سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :12

گهڙي پل جي لاءِ ته مون کي ائين محسوس ٿيو جيئن مان چري ٿي وئي آهيان. مان اُٿي کڙي ٿيس. مون توڏانهن غور سان نهاريندي چيو:

”جنهن ماڻهوءَ کي مان چاهيندي آهيان اهو هميشہ سفر تي هليو ويندو آهي.“

مون تنهنجي اکين ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته شايد تون مون کي سڃاڻي وٺندين،---! مگر تون ساڳئيءَ طرح مرڪندي مون کي آٿٿ ڏيڻ لڳين.

”ڪجهه دير کانپوءِ ماڻهو سفر تان موٽي  ايندو آهي---؟“

مون جواب ڏنو..... ”ها، اهو موٽي ته ايندو آهي. مگر تيستائين هو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو آهي.“

جذبات کان مغلوب ٿي جيڪا مون ڳالهه ڪئي انهيءَ ڳالهه توکي بيقرار ڪري ڇڏيو. تون اٿي مون ڏانهن حيرت ۽ معصوميت سان وري نهارڻ لڳين. پوءِ پنهنجو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي چوڻ لڳين.

”سٺيون شيون ڪڏهن به دنيا ۾ وساريون نه وينديون آهن. مان توکي هميشہ ياد رکندس.“

تنهنجي نظرن ڏاڍي لطيف انداز سان منهنجو جائزو ورتو، ائين جيئن تون هميشہ جي لاءِ پنهنجي دل تي منهنجو حسن نقش ڪري ڇڏڻ چاهيندو آهين. مون جڏهن تنهنجي انهن عميق نظرن جو احساس ڪيو تڏهين سمجهيم ته تيز نگاهه منهنجو جگر چيري منهنجي روح جو جائزو وٺي رهي هئي. انهيءَ وقت مون تصور ڪيو ته آخرڪار تنهنجي شعور تان اهو وسارڻ وارو پردو مٽجي ويندو ۽ تون مون کي سڃاڻي وٺندين.

انهيءَ اميد جي بي انتها خوشيءَ کان منهنجو روح ٿڙڪڻ لڳو.

افسوس جو تو مون کي ڪونه سڃاتو تو مون کي نه جاچيو. انهيءَ وقت جيترو مان تنهنجي لاءِ اجنبي هيس ايترو شايد ڪڏهن به نه هيس. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته گهڙيءَ پلڪ اڳ جيڪا تو مون سان مذاق ڪئي هئي سان ڪڏهن به نه ڪرين ها. تو مون کي ڇڪي چرين وانگر پيار ڪيو. تنهنجي انهيءَ ديوانگيءَ کان منهنجا وار ٽڙي پکڙي ويا. انهن کي سنوارڻ جي لاءِ مان آئيني سان گڏ بيهي رهيس مون انهيءَ وقت ڏٺو ته تون مون کان چوريءَ  ڪجهه نوٽ منهنجي دستانن ۾ رکي رهيو هئين. مان هڪدم شرم ۽ غصي ۾ سڙي ويس. منهنجي وات  مان رڙ نڪرڻ واري هئي، جنهن کي مون پوريءَ طاقت سان روڪي ڇڏيو. انهيءَ وقت منهنجي دل چاهيو ته توسان وڙهي تنهنجي ڳل تي هڪ زوردار  چماٽ هڻان. مگر مون انهيءَ  خيال کي به ختم ڪري ڇڏيو. اهو ظاهر هو ته منهنجي محنت جي قيمت ادا ڪري رهيو هئين، مون کي جنهن ننڍپڻ کان وٺي توسان محبت هئي، مان جا  تنهنجي پٽ جي ماءُ هيس، حقيقت ۾ تنهنجي لاءِ هڪ بازاري عورت ئي هيس، جنهن کي تون هڪ ناچ گهر مان پڪڙي وٺي آيو هئين . ڇا انهيءَ محبت جي توکي اها ئي قيمت ڏيڻي هئي، ائين ڪري تو مون کي سخت بي عزت ۽ شرمسار ڪيو هو.

