سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :4

”عاجز“ اُڄڻ

سانجهي

آءُ ته مانجهي! گڏجي پنهنجي نيا پار لڳايون، وو.

دور افق تي باک ڦُٽي پئي، ڄاڻ پڳاسين پار، پرين،

ڄاڻ ته وِرهن رات وِهاڻي، هاڻ نه همت هار، پرين،

نيٺ ته ٿينديون، پوريون ڍوليا! اُڀ جون هي ارڏايون وو،

                آءُ ته مانجهي گڏجي پنهنجي نيا پار لڳايون وو.

جڳ ۾ جاني جتي جتي ڀي ڪِرندا، پنهنجا نير، الا،

جنم جنم جي اونداهين ۾ وجهندا ويندا جهير، الا،

ٻاٽ اونداهي نيٺ ته کٽندي، هليا جوت جلايون وو،

                آءُ ته مانجهي گڏجي پنهنجي نيا پار لڳايون وو.

پار پرينءَ جي ديري تي اڄ ڇو ٿي ڪويَل دانهن ڪري،

ڪير چريءَ کي چوي ديواني، ڪونهي پنهنجو پرهه، پري،

طوفانن سان سينو ساهي، مُرڪي پاڻ ملهايون وو،

                آءُ ته مانجهي گڏجي پنهنجي نيا پار لڳايون وو.

قاصد جي تون وڃين پرينءَ ڏي، پهرئين تون پيزار چُمي،

چئجان پوڙي شاهه ڀٽائي! ”عاجز“ بنجي نِمي کِمي،

سنڌڙي سار سُڏڪي ويٺي، توکي ننڊ جون هايون وو،

                آءُ ته مانجهي گڏجي پنهنجي نيا پار لڳايون وو.

لوڪ گيت

رحيم بخش ”قمر“

مورو

جبل مٿان لاڻا، رات نه آئين راڻا،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان چوڙا، وعدا تُنهنجا ڪوڙا،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان لوئي، راتيون ڪاٽيان روئي،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان پيهي، راتيون ڪاٽيان ويهي،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان مڻيا، تارا ويٺي ڳڻيا،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان لوڙها، ڳاڙيان ويٺي ڳوڙها،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان شالون، پايان ويٺي فالون،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان لاتيون، اکيون تولئه آتيون،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان ٽاريون، آءُ ته گڏجي گهاريون،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان ڦَريون، آءُ ته ڳالهيون ڪريون،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان ڪونجون، موٽ ته لهن مونجهون،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان ڳيرا،، چُمان تُنهنجا پيرا،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان باهيون، اسان تنهنجا آهيون،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان ڀونرو، دل جو ناهين ڪونرو،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان چڙو، ڀريان بيٺي گهڙو،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان لاڻي، ڀريان بيٺي پاڻي،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان پارو، ڏريان ويٺي ڏارو،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان ڪَڪريون، واڙيان پيئي ٻڪريون،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان ڳاني، سِج نه تنهنجو ثاني،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان هَٽ، چنڊ نه تنهنجو مَٽ،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان راکو، مٽ نه تنهنجو لاکو،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان تاڙو، پارس تنهنجو پاڙو،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

پکي لنوَن پَريان، ڀرت ويٺي ڀَريان،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان پايون، دل ۾ تنهنجون جايون،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان تارا، پيهي آئين پيارا،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

جبل مٿان جورا، ٿورا نه تنهنجا ٿورا،

                او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان!

نظم

مخدوم محمد زمان ”طالب المولي“

سنڌ ۾ ساوڻ

هن ملڪ ۾ نه گوشئه چمني جو ڪاروبار،

بادِ سموم آڻي فقط گرد ۽ غبار،

نسرين، ياسمين۽ نرگس نه بيشمار،

سروو سمن نه آه نه سنبل ئي غمگسار،

لاله ۽ گل ڪٿي نه ڪٿي بلبلِ هزار،

ساوڻ ئي منهنجي سنڌ جو بس غيرتِ بهار.

 

هت نازور نگار نه مغبچّا مهه جبين،

حسنِ ادا ۽ حسن خرامي کان دلنشين،

بدمست ڪن، کڻن جو کڻيو چشمِ نرگسين،

مي تلخ تن جي هٿ ۾ لبن منجهه انگبين،

مارواسان جا ڪين ڪي ڄاڻن انهن منجهان،

سمجهن هي سادا سودا ٿا کيرن ڏڌن منجهان.

 

بادِ سحر نه، پر هتي پورب ئي خابرو،

هر ذي حيات کي ٿي رهي تنهن جي جستجو،

ڪک پن۾ جنهن کان زندگي پيدا ٿئي سوبسو،

ڪٿ مشڪ يا گلاب ۽ ڪٿ هي اُٺي جي بو،

صبحِ بهار کان سٺي ساوڻ جي شام آهه،

موسم حيات بخش تي هردم سلام آهه.

