جنهن ڏينهن، يا جنهن وقت هن جو مڙس گهر م هوندو هو
تڏهن هوءَ يا ته ڪم ڪندي رهندي هئي، يا اندر
ڪوٺيءَ ۾ وڃي ويهندي هئي. جي پڌر ۾ ويهندي هئي ته
به ڪنڌ هيٺ ڪيو ماٺ ۾ هوندي هئي. وڌ ۾ وڌ مڙس جي
پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هئي. مڙس گهڻو ڪري کٽ تي
ويٺي سلفي ڇڪيندي، کنگهندي يا گهيٽ کائيندي نظر
ايندو هو.
بعضي بعضي اوچتو هيٺان رڙين ۽ گارين جو گوڙ ٻڌبو
هو، ۽ اسين ڀڄندا ڀڄندا بالڪنين ۾ پهچي ويندا
هئاسين. هيٺ نهارڻ سان ڏسبو هو ته لاليءَ جو مڙس
هن کي ماري ۽ گاريون ڏيئي رهيو آهي، پر هوءَ پان
بچائڻ جي ڪابه ڪوشش نٿي ڪري.
ان تي ساگرد وٺي شور مچائيندا هئا، ۽ مڙس تي
ڌمڪين۽ لعنتن جووسڪارو لڳائي ڏيندا هئا: ”اڙي
بيغيرب، عورت ذاتي تي هٿ ٿو کڻين!“ ”اڙي وٺو
مواليءَ کي، سڏي اچو پوليس!“ ”اڙي متان، متان!
نامراد!“، ”ڇڏينس ٿو نه ته اسين سڀ اچي توکي بُج
بُج ڪري ڇڏينداسين!“
پوءِ شاگردن جو شور ايترو وڌي ويندو هو، جو
مواليءَ جا نشا ئي ٽُٽي پوندا هئا، ۽ هو لاليءَ کي
ڇڏي، اندر گهر جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويندو هو؛ ۽ لالي
ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه ساعتون ويٺي هوندي هئي، ۽ پوءِ
مٿي نگهاهه ڪري ڇوڪرن جي ڄڻ احسان مڃڻ لاءِ مرڪندي
هئي... اُهائي سڄي دنيا ۽ حياتيءَ جي غمن کي وساري
ڇڏيندڙ، لکين ٽڙيل مکڙين جي بنيل مرڪ. ان وقت هن
جو منهن سڄيل ۽ نيڻ نماڻا هوندا هئا. اسين به سڀ
خاموشي اختيار ڪري پنهنجي همدردي جتائيندا هئاسين.
لالي نوجوان هئي، ۽ هن کي هر نوجوان سان محبت هئي.
هوءَ نظرن ئي نظرن ۾ چوندي هئي ته مونکي توهان جا
جوان ۽ خوبصورت چهرا وڻن ٿا، توهان جا ڪوٽ ۽ سوٽ
مونکي پسند آهن، مون کي ڪارا وار پيارا آهن،مونکي
اڇن وارن کان نفرت آهي، مون کي پنهنجي مڙس جي
بدصورت ۽ گهنجيل چمڙيءَ واري چهري کان نفرت آهي هن
جي پان جي پِڪن سان ڀريل ڪپڙن کان نفرت آهي.. ٻار،
ٻار سان راند کيڏندو آهي.
مان جوان آهيان ۽ جوان سان ئي هم آغوش ٿيڻ جي تمنا
اٿم.. مونکي اهڙي دنيا م وٺي هلو، جتي رڳو جوان ئي
جوان هجن.
اوچتو هڪ ڏينهن لالي گم ٿي ويئي. خبر ٻڌيسون ته
هوءَ ڪنهن سان ڀڄي ويئي. پوڙهي مواليءَ ان لاءِ ڇا
ڪيو، سا اسان کي سُڌ ڪانهي. اسان ڪي ڏينهن انهن
مرڪن، مستين ۽ معصوميتن کي ڳوليندا رهياسين.
بالڪنيون ويران ۽ اداس ٿي ويون. وقت گذرندو ويو،۽
اسان به هن ”انٽرنيشل معشوق“ کي وساري ڇڏيو.
(2)
ڊگري پاس ڪري، ڪراچي ڇڏي، وڃي نوڪريءَ ۾ لڳس.
ڪيترائي سال گذري ويا، هڪ دفعي پنهنجي پراڻي هم
ڪلاسي الاهي بخش جو حيدرآباد ۾ اچي مهمان ٿيس.
تلڪ چاڙهيءَ تان لنگهندي، هن مونکي هڪ عورت ڏيکاري
پڇيو ته هن کي سڃاڻين ٿو؟ هوءَ وچولي عمر واري هڪ
سڪل سڙيل عورت هئي. هن کي ميرا ڪپڙا پهريل هئا ۽
بيک پني رهي هئي. مونکي مهانڊو ڏٺل ضرور معلوم
ٿيو، پر وڌيڪ ياد ڪري ڪونه سگهيس.
پوءِ هن چيو ”هوءَ پاڻ واري انٽرنيشنل معشوق ياد
ڪانه اٿئي؟“
اتي مون کي سڀڪجهه ياد اچي ويو، ۽ مون هن کي
سڃاتو، هوءَ اهائي لالي هئي. پهرين نظر ۾ ئي پروڙي
ورتم ته هنجي چهري تي نه اها رونق ۽ چمڪ هئي ۽ نه
اهو جوڀن ۽ جذبو. لاليءَ جي لالائي، وقت کان اڳي
ختم ٿي چڪي هئي.
الاهي بخش چيو ”هن عورت جي حياتي به مون ئي خراب
ڪئي.“ هو ٿورو ترسي وري چوڻ لڳو ”پر هوءَ ته
موجوده زندگيءَ کي بهتر ٿي سمجهي.“
الاهي بخس، هڪ دولتمند زميندار جو شوقين پٽ هو. هن
وٽ ڪالج جي زماني ۾ به موٽر هوندي هئي.
”مان ئي هن کي موٽر ۾ چاڙهي، ڪراچيءَ مان ڀڄائي
آيو هوس. اسين ملير وٽ هڪ عاليشان هوٽل ۾ اچي رهيا
هئاسين. اتي هفتو کن ڏاڍي عيش سان گذريو. پوءِ هن
کي ملير جي گهٽين ۾ اڪيلو ڇڏي آءٌ واپس ڪراچيءَ
تِرڪي آيس، ۽ ڪنهن کي به مون ۾ شڪ ڪونه پيو.“ هن
سارو واقعو بيان ڪيو.