مون يڪدم پنهنجون شيون کنيون. انهيءَ وقت مان ڪاوڙ ۾ جلي رهي هيس. مون پنهنجي ڪئپ هيڏانهن هوڏانهن تلاش ڪئي، اها تنهنجا لکڻ جي ميز تي پئي هئي، گلدان جي سفيد گلن جي ڀر ۾. پوءِ منهنجي اندر ۾ هڪ شديد خواهش پيدا ٿي ته مان تنهنجي يادگيريءَ کي بيدار ڪرڻ جي لاءِ آخري ڪوشش ڪيان.

مون توکي چيو—”ڇا تون انهن گلن مان هڪڙو گل مون کي پيش ڪندينءَ---؟“

”ڇو نه----!“

تون يڪدم اٿي ميز ڏانهن وئين ۽سڀ گل کڻي آئين.

”منهنجي خيال ۾ هي گل توکي ضرور ڪنهن عورت ڏنا آهن. انهيءَ عورت، جا توکي بي انتها چاهيندي آهي.“---

”ٿي سگهي ٿو---“ تو چيو---مون کي خبر نه آهي. اهي هر سال مون کي سالگرهه جي موقعي تي تحفي ۾ ايندا آهن. مون کي خبر نه آهي ته ڪير...... موڪليندو آهي. مگر مون کي اهي ڏاڍا پسند آهن.“

مون توکي غور سان ڏسندي چيو.

”شايد اهي انهيءَ عورت موڪليا هجن، جنهن کي تو وساري ڇڏيو هجي----؟“

اهو ٻڌي توکي ڪجهه حيرت لڳي. مان غور سان توڏانهن ڏسندي رهيس.

مون کي سڃاڻ----بس هڪ دفعو سڃاڻ---- منهنجي نگاهن جي فقط اها ئي التجا هئي پوءِ تون دل ئي دل ۾ مرڪڻ لڳين. تنهنجي انهيءَ مرڪ ۾ دلڪشي هوندي به سڃاڻپ جو ڪو جذبو نه هو منهنجي اکين مان انهيءَ وقت طوفان وانگر ڳوڙها وهي هليا هئا. مون نٿي چاهيو ته تون انهن کي ڏسي وٺين.

جيئن ئي مان ڪمري کان ٻاهر آيس، ته دروازي تي مان تنهنجي نوڪر ”جان“ سان ٽڪرجندي ٽڪرجندي بچي ويس. هو هڪدم رستي تان هٽي ويو ۽ يڪدم کڻي سامهون وارو دروازو کوليائين. انهيءَ وقت جڏهن مون ڀريل اکين سان ان ڏانهن نهاريو تڏهن مون کي انهيءَ پوڙهي جو چهرو خوشيءَ ۾ ٻهڪندي نظر آيو. ان مون کي سڃاڻي ورتو هو. انهيءَ شخص جنهن مون کي ننڍپڻ کان پوءِ ڪڏهن نه ڏٺو هو. مون انهيءَ وقت ايڏو ته شرم محسوس ڪيو جو منهنجو ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪي ويو. دل چاهيو ته اڳتي وڌي سندس هٿ چمان.

مون دستانن ۾ رکيل نوٽ ڪڍيا ۽ سندس منهن تي اڇلي هنيم.

هو مون ڏانهن ڏاڍين فڪرمند نظرن سان نهارڻ لڳو.

سوچان ٿي ته انهيءَ وقت هو جيترو مون کي سڃاڻي ويو هو، تون شايد زندگيءَ ڀر به سڃاڻي نه سگهيو هئين.

منهنجو پٽ ڪلهه مري ويو، انهيءَ کي ڇڏي توکان سواءِ هاڻي منهنجو هن دنيا ۾ ٻيو ڪير آهي----جنهن کي مان پيار ڪري سگهان. تون جو ڪڏهن به مون کي سڃاڻين نه سگهئين----ڪڏهن به نه ---- جو اهڙيءَ طرح منهنجي زندگيءَ کان ڪناره ڪش ٿي وئين، جيئن مان ڪا سڪل نَدي هيس جنهن کي پار ڪرڻ تنهنجي لاءِ ڪو مشڪل نه هو. جيئن مان ڪو رستي جو پٿر هيس، جنهن کي تون ‎‎ٺوڪر هڻي بيفڪريءَ ۾ اڳتي وڌي ويو هئين. مگر مان جا تنهنجي انهيءَ ٺوڪرکي سيني سان لڳائي زندگيءَ ڀر تنهنجو انتظار ڪندي رهيس هڪ دفعو مون سوچيو هو ته مان توکي هميشہ جي لاءِ پنهنجي بنائڻ جي طاقت رکان ٿي. ڪجهه ڏينهن بعد مون توکي واقعي هڪ پٽ جي روپ ۾ پنهنجو ڪري ورتو هو. آخر هو به پنهنجو ئي رت هو. اهو به بيوفا نڪتو ۽ مون کي بي يارو مددگار ڇڏي هليو ويو. هن به مون کي وساري ڇڏيو هاڻي هو ڪڏهن به موٽي نه ايندو.

