دوها
·
الهداد ”عاصم“ ٻوهيو
کوٽا ماڻهو! تون کوٽو آن: تنهنجو منُ ڀي کوٽو آهي،
تون ان جو ئي پاسو آهين جنهن جي هٿ ۾ سوٽو آهي.
پورا ماڻهو! تون پورو
آن:
تنهنجو مَن ڀي پورو آهي،
تون ان جو ئي دشمن آهين جنهن جو توتي ٿورو آهي.
هلڪا ماڻهو! تون هلڪو
آن:
تنهنجو مَنُ ڀي هلڪو آهي،
تون ان جو ئي پاسو آهين جيڪو تنهنجو پٽڪو لاهي.
ڪارا ماڻهو! تون ڪارو
آن:
تنهنجو مَنُ ڀي ڪارو آهي،
پنهنجا ماري
پاڻ ملهايئه تنهنجو ڀي ڪارو آهي.
ڪاڻا ماڻهو! تون ڪاڻو
آن:
تنهنجو مَنُ ڀي ڪاڻو آهي،
تنهنجي ڳلي ۾ ڳارو آ، پر تنهنجي وات ۾ داڻو آهي.
سچا ماڻهو! تون سچو آن: تنهنجو مَنُ ڀي سچو آهي،
تون ئي ان جو پاسو آهين، جيڪو توسان سچو آهي.
وايون
·
سروپچندر ”شاد
هِي سُر، هِي آلاپ، اَپَل مون کي گهائِن ٿا!
مُند ميهوڳِي، رمِ جهِم بَرکا، سُر، ساهه جو
ميلاپ،
هِي سُر، هِي آلاپ، آيل مون کي گهائِن ٿا!
ڪَڙ ڪَڙ کِنوڻ ڪنوِي ائن ٿي ڄڻ وڇڙيل جا ورلاپ،
هِي سُر، هِي آلاپ، آيَل مون کي گهائن ٿا!
پريت جو پيو پڙلاءُ ڪنن ۾، اُڏري ويا سڀ پاپ،
هِي سُر، هِي آلاپ، آيَل مون کي گهائِن ٿا!
جو دم پريت بنان ٿو گُذري، سو دم آهه سَراپ،
هِي سُر، هِي آلاپ، آيَل مون کي گهائِن ٿا!
پري ڪريوڙي،پريت ڪريوڙي،ڇا جا جڳ (1) ۽ جاپ،
هِي سُر هِي آلاپ، آيَل مون کي گهائِن ٿا!
·
نقاش
توريءَ ڏينهن ڏنگي ٿو جاني رت رئاڙي رات،
اسان کي هردم تنهنجي تات.
ور ور ڏيئي وڍي ويراڳين قرب جو قهري ڪات،
اسان کي هر دم تنهنجي تات.
مومل
محلين ماندي آهي، سسئي منجهه سڪرات،
اسان کي هر دم تنهنجي تات.
مڇ، متو
آن
نيٺ ته مرندي! گهاتوئڙا منجهه گهات،
اسان کي هردم تنهنجي تات.
لوئيءَ جي لڄ رکڻي آهي، لُونءَ بُونءَ ۾ هيءَ لات،
اسان کي هر دم تنهنجي تات.
ماٺ تنين کي مُور نه ايندي، ڏنگيو جن کي ڏات،
اسان کي هر دم تنهنجي تات.
نانگا، اي ”نقاش“! نه مڙندا پوريندا پرڀات،
اسان کي هر دم تنهنجي تات.
