بي جانه ٿيندو جيڪڏهن هت حافظ شيرازي، سلمان ساوجي
۽ امير خسروءَ جي ڪلام جي ڀيٽ انهيءَ خيال سان ڪئي
وڃي ته پڙهندڙن کي امير جي ڪلام جون خوبيون معلوم
ٿين. ٽنهي شاعرن جي ڪلام جي پختگي دل جي اُمنگ ۽
مستيءَ جو اندازو لڳائڻ ناظرينن جو حصو آهي. اشعار
جي زمين ساڳي آهي صرف انگ جدا جدا ڏنل آهن.
از پَس مرگ اگر برسِر خاکم گذري،
بانگِ پايت شنوم و نعره زنان برخيزم
(خسرو)
برسر تربت من با مئي و مطرب بنشين،
تا من از کنج لحد رقص کنان برخيزم.
(حافظ)
چون شون خاک بخاکم گذري کن چوصبا
تابه بويت ز زمين رقص کنان برخيزم. (سليمان)
ارباب ذوق ڏسي سگهن ٿا ته امير خسرو سادگيءَ ۽
صفائيءَ سان هڪ خوش نما پيرايه ۾ مضمون کي سهڻي
نموني ۾ نڀايو آهي. هي هڪ امر تسليم ٿيل آهي ته
عاشق فراقِ يار ۾ همه تن انتظار هوندو آهي هو يار
جي اچڻ تائين صبر ڪري نه سگهندو آهي. بلڪ يار جي
پيرن جي آواز ٻڌڻ سان ئي استقبال لاءِ اُٿي کڙو
ٿيندو آهي ۽ اڳتي وڌندو آهي. اها حقيقت آهي جا
عاشق جي فطرت کي نزديڪ آهي تنهن ڪري اهڙو ڪلام
نهايت بليغ سمجهيو ويندو آهي. محاوره ”بانگ پانعره
زنان“ به نهايت موزون آهن، جن جي استعمال سان
ڪلام جو لطف وڌي وڃي ٿو. برعڪس ان جي حضرت حافظ
کي لحد مان آڻڻ لاءِ سازوسرود مئي ۽ مطرب يار جي
موجودگي ۽ نغمه خوانيءَ جي به ضرورت آهي. اِن کان
سواءِ حافظ صاحب قبر مان ٻاهر نه ايندو ۽ نه رقص
ڪندو. قصو البته طول طويل ٿي ويو. ازانسواءِ ظاهر
آهي ته رڳو يار جي آمد يا موجودگيءَ تي حافظ صاحب
قبر
مان رقص ڪندو نه نڪرندو، مگر سندس نڪرڻ جا به چند
شرط آهن جن جي پيروي لازم آهي، مگر خسرو رڳو پير
جي آواز تي استقبال لاءِ اُٿي ٿو کڙو ٿئي. حافظ
صاحب جي شعر ۾ اُها سادگي يا بلاغت نه رهي جا
خسرو جي ڪلام ۾ ملي ٿي ۽ نه وري فطرت عاشق کي سندس
خيال نزديڪ آهي. حضرت سليمان جو شعر ٻنهي شاعرن
جي مقابلي ۾ اچي نه ٿو سگهي. خاڪ ٿيڻ، صبا جو اچڻ
۽ خاڪ اُڏئڻ ۽ ان جي بوءِ تي سليمان صاحب رقص ڪندو
قبر مان اُٿندو، مبالغو حد کان زياده آهي، اها
ڳالهه عقل سليم نٿو مڃي. تنهنڪري خيال ناقص آهي ۽
بعيداز بلاغت آهي. ازانسواءِ خسروءَ جي ڪلام جي
خوبي اها آهي جو ترنم ۽ نغمه لاءِ موزون آهي،
ڇو ته هو پاڻ سنگيت
وديا جو ماهر هو ۽ پنهنجي ڪلام کي موسيقيءَ جي
سانچي ۾ به وجهي پورو بيهاريندو هو ۽ کيس دنيا ئي
سنگيت ۾ نائڪ جو خطاب مليل هو.