هڪ دفعو وري مان هن دنيا ۾ اڪيلي رهجي وئي آهيان.

مون وٽ هاڻي تنهنجو عطا ڪيل ڪجهه به نه آهي. ڪجهه به نه بچيو، سڀ ڪجهه پٽ سان گڏ ختم ٿي ويو. هڪ فقرو هڪ سٽ تو زندگيءَ ڀر مون کي نه لکي. منهنجو وجود تنهنجي يادگيريءَ جو ڪڏهن به مرڪزبنجي نه سگهيو. ذري جيترو به نه. تنهنجي اڳيان جيڪڏهن ڪو منهنجو نالو وٺي به کڻي ته اهو به تنهنجي لاءِ ڪنهن اجنبيءَ جو لڳندو. جڏهن مان تنهنجي لاءِ مري چڪي آهيان ته پوءِ مون کي مرڻ ۾ خوشي ڇو نه ٿيندي. تون مون کان ايترو پري هليو ويو آهين،ته ڇا مون کي پري وڃڻ ۾ خوشي نه ٿيندي.

منهنجا پيارا! مان توکي الزام هرگز نٿي ڏيان. مان پنهنجي ڏکن کي تنهنجي راحت بخش زندگيءَ تي لڏڻ نٿي چاهيان. تون ڊڄ نه، مان توکي وري پريشان نه ڪنديس. هن ڀيانڪ وقت ۾ جڏهن  ته منهنجو پٽ مئل منهنجي اڳيان پيو آهي. مان صرف آخري دفعو پنهنجي دل جي پڪار کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي. خدا جي واسطي التجا ٻڌ. صرف هڪ دفعو مان توسان ڳالهائڻ چاهيان ٿي. پوءِ مان هميشہ جي لاءِ بيهوش ٿي وينديس جيستائين مان زنده آهيان، وري ڪڏهن به توکي تنگ نه ڪنديس. هيءَ تحرير  منهنجي مرڻ کان پوءِ توکي ملندي. انهيءَ بدنصيب جي طرفان جنهن توکي سڄي زندگي پيار ڪيو. ايترو شايد ڪنهن به نه چاهيو هوندو، جو هميشہ تنهنجي پڪار جي منتظر رهي، جنهن کي تو ڪڏهن به نه سڏيو. جڏهن توکي هيءَ تحرير ملندي. انهيءَ وقت تون شايد مون کي پڪاريندين. مگر انهيءَ وقت زندگيءَ  ۾ پهريون ڀيرو مان شايد تنهنجي لاءِ بيوفا ثابت ٿينديس. انهيءَ وقت مان موت جي گهري ننڊ ۾ سمهي پئي هونديس، مان تنهنجو آواز ٻڌي نه سگهنديس . مون پنهنجي ڪابه تصوير..... ڪائي به نشاني تووٽ نه ڇڏي---- ”پنهنجي هنن آخري گهڙين ۾ مان توکي وساري نٿي سگهان. توکي پنهنجي نالي ۽ صورت متعلق ڪجهه به ٻڌائي نٿي سگهان. سڄي زندگي مون گمناميءَ جي حالت ۾ بسر ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي مان انهيءَ حالت ۾ موت جي رستي تي هلي وينديس. موت منهنجي لاءِ هاڻي زندگيءَ جي راحت ثابت ٿيندي. انهيءَ جو اثر توتي تر برابر به نه پوندو. جيڪڏهن منهنجو موت تنهنجي لاءِ رنج جو باعث هجي ها ته مان ڪڏهن به نه مران ها!

