”نظير“ ٽکڙائي
سارنگ
سارنگ وٺو سک ٿيو لٿي سانگين سوڪ،
گهر گهر ماکيءَ مارڪا متا ميوا موڪ.
سارنگ وٺوسک ٿيو آئي امرت اوت،
دل دل درياهه دادلو چندن جهڙي جوت.
سارنگ وٺو سک ٿيو پَرتا پرت پلاند،
چوندي ورڇيون پاڻ ۾ پيرُون پائي پاند.
سارنگ وٺو سک ٿيو مرڪيو اڄ ميهاڳ،
هٿ هٿ چاڻو چوکنڀو چوڙيءَ چوڙيءَ چاڳ.
سارنگ وٺوسک ٿيو لٿو ڏکن ڏاڻ،
ڪاڪ ڪڪوري مينڌرا اچي مومل ماڻ.
سارنگ وٺو سک ٿيو وڳي مست ڌمال،
مون مٿانهين اُڀ تي اُڇلي ڇڏ رومال.
سارنگ وٺو سک ٿيو سهڻيءَ کاڌي موٽ،
گهاگهر گهوري نه آهيان ساهڙ منهنجا گهوٽ.
سارنگ وٺو سک ٿيو سسئي نه سمهندي شال،
ڏيرن کان ڏاڍي ٿي پنهنجي قيل مقال.
سارنگ وٺو سک ٿيو، وئي اُڃ اُساٽ،
ڪينجهر ڪپ ڪچهريون گندريون اوچي ڳاٽ.
سارنگ وٺو سک ٿيو، رمز رتولا رنگ،
داتا دلبو نه سهي چارڻ چورمَ چنگ.
سارنگ وٺو سک ٿيو نڱئو نور ”نظير“،
ساٿين کيرون لڌيون کاهڙ اڇو کير.
آزاد نظم
”ولي“ دائود پوٽو
اجنبي
اجنبي!
او پري سڪ ڪٿي وٺي آئي!
بستي بستي به اجنبي آهي،
وادي وادي به اڻڌٺي آهي.
دلِ ناڪام ۽ اڪيلائي،
صبح ۽ شام پنهنجي تنهائي،
راه گم، ڌنڌ، هر طرف ڇانيل،
چُور هَڏ، سست نبض، دل گهايل
سڀڪو مصروف پنهنجي جشنن ۾،
ڪوئي جهوپن ۾، ڪوئي محلن ۾،
آءٌ هڪڙوئي اوپرو آهيان،
ساري دنيا ۾ اڻ ڏٺو آهيان
اجنبي سِڪ ڪٿي وٺي آئي!
”نثار“ بزمي
لاش
اي مصور! تو ڪيو آهي ڪمال،
توڪڍي تصوير اهڙي
ڇا چوان
حور جنت جِي ڏسان ٿو هوبهو
۽
روبرو
هي عنابي لب۽ سرميليون اکيون
۽وري
دوشيزگيءَ جو هي وقار
فن تنهنجي جو نشان
حُسن جون رعنائيون يڪجا ڀري
ڪوشش ڪري
تو ”قلو پطره“ وري زنده ڪئي
رنگ سَتَ
سينگارَ سورهن
اي مصور! تو ڪيو بيشڪ ڪمال
پر
اهو ڪهڙو ڪمال
منتشر ٿا ڪونه هن جا زلف ڪارا ٿي سگهن
ٿي وڃي محروم ٿي بادِ صبا
گفتگو جو لطف ڪو حاصل ٿئي ئي ڪونه ٿو
لبڪشائيءَ جي نه طاقت تو ڏني تصوير کي
توڪيو ڪهڙو ڪمال
ريشمي پهراڻ ۾ هڪ لاش ڪفنائي رکيئه
ٻيوڇا ڪَيُئه ................
