ اهڙي حيثيت جو تعلق هوندو آهي لفظ جي نثر واريءَ
حيثيت سان، ۽ لفظ جي نثر واري حيثيت وري اهڙي نه
آهي جهڙي لفظ جي نظم واري حيثيت. انڪري شاعريءَ جي
اڀياس جي سڌريل اصولن ۽ طريقن ۽ ترڪيب (Parsing)
يا ڇيد (Analysis)
وارو طريقو شامل ئي نه ڪيو ويو آهي ۽ اهوئي طريقو
آهي، جنهن تي علم عروض جو بنياد رکيو ويو هو. علم
عروض ۾ وڏو سوال آوازن، اُچارن ۽ پَدن جو هو، پر
علم ترتيب ۾ وڏو سوال ٻوليءَ جي حسن، خيال جي
ادائگيءَ، ۽ شاعراڻي انداز جو آهي. علم عروض جي
قاعدن پٽاندر شاعريءَ جو بنياد معنيٰ تي رکيو ويو
هو، پر علم ترتيب ۾ اُهو زور آوازن ۽ لفظن جي
بجاءِ لفظن جي هڪٻئي سان لاڳاپي تي آهي.
علم ترتيب اهڙي ترقي ڪئي آهي جو هاڻي ان جا اصول
به مقرر ڪري ٿا سگهجن.
هي علم، شاعريءَ جي انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ وڏي
مدد ڪري ٿو. جنهن مطابق شاعريءَ کي حسن ڪمال (Sublimity)
حاصل ڪرڻو آهي. ان ڪري اڌدرجي جو شعر (Sublime
poetry)
هاڻي علم ترتيب جي اصولن تي ئي لکي ٿو سگهجي ۽ نه
علم ترڪيب جي اصولن تي. شاعراڻي ترتيب يا علم
ترتيب ۾ اصل شيء لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو يا (Co-relation)
آهي. هن خيال کان علم ترتيب مطابق شعر جو واسطو
سڌو سنئون هيٺين ڳالهين سان آهي:
(1)
اهڃاڻ (Symbol)
(2)
عڪس (Image)
(3) استعارو (Metapher)
يا اندروني معنيٰ، جنهن کي (Myth)
رمز به چيو ويو آهي.
(4) موسيقي يا سنگيت (Music)
(هنن چئن ڳالهين تي وڌيڪ بحث اڳتي ايندو).
شعر جي اڀياس جي باري ۾ انقلابي نظريا تمام آڳاٽو
وجود ۾ آيا هئا، پر هڪ نمايان قدم مسٽر مئڪس
ايسٽمن (Max
eastman)
کنيون. هن صاحب 1931ع ۾ ڇپايل پنهنجي ڪتاب (The
Literary mund in the age science
) جي صفحي 25 تي ٻڌايو ته ”بحر ۽ استعاري کي جدا جدا نه سمجهيو
وڃي ۽ ان ڪري شعر جي مڃڻ جهڙي وصف فقط اها آهي جا
ٻنهي کي ملائي ڇڏي“. آءٌ ڀايان ٿو ته ايسٽمن صاحب
جو هي خيال علم ترتيب جي باري ۾ بنيادي پٿر جهڙو
آهي، ڇو ته هت عروض جي اڪيلي حيثيت کي للڪاريو ويو
آهي ۽ استعاري کي عروض جي معاملن ۾ هٿ اٽڪائڻ جو
اختيار ڏنو ويو آهي. نه رڳو ايترو پر انهيءَ تعلق
کان سواءِ جيڪو عروض ۽ استعاري جي ملڻ جي ڪري پيدا
ٿئي ٿو، شعر جي ڪنهن به وصف ۽ تعريف کي مڃڻ جهڙو
سمجهيو ئي نه ويو آهي. پر ياد رکڻ گهرجي ته هن
باري ۾ ايسٽمن کان اڳ ۾ ۽ گهڻو اڳ ۾ ڪولرج به هن
نظريي جي حمايت ڪئي هئي.