هاڻي مان وڌيڪ لکي نٿي سگهان. منهنجو مٿو ڪافي ڳرو ٿي چڪو آهي. هينئر انگ انگ چڪناچور ٿي ويو آهي. مون کي هن وقت سخت بخار آهي. هن وقت مون کي سمهڻ گهرجي. هاڻي شايد جلدئي سڄو کيل ختم ٿيڻ وارو آهي. هن ڀيري يقيناً قسمت منهنجي لاءِ رحمدل ثابت ٿي رهي آهي. هاڻي مون کي پنهنجي پٽ کي دفنائيندو ڏسڻو نه پوندو......

مان وڌيڪ لکي نٿي سگهان. موڪلاڻي منهنجا پيارا! جو ڪجهه ٿيو، ٺيڪ ئي ٿيو مان پنهنجي آخري پساهن تائين تنهنجي مشڪور هونديس. مون کي ڏاڍي راحت محسوس پئي ٿئي ته مون توکي سڀ ڪجهه چئي ڏنو. هاڻي تنهنجي سالگره تي، هاءِ! ڪير گلاب جا گل موڪليندو------ ڇا تنهنجو گلدان هاڻي خالي رهندو. منهنجي زندگيءَ  جا اهي چند پساهه، جي خوشبوءِ بنجي سال ۾ هڪ دفعو تنهنجي ڪمري ۾ مهڪندا هئا، ....... منهنجي بس توکي هڪ ئي التجا آهي، پهرين ۽ آخري. خدا جي واسطي انهيءَ کي ضرور پورو ڪجانءِ هر سال پنهنجي سالگره جي ڏينهن گلاب جا سفيد گل بازار مان گهرائي پنهنجي گلدان کي ضرور سينگارجانءِ. هي ڪم انهيءَ جذبي تحت ڪجانءِ جيئن ٻيا ماڻهو پنهنجي خاندان جي مرحوم عزيزن جي لاءِ سال ۾ هڪ دفعو دعا گهرندا آهن.

مان صرف توتي يقين رکان ٿي. توکي ڇڏي مون زندگيءَ ۾ ڪنهن سان پيارنه ڪيو. مان صرف تنهنجي ئي خاطر زنده رهڻ چاهيو ٿي. سال ۾ هڪ دفعو جيئن مان تو وٽ گل کڻي آئي هيس، ائين ئي منهنجا محبوب  تون به ڪجانءِ.........اها منهنجي التجا آهي.......مهرباني.......مان توکي پيار ڪيان ٿي............ بيحد...........بيحد...الوداع.“

سندس ڏڪندڙ هٿن مان مسوده ڪِري پيو. گهڻي  دير تائين هو گَهرائيءَ ۾ ٻڏي سوچيندو رهيو-------ها سندس پاڙي ۾ هڪڙي معصوم ڇوڪري، اٻوجهه ڇوڪري رهندي هئي.......انهيءَ کان پوءِ ناچ گهر ۾ اها عورت..........آهستي آهستي کيس ڪجهه ياد اچڻ لڳي. اهو سڀ ڪجهه بي ترتيب هو. سندس ذهن ۾ ڪيترائي پاڇا اُڀرڻ لڳا. جلدي جلدي هڪٻئي جو پيڇو ڪرڻ لڳا. مگر انهن مان ڪا مڪمل تصوير سندس دماغ ۾ بنجي نه سگهي. سندس خيالات ۾ وسريل يادگيرين جا ٻيٽ ٺهڻ لڳا. پوءِ به هو انهن تي بيهي نه سگهيو. کيس ائين محسوس ٿيوجيئن هن اهو سڀ ڪجهه خواب ۾ ڏٺو هو. خوابن جي ڌنڌ ۾ کيس اهي سڀ تصويرون پاڇن وانگر ڏسڻ ۾ آيون.