”ان بعد هن سان ڇا وهيو واپريو ۽ هتي حيدرآباد ۾
ڪيئن پهتي؟“ مون دلچسپي ۽ حيرت ڏيکاريندي پڇيو.
هن وراڻيو ”مون هڪ ڏينهن اوچتو هن کي هتي ڏسي
ورتو. هن به مونکي سڃاتو. هن کي پنهنجي گهر وٺي
ويس، ۽ رات رهايومانس. هن مون کي ٻڌايو ته جڏهن
مان هن کي دغا ڏيئي اڪيلو ڇڏي آيس، تڏهن هوءَ موٽي
ساڳي هوٽل ۾ ويئي. اتي هن کي رنديءَ وانگر استعمال
ڪيو ويو، هر رات هن کي ڪنهن نه ڪنهن مسافر جي
بستري جي زينت بنجڻو پوندو هو.“ ”يعني اتي به هوءَ
انٽرنيشنل معشوق ٿي رهي!“ مون وچ ۾ ئي چيو.
”هائو، اهڙي نموني ڪي سال اتي رهي، آخر اتان لاڙ
جي هڪ زميندار، جو ان هوٽل ۾ اچي رهيو هو، ۽ جنهن
کي هوءَ ڏاڍو وڻي ويئي، سو ريهي ريبي، ڀڄائي،
پنهنجي ڳوٺ وٺي آيس. اتي ڏيڍ سال کن هن جي جوانيءَ
جو رس چوسيائين، پوءِ ڪڪ ٿي، پنهنجي ٻيلين کي حڪم
ڪيائين ته وڏي شهر حيدرآباد ۾ هن کي گهٽين ۾ هيڪلو
ڇڏي اچو. ٻيلين هڪدم ائين ڪونه ڪيو، پر جيئن هو
زميندار جي اوبر کائڻ تي هريل هئا، تيئن هن جوڀن
جي اوبر مان به پنهنجي جنسي پياس اجهائيندا رهيا،
واري وٽيءَ تي. ٻن مهينن کان پوءِ ائين ڪيائون
جيئن مالڪ حڪم ڪيو هون. هاڻي هوءَ حيدرآباد ۾
هوندي آهي، ۽ بيک پنندي آهي. ان سان گڏ هوءَ هينئر
به انٽرنيشنل معشوق آهي.“
”ڇا هن جا پيءُ-ماءُ ڪونه آهن؟“ مون دريافت ڪيو.
”هن جو دنيا ۾ ٻيو ڪوبه مٽ مائٽ ڪونهي، سواءِ هڪ
چاچي جي، جو هن کي هندستان مان هيڏي وٺي آيو هو، ۽
ڪجهه رقم وٺي لاليءَ کي ان ٻڍي مواليءَ جي حوالي
ڪيو هئائين، ۽ وري ڪڏهن به هن جو منهن ڏسڻ ڪونه
آيو.“
”هوءَ پوڙهي مواليءَ ڏي موٽي ڇو نٿي وڃي؟“
”مون چيومانس ته هل ته توکي تنهنجي مڙس وٽ ڇڏي
اچان. تنهن تي چيائين ته نه آءٌ هتي وڌيڪ خوش
آهيان. پوڙهن کان مون کي سخت نفرت آهي.“
منههنجي اندر ۾ ان وقت اها اجهل خواهش پيدا ٿي ته
آءٌ هنجي اها مرڪ وري ڏسان، جنهن کي مان لکين
ٽڙندڙ مکڙين جي بنيل چئي چڪو آهيان. ان ڪري بهانو
بنائي، الاهي بخش کان موڪلائي پوئتي تلڪ چاڙهيءَ
طرف موٽيس... مگر ٿوروئي اڳتي هلڻ سان احساس ٿيم
ته اها مرڪ هاڻي مان ڪڏهن به ڏسي ڪونه سگهندس.
مونکي پڪ ٿي ته اها ڪوشش بيسود آهي...
انهن مُرڪن کي جي امر بنائڻو آهي، ته پهرين انهن
طاقتن ۽ تهذيبن کي ختم ڪرڻو پوندو، جي اهڙين سونين
مرڪن، ٽڙيل مکڙين جهڙين مرڪن ۽ خود مکڙين کي ناس
ڪن ٿيون!
ممتاز مهر
نئون تجربو
شمون ۽ رجب هڪڙي ئي پاڙي ۾ رهندا هئا ۽ ننڍي هوندي
کان ئي گڏ پرهندا پئي آيا ۽ هاڻ مئٽرڪ ۾اچي پهتا
هئا. شمونءَ جو پيءُ گوديءَ ۾ مزور هو ۽ رجب جي
پيءُ کي چوڪ ۾ دڪان هو. رجب جي پيءُ جڏهن رجب-
ماءُ سان شادي ڪئي هئي، تنهن وقت سندس عمر چاليهه
ورهيه هئي، سندس پهرين زال جيڪا فوت ٿي وئي هئي،
تنهن مان ڪو اولاد نه هوس. رجب سندن اڪيلو پٽ هو،
وڌيڪ اولاد جي اميد لاهي ويٺا هئا، شايد هو پوڙهو
ٿي چڪو هو؛ شمونءِ کي هڪڙو ننڍڙو ڀاءُ ٻيو به هو.
ٻيئي ننڍي هوندي جا سنگتي هئا، گڏ اسڪول ويندا هئا
۽ ڪلاس ۾ پڻ گڏ ويهندا هئا. شمونءَ جو گهر ڪَچو،
سوڙهو، نه روشني نه هوا، پر رجب جو گهر ڪشادو ۽
پڪو هو؛ ماستر گهر جو ڪم ڏيندو هون ته ٻيئي گڏجي
ڪندا هئا رجب جي گهر ۾. رجب حسابن ۾ ڪَچو هو
تنهنڪري شمون سندس واهر ڪندو هو. پاڙي جا اهي ۽ ٻه
– ٽي ٻيا ڇوڪرا اهڙا هئا، جيڪي مئٽرڪ تائين پڙهندا
پئي آيا، نه ته ٻيا ٻار جيڪي گهڻو ڪري مزورن جا پٽ
هئا، سي چار - پنج درجا پڙهي، ڪنهن نه ڪنهن
مجبوريءَ يا رول ٿيڻ ڪري پڙهڻ ڇڏي ڏيندا هئا ۽ سڄو
ڏينهن اوڙي پاڙي ۾ پيا تاس ۽ جوئا ڪندا هئا يا
سئنيمائن جا ڌڪا کائيندا هئا، ان ڪري جهيڙن جا
شوقين ٿي پيا هئا.