شاعريءَ جي نظرياتي بحث جي خيال کان شعر جي اڀياس
جا اسان وٽ هاڻي رڳو
ٻه
طريقا آهن:
(1) حواسن جي وسيلي سمجهڻ وارو طريقو . (2)
اصطلاحي يا معنوي اڀياس وارو طريقو ، (Sensuous
Interpre Lation and iguratwe inter pretation)
پهرئين طريقي ۾ باقي حواسن سان گڏ جمالياتي حسن کي
شامل ڪيو ٿو وڃي. ان ڪري اهو طريقو جنسي ۽
جمالياتي ميلاپ وارو طريقو، يعني (sensuons
and Aesthetic Coninuum)
وارو نظريو سڏبو آهي. ٻئي طريقي مطابق ”شاعري
محاورن ۽ اصطلاحن کي نرالي معنيٰ ڏئي ڪائنات جي
ظاهري شين کي نرالي معنيٰ ڏئي ٿي.“
(ڏسجي چارنس مورس جو ڪتاب
signs, Language and bchavionr جو صفحو 123) هنن نظرين مطابق ”شاعري لفظن جي هڪ اهڙي بيمثال ۽
منفرد
(Unigue)
۽ اڻ ورجائتي (Unrepeatable)
ترتيب (Order)
آهي، جنهن ۾ هر لفظ پنهنجي جاءِ تي هڪ شيء يا
حقيقت به آهي ته پنهنجي شيء يا حقيقت جو اهڃاڻ (sign
or symdol)
به. ۽ ان ۾ هر هڪ لفظ اهڙي طريقي سان استعمال ڪيو
ويو آهي جو ان لفظ جو استعمال فقط شاعريءَ ۾ ڪري
ٿو سگهجي ۽ نه نثر ۾“، ظاهر آهي ته شاعريءَ واري
ٻولي نثر ۾ ڪم آيل ٻوليءَ کان هر حالت ۾ نرالي
آهي. شاعريءَ واري معنيٰ فقط شاعريءَ ۾ ئي سمائي
ٿي سگهجي، ان ڪري شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو مدار ترتيب
تي آهي ۽ هيءَ ترتيب نثر واري سٽا کان نرالي آهي.
ان ڪري هاڻي اسان لاءِ اهو ضروري نه آهي ته اسان
شعر کي سمجهڻ لاءِ ان جو نثر (Paraphasing)
ڪريون يا ان جي تقطيع (Analysis) ڪريون. هاڻي اسان جو فرض فقط ايترو آهي ته اسان شعر ۾
اُهو لاڳاپو تلاش ڪريون ۽ لفظن جو اُهو سٻنڌ
ڳوليون، جنهن جي ڪري ٻوليءَ کي نظم ۾ نظماڻي يا
شاعراڻي حيثيت ملي ٿي.
4- لفظ ۽ لفظي سرشتو (Word order)
ٻوليءَ جي علم ۾ لفظ ”اهڃاڻ محض“ (Monosign) آهي ۽ سرشتو اهڃاڻ اڪثر (Plurisign)
آهي. لفظي سرشتي جي خصوصيت هيءَ آهي:
(1) هن سرشتي ۾ ”معلوم“(The
thing undcr refrenle
) جو ”وجود ظاهري“ (spacialor
existence extevnel)
۽ وجود ”باطني“ (Internaiexistauce)
ٻئي شامل هوندا آهن، پر نثر ۾ ڪنهن لفظ جي محّرڪ (Referent)
کي وجود باطنيءَ جهڙي ڪنهن شيء جي ضرورت ڪانه
آهي. اهوئي سبب آهي جو شاعريءَ جو ڪردار
انسانذات جي تاريخ ۾ اهڙو رهيو آهي، جهڙو خود
انسان جي اندرين تاريخ، يا (myth of man)
جو. ان ڪري آءٌ سمجهان ٿو ٿورن لفظن ۾
شاعريءَ
جي تعريف هاڻي ائين لکڻي پوندي ته ”شاعري
انسانذات جي اندر يا رمز جي انهيءَ رڪارڊ کي ٿو
چئجي جنهن ۾ انسان جي زندگيءَ جو ظاهري ۽
باطني پهلو پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا آهن.“ ٻي ڳالهه
ته ههڙي قسم جي سٽا رڳو نظم ۾ قائم رکڻي آهي، نثر
۾ هن قسم جي سٽا کي ڪا به جاءِ ملي نٿي سگهي.