انسان اشرف المخلوقات ته ضرور آهي، مگر ڪائنات جي
ڳجهه کي معلوم ڪرڻ هن جي سمجهه جي حدود کان ٻاهر
آهي. انهيءَ مضمون کي مولانا سعديءَ ۽ خسروءَ جدا
جدا رنگ ۾ نباهيو آهي ملاخظه فرمايو.
تو ان در بلاغت به سحبانَ رسيد
نه در کنهِ بيچون سبحان رسيد. (سعدي)
وري امير ساڳيو مضمون ڪهڙن نه لا جواب لفظن ۾ ادا
ڪيو آهي.
هرچه از تو گمان برم بيه چوني،
آن من بودم و تو ازان بيروني. (خسرو)
مسئله همه از اوست کي امير ڪهڙي نه سليس ۽ سهڻي
طريقي ۾ بيان ڪيو آهي.
از بودلي هرچه بود دارد،
از تو رقم وجود دارد.
غرض ته حضرت امير خسرو دهلوي جنهن کي ”طوطي هند“
ڪري سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي قدرت هڪ اهڙي جامعيت عطا
ڪئي هئي جا ٻئي ڪنهن اديب کي شايد ئي نصيب ٿي هجي.
امير فقط مسلمان اديبن ۾ نه مگر دنيا ڀر جي اديبن
شاعرن
۽ مفڪرن ۾ هڪ بلند پايه هستي شمار ڪرڻ ۾ اچي ٿو. بقول پنڊت نهرو
”امير خسروءَ جي هستي ۽ سندس تصانيف هندستان جي
علمي دنيا لاءِ
بي
بها خزانو آهن. امير جهڙي هستي دنيا ۾ هزارن سالن
۾ ڪنهن قوم ۾ هڪ آڌ مس پيدا ٿيندي آهي، هندستان اڄ
سوڌو اهڙو همه صفت موصوف انسان ادبي دنيا ۾ پيدا
نه ڪيو آهي.“
حضرت شيخ المشائخ نظام الدين اولياءِ جي هڪ رباعي
۽ هڪ بند خسروءَ جي باري ۾ پيش ڪجي ٿو، جنهن مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، خسرو ڪهڙيءَ ڪڙيءَ جو
صاحب دل ۽ صاحب سخن اديب هو.
گر برائي ترکِ تُرکم آره به تارک تهند،
ترک تارک گيرم و آمّا نه گيرم ترکِ ترک،
رباعي:
خسرو که به نظم و نثر مثلش کم خاست،
ملکيت ملکِ سخن آن خسرو راست.
آن خسرو ماست ناصر خسرو نيست،
زيرا که خدائي ناصر خسرو ماست.
مولانا جامي خسروءَ جي لياقت جو اعتراف ڪندي
فرمائي ٿو:
دامانِ نگه تنگ و گلِ حسن تو بسيار،
گلچين بهار تو ز دامان گلمه دارد.
ملاحظه فرمايو ظهوري خسروءَ جي بارگاه ادب ۾.
بساطِ ادب بر کران افگند،
نه خسرو غزل درميان افگند.
امير هاشمي ڪرمانيءَ هيٺين بندن ۾ خسروءَ کي سندس
سخن جو داد ڏنو آهي:
خامهءِ خسرو چو گوهر بار شد،
نامه رو مطلع الانواز شد.
بزم سخن را به سخن ساز کرد،
بر همه کس راهِ سخن باز کرد.
فهم رموزش نه کند هر کسيه،
زانکه معانيست بسه در بسي.
چون
مي خسرو به تمامي رسيد،
دور مئي عشق به جامي رسيد.
دولت شاهه سمر قندي فرمائي ٿو:
خواجه خسرو بادشاهه عاشقان است،
ازا نش خسرو نامه است.
”آزاد“ بلگراميءَ خسروءَ جي جامعيت هيٺين لفظن ۾
بيان ڪئي آهي:
اي خسرو شوخان چه کند وصف تو آزاد،
خوبان عمل فتنه ز ديوان تو يا بند.