هڪڙي ئي پاڙي ۾ رهندي، اسڪول ويندڙ ڇوڪرا ۽ اسڪول
نه ويندڙ ڇوڪرا هڪٻئي کان بلڪل ڌار ته نٿي ٿِي
سگهيا، آخر ساڳئي طبقي جا ته هئا، پر ڪجهه ويڇو
ضرور ٿي ويندو آهي. ٻيا ڇوڪرا شمونءَ ۽ رجب تي
سڙندا به هئا، تنهنڪري طرح طرح جون ڳالهيون ٺاهي
کين بدنام ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندا هئا. انهيءَ تي
شمونءَ هڪ – ٻن ڇوڪرن کي مار به ڪڍي هئي. هو بت جو
ڀريل ۽ اسڪول جي فٽ بال ٽيم جو ڪئپٽن پڻ هو. رجب
شرميلو ۽ نازڪ طبيعت جو هو پر کيس شمونءَ تي فخر
هو۽ ڀروسو پڻ. جڏهن شمون فٽ بال راند ڪندي ڏاڍي
ڦڙتائيءَ سان هڪٻئي پٺيان گول ڪندو ويندو هو، تڏهن
رجب جوش ۾ اچي زور زور سان تاڙيون وڄائيندو هو ۽
جڏهن مئچ ختم ٿي ويندي هئي، تڏهن ڊڪندي هڪٻئي کي
ڳراٽري پائيندا هئا. سندن خوشيءَ جي ڪا حد نه
هوندي هئي.
شمونءَ جو پيءُ صبح جو سوير مزوري لاءِ ٻه مانيون
پوتڙي ۾ ٻڌي نڪرندو هو ۽ سانجهي ڪري موٽندو هو...
ٿڪل ٽٽل، ماني کائي يا ته کٽ تي ليٽي پوندو هو، يا
ٿوري دير لاءِ پاڻ جهڙن يارن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ
نڪري پوندو هو. کيس اها ته ڄان هئي ته شمون اسڪول
۾ پڙهندو آهي. پر ڇا پڙهندو آهي يا ڪهري درجي ۾
آهي، تنهن جي خير ڪا ڄاڻ هئس. ايتري خبر ضرور هئس،
ته شمون هي سال پڙهي ڪنهن نه ڪنهن هڪ سئو رپين
واري نوڪريءَ جي لائق ٿي ويندو.. سو انهيءَ مبارڪ
ڏينهن جو انتظار پئي ڪيائين، جڏهن شمون ڪمائي گهر
جو بار گهٽائيندو.
هڪڙي ڏينهن شمون جڏهن کانئس اسڪول جي في ۽ ڪتابن
لاءِ ٽيهن رپين جي گهر ڪئي، تڏهن سندس وايون بتال
ٿي ويون. جيڪو شخص مزوري ڪري مس ٽي - چار رپيا
ڪمائي ٿي سگهيو ۽ جنهن مان پڻ اٺ آنا پنهنجي چانهه
ٻيڙيءَ تي خرچ ٿي ڪيائين سو هڪ وقت ۾ ٽيهه رپيا
ڪٿان ٿي آڻي سگهيو! شمونءَ جي ماءُ پنهنجو ڀنڊارو
ڀڃي پئسا ٻاهر ڪڍيا، پر اُهي پڻ پنجن روپين کان
مٿي ٿي نه سگهيا. ماڻس اڳيئي پاڙي وارن جي قرضدار
هئي، تنهنڪري هاني ڪنهن کان قرض ملڻ جو آسرو به نه
هوس. آخر ماءُ جي دل... پئسن لاءِ هيڏانهن هوڏانهن
وئي، پر هٿين خالي موٽي آئي.
شمون جڏهن لٿل منهن سان رجب جي گهر ويو، اون وقت
رجب گهر ۾ نه هو... رجب جي ماءُ هونءَ ته سخت
طبيعت جي هئي ۽ اهڙي تهڙي رول ڇوڪري کي پنهنجي گهر
اچڻ ئي نه ڏيندي هئي، پر شمونءِ کي پاڻ به
ڀانئيندي هئي... رجب شمونءَ جي ساراهه جا ڍڪ
ڀريندي پنهنجي گهر ۾ هن جو مانُ مٿي ڪري ڇڏيو هو.“
”ڇو شمن! تنهنجو منهن اڄ لٿل آهي... چاق ته آهين؟“
رجب جي ماءءُ شمونءَ جي کاڏيءَ تي هٿ رکندي پڇيو.
”ها ماسي... ائين ئي ٿورو مٿي ۾سور اٿم... ڀلا رجب
ڪيڏانهن ويو؟“
”ڪم سان ٻاهر ويو آهي، ويهه اجهو آيو.“
دنياداريءَ کان واقف ته نه هو، ڳالهين ڳالهين ۾
پنهنجي ويڌن ظاهر ڪري ويٺو ۽ رجب – ماءُ جهٽ
پيتيءَ مان ٽيهه رپيا ڪڍي کيس آڻي ڏنا؛ هن آناڪاني
ته گهڻي ڪئي نيٺ وٺڻا پيس... ايترو جلد سندس اهم
مسئلو حل ٿي ويندو انهيءَ تي تعجب ضورر ٿيس ۽
احسانمنديءَ کان ڪنڌ جهڪي ويس.
انهيءَ کان پوءِ ته شمون رجب تي ساهه ڇڏيندو هو،
پاڻ پڙهڻ ۾ ايتري محنت نه ڪندو هو، جيتري رجب کي
حسابن سيکارڻ ۾ صرف ڪندو هو... کين پڙهڻ لاءِ الڳ
ڪمرو مليل هو، جڏهن پڙهائي ختم ڪري شمون گهر
موٽندو هو، تڏهن اڪثر رات گهڻي گذري چڪي هوندي هئي
۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو گهڻي دير پڙهڻ
ڪري شمون اُتيئي سمهي پوندو هو رجب سان گڏ. شروع ۾
گڏجي سمهندي کين شرم ايندو هو پر آهستي آهستي شرم
ختم ٿي وين... ٻيئي گَهرا دوست جو هئا.