”وقار“ ناٿنشاهي
نصيب
توکي ڀي انسان ٿو هرڪوسڏي،
مان ڀي،
ماڻهوءَ جو ٿو ٻچڙو ڪوٺجان.
تون ڀي ڌرتيءَ تي ٿو گهارين زندگي
منهنجي ڀي آهي اهائي سرزمين
تون ترقي يافته پيو ليکجين،
مون کي، هرڪوئي چوي نااهل،
ڄَٽَ،
ڇو ته مون کي سنڌ جي مٽي ملي،
ڇو ته تون ڪاليج ۾ پاڙهيو وئين
ڇوته مان تقدير تي ڀاڙيو ويس
ڇو ته تون محلن ۾ گهارين زندگي
ڇو ته مان جهوپن ۾ئي رهندو اچان
توکي الفت کان سواءِ دولت ملي
مون کي غربت کان سواءِ نفرت ملي
مون کي غربت کان سوا نفرت ملي.
غزل
آغا عبدالنبي خان”عليگ“
زندگيءَ جو ڪجهه مزو، عيش هِت وٺي ته ڏس،
لطفِ جان وٺي ته ڏس، جام ميء به پِي ته ڏس.
حملهائي فڪر و غم ڀل ٿين هي دم بدم،
ٽار ڪين دل سي تون، فڪر و غم سَهي ته ڏس.
ظلمِ دشمنان به سَهه، جورِ دوستان به سَههُ،
دل، جفائي يار جا بار ڪجهه کڻي ته ڏس.
داغِ رفتگان به ڏس سوزشِ نهان به ڏس،
زخم دل تي مرهمون لَب سنديون رکي ته ڏس.
ماجراي حسن و عشق، خارِ دل اگر ٿين،
دل کان انهيءَ خار جو ڪجهه مزو پڇي ته ڏس.
رات ڀر هي شمع گر جَلي، نه آ ته غم نه ڪر،
هي شعاعِ زخم دل اُٿ اُٿي اچي ته ڏس.
ماضي ڌَرتون ڌوڙ ۾، ڪلهه جو حال ڪلهه تي ڇڏ،
ميڪدي ۾ جانِ من اڄ اچي رهي ته ڏس.
جو ٿيو سو ٿي چڪو، عاقبت جو فڪر ناهه،
اڄ ته ڪجهه آ ٻيو مزو، سو مزو وٺي ته ڏس.
مستيء نشاط ۾ ۽ موسمِ بهار ۾،
عندليبِ زار جا، چهچها ٻُڌي ته ڏس.
زندگي چئو ٿا جا، سيل آب آ رڳو،
سيلِ آب جي مٿان بُلبلا تَري ته ڏس.
نقدِ غم ته دل اندر مون رکيو آ دل شڪن،
قفلِ دل کي ميخِ عشق راهزن هڻي ته ڏس.
رنج و غم ته آ ”آغا“، زندگي هي سڀ سندي،
تون به ڪجهه ته لذتِ درد و غم چَکي ته ڏس.
”سليم“ ڳاڙهوي
خاڪ ۾ گڏجي ويو روشن ستارنجو سهاڳ،
ڌنڌ گهَريءَ ۾ لڪو نرمل نظارن جوسهاڳ!
ڪيتري ڪوشش بنايان آرزو جا يادگار،
سيهء سوزان ۾ تڙپيو يادگارن جو سهاڳ!
واٽ وارن ڇو وڃايا، ڪنهن جي قدمن جا نشان،
جلوه گر ڏسجي نٿو اڄ رهگذارن جو سهاڳ!
شور ۽ شر ٿي ويو پنهنجن پَراون جو شعار،
جوش ۾ جلندو رهي ٿو هوشيار جو سهاڳ!
هي خزان جو رنگ چئجي يا بهارن جو لقاءُ،
رت رڱي چادر ڍَڪي ٿو لاله زارن جوسهاڳ!