سعيد نفيسي جو موجوده دؤر جو ايران ۾ هڪ جيد عالم
۽ علم عروض جو ماهر آهي، تنهن ديوان کامل خسرو جي
ديباچه ۾ لکيو آهي:
”خسرو از استادانِ مسلم سبک ناتو راليسم
دار شعرائه فارسي است و نزديک صد هزار شعر از و باقي مانده است و
بزبانِ هندي نيز شعر گفته و از نخستين
کسانيست که بدين زبان شعر سرده اند. در موسيقي نيز
دست داشته و از موسيقي دا نان زبردست زمان خود
بشمار رفته است. در شاعري قدرت طبع داشت شکه نيست
که خسرو دهلوي را بايد بزرگ ترين شاعر فارسي زبان
هند. دانست و اين که اورا سعدئي هندستان گفته
اند بجا است. از اُستادان اين فن شمارمه رود“.
خسرو پنهنجي شعر بابت فرمائي ٿو.
روح ليليٰ آيد و آموزد آئينهائي عشق،
شعر خسرو گر رقم يرتربيت مجنون کنند.
نظامي، حافظ نظيري—سعيدي، عرفي، انوري—خاقاني
وغيره،جي اقليم سخن جا ”جَم“ ۽ ”کئه “ هوا، انهن
مان هرڪ جي حدود حڪومت هڪ اقليم هئي نه زياده .
مثلاً نظامي ۽ فردوسي يارو دڪي مثنويءَ جي دائري
کان ٻاهر نڪري نه سگهيا. سعدي، حافظ ۽ نظيري غزل
جي دنيا جا مالڪ ٿي رهيا. انوري ۽ خاقاني قصيده جا
خاقان هئا، مگر خسروءَ جي جهانگيري يا حڪومت ۾
غزل، مثنوي، قصيده، مرثيه، رباعي، قطع کانسواءِ
ٻيا به ڪيئي خطهائي سخن اچي وڃن ٿا.
وقت ۽ جاءِ جي ڪميءَ سبب راقم الحروف خسروءَ جي
رڳو فارسي شاعريءَ جون چند جهلڪون قلم بند ڪري
سگهيو آهي، در حقيقت امير خسروءَ عليه رحمت جي
فارسي شاعريءَ جا به سڀ پهلو بيان ڪرڻ
۾ نه آيا آهن، جهڙوڪ معمه، چيستان، دو
سخنيون،پروليون يا ڳجهارتون وغيره.
چيستان فارسي:
کيست آن جانور که جانش نيست،
خندهامي کند،دهانش نيست.
گريه هامي
کند،
چشمهانش نيست،
نعرهامي زند، زبانش نيست.
چيست آن ماري که او دوسردارد،
دردو سوراخ، سر بدر دارد.
هر که بکشايد، اين
معمارا،
دانماز عاشقي، خبردارده.
لوازم صفتش هست چشم، پوش عقل،
چون آفتاب که نورش حجاب ابصارست،
حکيم گفت: شناسم به عقل يزدان را،
زهي کمال حماقت و اين چه گفتارست.
امير جون نظم ۾ جي تصنيفات دستياب ئي سگهيون آهن.
تن جي فهرست درج ڪجي ٿي.
ديوانِ غزليات پنجن
ڪتابن ۾ تقسيم ٿيل آهن:
1- تحفته الصغر اشعار آ غاز عمر
2- وسط الحيواه اشعار او سطه عمر
3- غره الکمال اشعار اواخر عمر
4- بقيه تقيه اشعار پيري
5- نهايت الکمال اشعار پايان زندگي
6- مطلع الانوار مثنوي 7- شيرين خسرو 8- ليليٰ
مجنون 9- آئينهءِ سڪندري 10- هشت بهشت 11- قران
السعدين 12- نهه سپهر 13- مفتاح الفتوح 14- خضر
خان ودولا راني 15- تغلق نامه 16- اعجاز خسروي
شاهنامه 17- نصاف بديع العجائب 18- خالق باري 19-
بازنامه 20- تاج الفتوح 21- جواهر البحر 22- رساله
ابيات 23- مناجات خسرو.
از انسواءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته خسرو جون ڪي ئي
تصنيفون تلف ٿي چڪيون آهن.