لفظي سرشتو هن خيال کان هڪ ٻوليائي ضابطو (Langnage
Discipline)
آهي، جنهن جي وجود جو دارومدار لفظن جي پاڻ ۾
لاڳاپي تي آهي. هي خيال مانائتي ويل رائٽ جو آهي.
مانائتو ويل رائٽ صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته ”لفظي
سرشتن کي رڳو استعمال ڪرڻو ناهي، پر هڪ شاعر جي
لاءِ ان کي ماڻڻ ۽ پنهنجي احساسن ۾ جڳهه ڏيڻ به
ضروري آهي، ان ڪري لفظي سرشتي جي حقيقت رڳو هڪ
وسيلي جهڙي نه آهي.“
(ڏسو فلپ ويل رائٽ (Philip wheel wright
) جي ڪتاب
(semantics of Potry)
263 کان 283 تائين).
مٿي ڏنل بحث مان جيڪو نتيجو نڪري ٿو اُهو هي آهي:
(1)
شعر کي لفظ نه پر لفظي سرشتا پيدا ڪن ٿا.
(2)
هي سرشتا ٻوليءَ جا نرالا ضابطا آهن.
(3)
هنن جو استعمال علم عروض جي ضابطن جهڙو نه آهي.
هن باري ۾ باقي رڳو ٻه ڳالهيون سمجهائڻيون آهن.
(1)
لفظ جو باطن.
(2)
لفظن جو پاڻ ۾ لاڳاپو
لفظ جو باطن
آءٌ ڀايان ٿو ته هن باري ۾ نظرياتي بحث ڏيڻ کان
سواءِ ئي آءٌ سڌو سنئون توهان جي اڳيان لفظن جي هڪ
لسٽ رکان، جنهن ۾ لفظن جي پهرين ۽ ٻي معنيٰ ڏئي
پوءِ عرض ڪريان ته ٻي معنيٰ اُها آهي جنهن کي آءٌ
لفظ جو باطن ٿو چوان. هاڻي پڙهندڙ مهرباني ڪري هن
هيٺ ڏنل لفظن جي لسٽ تي نظر رکن.
پهرين معنيٰ بي
معنيٰ
سڄو (اڌ نه پر سڄو) سڄو (هنياوَن جو سڄو)
جڏو (عضون
کان جڏو) جڏو (هنياوَن جو انڌو)
سون (قيمتي ڌاتو) سونُ (سڄو ئي سچ)
ٻانهن (عضوو)
ٻانهن
(عورت يا ڪنواري عورت)
ڪارو (رنگ) ڪارو (اندر جو کوٽو)
نموني طور هت جيڪي ڇهه لفظ مون ڏنا
آهن، انهن سان هر هڪ جون ٻه معنائون ٿيون ٿين.
پهرين معنيٰ جي سري هيٺ مون جيڪي لفظ لکيا آهن، سي
سڀ رواجي طور تي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارو ڪم آڻي
ٿو. لفظ جي هيءَ معنيٰ بنيادي معنيٰ ۽ رواجي معنيٰ
آهي، ان ڪري هن کي اسان پهرين معنيٰ يا ظاهري
معنيٰ ٿا چئون، پر هنن لفظن جي ”ٻي معنيٰ“ جون
جيڪي خصوصيتون آهن، سي هيٺ ڏجن ٿيون:
(1) هيءَ معنيٰ هنن لفظن جي سڌاريل يا ڪلچري يا
سماجي معنيٰ آهي ڇو ته هن معنيٰ کي تيستائين سمجهي
نٿو سگهجي، جيستائين سندس مخصوص معاشري ۾ پاڻ
ملائي نٿو سگهجي.
(2) هيءَ معنيٰ پهرين معنيٰ کان سراسر نرالي ۽
مختلف آهي.
(3) هن معنيٰ جو تعلق شين جي
ظاهري
شڪل سان نه آهي.
(4) هيءَ معنيٰ شين جو اَهڃاڻ(Syansol)
يا (Sign)
نشان ٻڌائي ٿي.