·
مير محمد پيرزادو
سِرِ جي سورن ساءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
باک_ ڦٽيءَ ۾ بانورا ڇيڙ نه ايئن ڇمڪاءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
پنهنجي ڀورن بگ هٿن تي ميندي ڪين لڳاءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
ڇير ڇڏي ڇرڪائي جيڪا، اهڙي پايل پاءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
دل جو کورو خاڪ ٿئي ڪو اهڙو راڳ ٻڌاءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
ويڻ نسورا نيڻ توهان جا، ڪجل نه تن ۾ پاءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
ڀورن
دل پروڻ ڪئي آ، گهور وجهي ته نه گهاءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
باهه جا اُلا ڀڙڪائي جا، اهڙي تند تپاءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
ويل وَيَلَ لئه ويڻا چوري نيڻن نير نه ناءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
ان جي دل جي دنيا جلندي، باهه ٻري جنهن جاءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
تون ته اجايو جان وڃائين، ڪير مري ڪنهن لاءِ؟
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
چوڏس رات ۽ چنگ چپن تي، ڳاءِ اوراڳي ڳاءِ،
اسان جي اڳ ئي دلڙي گهائي آ.
·
ادل سومرو
رات رسي ويو راڻل مون کان،
پيچُ پراڻو ٽوڙي.
آس اندر جي مون سان سرتيون، لکيو ويٺي لوڙي.
پيچُ پراڻو ٽوڙي.
باهه برهه جي آهي ڇڏيو، جيءَ منهنجي کي جهوري.
پيچُ پراڻو ٽوڙي.
نينهن جو ناتو مينڌرو مون سان، جيڏيون شل وري
جوڙي.
پيچُ پراڻو ٽوڙي.
منهن ميي جو ڪهل ڪري، ماڳ منهنجي من موڙي.
پيچُ پراڻو ٽوڙي.
·
ماٺيڻو اوٺو ”فدا“
مون کي مار نه حسنِ ازل، مان جنم جنم جو جوڳي
هان.
پيڙا جو آ پاڇو مون تي، ڏاڍو ڏينهن تتل،
مان جنم جنم جو جوڳي هان.
سورن جي ساگر ۾ منهنجي، واهر لڙڪ اجهل،
مان جنم جنم جو جوڳي هان.
اورانگهي مان صديون آيس، وڇڙي من جي ول،
مان جنم جنم جو جوڳي هان.
هئه هئه آ الزام حياتي، جندڙي گونج سڪل،
مان جنم جنم جو جوڳي هان.
·
”بشير“ سيتائي
تو بِن منهنجا راڻا، راس نه اينديون راتيون مون
کي.
تنهنجي درد دَهانا ڪڍيا، دل ٿي داڻا داڻا،
راس نه اينديون راتيون مون کي.
ههڙا منهنجا حال ٿيا ٿئه، تنهنجي يار پُڄاڻا،
راس نه اينديون راتيون مون کي.
ٻانهپ واري ٻولي توسان، توسان پيچ پراڻا،
راس نه اينديون راتيون مون کي.
دل جو ديپ وسامي ويو آ، ٽيم ٽري ويا ٽاڻا،
راس نه اينديون راتيون مون کي.
روئي نيڻ ”بشير“ جا ساجن، ٿي ويا توبن ساجن ساڻا،
راس نه اينديون راتيون مون کي.
·
ڀون سنڌي
مون سان ننڊ نڀاڳي يار، ڪيڏا قهر ڪلور ڪيا،
اوسائين، ڪيڏا قهر ڪيا.
ننڊ نڀاڳي نيئي مون کي، مون لئه ٻيڻا سور ڪيا،
ڪيڏا قهر ڪلور ڪيا.
مون ته نه ڀانيو، ننڊئي مون کان، منهنجا جاني دور
ڪيا،
ڪيڏا قهر ڪلور ڪيا.
جيڪي هيڙا جوڌا جاني، ننڊ نهوڙي جهور ڪيا،
ڪيڏا قهر ڪلور ڪيا.
·
الطاف ”بيدار“
پنهنجا سڀ کي پور ميان، ساعت ساعت سور ميان،
پنهنجا سڀ کي پور ميان.
دنيا کي اڄ ڪير ڏسي ٿو، لڱ سڀن جا چور ميان،
پنهنجا سڀ کي پور ميان.
غم ڪنهن کي ڀي ڪين ڇڏي ٿو، ويجهو توڻي ڏور ميان،
پنهنجا سڀ کي پور ميان.
ظاهر خوش ڏسجي ٿو هرڪو، سڀ کي آ ناسور ميان،
پنهنجا سڀ کي پور ميان.