”رجب، مان ته غريب جو پٽ آهيان، شايد اڳتي پڙهي نه
سگهان... تون جڏهن ڪاليج جي پڙهائي پوري ڪري، ڪنهن
ڏينهن صاحب ٿيندين تڏهن مون کي وساريندين ته نه؟“
”وساريندين ته نه.... وساريندين ته نه...“ رجب
سندس نقل ڪرڻ لڳو۽ پوءِ ٻيئي کلندا رهيا.
ٻيئي ڪڏهن ڪڏهن رسندا به هئا پر ٿوري عرصي لاءِ.
هڪڙي دفعي پورو هفتو رُٺل رهيا ۽ ساڳين ئي ڏينهن ۾
مئٽرڪ وارن شاگردن واهه جي ڪپ تي پڪنڪ ڪئي هئي ۽
سڀ واهه ۾ وهنجي رهيا هئا، ٻئي رُٺل هئا، تنهنڪري
هڪٻئي سان نه پئي ڳالهايائون... هنجندي هڪڙي ڇوڪري
چرچي ۾ رجب کي وٺي گهوتا ڏنا، رجب کي تَرڻ گهٽ
ايندو هوسو ذري گهٽ ٻڏڻ لڳو... شمون پهرين ته اهو
سڀڪجهه ڏسندو رهيو. پر جڏهن ڏٺائين ته رجب مرڳو
ٻُڏِي پيو، سو هڪدم ڇلانگ هڻي رجب کي ٻاهر ڪڍي آيو
۽ انهيءَ ڇوڪري کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائين.
ان واقعي کان پوءِ ٻيئي وري پرچي پيا... اڳ جهرا.
شهر جي ڪالجين ۾ جڏهن اسٽرئيڪون ٿين لڳيون، تڏهن
اسڪولي شاگردن به حصو وٺن شروع ڪيو۽ هر هنڌ جلوس ۽
جلسا ٿين لڳا. شمون ۽ هن جا ساٿي ڏاڍي جوش خروش
سان انهن ۾ حصو وٺن لڳا. رستن تي پوليس ۽ ساگردنجي
وچ ۾ چڪريون پيون لڳنديون هيون ۽ هڪڙي چڪريءَ ۾
شمون به پوليس جي ور چڙهي ويو ۽ ٻين ساٿين سان گڏ
گرفتار ٿي ويو، شاگردن لاءِ ته هيور ٿي ويو پر
گهروارن جي ننڊ حرام ٿي ويئي. آخر هڪ هفتو اندر
رهڻ کان پوءِ شمون ضمانت تي آزاد ٿيو، سندس ضامن
رجب جو پيءُ ٿيو هو، انهيءَ ڪم لاءِ کيس اڌ ڏينهن
دڪان بند ڪرنو پيو... پر رجب۽ رجب جي ماءُ جي
اصرار کان منهن موڙي نٿي سگهيو.
امتحان جي تاريخن ۾ ڪجهه واڌارو ٿيو، تنهنڪري ٻنهي
جي گڏيل پڙهائي ڪجهه سست ٿي ويئي هئي، پر هڪ سبب
ٻيو به هو، شمونءَ کي منهن تي جڏهن کان ساوڪ آئي
هئي، ۽ هو ضاعفن جي سامهون ايندي شرمائيندو هو،
تنهنڪري رجب جي گهر اچڻ پڻ گهٽائي ڇڏيو هئائين.
ٻيئي ڄڻا اڪثر ٻاهر ملندا رهندا هئا. ٻنهي جي سڪ ۾
ڪا گهٽتائي نه ائي هئي. هن عمر ۾ جيڪو پهچي ويندو
آهي سواڪثر عجيب غريب خيالي دنيا ۾ رهندو آهي،
پنهنجن جذبن ۽ خواهشن کي مختلف رنگن سان ڀريندو
رهندو آهي. شمونءَ جي هوائي محل ۾ جيڪي مسقل ڪردار
رهيا پئي، انهن ۾ هڪ ڪردار رجب جو به هو، جنهن سان
هن جو جذباتي لڳاءُ رهندو پئي آيو. سندس خوابن ۾
راحت ڏيندڙ به اهوئي ڪردار هو. خوابن کان پوءِ
بيخوابي ته ايندي ئي آهي ۽ خوابن ۾ ڪردارن سان گڏ
سندن پاڇا به هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڇولن جو اثر
ڪردارن کان به وڌي ويندو آهي، جيڪي مانهن کي
ڇرڪائي ۽ ڊيڄاري ڇڏيندا آهن. اهڙا ڇرڪائيندڙ خواب
سمونءَ کي به اچڻ لڳا، ڪڏهن هو خواب م ڏسندو هو ته
ڪا وڏي ڇپ سندس مٿان ڪِري رهي آهي. ڪڏهن ڏسندو هو
ته ڪو حيوان نما انسان کيس سوگهو جهلي گهُٽا ڏئي
رهيو آهي، هو پاڇولن کان جند ڇڏائڻ لاءِ خواب ۾
مدد لاءِ رڙيون به ڪندو هو”رجب... رجب... رجب...“
۽ جڏهن ڇرڪ ڀري اکيون پٽيندو هو، تڏهن پگهر ۾ شل
هوندو هو، پر اهڙا ڀيانڪ خواب ورلي ڏسندو هو ۽ جلد
وساري ڇڏيندو هو.
هڪڙي ڏينهن منجهند جو جڏهن مينهن پئي پيو، تڏهن
شمونءَ پنهنجي گهر ۾ ننڊ ڪرن جي ڪوشش پئي ڪئي. ڪچي
ڇت ٽمڻ لڳي، هو بيزار ٿي گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ رجب
سان ملڻ جو ارادو ڪري هن جي گهر ڏانهن روانو ٿيو.
هن رجب کي ٻاهران بيهي آواز ڏنو پر رجب سڏ تي ٻاهر
نه نڪتو، تڏهن هو گهر جي اندر ٿيو. رجب-ماءُ انهي
وقت وهنجي وراندي ۾ وارن کي ڦڻي ڏيئي رهي هئي، جن
۾ هڪ اڇو به نه پيو هو. کانئس معلوم ٿيو ته رجب
پنهنجي پيءُ جي هٽ تي ويٺو آهي ۽ پڻس ڪنهن ٻئي
پاسي دعوت تي ويل آهي.