هاڻي اهائي ٻي معنيٰ آهي، جنهن کي اسان لفظن جو
باطن ٿا سمجهون، ۽ شاعريءَ ۾ فقط اهو”باطن“ ئي
آهي، جنهن کي ڪا اهميت ڏئي ٿي سگهجي . اها ئي
معنيٰ شاعر جي آهي. ۽ فقط اها ئي معنيٰ آهي جنهن
کي پيدا ڪري ٿو سگهجي . ان ڪري ڪنهن به شاعر جي
تخليقي قوت جي پرکڻ لاءِ اهو ئي ڏسڻو پوندو آهي ته
هن معنيٰ ڪيتري پيدا ڪئي. آرٽ جو سڄو موضوع به فقط
هيءَ معنيٰ آهي، ڇو ته آرٽ جو مفهوم، مقصد يا ڪارج
جي خيال کان تخليقي قوت جهڙو آهي.
هاڻي ڏسڻو آهي ته لفط جي هيءَ معنيٰ آخر پيدا
ڪهڙيءَ ريت ٿي آهي. آءٌ ڀايان ٿو ته هن باري ٻه
ڳالهيون ته ظاهر آهن:
(1) ها ته هي لفظ جدا جدا هئڻ جي حالت ۾ ٻي معنيٰ
پيدا نٿا ڪري سگهن. مثال طور لفظ ”سچو“ جي ٻي
معنيٰ تيستائين سمجهه ۾ اچي ئي نٿي سگهي، جيستائين
ان کي سڌي ٻوليءَ (جنهن جو هي پاڻ آهي) جي سٽا ۾
شامل نٿو ڪجي. هن طرح هن لفط جي معنيٰ ڏيڻ لاءِ
اسان کي پورو جملو يا اڃا به وڌيڪ لکڻو پوندو.
مثال طور”ايترو به سمجهي نٿو سگهي ته جهڙ ٿي ويو
آهي سوهاڻي مينهن وسندو، هي ته ڪو ”انڌو“ آهي،
”ٻانهن“ ويهاريون ويٺو آهي، سال ٿي ويا اٿس. ڪنهن
سان به ٺاهه ڪونهيس، جهڙو ٻاهرون ڪارو آهي تهڙو
اندرون ”ڪارو“ آهي،“
ٻي ڳالهه هيءَ ته هيءَ معنيٰ سماج جي پيدا ڪيل
آهي، ان ڪري هن معنيٰ جو استعمال هڪ سماجي ڪم آهي.
هن معنيٰ جي پوري ريت استعمال ڪرڻ سان ٻوليءَ جو
سڀاءُ ۽ سماجي ڪردار وڌيڪ کلي ٿو ۽ شاعر پاڻ سماج
جي اُپت ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو تخليقي ڪردار به ادا
ڪري ٿو سگهي، ڇو ته شاعر ته سماج جي پيدا ڪيل
معنيٰ جو سچو پچو امانتدار ۽ وارث آهي.
ظاهر ٿيو ته هيءَ معنيٰ فقط ٻوليءَ جي اتم درجي ۽
روح کي سمجهڻ کان سواءِ پيدا نٿي ڪري سگهجي. اهوئي
سبب آهي جو اتم درجي جي شعر لکڻ لاءِ شاعر کي
ٻولي به اٿم درجي جي لکڻي پوندي آهي.
اها ڳالهه به ظاهر آهي ته شاعريءَ جي زبان فقط
اُها ئي ٿي سگهي جا تمام مٿاهين درجي واري هجي،
اهوئي سبب آهي جو ڪنهن شاعر لاءِ لفظن جو باطن
ڏاڍو اهم آهي. جيستائين اسان جو ڪو شاعر سنڌي
ٻوليءَ جي لفظن جي باطن جو استعمال نٿو ڪري،
ايستائين هو نه شاعر آهي ۽ نه آرٽسٽ، ڇو ته آرٽ
به
ته
آخر انسان جي اڌ ڪارڪردگيءَ جو ئي مظاهرو آهي.
لفظ جي باطن جي باري ۾ هڪڙي ڳالهه ۽ پهرين ته اها
آهي، جا خود ٻوليءَ ۾ موجود آهي. هيءَ ڳالهه آهي
مٿاهين معنيٰ يا سماجي ۽ ڪلچري معنيٰ واري ۽ هن جو
تعلق ٻوليءَ جي اتم ڄاڻ سان آهي، پر ڳالهه رڳو
ايتري به نه آهي. شاعريءَ جي خيال کان لفظن جو
باطن اڃا به هڪ ڏاڪو اڳتي آهي. شاعر معنيٰ به پيدا
ڪري ٿو ۽ عام رواجي ٻوليءَ کان ٻاهر به سوچي ٿو .