سور نه ڪڏهين لهڻو آهي، مور نه لهندو مور ميان،
پنهنجا سڀ کي پور ميان
ڪافيون
·
منصور ويراڳي
هلي جي هيج سان محبوب جي چائنٺ چمن اکيون،
ڏسي سي موت اکين سان نه ٿيون هرگز مڙن اکيون.
عشاقن جي اکين کي آ، جگر ڏونگر کي ڏارڻ جو،
پٿر دل کي به پاڻيڪن، اثر ايڏو رکن اکيون.
سدا سجدي ۾ ٿيا سرها نماڻا نيڻ عاشق جا،
مٿي مورئون نه مارڳ ۾ ڪڏهن اک کي کڻن اکيون.
جگر جو رت پين پلپل، تڏهن پڻ ڪين ڍاپن ٿيون،
اڃايل تيز تاساريون ته هردم ٿيون رهن اکيون.
اکين جي اُڀ مٿان پنبڻين جي جُهڙ جي آ حسين جهرمر،
وسڻ جا ويس سارنگ جيئن ڪيو هر هر وسن اکيون.
اکيون ”منصور“ عاشق جون، پچائن جوڳ ٿيون جيڪي،
ڪنڍيون ڪاريون ڪڪوريل ڪينڪي تن کي ڪهن اکيون
·
خادم سروري
اڄ اڱڻ اگهيءَ جي يار هلي، تون مٺڙا منهنجون مدايون نه ڏس.
نيٺ ڀلن کان ٿيندي ڀلي، اي مامل منهنجون ڪچايون نه ڏس.
نڪي ثمر کنيم، نڪي ساٿي کنيم،
توکي وک وک تي سردار سڏيم،
منهنجي توکان سواءِ ڪا ناهي ڳلي،
هاڻ ڍولڻ منهنجون ڍلايون نه ڏس
توسان
ڳا لهيون سڄڻ هاڻي ڪهڙيون ڪبيون،
تنهنجون مڙئي ميارون مون ڏي ٿيون،
هڪ ڀيرو وڃ مون سان محب ملي،
اي ڏاها منهنجون ڏنگايون نه ڏس
توکي ڪڏهين نه لڳندي ڪوسي هوا،
سدا خوش رکئي پير مولا علي،
مون اگلي جون اگلايون نه ڏس.
”خادم“ تنهنجو آهيان مٺا، تون منهنجو آهين شاهن
شاهه،
مون دامن تنهنجي دل سان جهلي، اي اڪمل منهنجون
اوڻايون نه ڏس.
·
ساجد لعلپوري
رلي روز جن سان ڪيم ٿي رهاڻيون اهي مون کي راڻا
اڃا ياد آهن،
عمر ڄاڻ چرچو نه منهنجي چئي کي نڌر کي نماڻا اڃا
ياد آهن.
سدا سڪ مان مون ڏي نهارن ٿا جيڪي،
منجهان قرب ڪانگا اڏارن ٿا جيڪي،
سدائين سنڀاري جي ڳاڙن ٿا ڳوڙها، اداسي اباڻا اڃا
ياد آهن.
اباڻي ملڪ جا پڪا، پيرون ۽ سر،
لهن ڪين دل تان اچن ياد هر هر،
ڪنڊا، ڪرڙ، ڪانا، سڱر، ساڳ ساوا، لُلُر، ڦوڳ، لاڻا
اڃا ياد آهن.
مڃان ٿي اباڻن جا گهر هن ڪکن جا،
مگر مون لئي آهن عمر هو لکن جا،
جتي جهوپڙين ۾ سدا مان گذاريو، پکا سي پراڻا اڃا
ياد آهن.
جتي مال مارن سان چاريم پياريم،
سنگهارن سان ”ساجد“ جتي گڏ گذاريم،
گهمايا جتي مان ڍڳا، ڍور، ڇيلا، ٿريچن جا ٿاڻا اڃا
ياد آهن.
·
خادم حسين خادم خانپوري
مين جوڳي هون سرمستا،
چا و تّان، پيار دا ڪستا.