شمون جڏهن واپس پئي وريو تڏهن رجب-ماءُ ڦڻوٽورکي
چوڻ لڳي ”شمن ڪاڏي ٿو وڃين... ويهه، رجب اچي
ويندو.. مينهن ۾ پنهنجا ڪپڙا آلا ڪندين!“
شمونءَ جا ڪپڙا ته اڳيئي آلا ٿي چڪا هئا، جيڪي
سندس بدن کي چهٽيا پئي. هو کٽ جي پيرانديءَ تي
ويهي رهيو.
”ڏس پنهنجا ڪپڙا ته آلا ڪيا اٿئي“. شمونءَ جي
پٺيءَ تي هن هٿڙو ڦيريو ۽ اکين ۾ گهوري ڏٺائينس.
پوءِ کيس ڳراٽڙي پائي اندر وٺي ويئي، اونداهي
ڪوٺيءَ ۾.
پوءِ هن ائين محسوس ڪيو ڄڻ ته سندس مٿان ڪا ڇپ
ڪِري پئي. ڪا ڌٻڻ هئي جنهن ۾ هو گهڙندو ٿي ويو.
مدد لاءِ هن رڙيون ڪرڻ چاهيون ٿي، ”رجب... رجب...
رجب.“ پر هو رڙيون ڪري نه سگهيو.
سندس هوائي محل اڄ ڊهي پيو. سندس خواب اڄ ٽٽي پيا.
اڄ هن دوکي جي دنيا جو پيش ڪيل اڪ جو کير چکيو هو.
کيس اڄ نئون تجربو ٿيو هو.
ايون ٽرگنيف
غلام نبي ميمڻ ايم-اي.
لذا
هڪ زمانو گذريو
انهيءَ حسين بت کي جلائي
جنهن جي قدمن ۾ ڪڏهن
سجدا ڪيا هئا مون
مون ئي
پنهنجي هٿن سان جلايو هو ان کي
اڄ وري منهنجي جبين
سجده ريز ٿيندي پئي وڃي
انهيءَ بت جي خاطر
جنهن کي مون ئي جلايو هو
بت به جليو
دل به جلي
ڇا حاصل ٿيو مون کي؟
رک جو ڍير!
هاڻي انهيءَ رک جي پوڄا ڪيان ٿي
ڪندي ئي رهنديس پوڄا.
پندرهن سال اڳ فيدور اهو گيت ٻڌو هو- اهي گهڙيون
کيس اڄ به ياد هيون. آڌي رات گذري چڪي هئي ۽ سندس
ڪمري ۾ هڪڙو پوڙهو موسيقار هلڪن سُرن ۾ ڳائي رهيو
هو. جڏهن ان ڳائي بس ڪيو تڏهن سندس اکين ۾ ٻه لُڙڪ
تري رهيا هئا، ليڪن فيدور کي اهو اداس گيت ۽ ان جو
ملول ترنم ڏاڍو وڻيو هو. صبح تائين کيس ايتريقدر
ته ياد بيٺو هو جو ڄڻ ته ساري رات، اهو پوڙهو سندس
ڪمري ۾ ڳائيندو رهيو آهي.
مگر اڄ پندرهن سالن کان پوءِ جڏهن ته محفلون ويران
هيون، ساٿي جدا ٿي ويا هئا، قافلا وڃي چڪا هئا ۽
انهن جي ڌوڙ به فضا جي اداسين ۾ تحليل ٿي ويئي
هئي، فيدور کي وحشت زده ڪمري م ويٺي ائين محسوس
ٿيو ڄڻ ته انهيءَ گيت جي سريلي گونج ڇت جي ڄارڻ
مان نڪري آئي آهي ۽ ڏينهن ۾ اڏامندڙ چمڙي وانگر
ديوارن سان ٽڪرائجي رهي آهي. پندرهن ورهيه اڳ
ڳائڻ واري جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا ۽ اڄ فيدور
جون اکيون پرنم ٿي ويون. گيت جي گونج بلند ٿيندي
ويئي. ترنم پرسوز ٿيندو ويو. سندس سيني مان آه
نڪري پندرهن ورهيه اڳ جي گيت جي لئي ۾ جذب ٿي
ويئي.
”آه، لزا!...“ فيدور زيرِ لب سرگوشي ڪئي، ۽ کيس
ائين درد جو احساس ٿيو ڄڻ ته انهيءَ سرگوشيءَ سندس
انگ انگ جلائي ڇڏيو هجي. ”ڪاش!“ هن دل ئي دل ۾ چيو
”ڪاش! لزا منهنجي محبت کي پهرين ڏينهن ئي ٺڪرائي
ڇڏي ها، ۽ منهنجي محبت جو اهو حشر ڪري ها جو
منهنجي زال ڪيو هو، يا مان اخبار جو اهو ٽڪرو نه
ڏسان ها جنهن ۾ ڇپيل هو ته منهنجي زال مري وئي
آهي، ته اڄ منهنجو آشيانو هيئن ته نه برباد ٿئي
ها.“ هن اکيون کڻي بند ڪيون ۽ سندس ذهن گذريل
گهڙين جي يادگيرين جي تصور سان سندس دل ڌتارڻ لڳو.
سندس عمر پنجاهه ورهيه ٿي چڪي هئي. هاڻي ته ان ۾
اها پراڻي برداشت جي سگهه به نه رهي هئي جو صدما
سهندو رهي. هن تمام گهڻا صدما سٺا هئا، پر سندس
سيني تي جيڪا لزا مرمر جي سر رکي هئي انهيءَ جي
حسين بار هيٺان هو ڪنجهي رهيو هو.
لزا، روس جي هڪ جاگيردار ۽ منصبدار خاندان جي هڪ
حسين ڇوڪري هئي. هوءَ ماءُ-پيءُ جي اڪيلي لاڏلي
ڌيءُ هئي. سندس پيءُ ڏاڍو مصروف ماڻهو هو. هو لزا
کي ڏاڍو پيار ڪندو هو پر انکي ايتري واندڪائي نه
ملندي هئي جو نياڻيءَ جي تربيت به ڪري سگهي. لزا
جي ماءُ محلن جي راڻي هئي. نوڪرن، نوڪراڻين ۽ سڄي
سوسائٽيءَ تي سندس حڪم هلندو هو. هن پنهنجي ڌيءُ
کي پنهنجي هنج ۾ پالڻ بجاءِ فرانس مان هڪ آيا کي
گهرائي ان جي حوالي ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت لزا جي
عمر ٽي سلا هئي. اها آيا ڏاڍي خاموش طبع عورت هئي.