مونجهه ۾ آيا مسافر، ناخدا کي هو نشو،
ڪين ڪستيءَ کي نظر آيو ڪنارن جوسهاڳ!
محفلون مايوس آهن، ۽ سخن ناهي ”سليم“،
خواب ۾ خاموش آهي شاهڪارن جو سهاڳ!
”سليم“ سرهندي
رب پڻ مون کان رُٺو راڻا رُسڻ تنهنجي کان پوءِ،
منهن مَٽيو مونک ان خدائيءَ منهن مَٽڻ تنهنجي کان
پوءِ.
راتيون سي راتيون آهن نه ڏينهن آهن سي ڏينهن،
نظمِ قدرت ئي بدلجي ويو وڃڻ تنهنجي کان پوءِ.
اهڙي اُجڙيل اهڙي ڏتڙيل ڪانه هئي هيءَ ڪائنات،
هاءِ هي ڇا ٿي ويو منهڙي ڍڪڻ تنهنجي کان پوءِ.
ساز ڇيڙيا قُدسِين ۽گيت حورن ڳائيا،
رقص ۾ ڪل ڪائنات آهي کلڻ تنهنجي کان پوءِ.
مينهن مئي جا ويا وسي لهرون لڳيون هٻڪار جون،
ڇانئجي ويا ڪَر ڪڪر زلفن کلڻ تنهنجي کان پوءِ.
وڄڙيون چمڪيون ملهاريون ٿيون کُلي مکڙيون پيون،
جڳ سڄو گلزار ٿيو مرڪي ڏسڻ تنهنجي کان پوءِ.
مرهجي رنگين دنيا ڀل هجن سهڻا بهشت،
مونکي مولا ڪجهه نه ڏيکاري پسڻ تنهنجي کان پوءِ.
شرح دردِ دل ۽ عرضِ مدّعا ٿيا پنهنجي ماڳ،
آهيان خود آءٌ ڪٿي؟ سائين اچڻ تنهنجي کان پوءِ.
گذرڻو هو جيڪي منهنجيءَ دل تي سو گذري ويو،
مر پيا محشر اُٿن هاڻي ٽلڻ تنهنجي کان پوءِ.
قبر ٿي گلزار پوندي جي وهايا اي ’سليم‘،
چار ڳوڙها نرگسي نيڻن مرڻ تنهنجي کان پوءِ.
عبدالله ”خواب“
بيمارِ محبت ۾ اگر دَم نه هجي ها،
هن مهم ۾ همراز سندم غم نه هجي ها.
هڪ حسن، ٻيو عشق ٿيا لازم و ملزوم،
جنت نه هجي ها ته جهنم نه هجي ها.
هرگز نه پکي دل جو ڪو ڦاسي ها ڦندي ۾
زنجير ۾ زلفن جي اگر خم نه هجي ها.
ڳوڙها جي ڳڙي آيا، پيو راز ٿي پڌرو،
افسوس، لڪل اک ۾ ڪو اگم نه هجي ها.
اسرارِ محبت جا ٿين ها نه عيان سڀ،
جي عشق هڏهن حسن جو محرم نه هجي ها.
آلامِ جهان، خوفِ اجل، فڪرِ قيامت،
همدم نه هجن هي ته سندم دم نه هجي ها.
دم هڪڙو غنيمت به نه ڄاڻي ها بشر ڪو،
جي خوف مٿس موت جو پيهم نه هجي ها.
اي ”خواب“ ڪڏهن گل نه ٽڙي ها ڪو چمن ۾،
جي ڀونئر، ڀِني غنچي تي شبنم نه هجي ها.
ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني
تون به اڪيلو، مان به اڪيلو،
محبت وارو ٺهندو ميلو.
حسن اوهان جو نئون نڪورو،
عشق اسان جو آهي نويلو.
پاڻ سينگاري تو وٽ ايندس،
تون به ڪو اوڍج سنهڙو سيلو.