هن مطالعي جي ميز تي رکيل انهيءَ  نيري گلدان ڏانهن ڏ‎ٺو، جو هينئر ويران ۽ اُداس پيو هو. ورهين جا ورهيه اهو سندس سالگره جي موقعي تي ڪڏهن به خالي نه رهيو هو. انهيءَ کي هينئر خالي ڏسي هو ڇرڪي ويو. سندس سامهون هڪدم ڪنهن مدت کان بند دريءَ جو طاق کلي پيو ۽ انهيءَ مان ڪنهن ٻيءَ دنيا جي هوا داخل ٿي ڪمري ۾ سرسر ڪرڻ لڳي. کيس انهيءَ هوا جي سرسر ۾ ان جي موت جو ابدي پيغام مليو! سندس سيني ۾ طوفان وانگر ڪا شيء سمائجڻ لڳي. سندس لاشعور ۾ مري ويل عورت جو تصور رقص ڪرڻ لڳو------ڌنڌليل مگر شديد ڪنهن دور دراز کان ايندڙ، سنگيت جي مڌر لهر وانگر.

”يقين سان نه ٿو چئي سگهجي ته ”پراڪرت“ يا ”پاليءَ“، هيءَ نئين سنڌي صورت، ڪڏهن اختيار ڪئي؟ راءِ ۽ برهمڻ گهرائڻ جي ڏينهن ۾ سنڌ جي زبان ضرور ”سنسڪرت“ يا ”پالي“ هوندي، پر عربن جي فتح بعد پرو پوي ٿو ته ان وقت به ”سنڌ“ جي زبان نياري هئي، جا فقط موجوده ”سنڌ“ تائين محدود نه هئي، پر ڪَڇ، گجرات، ڪيچ مڪران، بهاولپور ۽ ڪشمير تائين پکڙيل هئي. عرب سياح ۽ جغرافيه نويس جن ان وقت جي سنڌ جو بيان ڏنو آهي، سي سڀئي يڪ آواز آهن ته ديبل ۽ منصوره ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهائڻ ۾ اينديون هيون. لڳاتار ستن صدين جي عربيءَ سان لهه وچڙ ڪري، سنڌي زبان هاڻوڪي صورت ورتي هوندي“.

--”اسان جي سنڌي زبان“ 1949ع- علامه ع .م. دائود پوٽه مرحوم.

مقالا

”هر شئي جي بقا جو دارومدار ان جي صلاحيت ۽ صالحيت تي آهي-يعني ته هن ڳالهه تي آهي ته ان ۾ زندگي پيدا ڪندڙ عمل، باقي ڪيتري قدر وڃي بچيو آهي. ڪنهن به شئي ۾ جيڪڏهن تخليق جي قوّت باقي نه رهي آهي، ته پوءِ اها زنده رهي نه ٿي سگهي.“

(--- سنڌي ٻولي- ان جي بقا، ۽ بچاء. علامه آءِ. آءِ. قاضي مرحوم. 1956ع)

·                   آغا عبدالنبي خان ”عليگ“

امير خسرو دهلويءَ جي فارسي شاعريءَ تي هڪ نظر

(آخري قسط)

خسرو عليه الرحمة جو سمورو ڪلام، صنعتن، جهڙوڪ صنعت طباق و تضاد، صنعت ارصاد، صنعت ارماج، صنعت رجوع، صنعت ايهام، صنعت استخدام، صنعت لف و نشر، صنعت جمع، صنعت تفريق وتقسيم، صنعت تجريد، صنعت مبالغه، صنعت مذهب الڪلامي، صنعت مراعات النظير، صنعت ردالعجز علي الصدر، صنعت ذوقافيتين، صنعت تلميح، صنعت تنسيخ الصفات سان ڀرپور آهي. وقت ۽ جاءِ جي تنگيءَ سبب ڪلام جا مثال ناظرين لاءِ پيش ڪري نه ٿا سگهجن.

صنعت ترجمتہ اللفظ خسروءَ جي ايجاد آهي. هن صنعت ۾ هڪڙي لفظ جي معنيٰ اَن کان بعد ۾ ايندڙ ٻيءَ ٻوليءَ واري لفظ ۾ ڏئي ٿو يعني پهرئين لفظ جو ترجمو ٻيو لفظ هوندو آهي.

مثلا—سودائي رُخ ”توکشت-مارا“ ”کُشت“ فارسي لفظ آهي اُن جو ترجمو اُردوءَ ۾ ٿيندو ”مارا“ به ظاهر لفظ فارسي مارا جي معنيٰ ٿيندي ”اسان کي “.