هن پيٽ جي خاطر لزا کي پالڻ جو فرض ادا ڪرڻ شروع
ڪيو، پر ٻار جي تعليم، تربيت ۽ پرورش ۾ هن جذبات
کي ڪنهن به طرح شامل ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي.
ڏسڻ وارن کي کٽڪو هو ته ايڏي وڏي گهراڻي جي ڇوڪري
سڌري نه سگهندي ۽ سڄي عمر ماءُ-پيءُ جي هٿ نه
ايندي. سڀ مانهو ڇوڪريءَ جو حسن به ڏسي رهيا هئا.
ٻن سالن کان پوءِ فرانسسي آيا پاڻ ئي نوڪري ڇڏي
وئي، ۽ لزا کي هڪ نرس جي حوالي ڪيو ويو. هيءَ نرس
ڏاڍي ذهين، هوشيار ۽ شوخمزاج هئي. انکي مڙس ۽ ٻه
ننڍڙا پٽ به هئا. لزا جي ماءُ-پيءُ سندس مڙس کي به
پنهنجي گهر ۾ کڻي نوڪريءَ ۾ رکيو.
انهيءَ نرس لزا سان اهڙي انس جو اظهار ڪيو ڄڻ ته
هوءَ سندس ڌيءُ هجي. هوءَ ڏاڍي پيار سان کيس پالڻ
۽ پڙهائڻ لڳي. ڪجهه مهينن کان پوءِ نرس جو اتفاق
سان هڪ پٽ مري ويو ۽ وري به ٿوري وقفي کان پوءِ
سندس ٻيو پٽ به داغ مفارقت ڏئي ويو. انهيءَ جو
نتيجو اهو نڪتو جو سندس مڙس شرابين ۽ آواره مانهن
سان اٿڻ ويهڻ لڳو. ايتريقدر جو هن پنهنجي زال کان
به منهن موڙي ڇڏيو.
نرس لزا جي والدين جي نگاهن ۾ ڪافي وقار حاصل ڪري
چڪي هئي، ۽ انهن سندس پگهار ۾ ڪافي اضافو به ڪيو
هو. پر هڪڙي ڏينهن سندس مڙس انهيءَ گهر مان ڪجهه
قيمتي برتن چورايا ۽ پڪڙجي پيو. لزا جي پيءُ انکي
گهر مان ڪڍي ڇڏيو. مڙس جي انهيءَ حرڪت ڪري نرس جي
وقار کي به ڪافي ڌڪ لڳو. هن به انهيءَ گهر کي ڇڏڻ
چاهيو، پر لزا جي ماءُ ان کي نه ڇڏيو. باقي سندس
مڙس ائين ويو جو وري ڪڏهن به ان جو ڪٿ به پتو نه
پيو.
نرس جي کلندڙ ۽ کيڏندڙ زندگيءَ تي اوندهه ڇانئجي
ويئي. سندس شوخين، دل لڀائيندڙ مرڪ ۽ چنچل جوانيءَ
کي ٻارن جي موت ۽ مڙس جي آوارگيءَ اهڙو ته ڏنگ
هنيو، جو سندس دل مري ويئي، روح مرجهائجي ويو ۽
انهيءَ تي رنج ۽ الم سان ڀرپور خاموشي طاري ٿي
ويئي. هن پنهنجي پٽن کي ته مٽيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو.
پر مامتا جي ڌارا کي لرا طرف موڙي ڇڏيائين. کيس
ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته سندس پٽ مئا ئي نه آهن،
بلڪ لزا جي هستيءَ ۾ تحليل ٿي ويا آهن. هوءَ
مرڪندي هئي ته صرف لزا سان، کيڏندي هئي ته صرف لزا
سان، ۽ رئندي هئي ته ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ منهن لڪائي،
جتي لزا جي نگاه نه پئجي سگهي.
هوءَ مذب جي ايتريقدر ته قائل نه هئي پر پٽن جي
موت ۽ مڙس جي رويه ان کي جي زهر آلوده تير هنيان
هئا، انهن جو زهر سندس روح ۽ ضمير تائين پهچي چڪو
هوـ انهيءَ زهر جي تلخيءَ کي هوءَ لزا جي پيار سان
وقتي طور گهٽ ڪري ڇڏيندي هئي. اخرڪار هوءَ پنهنجي
دلي هيجان کي سنڀالي نه سگهي ۽ هڪڙي ڏينهن لِڪي
ڇپي عبادتگاه ۾ وڃي زارو قطار رئڻ لڳي ۽ دعا لاءِ
هن هٿ مٿي کنيا. هن دعا ۾ ائين نه چيو ته اي خدا
مونکي پنهنجا ٻيئي پٽ موٽائي ڏي ۽ نه وري ائين
چيائين ته اي خدا مون کي پنهنجو مڙس موٽائي ڏي. هن
رکي رکي هڪئي التجا ڪئي ته اي خدا! مان ڏاڍي ڏکاري
آهيان. دل سڙي ويئي آهي، مونکي همت ڏي ته درد جي
پيڙا کي صبر سان سهي سگهان.