لوڪان لڪائي پاڻ بچائي،
چنڊ لٿي ڪو ووڙيون ويلو.
ڏينهن ڏٺي جو حيلا بهانا،
تارن واري رات اويلو.
پاڻ لڪون ۽ پاڻ کي ڳولهيون،
جيڪو کاپي سوئي ڳهيلو.
ڳالهه اهائي نيٺ ته ٿيندي،
جيڪا ڪئيسون سهڻا سويلو.
”بيخود“ ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو،
چاهه ڪرايس تنهنجو چيلو.
شيخ عبدالرزاق ”راز“
دل جي ويرانيءَ جو عالم، ڪير ٿو سمجي ڪير ٿو ڄاڻي،
آس پريشان اکڙيون پرنم، ڪير ٿو سمجهي ڪير ٿو ڄاڻي.
ڪير اسان جي سور ۾ ساٿي، ڪير اڪيلائيءَ ۾ حامي،
دل ٿي دل جي آهي همدم، ڪير ٿو سمجهي ڪير ٿو ڄاڻي.
جنگ آ خير وشر جي يارب، دل آ حيران ذهن پريشان،
ڪنهن جي ڪنهن جي دل ۾ ماتم، ڪير ٿوسمجهي ڪير ٿو
ڄاڻي.
سونهن اوهان جي پيار اسان جو، سور اسان جو سرت
اوهان جي،
ياد اوهان جي يار آ هردم، ڪير ٿو سمجهي ڪير و
ڄاڻي.
آهي مسيحا حيران حيران، زخم اسان جا شادان فرحان،
درد ئي دل جو آهي مرهم، ڪير ٿو سمجهي ڪير ٿوڄاڻي.
”راز“ اسان جي شام پريشان، يار اسان جو ويران
ويران.
ڪوئي ڪونهي حال جو محرم، ڪير ٿو سمجهي ڪير ٿو
ڄاڻي.
ا.ح. جئسنگهاڻي ”سام“
وڇوڙي ڪنهن جي ۾ بلبل پئي ٿي هرچمن ڳولي،
سکن جي وچ ۾ دل منهنجي پئي سر سوز جا ٻولي.
جَڙيل آ ناز جي تارن سان الفت جو ڇپايل ڄار،
جو اول پاڻ ڦاسائي سوئي ڳنڍ راز جي کولي.
بهارن جواها دل ٿي مزو گلشن اندر ماڻي،
خزان ۾ پاڻ جيڪا گل جي ڳولا ۾ اچي رولي.
ستارِ عشق م هڪ تار آهي کرج جي ڪمزور،
سوا هن پست تارِ غم نه راڳي راز ڪو کولي.
ڪڏهن باغن ۾ آ محفل، ڪڏهن سُر سوز جا ٻڌجن،
گهڻا سڌڙيا ڀُلايا هتڙي دک ۽ سک سندي ڀولي.
ڪڏهن نازڪ مزاج آهي ڪڏهن عاشق جفاڪش آ،
ڪڏهن لرزي پيو غم کان، ڪڏهن غم سان ڇَپر ڇولي.
نه ڪو ارمان رکڻو آ، نه ڪو مقصد نظر ۾ آ،
سندم هر جيت ۽ هر هار راز عشق ٿي کولي.
سندم مطلب نه باغِ زيست جي ميون سان ڪو آهي،
ٿي منهنجي بي نيازي راز حسن و عشق جو کولي.
بهارِ عشق جا پيارا مونکي گل ۽ ڪنڊا آهن،
نشاط و غم جي شاخن تي ٿي يڪسان دل سندم ڊولي.
بڻي هر راه جيوت جي مون لئه هڪ کيل چوپَڙ جو،
سکن جا ڪيترا ڳولي سوچيلا، پيار جو ڳولي!