 

ساوڻ جي مينهن وارا مڙئي خوشگوار ڏينهن،

جهُڙ ڦُڙ جي جهانءِ ساڻ ٿين تابدار ڏينهن،

رشڪِ بهار ٿين ٿا سي بي بهار ڏينهن،

وسريو وڃن هو سال جا سڀ بيقرار ڏينهن،

هر هر صدا بلند ٿئي ٿي جهان مان،

آبِ حيات پيو وسي اڄ آسمان مان.

 

ڪارا ڪڪر ڏين شَهون زلفِ لگار کي،

خاتم، سياه بخت جا، دل ڪن ٿا خار کي،

گجگوڙ سان چڙهن ته پو آڻن سُڪار کي،

ڍايو ڇڏين هاري ۽ هاريءَ جي ٻار کي.

وقتائتا وسي ٿا وسائن پَڪي ڪَچي،

ساوا ٿين جو پٽ ته کٿوري جي بُو اچي.

 

جيئن جيئن ڪري ٿو گهُٽ ۽ گرمي ٿئي شديد،

آسائتن جي لاءِ اهووقت آهه عيد،

سج بيٺي ٿو وسي ته سڪارن جي سا نويد،

ان جي پَکي ڏري جي به ساعت اها سعيد،

دريا جي جان آهه ۽ ڀاڳين جو ڀاڳ هو،

ڦڙ ڦڙ انهيءَ جي روحِ تمنا ۽ آرزو.

 

سارو مهينو سج به رهي ٿو نقاب ۾

توڙي سدائين آهه سو پنهنجي شباب ۾،

چوڏهين جو چنڊ پڻ اچي اڪثر حجاب ۾،

پوشيده جيئن هجي ڪو بيان ڪنهن ڪتاب ۾،

بادل چڙهن ته صبح به ڄڻ شام ٿيو وڃي،

جي شام هوندي آهه ته ناڪام ٿيو وڃي.

 

هر سال پنهنجا وقت تي وعدا وفا ڪري،

هر آدمي جا حق هميشه ادا ڪري،

گهر ويٺي آڻيو رحمتِ عظميَ عطا ڪري،

ڪوئي نه آهه جيڪو سندس ڪا گلا ڪري،

ٿي برق ان جي رشڪ ثريا ۽ رشڪِ ماه،

چمڪي ته پوءِ ڏڪار جو نڪري وڃي ٿو ساه.

 

اڪثر اچي ٿو مينهن ڏُهائي جي وقت تي،

نئون ويس ٿو ڍڪائي پوي جنهن درخت تي،

گل ڦل ٿين ٿا ڀونءِ سندي لخت لخت تي،

ڪشمير کي حسد وٺي سنڌڙيءَ جي بخت تي،

سچ پچ ته هيچ آهه فلاورس نرسري،

نو روز کي به ناهه ڪا ساوڻ تي برتري.

 

تقريب شاندار هي هڪ يادگار آهه،

هر شخص باوقار ۽ خوشدل، بهار آهه،

هي ارض پاڪ آهه يا ڳاڙهي ڪنوار آهه،

لائُن لهڻ جي واسطي سا بيقرار آهه،

بادل، کِوڻِ ۽ گوڙِ ۾ عالم سڄو نچي،

ساوڻ جو مينهن، ڄڃ سان ڄڻ گهوٽ پيو اچي.

 

مانڊاڻ جي منڊي ۽ کڻي مينهن ڪو مچي،

مسڪين ۽ غريب جي لئه رنگ ٿو رچي،

جي وڏڦڙو ٿو زور سان ڇم ڇم ڪريو اچي،

سمجهو ته ڇير ساڻ ڪو ناچو پيو نچي،

پاڻيءَ ۾ پو حباب ٿا پيدا کڻيو ٿين،

خوشحالين جون خوب نويدون اٿيو ڏين.

 

ساوڻ جي مينهن لئه ٿي زمين بيقرار ٿئي،

ان جي وسڻ سان ڳڀّ جهلي ڪامگار ٿئي،

وڻ ٽڻ ٿو ڦَلجي ڦولجي ۽ باوقار ٿئي،

بيتاب، بيقرار ٿو هر جاندار ٿئي،

جذبات جنس ٿو ڏئي اهلِ حيات کي،

هيجان پڻ عطا ٿو ڪري خواهشات کي.

 

جنسِ لطيف ۾ ٿي لطافت وڌيو وڃي،

سنگين مزاج ۾ به نفاست وڌيو وڃي،

گفتار ۾ هزار نزاڪت وڌيو وڃي،

رفتار ۾ انهيءَ جي قيامت وڌيو وڃي،

مردانه، خوب حسّن وجاهت ڪري ظهور،

خودبيني، خود ستائي ۽طاقت ڪري ظهور.

 

پيدا ٿين حواس ۾ ٿا ڪيئي ولولا،

ذهنن ۾ ڪشمڪش جا بپا ٿِين ٿرٿلا،

ٽڪريو نگاهون پاڻ ۾ آڻڻ ٿيون زلزلا،

سودا ٿيڻ لڳن ٿا محبت جا برملا،

هٿ جي گهڙيل نه ڳالهه هي فطرت جو راز آهه،

قدرت بنايو اينهين ئي صورت جو ساز آهه.