سڀئي وڏا شاعر ائين ڪندا آهن. جيستائين ڪو شاعر
پاڻ لفظ جي باطن جو خلقيندڙ ناهي، تيستائين هو
شاعر کڻي هجي ته هجي، پر ”عظيم شاعر“ ناهي. مٿي
لفظ جي جنهن باطن ڏانهن اشارو ڪيو اٿم، اُهو ته
شاعر جي اڳيان هيڪر حاضر رهي ٿو، هاڻي ڏسڻو آهي ته
شاعر پاڻ ڪيئن ٿو لفظ جو باطن ٺاهي. هن باري ۾ هيٺ
ڏنل بيتن ۾ ٿلها لکيل لفظ غور سان ڏسجن.
”اگهي اگهائي رنج پريان کي رسيو.“
”جيلهه لڳا نيڻ تي سوريائي سيڄ ٿي.“
”هيءُ تنين جو ڏيهه ڪاتي جنين هٿ ۾“.
”اڳيان آڏن وٽ، پوين سر سنباهيا“
”ڪلاڙڪي هٽ،
ڪسڻ جو ڪوپ وهي“
”جھي اٿئي سڌ سُرڪ جي“
ٿلهن لکيل لفظن کي جدا جدا هنڌن تي رکڻ سان ڳالهه
وڌيڪ آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهندي.
اگهائي.
سيڄ.
ڪاتي.
آڏن.
ڪلاڙڪي هٽ.
سُرڪ.
ظاهر آهي ته:
(1) هنن لفظن جي معيٰ جيڪا لطيف سائينءَ ڏني آهي
اُها ٻوليءَ جي هنن لفظن جي پهرين معنيٰ به نه
آهي.
(2) هنن مان ڪو به لفظ سماج مان پنهنجي معنيٰ جدا
حاصل ڪري نه سگهيو آهي.
(3) هنن لفظن مان هرهڪ کي شاعر پنهنجي هڪ معنيٰ
ڏني آهي.
(4) اُها معنيٰ جا شاعر پاڻ پيدا ڪئي آهي، سا
ٻوليءَ جي رواجي معنيٰ کان گهڻو جدا ۽ تمام
مٿي آهي.
(5) هيءَ معنيٰ سماج جي انهيءَ روح منجهان حاصل ٿي
آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ سماج جي ”رمز“
myth
۽ ”مهاڪهاڻيءَ، (legeud)
۾ موجود آهي. ان ڪري سنڌي سماج هن معنيٰ کي يڪدم
پنهنجو ڪري ورتو آهي.
(6) ههڙي معنيٰ جي پيداڪرڻ ۾ شاعر آرٽسٽ نه پر
نسورو خالق آهي ڇو ته آرٽسٽ ته فقط انهيءَ وسيلي
کي استعمال ڪري ٿو، جيڪو هن جي اڳيان موجود آهي،
پر هڪ عظيم شاعر ته خود آرٽسٽ جي لاءِ وسيلا به
پيدا ڪري ٿو.
هاڻي ظاهر ٿيو ته لفظن جون معنائون ڪل ٽي آهن:
(1)
پهرين معنيٰ يا ڪوش واري معنيٰ
(2)
اضافي معنيٰ يا محاوري يا ڪلچر واري معنيٰ.