رهي ٿي ”سام“ کي عبرت ڪمالِ عشق جي ايها،
خوشيءَ سان ڪيئن سدائين ٿي ڏکڻ ۾ دل سندم ڏولي!
ڏسي سارو چمن خوشرو جيئن ڪويل ڪري ڪوڪو،
مناسب سمجهي هي موقعو ٿو غم جا ”سام“ سر ٻولي.
غلام حسين رنگريز
تنهنجو جوڀن جوت جمال،
سُرهو گُل۽ بلبل بات.
وِچڙي تنهنجي وارن منجهه، ڪاري ڪاري ڪاري رات.
ڪُوڻي گُل جيئن تنهنجا ڳل، ڏاڙهون گُل جيئن ڳاڙهو
وات.
مان هان شاعر تُون آن سونهن، اچ اچ ابدي آڇ حيات.
گهر گهر گُونجن پنهنجا گيت، ڏونگر ڏاري پنهنجي
ڏات.
ٽمڪي ٽمڪي ٽانڊن جئين، ڀنڀٽ بڻبي پنهنجي بات.
ڏاڍن جا ڀي ڏرندا ڏِيلَ، ٿيندي آخر تِن جي مات.
”بشير“ سيتائي
فرقت جو ٿيندو ختم اهو مرحلو ڪڏهن،
هن فصلِ گل ۾ ايندين نه، ايندين ٻيو ڪڏهن.
رسوا و خسته حال ۽ آشفته تن ڏٺم،
هن ڪاروبارِ عشق ۾ ڪو خوش نه هو ڪڏهن.
توسان به چار ٽهڪ هئا اي زمانا! پر،
تو ساڻ منهنجو ختم ٿيو واهِپو ڪڏهن.
زاهد سان هم پلئه هُس، همراز و همخيال،
پر حسن هيچ حسنِ نظر سان ڪيو ڪڏهن.
فرهاد و قيس جو نه ڪندو تذڪرو وري،
منهنجا به داغ اهي نِهان جي ڏسو ڪڏهن.
هي لُڙڪ پِي پِي، جيَڻ سکياسين جهان ۾،
نه ته غم جي تلخين ۾ جيَڻ جو مزو ڪڏهن.
محصورِياس زندگي پئي ٿي اچي نظر،
مايوسين جو ختم ڪبو سلسلو ڪڏهن.
اونداهين جو آهي تسلط وري اتي،
داغن جلي جتي هو ڪيو سوجهرو ڪڏهن.
دل دل ۾ کوٽ آهي، نگاهن ۾ ڪلفتون،
انسان صداقتن کي ڪُٺو، پر ڪُٺو ڪڏهن.
شايد ”بشير“ شيفته دل ناهي شهر ۾،
جو ڪُوي يارَ ۾ اسان رُلندو ڏٺو ڪڏهن.
مهيسر ”خادم“ رفيقي
هي دل جو چمن برباد نه ڪر،
بيڪار ستم، ايجاد نه ڪر!
تون پنهنجي عطا کي جاري رک،
۽ منهنجي خطا کي ياد نه ڪر!
ڏئي درد و الم ۽ آه و فغان،
ٻيا ظلم نوان ايجاد نه ڪر!
جو ناتو ڇني ۽ ٿي ويو خفا،
تنهن دوست کي اي دل ياد نه ڪر!
هڪ ياد آ تنهنجي سا نه وڃي،
غم، درد کان دل آزاد نه ڪر!
تون پنهنجي وفا کي توڙ نڀاءَ،
سهڻن جي جفا کي ياد نه ڪر!
ڀَل ڪُهه جي ڪُهڻ ۾ لطف اچئه،
پوءِ دير ذرا جلاد نه ڪر!
غم تحفو سڄڻ کان آهه مليو،
ڪر صبر اي دل فرياد نه ڪر!
تون پنهنجي ”خادم“ ساڻ پرين،
هيئن جورو جفا، بيداد نه ڪر!