ڏينهن هووي تان رات هوئي،
سهڻي سڄڻ دي تات هوئي،
وائي هڪوئي وات هوئي،
يار ميڏي سنگ وستا
سڪ سوز دي بين وڄاڪي،
دلڙي آيو آپ ريجهاڪي.
نال سهڻي دي نينهن لڳا ڪي،
رندي چاتم رستا.
گيڙو ويس دا جاما جوڙي،
ڪنٺا، ڪلابا، ڳل وچ ڏوڙي،
ڪوڙي دنيا ڪنون منهڙا موڙي،
نال حسن دي هستا.
عاشق مين هون مست جلالي،
پنجان تنان دي در تي سوالي.
ڏونهين هٿ هين ميڏي خالي،
ساز ميڏا هي دستا.
پيار وچون مين الفي پاڪي،
پڇون خلق دي خواري چاڪي،
”خادم“ جوڳي آپ سڏاڪي،
سير ڪيتا هي سستا.
·
”بشير“ سيتائي
ڪين ٿي وعده شڪن، وعده وفائي ڪر اچي،
جي چڱو آهين ته پيارا پو چڱائي ڪر اچي.
تو مُڪيون مون ڏي ميارن کوڙ ماڻهن جي هٿان،
جي خطائون مون ڪيون سامهون صفائي ڪر اچي.
مان عليل آهيان ٿيو الفت کان ساري لوڪ ۾،
تون به پڌري پنهنجي دلبر دلپرائي ڪر اچي.
مون قبوليو قرب مان توکي سڄڻ سر جو ڪري،
مان سچو صحبت ۾ ٿيڙس تون سچائي ڪر اچي.
مون ٻڌو آ، ڏور ڏينهن لائي رکي تو ڏيٺ ويٺ،
وهم منهنجي لئه تون واپس پڪ پڪائي ڪر اچي.
مان ”بشير“ آهيان برابر بره ۾ بيوس ٿيو،
ڪر نه بانور بانورا دلبر ڀلائي ڪر اچي.
گيت
·
عبدالقيوم ”صاحب“
اچ اوري او يار،
ساهه جا سينگار، اچ اوري.
وڻجارن جي واٽ، ڳوليان ڪهڙا گهاٽ،
تڙ تڙ آهي ٻاٽ، تنهن لئه روشن لاٽ،
ڪنديس پاڻ جهوري، دل جي وٽ سوري،
اچ اوري او يار،
ساهه جا سينگار اوري.
دلڙي آهه اُداس، ڇالئي آهه اماس،
وڻندو ڪهڙو واس گل ڇا ايندو راس،
جندڙي ڏيندس گهوري،
چنگڙو
ڏس تون چوري،
اچ اوري او يار،
ساهه جا سينگار، اچ اوري.
ماڻا نخرا چاڳ، وايون ڪافيون راڳ،
هڪٻئي لئه ها لاڳ، مون لئه سڀ ها آڳ،
ڪوئي نه مون کي چوري، سازڇڏيا مون ڀوري،
اچ اوري او يار،
ساهه جا سينگار، اچ اوري.
ماڻهن ليکي ماٺ، مون لئه آهي ڪاٺ،
پنڊت ڏيندو پاٺ، ٿيندو سوڻ ۽ ساٺ،
هلبو هوري هوري، ڏسبو سڀ کي ڏوري،
اچ اوري او ياري
ساهه جا سينگار، اچ اوري.
ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ بار، بندر ٿيو بازار،
وڻجارن جي وار، منهنجو ايندو يار،
نيندم زر ۾ توري، ڪنهن جي ڪنهن جي ٿوري،
اچ اوري او يار،
ساهه جا سينگار، اچ اوري.
·
مهيسر ”خادم“ رفيقي
ڇو ٿو وڃين وهلور،
آءُ ته ساٿي گڏجي گذاريون.
رنگ رچايون ظلم مٽايون، سستي ڇڏ تون وير،
دل جي چمن ۾ ٿڌڙي مٺڙي آءُ ته گهلايون هير،
وقت سجا ڳيءَ جو آيو، ۾ ڇو ويهي گهاريون،
ڳڻتين ۾ ڇو ويهي گهاريون،
آءُ ته ساٿي گڏجي گذاريون...