خسرو نثر نويسيءَ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن
تخمينه روئي چار لک اشعار چيا آهن. ايڏو
وڏو
شعر جو ذخيرو ڪنهن ٻئي فارسي يا هندي
شاعر ڪونه ڇڏيو آهي. خسرو هندي جي بهترين شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي
ٿو. سندس هندي شاعريءَ تي هڪ جدامقالي جي ضرورت
آهي. امير خسرو سال 725 هجريءَ ۾ هن فاني جهان مان
لاڏاڻو ڪري پنهنجي مرشد حضرت نظام الدين اولياءَ
جي پيرانديءَ ۾ پنهنجي آبدي آرام گاهه ۾ وڃي
آرامي ٿيو. سندس دورجا هيٺان شاعر سلاطين دهليءَ
جي دربار ۾ موجود هئا، جن سان خسروءَ جي نوڪ جهوڪ
رهندي آئي مگر هن جي ڪڙيءَ کي ڪو به نه پهتو.
نجم الدين حسين دهلوي امير جي خاص احبابن مان هو.
مراة الخيال ۾ذڪر آيل آهي ته هڪ لڱان خسرو دهليءَ
جي بازار مان لانگهائو ٿيو. حسن سنجري جو
اُن وقت نوعمر حسين ڇوڪر هو،سو هڪ نانوائيءَ جي دڪان تي ويٺو هو.
خسروءَ جي اک هن تي پئي. حَسن جي حُسن ظاهر کان
زياده خسروءَ کي حسن جي باطني ڪمال
ڇڪيو ۽ هو وڌي حسن ڏانهن ويو. کانئس پڇيائين ته
”هڪ نان ڪيتري وڪڻندو آهين؟“حسن
نان ڪونه وڪڻندو هو مگر هو خسروءَ کي ڀانپي ويو
۽ مرڪي جواب ڏنائين ته ”هڪ پُڙ ساهميءَ ۾ نان
وجهندو آهيان، جڏهن ٻئي پُڙ ۾ خريدار نان جي وزن
جيترو سون رکندو آهي تڏهن کيس نان کڻي ڏيندو
آهيان.“ خسرو ڇوڪر جي حاضر جوابيءَ تي حيران ٿيو
۽ کانئس سوال ڪيائين ته ”جيڪڏهن خريدار مفلس هجي
ته پوءِ ڇوڪر جواب ڏنو ته ”اهڙي خريداري کان رڳو
درد ۽ نياز جي گهر ڪندو آهيان“ امير جي دل ۾ اهي
اکر نشتر جو ڪم ڪري ويا. هو خاموش روانو ٿي ويو.
جڏهن مرشد وٽ آيو، تڏهن کيس سڄو احوال عرض
رکيائين. محبوب الاهي مشڪي خاموش ٿي ويو، مگر سندس
خاموشي بي معنيٰ نه هئي. جو ڄار حُسن ، خسروءَ جي
دل ڦاسائڻ لاءِ اُڇليو هو، تنهن ۾ خود گرفتار ٿي
چند روز بعد، خود بخود خسروءَ وٽ لنگهي آيو.
پڇتاءُ ظاهر ڪري هيٺيون بيت پڙهيائين.
اَنرا که بدانيم که او قابل عشق است،
رمزيه بنمائيم ودلش را به رُبائيم.
خسروءَ جي صحبت ۾ حسن، علم وڪمال جي تحصيل ۽ تڪميل
۾ مصروف ٿي ويو، ۽ ٿوري وقت ۾ اطوار حميده ۽
اخلاقِ پسنديده جو مالڪ بڻجي پيو. حسن به خواجه
نظاالدين اوليا جو مريد هو.
مولانا ضياءُ الدين برني فرمائي ٿو ته حسن جو ڪلام
ايترو ته مقبول عام ٿيو جو هن کي ’سعدي هند، به
سڏيندا هيا. هو سلطان محمد تغلق سان دولت آباد
(نئين تخت گاهه) ۾ گڏ هو، جت فوت ٿيو. سندس مرڻ جو
سال 736هجري مطابق 1335عيسوي آهي. حسن چوندو هو
ته ”خسرو منهنجو ڪلام پسند ڪندو آهي، ڇو ته منهنجو
ڪلام آهي ورنه منهنجو ڪلام خسروءَ جي ڪلام کان
بهتر نه آهي.“
اُن وقت ٻيو شاعر ملڪ سعيدالدين منتقي هو جو دراصل
هڪ قلندر ۽ مفلس شخص هو مگر سلطان جلاالدين کيس
پنهنجي ملازمت ۾ داخل ڪري امير ڪبير بڻائي ڇڏيو.