(3)
شاعريءَ واري معنيٰ يا رمز. (myth)
”هاڻي اهو شاعر جو رڳو آرٽسٽ آهي سو اضافي يا ڪلچر
واري معنيٰ استعمال ڪري ٿو ۽ اُهو شاعر جو خالق
آهي ۽ عظيم شاعر آهي سو ”رمز“ واري معنيٰ استعمال
ڪري ٿو، پر ڪو به شاعر پهرين معنيٰ استعمال ڪونه
ٿو ڪري. پهرين معنيٰ فقط نثر ۾ ڪم آڻجي ٿي پهرين
معنيٰ انهيءَ جي لائق ئي نه آهي، ته ان کي
شاعريءَ ۾ استعمال ڪجي.“
ٻوليءَ ۾ لفظن جي هيءَ معنيٰ فقط اُهو شاعر پيدا
ڪري سگهندو، جيڪو ٻوليءَ جي حدن کان ٻاهر سوچي
سگهڻ جهڙو هوندو. ”ٻوليءَ جي اندر رهي سوچڻ وارو
شاعر ان ڪري عظيم شاعر ڪڏهن به ٿي نه سگهيو آهي.“
(هي ڳالهه اسان کي سنڌي شاعريءَ جي تنقيد لکڻ وقت
وڏو ڪم ڏيندي) ”هن قسم جي معنيٰ ڏيڻ وارو شاعر ٻه
ٽي ٿورا ٿو ڪري. پهريون ٿورو ٻوليءَ تي ٿو ڪري
جو ’لفظ، ڏئي ٿو، ٻيو ٿورو سماج تي ٿو ڪري جو
’خيال، ڏئي
ٿو، ۽ ٽيون ٿورو انسانذات تي ٿو ڪري جو انساني سوچ
جو ’گهيرو، ويڪرو ٿو ڪري. مثالي ۽ تمام مٿاهون شعر
اُهو آهي، جنهن ۾ معنيٰ رمز واري ٿي ڪم اچي. آرٽ
وارو ۽ سٺو شعر اُهو آهي، جنهن ۾ ڪلچري معنيٰ ڪم
اچي ۽ اهو شعر ئي ناهي جيڪو رواجي ٻوليءَ ۾ چيو
وڃي.“ (هنن اصولن تي سوچڻ سان اسان سنڌي شاعرن جو
درجو مقرر ڪري سگهنداسون)
پهرين معنيٰ فقط لفظ جو ’مطلب، يا (Simple
reprence) ڏئي ٿي، ٻي معنيٰ لفظ جو ’نشان، (sign)
ڏئي ٿي ۽ ٽين معنيٰ لفظ جو ’اهڃاڻ، (Sympale)
ڏئي ٿي، ”اهڙيءَ طرح ’اهڃاڻ، ٻوليءَ جو سڀ کان
مٿاهون درجو آهي ۽ عظيم شاعر اُهو آهي جو اهڃاڻن
واري ٻولي لکي .“ (هيءَ ڳالهه اسان کي ڀٽائيءَ جي
اڀياس ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي)
هن پڄاڻان هاڻي اچون ٿا ٻيءَ ڳالهه—يعني لفظن جي
پاڻ ۾ لاڳاپي واريءَ ڳالهه تي لفظن جو پاڻ ۾
لاڳاپو هڪڙو ته اُهو لاڳاپو آهي، جنهن جي بنياد تي
”وياڪرڻ“
ٺهيو آهي، يعني اهو لاڳاپو ته نالا سڀ اسم آهن. هي
اسم يا فاعل آهن يا مفعول، فاعل يا مفعول سڀ پاڻ
سان’فعل، کڻن ٿا، فعل ظرفن کانسواءِ سمجهه ۾ نٿا
اچن، اهڙيءَ طرح ’صفتون، اسمن کي وڌيڪ کولي بيان
ڪن ٿيون ۽ ’ضمير“، اسمن جي جاءِ والارين ٿا وغيره.
لفظن جو هن طرح جو لاڳاپو (Correlat!on)
شاعريءَ جي ڪم جو نه آهي. هن لاڳاپي ۾ دلچسپي فقط
ٻوليءَ جو شاگرد يا نثر لکڻ وارو ماڻهو وٺي سگهي.
شاعر ته هن باري ۾ به مضمون لکڻ واري يا ٻوليءَ جي
عالم کان مٿي آهي.
لفظن جو پاڻ ۾ هڪ ٻيو لاڳاپو به آهي. ان لاڳاپي کي
سمجهڻ لاءِ ۽ اچو ته ڪجهه مثال اڳيان رکون.
گهڙيا سي چڙهيا ائين اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾ پئه ٽپو ڏيئي.
آڌيءَ اُڏاڻا سرتيون سک ميهار جا.
وہ پئي واهڙ تري ساهڙ سيباڻو،
ڀيڄ ڀنيءَ
ڀاڻو پيءَ جو پسي آئيو.
چڪيءَ تنهن چري ڪئي
ڏنيس اُن ڏهي.
ڪا جا ڪُنَ ڪين ڀنيءَ ڀڻ جهڻ پاڻ ۾.
اکيون تنهن آب کي آڌيءَ اڪيرين.
دائم جا درياهه ۾
سا مڇي ڪني ڪوءِ.