سستي اسان کي نيندي نهوڙي سستي دل مان ڪوري ڪڍ،
سست ٿيڻ ڪم ناهي تنهنجو، مرد بڻي ڏي دل کي ڏڍُ،
پنهنجا حق حاصل سارا، ملڪ ۾ ٿيءُ پچاريون،
آءُ ته ساٿي گڏجي گذاريون...
خواب لهون ٿا رات جو جيڪي، خوابن جو تعبير ڪريون،
پاڻ ۾ آڻي بيداري ۽ پنهنجو جهان تنوير ڪريون،
مايا تي اي دوست ڪڏهن تون ڪين ڪي رهه مغرور،
بگڙي بنايون، ملڪ سڌاريون،
آءُ ته ساٿي گڏجي گذاريون.
·
ادل سومرو
آديسين سان اکڙيون اڙائي،
گهاءُ پرائي ويٺاسين.
قرب ڪهاڻيون، ڪين ڪيون،
من جون ڳالهيون من ۾ رهيون،
هليا ويا هو ڪيڏانهن الائي...
سپرين سوا، آ ڏک ۽ ڏانجهو،
مونجهو مونجهو من اسان جو،
گيت غمن جا ويٺو ڳائي...
”ادل“ اسان کي سڌ نه رهي ،
ويندا هليا هو ساجهر ڪَهي،
ڪين اسان کان موڪلائي...
·
ميم عظيم سومرو
ڪڏهن ڀلا ايندين او سائين، اڃا نه آئين سائين،
ڪڏهن ڀلا ايندين او سائين!
رم جهم رم جهم لڙڪ وهايا اکڙين ڦڙڪي ڦڙڪي،
ماندي دلڙي ساڻي ٿي پئي، آخر ڌڙڪي ڌڙڪي،
اهڙي ماٺ لڳي پئي مٺڙا، بجلي ڄڻ آ ڪڙڪي،
ڪڏهن ڀلا ايندين او سائين!
گوڙ گهٽيو، آواز ٻڌم، ڪوئي ڪري پيو بات،
لڪندي ڇپندي آئين ساجن ويٺو ڪرين هات،
سڏيم، ڳولهيم، ڪين هئين تون، روئي پيئي رات،
ڪڏهن ڀلا ايندين او سائين!
پنهنجي پاڇي تي ئي ڇڪجي، هرهر جاچيم يار،
پنهنجي ئي هر چرپر تي ٿي، ڪن ڏنم دلدار،
اُڀ تي اڏريون ڪرلائينديون، ڪونجون ڪري قطار،
ڪڏهن ڀلا ايندين او سائين!
غزل
·
شبير ”هاتف“
ڪيم ڇا ڇا نه زيب، داستان ۾،
لڦون پئجي ويون، منهنجي زبان ۾.
اڃا تنهنجي اچڻ جو آسرو آهه،
اڃا ڪا جان آهي، خسته جان ۾.
ثريا ۾ ڪٿي يا ڪهڪشان ۾،
ملي منزل جا سنگِ آستان ۾.
مون کي ايڏو نه مجبور
فغان
ڪر،
مون کي ايڏو نه وجهه تون امتحان ۾.
اسان جي هٿ ۾ جيسين جام آهي،
اسان جي شهنشاهي، دوجهان ۾.
دلين جا شهر، لحظي ۾ لڙهي ويا،
عجب طوفان هو، اشڪِ روان ۾.
وري هو مائلِ لطف وڪرم آهه،
الاهي عاشقن کي رک امان ۾.
سنڀاليو پنهنجي دامن کي سنڀاليو،
ٻري پئي باهه، هن اشڪِ روان ۾.
رلو ڇو پيا، وڃو ساري جهان ۾،
پيا آهن، اسان جهڙا اوهان ۾.
پروا پنهنجا سڀ ٿيا پيالي ڀائي،
رڳو ”هاتف“ نه هو هڪڙو اسان ۾.