انهيءَ دعا مان کيس اهڙو روحاني سُڪون نصيب ٿيو،ڄڻ
ته خدا جو هٿ سندس زخمن تي مرهم رکي رهيو
هو.انهيءَ ڏينهن کان پوءِ هوءَ روزانو باقاعدگيءَ
سان صبح ۽ شام عبادتگاه ۾ وڃي عبادت ڪرڻ ۽ دعائون
گهرڻ لڳي. هڪڙي ڏينهن پادريءَ ان کي اڪيلائيءَ ۾
عبادت ڪندي ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندي ڏسي پاڻ ڏانهن سڏيو. نرس
پورهي پادريءَ جي اڳيان دل چيري کڻي رکي. بادريءَ
کيس ٻه – چار ڪتاب ڏئي چيو ”هي پڙهه – خدا تنهنجا
دک دور ڪندو.“
انهن ڪتابن ۾، انهن مذهبي پيشوائن، تارڪ الدنيا
هستين ۽ پيغمبرن جو ذڪر هو جن موتمار مصيبتن کي
سهي به خدا سان دل لڳائي هئي، ۽ خدا جي ڀٽڪيل بندن
لاءِ مشعلِ راه بنيا هئا. نرس اهي ڪتاب پڙهي ورتا
جنهن سان سندس مرجهايل روح ٽِڙي پيو. هن اهي ئي
قصا لزا کي به ٻڌائڻ شروع ڪيا ۽ جڏهن لزا جي عمر
پنج سال ٿي ته نرس ان کي عبادتگاه ۾ وٺي عبادت
ڪرائڻ لڳي. هن لزا کي جنن، ڀوتن ۽ جادوگرن جا
خيالي قصا ڪڏهن به نه ٻڌايا هئا، انهيءَ جي عوض
هوءِ ڏاڍي دلڪش انداز ۾ مذهبي رهنمائن جي
پاڪيزگيءَ ۽ خداترسيءَ جون ڪهاڻيون ٻڌائڻ لڳي. لزا
تي نرس جي شخصيت جو تمام وڏو اثر ٿيو، ڇو ته انکي
جيڪو پيار ماءُ کان نه مليو هو، اهو انهيءَ نرس
کان ملي رهيو هو. هوءَ ته هاڻي نرس کي ئي ماءُ
سمجهڻ لڳي هئي ۽ جيڪي ڪهاڻيون نرس کيس ٻڌائيندي
هئي، اهي لزا جي ڪردار ۽ شخصيت جي بنيادن ۾ سمائجي
رهيون هيون.
نرس هڪ جهان ديده عورت هئي. هن سوچيو ته ڪٿي ائين
نه ٿئي جو لزا صرف مذهب ۾ ڦاٿي رهي ۽ پنهنجو پاڻ
کي زندگيءَ جي لطافتن کان محروم ڪري ڇڏي. نرس کي
اهو احساس هو ته لزا حسن، دلڪشي ۽ معصوميت جو اهو
پيڪر بنجندي جنهن جي قدمن ۾ روس جا شهزادا به سجدو
ڪندا. ڪٿي ائين نه ٿئي جو هوءَ مذهب ۽ عبادتگاه جي
ديوارن ۾ قيد ٿي، دنياوي زندگيءَ لاءِ اجنبي ٿي
پوي. انهن خدشن جي پيش نطر نرس ان جي دل ۾
موسيقيءَ جو به شوق پيدا ڪيو. کيس حقيقي پيار ۽
محبت جا قصا به ٻڌائڻ لڳي ۽ اخلاقي حدن ۾ رهي ان
کي رقص ۽ سرود جا سبق به ڏيندي رهي.
جڏهن گهر ۾ هاڻي صرف سندس ماءُ ۽ ماسي وڃي رهيون
هيون. سندس ماسي بيوه هئي ۽ تمام عمر رسيده. سندس
ماءُ به پوڙهي ٿي چڪي هئي. کيس ٻيو ڪوبه ٻار نه
ٿيو هو. جڏهن نرس نڪري وئي تڏهن هن پاڻ لزا کي
سنڀاليو، کيس پهريون ڀيرو محسوس ٿيو ته سندس لزا
يتيم ٿي ويئي آهي. سندس ماءُ کيس سٺي کان سٺي
تعليم ڏيارڻ جو بندوبست ڪيو ۽ انهيءَ سان گڏ
موسيقيءَ جي سبق ڏيڻ لاءِ موسيقار جو به انتظام
ڪيو.
لزا جو استاد هڪ پوڙهو موسيقار هو. اهو ننڍپڻ ۾
جرمنيءَ کان پنهنجي پيءُ سان گڏ روس ۾ ايو هو.
ننڍپڻ ۾ جڏهن سندس پيءُ مري ويو هو تڏهن وٽس ايترو
به پئسو نه هو جو واپس وطن موٽي وڃي. سندس پيءُ به
موسيقار هو ۽ هن پنهنجي پٽ کي به ٻه – چار ڌنون
سيکاريون هيون. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ پُٽ هڪ ٿئيٽر
۾ ڪم ڪرن شروع ڪيو ۽ انهيءَ اميد تي نوڪري ڪندو
رهيو ته جيئن ايترا پئسا گڏ ڪري سگهي جن مان واپس
جرمنيءَ پهچي سگهي. پر سندس اها اميد پوري ٿي نه
سگهي ۽ هو موسيقيءَ ۾ ايتريقدر ته جذب ٿي ويو جو
پيريءَ جي شروعات تائين سندس شمار روس جي چوٽيءَ
جي موسيقارن ۾ ٿيڻ لڳو. موسيقي سندس رڳ رڳ ۾ رچي
وئي هئي. هو شام جي وقت لزا کي پيانو سيکاريندو
هو. ٿوري ئي وقت ۾ هن محسوس ڪيو ته لزا سندس ٻين
شاگردن کان گهڻو مختلف آهي. ان جي ڳالهين ۾ ترنم ۽
ان جي انداز ۾ موسيقي آهي. پوڙهي موسيقار جي نگاهه
۾ لزا خود پنهنجي ئي ڪنهن تربيت ڏنل، ڪنهن وڏي مڌر
۽ پرسوز راڳ جي لئي هئي. هن لزا کي اهي سڀڌنون
سيکاريون جي سندس ساري زندگيءَ جو نچوڙ، سندس
جذبات ۽ احساسات جون آئينه دار هيون. لزا جي عمر
هينئر اوڻويهه سال ٿي چڪي هئي. سندس خيالن جي ڌارا
مذهب ۽ موسيقيءَ جي وادين ۾ وَهي رهي هئي، ليڪن
ڀرپور جوانيءَ جذبات ۾ اڀرندڙ ۽ لهندڙ ويرون پيدا
ڪري ڇڏيون ۽ هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي ته هاڻي هوءَ
اڪيلي راهِ حيات تي هلي نه سگهندي. تنهن هوندي به
ان ۾ عام ڇوڪرين جهڙي بيباڪي ۽ بيحيائي نه هئي،
جنهن جي بنياد تي راهه ويندي مرد ساٿي بنايا ويندا
آهن. سندس دل ۾ هينئر ڪي اهڙيون ڳالهيون اچڻ لڳيون
هيون، جي هن ڪنهن ساهيڙيءَ کي ٻڌائڻ چاهيون ٿي.