ميائي سين تن جيڪر اُتي نڪران.
لهر مڙيوئي لال، وهڻ کٿوريان وترو.
جيڪي ڏٺئه تار ۾ ڪنڌيءَ سو ڪهيج.
ڳورا ٻئي پار، هنيون حيرت ۾ پيو.
وڃان ته واڪو ٿئي، پاڙي پوءِ پچار.
اکيون پير ڪري، وڃجي او وڃجي.
محبتي ميهار جو سور نه ڪنهن سنجي.
ڪاري رات ڪچو گهڙو نڪا سيڻهن ساڻ.
ڪاري رات ڪچو گهڙو مٿان وسي مينهن.
تون گهڙڪين نهار، ٻڏندن سي ٻاجهون ڪري.
مٿي لکيل ٿلها لفظ نه پر لفظن جا سرشتا آهن، جيڪي
هڪ خاص بندوبست ۽ بندش تحت، شعر جي پوريءَ معنيٰ ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هنن مان ڪو به
پوري جملي جهڙو نه آهي ۽ هنن سان ڪو به اهڙو نه
آهي، جنهن کي سندس ٻوليءَ وارا پنهنجو نه سمجهندا
هجن. توڙي جو هنن مان هرڪو ٻوليءَ جي رواجي معنيٰ
کان تمام مٿي هڪ جدا معنيٰ ڏئي ٿو.
هاڻي ڏسڻو آهي ته لفظ جي هنن سرشتن ۾ اُهو ڪهڙو (Co-reletion)
لاڳاپو 0Word_order)
آهي، جيڪو هنن کي ٻوليءَ توڙي مواد جي لحاظ کان
تمام مٿاهون ڪري ٿو ڇڏي.
(1) هنن مان ڪو به سرشتو اهڙو نه آهي جنهن جي لفظن
کي جدا جدا ڪري ۽ سمجهي سگهجي ”گهڙيا ۽ چڙهيا“
لاڳاپي وارا لفظ آهن ۽ شعر ۾ انهن جي بندش اهڙي
ڪئي وئي آهي جو نه لفظ ”گهڙيا“ لفظ ”چڙهيا“ کان
سواءِ سمجهه ۾ ايندو ۽ نه لفظ ”چڙهيا“ لفظ ”گهڙيا“
کان سواءِ ”گهڙيا ۽ ”چڙهيا جي بندش ان ڪري اٽوٽ
آهي، ايترو اٽوٽ جو هي ٽيئي لفظ ڄاڻايل سٽ ۾ هڪ ئي
لفظ جيان موجود رهندا. ساڳيءِ ريت ”ڪنڌيءَ سو
ڪهيج“ ۽ ”پاڙي پوءِ پچار“ ۽ سڀ سرشتا“
siries))
به اٽوٽ آهن.
(2) هنن مان هرهڪ سرشتو پنهنجي اڳيان يا پويان آيل
لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب ڏيڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو، ۽
انهن کي شاعريءَ جي پوري سٽا ۾ پنهنجي ڪم ڪرڻ جي
صلاحيت ڏئي ٿو. مثال طور ”جا ڏنئه اُن ڏهي“ واري
لفظن جي ميڙ کي تيستائين سڄي بيت ۾ جاءِ وٺڻ جي
سگهه ڪانه ٿيندي جيستائين ”چڪيءَ تنهن چري ڪئي“
وارو سرشتو، ان جي اڳيان يا پويان نه اچي. هن ريت
هي سڀ سرشتا رواجي ٻوليءَ کي به شاعراڻي ٻولي
بڻائي ٿا ڇڏين ۽ هن طرح هڪڙي شاعر جو گهڻو پورهيو
بچي ٿو پوي.
. (3) هنن سرشتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو لفظ
هر هڪ ۾ اهڙو آهي، جو هن سرشتي جي”مرڪز، جهڙو آهي
۽ هي لفظ اُهو آهي جنهن کي ٻوليءَ ۾ ”اهڃاڻ“ جي
حيثيت حاصل آهي. مثال طور آڌي، وه، واهڙ،ڀيڄ،
چُڪي، ڀني، درياهه، ڪنڌي، پاڙي، اکيون، سور، ڪاري،
ڪچو، سيڻهه، ۽ مينهن. |