هئي ڪيڏي نه رنگين، بزمِ عشرت،
ڪٿان ”هاتف“ اچي ويو درميان ۾.
·
شيخ عبدالرزاق ”راز“
تنهنجا نماڻا نيڻ، ڇو خونباب ٿي ويا،
جيڪي جهلي ويا تاب، سي سيراب ٿي ويا.
ڪهڙو پڇو ٿا حال، پريشان نصيب جو،
سهڻا ستابا سور، کلڻهاب ٿي ويا.
ڪهڙو هو رنگ وبو جو زمانو چمن ۾ دوست،
ڪهڙا خوشين جا ڏينهن، اهي خواب ٿي ويا.
خاموش جي رهيا هئا، هرحال ۾ اي ”راز“،
تنهنجي حريمِ ناز ۾ بيتاب ٿي ويا.
·
”محبوب“ سروري
ساهه تي ناهه بقا، ڪير مري ڪير جئي،
اچ سگهو ماهه لقا، ڪير مري ڪير جئي،
بي بقا آهه حياتي، اي سڄڻ غور ته ڪر،
مل اچي نامِ خدا، ڪير مري ڪير
جئي.
عمر ساري اي پرين! ڌار گذاريندين ڇا؟
ڇڏ کڻي جورو جفا، ڪير مري ڪير جئي
.
چار گهڙيون ته محبت ۾ گذاري به ڏسون،
هي جهان آهه فنا، ڪير مري ڪير جئي.
ڇا خبر پاڻ وري ملون يا نه ملون،
ڪر نه جئري تون جدا، ڪير مري ڪير جئي.
پنهنجي اڄ رات ملاقات غنيمت آهي،
صبح تائين اي مٺا، ڪير مري ڪير جئي.
ناهه معلوم ته هن بعد جهان ۾ هوندا،
ڪير گڏ ڪير جدا، ڪير مري ڪير جئي.
·
”موج“ لغاري
ڏسين ته ها!
هو ڪير ڪنهن جي لاءِ پريشان ڏسين ته ها،
ڪهڙي سبب کان ڪوئي هو نالان ڏسين ته ها.
آرام ڪنهن کي ڪونه هو ڪنهن جي فراق ۾،
هڪ بيقرار هو ڪوئي انسان ڏسين ته ها.
آه وفغان جو ڪن تي جو آواز پيو پوي،
نالان سو ڪير ڪنهن لئي جانان ڏسين ته ها.
ڪنهن جا ڪڏهن کان ڪنهن سان هئا جي قرار قول،
ڪنهن سي ڀُلايا عهد ۽ پيمان ڏسين ته ها.
ڪنهن جي وفا جو آهه زماني ۾ غلغلو،
ڪنهن جي جفا تي جڳ رهيو حيران ڏسين ته ها.
او بيوفا ڪئي تو جفاڪارين ۾ حد،
ايئن هو ڪو تنهنجي شان جي شايان ڏسين ته ها.
ڪنهن جي قدم جي خاڪ کي سُرمو بنايو ڪنهن،
هئا ڪنهن جا نيڻ ڪنهن لئي گريان ڏسين ته ها.
ڪنهن جي اندر ۾ عشق جو هي ڪنهن مچايو مچ،
هي دل ۾ ڪنهن جي درد جا دونهان ڏسين ته ها.
دردِ فراق جا دُکي آهه دل مان آهَهَ!
اُڀري متان انهيءَ مان ڪو طوفان ڏسين ته ها.
هو عشق جي مريض جو دارو وصالِ يار،
ان جو ڀلا ٿيوڪ نه درميان ڏسين ته ها.
لاتوئي پر جو لائي نه ڄاتو ئي نينهن ”موج“،
پاتوئي پيچ پرت جو ڪنهن سان ڏسين ته ها.
·
رحيم بخش ”قمر“
مستزاد
سانوڻ جي نظارن دلين ٺار ٿين ٿا--- وسڪار ٿين ٿا،
هن پنهنجي وطن سنڌ ۾ سينگار ٿين ٿا--- وسڪار ٿين ٿا.