”نثار“ بزمي
زماني جي خالي خيالن مان نڪري،
پيالن ۾ پيهي وڃڻ جي ڪريان ٿو،
نه دنيا م دل جي ڪو قيمت ڏئي ٿو،
ڀڃي اهڙي دنيا ڀڄڻ جي ڪريان ٿو.
هتي هرڪو آهي وفائن جو ويري،
چڱائيءَ جو بدلو به ڪهڙو چڱو آهه،
جتي ڪوبه ڪنهن جي ڀلي ۾ نه آهي،
انهيءَ جاءِ کان مان بچڻ جي ڪريان ٿو.
ڀلا موت کان ڪنهن کي مهڻو آ ڪوئي؟
اهوموت آهي حياتيءَ جو ساٿي،
مسيحا! نه ڪر تون بچائڻ جي ڪوشش،
مري مان دوباره ڄمڻ جي ڪريان ٿو.
جتي خون جي ڪابه وقعت نه آهي،
اُتي ويهي جيئڻ مان ڇا فائدو آهه،
صداقت جو بدلو جتي ڪو چڱو آهه،
اُها جاءِ جڳ ۾ لهڻ جي ڪريان ٿو.
نگاهن جي شوخين جا ايڏا نظارا،
سَٺا ڪونه منهنجي نگاهن کان ٿيندا،
اڃا منهنجي منزل نه مونکي ملي آهه،
اڃا ڪجهه مان اڳتي وڌڻ جي ڪريان ٿو.
غمِ زندگيءَ کان پريان آهيان،
سُڪون صبر منهنجو ويو آهي لُٽجي،
نه دنيا سان مطلب، نه زر جي ضرورت،
پيارن سان ويهي پلڻ جي ڪريان ٿو.
نه ڊيڄار زاهد! ڊڄڻ جو نه آهيان،
ٻُڌائين تون ڇو ٿو عَذابن جون ڳالهيون،
قيامت کان اڳ ۾ قيامت ڏٺي مون،
مان هاڻي مزي سان رهڻ جي ڪريان ٿو.
افق جا اجالا نِهارن ٿا مون ڏي،
انهن ڏي وڃڻ لاءِ ٿو واجهه پايان،
ڪري ويٺا ڌاڙيل ڌرتيءَ تي قبضو،
فلڪ تي مان قدمن رکڻ جي ڪريان ٿو.
ڀنور جي طبيعت آ ڪهڙي طبيعت،
چَٽي ڦول جي رَس اُڏامي وڃي ٿو،
اها ڪهڙي چاهت، اها ڪهري الفت،
مان پرواني وانگر پچڻ جي ڪريان ٿو.
خرد جي خسارن ڪيو تنگ آهي،
اها ڪهڙي فرزانگي همنشين! ٿي،
مان ديوانگيءَ جي وسائي ڪا دنيا،
مقدر سان”بزمي“ ٺهڻ جي ڪريان ٿو.
سائل ”آزاد“
ناهه ڪو غمخوار، تنهنجي شهر ۾،
ٿيو جيئڻ دشوار، تنهنجي شهر ۾.
تون ئي ڏَس توکان سوا ٻيو ڪير آ،
قابلِ ديدار، تنهنجي شهر ۾.
جُرمِ حق گوئي ۾ مجرم جي سزا،
ڌڙ سِسيءَ کان ڌار، تنهنجي شهر ۾.
ڪيترن شاهن جا سِر لهندا اڃا،
هر گهٽي گرنار، تنهنجي شهر ۾.
ناهه ڪوئي دم سڪون جي واسطي،
سايهء ديدار، تنهنجي شهر ۾.
پيو جدائيءَ جا سوين صدما سهي،
برهه جو بيمار، تنهنجي شهر ۾
منتظر آهي نگاههِ ناز جو،
”سائلِ“ حُبدار، تنهنجي شهر ۾.