حضرت خسرورءَ جو اهڙو شعر به موجود آهي جو صنعت محتمل معانيءَ جو پورو پورو مثال چئي سگهجي ٿو. هن صنعت جو استعمال ڪي چند بلند پايه شاعر ڪري سگهندا آهن. هن صنعت موجب شعر ۾ هڪ لفظ اهڙو ڪم آڻبو آهي، جنهن کي زير زبر پيش ڏيڻ سان ڪيئي معنائون نڪرن ۽ هر هڪ معنيٰ اُنهيءَ شعر ۾ موزون ٿئي ٿي.

(1)              قَسط جورو قسط عدل و قُسط نامِ دار دست

روغني سازند بهر لقوه و فالج ازان.

(2)             سَب بُود دشنام وسب دستار باشد بي خلافَ

سُب بمعنيٰ عار آمد در لغت نيکو بدان.

خسرو اڪثر ذو معنيٰ اشعار به چيا آهن جن جون هڪ کان زياده معنائون نڪرن ٿيون. هڪ اهڙو شعر به نموني طور تي ڏجي ٿو. جنهن ۾ هڪ لفظ ”بار“ جون ست معنائون نڪرن ٿيون.

”پيل تن شاهي وبسيارست ”بارت“ برسرير،

زان مَرنج اي ابري باغ از گويمت بسيار ”بار.“

ڪتاب مراهء الخيال، جو فارسيءَ ۾ لکيل آهي اُن ۾ جا هن شعر جي تشريح ڏنل آهي سا عبارت بجسني نقل ڪريان ٿو جيئن لطاف الفاظ قائم رهي ۽ مطلب آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي.

1-                         ”در لفظ بار که آخر است هفت معنيٰ ظاهر مي کرد

پيل تِن ازان مرنج اگر گويمت ”بسيار بار“

يعنيٰ گردان بارئي بار تو بسيار است.

2-                        تو شاهي ازان مرنج اگر گويمت ”بسيار بار“

چه بار دادن بادشاهان عبارت از جلوس فرمودن

است برسرير سلطنت و خود را به خاص و عام نمودن.

(3)                     تو شاهي مرنج اگر گويمت ”بسيار بار“

يعنيٰ بسيار نيکو کار-چه بار درلغت نيک ”کردار است.“

4           توشاهي ازان مرنج اگر گويمت ”بسيار بار“ يعني اگر ترا ”شاهه گويم.

5-   تو ابري از ازين مرنج اگر گويمت ”بسيار بار“

معنيٰ ”بسيار“ ”بهار“ است.

6-   تپ ابري ازين مرنج اگر گويمت ”بسيار بار“

بار است امر پاريدن- ”بارش کردن.“

7- اي باھ ازيم مرنج اگر گويمت ”بسيار بار“

يعني هر آنکه ”بسيار ميوه آورد“

اين بيت آمير خسرو ر تا اسروز هيچ کس

جواب نه توانست رسايند.

ترجمه: ”امير خسرو جي مٿين شعر جو جواب اڄ سوڌو ڪنهن شاعر نه ڏنو آهي.“

امير صنعت موقوف ال آخر جي استعمال ڪرڻ جو به شوقين هو. جنهن موجب هر مصرع جو قافيه ٻئي مصرع جو محتاج ٿيندو آهي. مثال طور هڪ رباعي پيش ڪجي ٿي.

در حسن ترا کسي نه ماند ”الا“،

خورشيد که هر صحيح برون آيد ”تا،“

خدمت کندو پائي تو بوسد ”تا،“

تو بيني به سوئي رو چو پابوسد ”تا.“  

غرض ته هن باري ۾ ڪيترو لکي ڪيترو لکبو، پڙهندڙ حضرات کي خسروءَ جي ڪلام کان بخوبي واقف ڪرڻ ۽ هن جي پرواز خيال، نزاڪت ڪلام جو اندازو لڳائڻ ئي مقصد آهي، تنهنڪري هيٺ امير جي ڪلام جون اُهي جدا جدا جهلڪون قلمبند ڪجن ٿيون جي اَميد ته صاحب ذوق حضرات پڙهي بي اختيار داد ڏيندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com