راحت ٿي ڏئي روح کي وسڪار جي موسم--- ملهار جي موسم،
چوڌار چراگاهه ۽ گلزار ٿين ٿا--- وسڪار ٿين ٿا.
هر طرف هينئر مينهن جي مانڊاڻ ٿي ڏسجي--- سرهاڻ ٿي پسجي،
مسرور سڀِئي پير و جوان،ٻار ٿين ٿا--- وسڪار ٿين ٿا.
گجڪار ڪري گوڙ ٿي آواز ٻڌائي--- سُرندا به سڻائي،
اکڙين جي اڳيان کِنوڻ جا انوار ٿين ٿا--- وسڪار ٿين ٿا.
ساوڪ جي زمين خوب هي پوشاڪ آ پاتي--- پئي قحط ۾ ڪاتي،
جهر جهنگ ۽ گهر گهاٽ ۾ ٿڌڪار ٿين ٿا--- وسڪار ٿين ٿا.
قادر جي ڪرم ساڻ ”قمر“ ڪڪر ٿيا هي--- ڌڻ دار پيا جي،
شاداب ٿيا باغ ۽ هٻڪار ٿين ٿا--- وسڪار ٿين ٿا.
مخدوم زاده خليق الزمان ”خليق“
مون سڏڪن سان ڪيو جهڳڙو بچي آهه و فغان باقي،
۽ دردن سان به مان وڙهيس رهيو دل ڏي ڌيان باقي.
بهارون محوِ رقص آهن گلن تي طاري مدهوشي،
رڳو جيڪر هجي هن وقت منهنجو جانِ جان باقي.
جهان وارن اسان جي پيار کي الزام سمجهيو ٿي،
جدائي ۾ ٿيو مشهور دل جو داستان باقي.
سڄڻ سمجهيو ته سانوڻ آ مگر هوا لڙڪ اکين جا،
چيائين هي ته ڪجهه ڪونهي، ڪي آهن امتحان باقي.
وساري تو به ڇڏيون پيار جون ڳالهيون مگر همدم،
رهي دل ۾ فقط اڄ آهه يادِ رفتگان باقي.
ڪيو تو دل کي زخمي ٿي تڏهن ڳاڙهي ڪنوار آهي،
ڪندس شادي انهيءَ دل سان مان دردن کان پڇان باقي.
”خليق“ آهي ئي تنهنجو پر ڀلي اڄ آزمائي ڏس،
متان پو چئين ته رهجي ويو اڃا ڪو امتحان باقي.
·
حميد شهيد
موسم به مست مست، فضائون به مست مست،
منهنجي به چال مست ۽ آئون به مست مست.
هر شئي تي ڪيف طاري آ، ساقيءَ جي سر جو خير،
بادل نشي ۾ چور، هوائون به مست مست.
بادِ صبا جي بِين تي جهومن، لڏي نڏي،
زلفن جا ڪارا نانگ بلائون به مست مست.
دڪ دڪ تي دل جي جهومي، جوانيءَ جو انگ انگ،
سازِ دلِ جوان جون صدائون به مست مست.
بدمست ويو بنائي، هي دو آتشه شراب،
نظرون به پرخمار، ادائون به مست مست.
·
”عنايت“ بلوچ
توريءَ منهنجو ٿيندو ڪير؟
نِينهن نيئر ۾ نيندو ڪير؟
ڇو گهائين ٿو گُهورن ساڻ،
اڳتي تو ڏي ايندو ڪير؟
باهه بِرهه جي ڀڙڪي جِتِ،
وسان تَنهن ۾ ويندو ڪير؟
جيئري ئي جي دل مري،
هنجڙون پو هاريندو ڪير؟
پيار منجهان جي پياري پوءِ،
اُڃ تڏهن طلبيندو ڪير؟
جيئڻ جي ڪا گهرج نه آ،
تو بِن پَر ماريندو ڪير؟
دلبر توريءَ ٿي مون لاءِ،
عين ”عنايت“ ايندو ڪير؟ |