سندس ماءُ ۽ ماسي تمام پوڙهيون ٿي چڪيون هيون، جي
نصيحت کان سواءِ ٻيون ڪي به ڳالهيون ساڻس نه
ڪنديون هيون. رهيو سندس استاد، سو ساڻس اوالد
وانگر پيار ڪندو هو. لزا ان سان به راز و نياز جون
ڳالهيون ڪري نٿي سگهي.
روس جي اوچي گهراڻن جي ڇوڪرين وانگر لزا رقص ۽
پارٽين ۾ وڃڻ کان گريز ڪندي هئي. کيس هيرن ۽
جواهرن يا ٻين قيمتي لباس پائڻ ۽ دولت جي نمائش
ڪرڻ کان به عار محسوس ٿيندو هو. انهن حالتن ۾ کيس
هڪ جيون ساٿيءَ جو ملڻ سچ پچ ته ڏاڍو محال هو.
هڪڙي ڏينهن انهن وٽ هڪڙو نوجوان آيو جو وٽن اچڻ
وڃڻ وارن مان هو. اهو به لزا وانگر هڪ جاگيردار جو
پُٽ هو. سندس نالو پاشڪن هو. پاشڪن ڏاڍو سهڻو جوان
هو. لزا جي ماءُ ۽ ماسيءَ ان جي ڏاڍي خلوص سان
آجيان ڪئي، نيٺ ٿوري ئي وقت گذرڻ تي هڪٻئي سان رلي
ملي هڪ ٿي ويا. لزا ننڍپڻ ۾ انکي ڏٺو هو پر هن وقت
هو هڪ قداور جوان ۽ فوجي آڦيسر هو. پاشڪن جي
ڳالهين ۾ شگفتگي ۽ مُرڪ ۾ جوانيءَ جي دلڪشي هئي.
هن اچڻ شرط لزا، سندس ماءُ ۽ ماسيءَ تي ڄڻ ته
جادو ڪري ڇڏيو. ڪمري ۾ ٽهڪڙا گونجڻ لڳا ۽ ماحول ۾
بهار اچي وئي.
ڳالهين ۾ موسيقيءَ جو ذڪر نڪتو ته پاشڪن کي خبر
پيئي ته لزا پيانو وڄائيندي آهي ۽ ڳائيندي به آهي.
پاشڪن به پنهنجي متعلق اهو انڪشاف ڪيو ته پاڻ
ڳائيندو به آهي ۽ ان سان گڏ گيت پڻ لکندو آهي.
ٿوريءَ دير کان پوءِ لزا پيانو کڻي ويٺي ۽ هن هڪ
گيت ڳايو، ان جي موٽ ۾ پاشڪن وري پنهنجو گيت
ٻڌايو.
انهيءَ کان پوءِ پاشڪن شام جو اڪثر انهن وٽ اچڻ
لڳو. لزا جي ماءُ ۽ ماسي ته دل ۽ جان سان
چاهينديون هيون ته هو وٽن ايندو رهي ۽ لزا اُن سان
بيتڪلف ٿي وڃي، پاشڪن جو اتي وڃڻ جو مقصد به اهوئي
هو، ورنه هو اڳ ۾ ڪڏهن انهن وٽ ته ويو ئي نه هو.
هو جڏهن به ويندو هو ته لزا کي گاني جي فرمائش
ڪندو هو. ٻه چار دفعا ته انهن گڏجي به ڳايو، جنهن
تي گهر جا نوڪر چاڪر به سرگوشيون ڪرڻ لڳا ته لزا ۽
پاشڪن هڪٻئي کي چاهن ٿا ۽ هي جوڙو روس ۾ حسين ترين
جوڙن ۾ شمار ٿيندو.
هڪڙي شام جو پاشڪن وڃڻ لڳو ته لزا کيس ورانڊي
تائين ڇڏڻ آئي، ۽ چيائين: ”وري ڪڏهن ايندو؟“
”سڀاڻي ايندس“ هن لزا جي هڪ هٿ کي زور ڏنو ۽ جذبات
سان ڀرپور لهجي ۾ چيائين. ”توکي ته خبر ئي آهي ته
هن گهر ۾ منهنجي لاءِ ڪهڙي ڪشش آهي جا هر روز
مونکي هتي وٺي ٿي اچي... خبر ته اٿئي نه لزا؟“
ليڪن لزا ڪوبه جواب نه ڏنو، هن نه مرڪيو ۽ نه
شرمايو. هن آهستگيءَ سان پنهنجو هٿ پاشڪن جي هٿ
مان ڇڏايو ۽ اندر هلي وئي.
ٻئي ڏينهن شام جو انهن جو هڪڙو پراڻو ۽ وسريل
ويجهو عزيز اوچتو اچي نڪتو. انهيءَ جو نالو فيدور
هو. سندس عمر اٽڪل پنجٽيهه سال هئي. اهو شادي شده
هو پر ٻن سالن کان پنهنجي زال کان جدا رهندو هو.
سندس زال فرانس هلي وئي هئي. فيدور هاڻي تمام وڏي
جائدد جو واحد وارث هو، پر سندس زندگي لڳاتار هڪ
الميه جو شڪار رهي. ننڍپڻ ۾ پيءُ مري ويس. ماءُ کي
پٽ جي خاطر خانه بدوش وانگر هجرت ڪرڻي پئي. هن ٻي
شادي ڪرن نٿي چاهي، پر سندس اميدوار ان جي لاءِ
جنجال بنجي پيا هئا. آخر هڪڙي ڏينهن پنهنجي مڙس جي
محبت ۾ تڙپندي پاڻ به راهِ عدم ڏانهن رواني ٿي ۽
فيدور هن دنيا م اڪيلو رهجي ويو. سندس عمر اڃا
تمام ننڍي هئي. ڪو وقت ته هو گهر گهر ڀٽڪندو رهيو.
آخر سندس هڪڙي پري جي مائٽ کيس سنڀاليو ۽ اسڪول ۾
داخل ڪرايائينس. هو ڏاڍو ذهين نڪتو. يونيورسٽيءَ
مان ڊگري وٺي سفارتخاني ۾ نوڪري ڪيائين. انهيءَ
نوڪريءَ ۾ هو اهڙو ته ڪامياب ويو جو ٻين ملڪن ۾ به
کيس موڪلن لڳا. |