مولانا عُبيدالله ايراني جو هميشہ خسروءَ جي
مخالفت ڪندو رهيو، اڪثر علوم جو ماهر هو خسروءَ
تي چوٽ ڪندي هيڪر هيٺيون بند چيائين:
غلط اُفتادخسرو را زخامي،
که سگ پا پخت درديگ نظامي.
مٿين بزرگن کان سواءِ قاضي مغيث هاسوي عراقي--
مويد جرجامي-- اميرارسلان ۽ اختيارالدين به
اميرخسروءَ جا همعصر هيا.
”مگر موج دگر باشد وطوفان دگر“
حضرت امير خسرو پنهنجي مرشد جي انتقال بعد سندس
مقبره تي رهڻ شروع ڪيو ۽عموماً سمورو وقت گريه ۽
خاموشيءَ ۾ بسر ڪندو هو. هن
شعر شاعريءَ جو ذوق و شوق پڻ ڇڏي ڏنو هو.
محبوب الاهيءَ جي وفات بعد خسرو پنج مهينا کن زنده
رهيو. سندس رحلت بعد سندس مرشد جي وصيت جي تعميل
نه ٿي ۽ هن کي سندس مرشد جي پاسي ۾ جاءِ
نه
ڏني وئي. ان لاءِ جوابدار خواجه سرا مهدي آهي جو
حضرت جو مريد هو ۽ اُن وقت وزارت جي عهدي تي هو.
امير خسروءَ جو مقبره هندي خواجه ٺهرايو جو بابر
بادشاهه جي درٻار جو خاص امير هو. ملان شباب
نعماني امير جي تاريخ وفات هيٺين لفظن ۾ لکي قبر
تي اُڪارائي.
شد عديم المثل يک تاريخ او،
وان دگر شد طوطئي شکرمقال.
امير خسرو جو مقولو
هو ته “ هرکه خود رابيند خدائي رانه بيند“ يعني
”جو پاڻ
کي
هست سمجهي ٿو سو خدا جي هستي ڏسڻ کان محروم رهي
ٿو.“ هيٺيان بند خسرو شيرين مثوي جي بيان واري
صفحه تي درج ڪيا آهن.
جڏهن خسرو کي شيرين جو وصل حاصل ٿئي ٿو، تڏهن هو
شيرين
جي رعنائيءَ جي تعريف هيٺين لفظن ۾ ڪري ٿو.
زمستي زلف، او درهم شکسته،
هزارانَ توبه در هرخم شکسته.
کز ديدن آن شکل و رفتار،
به بستي زاهدِ صد ساله زنار.
__
خسرو جو فرهاد سان
ڪوهه ستون ۾ گفتو:
بگفتش کيستي و درچه سازي،
بگفتا عاشقم درجان
گدازي.
بگفتش عشق بازان رانشان چيست؟
بگفتا آ نکه پايد دربلازيست.
بگفتش عاشقان رين رهه چوپويند؟
بگفتا درد ود هندو درد جويند.
_
بگفتش مذهب خوبان
کدام است،
بگفتاکش فريب وعشوه نام
است.
بگفتش پيشهءِ ديگر چه داٺند،
بگفتا غم د هند وجان ستانند.
بلند طبعي ۽ خود داري:
رسم سگان است به سونگاه شيربر انگنده خرامد به
راه.
والد سان گڏ جڏهن خسرو، حضرت محبوب الاهي وٽ پهتو،
تڏهن چيائين:
تو
اُن شاهي که پر ايوان قصرت،
کبوتر گرنشيند باز گردد.
غريبي مستمندي بردر آيد،
بيايد اندرون يا باز گردد.
(خسرو) |