اسحاق ”راهي“
يارو گداي عشق کي خيرات گر ملي،
هر جام پُر ملي ۽ نظر فيضوَر ملي.
مون کي براءِ نام ملي سو ٺهي نٿو،
المست رند کي سرِ شام و سحر ملي.
ڪهڙي نه خوشگوار ٿئي عاشق جي ڪائنات،
اي ڪاش! دل سان دل ۽ نظر سان نظر ملي.
دنيا هزار رنگ مٽائي ٿي پل اندر،
هر وقت جابجا ٿو پيو خير وشر ملي.
اندز دلبرانه حسينن ڇڏي ڏنا،
هيهات، عشق جو به ٿو ويران گهر ملي.
توکي مڃيندو ڪير ڀلا ناخدا ڪري،
جي ساحلِ مراد سان ڪشتي نَه گر ملي.
مان داستانِ عشق ٻڌايان سهي مگر،
ڪو خاندان قيس مان آشفته سر ملي.
شايد علاج ٿيو قضا ”راهي“ جو دوستو،
ڪنهن کان دواي درد نٿي ڪارگر ملي.
ميوو خان”موج“ لغاري
وڌو دل ۾ ڦٽ چير جهڙو اٿئي،
جو ابرو به شمشير جهڙو اٿئي.
نگهه ساڻ ناگاه گهايو وجهين،
نظر ۾ اثر تير جهڙو اٿئي،
ڪيا حسن حيران تنهنجي هزار،
تجمل جو توقير جهڙو اٿئي.
رهن منهن ڏسڻ لاءِ مشتاق سَو،
تدبّر وڏي وِيرَ جهڙو اٿئي.
ٽلين يار ٽيلهي ٽمڪ ٽور سان،
ٽلارو محب! مير جهڙو اٿئي.
ڪمايو اٿئي اسم اعظم ڪوئي،
وظيفو ڪو تسخير جهڙو اٿئي.
ڌتاري ستاري نهوڙي نيوءِ،
تڪلم جو تاثير جهڙو اٿئي.
وڪوڙي سڪوڙي ڪيئي قيد دل،
سڄڻ زلف زنجير جهڙو اٿئي.
مروڙي سروڙي ڪيئي چُور چُور،
رَتيءَ رعب مهمير جهڙو اٿئي.
وجهين وصل ۾ رنڊڪون ڇو رقيب،
طرح طور تعذير جهڙو اٿئي.
مِٺي جي مُٺي ته به ڀَليءَ ماٺ ”موج“،
زمانو نه سچ سير جهڙو اٿئي.
علام حسين مغل ”شيذب“
ديس جو نينگر ڪوماڻيل آ، ڇا جي آهي ڳڻتي ٻول،
جڳ جڳ جيوين منهنجا سائين، تنهنجو آهي مٽ نه مول.
دودي، هوشو، بختاور جي ديس جو آهين ڳڀرو جوان،
پاءُ ڪڙول هٿن ۾ ڪونڌر، ڪنهن کان آهين گهٽ نه ڍول.
باک ڦٽي ڏس ڪِرڻا جاڳيا، جاڳيا آهن جُنگ جوان،
جوڌن تِن جهونجهارن کان ڏس، پاڻهي ڀرندا هٿ ڪڙول.
جهوري جيءُ ويا ويراڳي اڄ، آهه اچڻ جي تن جي آس،
واءُ وري ويراڳين جو شل، جن سان آهي جيءُ جڙول.
دودو جوڌو ڌوڙ چينسر، ڪو سنڌ سائين، ڪو سوداگر،
پيارا پيارا ڳولهه پرولي، مون ته ڀريو قربتون
ڪچڪول.
ڀورا ڀورا ”شيذب“ ڀلئين، ڀورائيءَ ۾ ڀينگ ڪيئي،
ڪارونجهر کي ڪٽڻو آهي، ڏي ڪا ساٿي اٿ وڙول. |