 

مستن ۾ زوردار ٿي مَستي بپا ٿئي،

ديوانگيءَ ۾ درد الستي بپا ٿئي،

عاجز ۾ هڪڙي نوع جي هَستي بپا ٿئي،

بيڪار ۾ به ڪانه ٿي پستي بپا ٿئي،

هر دم پکي پکڻ به هجي ٿو ورونهن ۾،

سڀڪو ڏسو ته گم آهي ساوڻ جي سونهن ۾.

 

ويرانا، جن مان خون جي هردم اچي ٿي بو،

تن تي وسايو مينهن، ڪري سبزه زار هو،

هر ٻجّ ۾ ٿو پيدا ڪري قوتِ نَمو،

سانگي اتي پڄن، ٿئي جهِر مِر ٿي سو پسو،

ٻانهياريون ۽ سهاڳڻيون سينگار اتي جو ٿين،

هر وار ۾ سڪار و سهڻيون ثبوت ڏِين.

 

دريا مچي ته ٻيلا ٻڏي ٿين ڀرجهلا،

چوڦير ڏِين چوڙ- ڪنڍيون کير جا دِلا،

سائي زمين ٿي ٿئي سڀرا ڏئي سلا،

هَٿ ڪَنَ تي ڏئي ڌنار پيا ڪن الا، الا،

ساوڻ ۾ ڀاڳيا هاري ۽ ناري ٽپا ڏِين،

سڀريون ته سايون ٿين ۽ اڀريون به ٿيون لڳن.

 

موسم جو مينهن رحمتِ يزدان جو هڪ نشان،

هڪ هڪ ڦڙي ٿي غيرتِ لولوئي دلستان،

تڏهن زمين ٿي ٿي وڃي رشڪ آسمان،

ان جو ڀلا ڇا ”طالبِ موليٰ“ ڪري بيان،

محبوب گڏ نه آهه ته ساوڻ سڄوئي سُڃ،

ڪوڇن، ڪڙين، تلاءَ، تراين جا ريج رڃ.

عبدالله ”خواب“

مشاهدات ۽ ڪيفيات

ساز دلجو بڻائي مون آندو،

دم نه آهي ڪو وِرهه کان واندو.

 

شوق آهي مونکي ڪو شب خيز، وسعتِ فڪر کي ڏنم مهميز.

جيڪي مون هو ڏٺو سو ڪنهن نه ڏٺو، هو ڪَڙو پر لڳو ٿي مونکي مٺو.

جيڪا گذري گذارڻي پيئي، ويل ويئي وسارڻي پيئي.

پنهنجي ڪئي جي سزا پيولوڙيان، لڙڪ کي مرڪ ڏي پيو موڙيان.

پيش آيو مون کي پرانهون سفر، زندگي ٿي سموري زير و زبر،

بخت جاڳيم نه ٻاريم ٻوٽو، ٿيو جهڳو جهَڻ ويو اچي جهوٽو.

سحر ڪنهن لئه ته ڪنهن جي آهي شام، ڪنهن تي انعام، ڪو رهي ناڪام.

اها زنده دلي يا مرده دلي، ڪري کيڪار ڪنهن کي ڪونه کلي.

سمو سورن جو اهڙو ساماڻو، ڪيو خوشين جهان مان لاڏانو.

جام ڀريو اچي جوانيءَ جو، فڪر مونکي ته آهه فانيءَ جو.

پَهر پويون ٿيو وَرِيو وارو، هر مسافر هتان هلڻ هارو.

الف – ليلي پڙهي پڄائي مون، عمر پنهنجي وهي وڃائي مون.

شمع گل ٿي ۽ انجمن ٿي اداس، ڄڻ ته دنيا ۾ويو گهمي راڪاس.

من ڪو موليٰ ورائي ويراڳي، شمع روشن ڪري اچي ساڳي.

شرم کي شعر سان ٿو پرچايان، مرده دل کي سمهي ٿو سرچايان.

ناهه جلوو اهو نه جوت جمال، ويو عناصر منجهان سو جاه و جلال.

ٿي نه تدبير ڪارگر ڪائي، ڪانه نڪري ٿي وات مان وائي.

ڦير پائڻ ۽ آهه ڄاڻڻ جو، جنهن نه ڄاتو، انهيءَ کي حاصل ٿيو.

اڻ ڏٺي کي ڏسي سگهي جيڪو، سو حقيقت شناس ئي چئبو.

جنهن کي جوهر چون توانائي، قلب روشن سندي ساگهرائي.

لڌو جوهر جو اڄ توانائي، ڄڻ مصيبت جهان لئه آئي.

بزمِ انسانيت جا بانيڪار، ڦري آدم لئه ٿي پيا آزار.

نشي دولت جي ڪي ڪيا انڌا، کڻي ڇڏيائون ملڪ جا کنڌا.

ابر آيومگر بنان برسات، پئي ڦڙڦوٽ ۽ وڌي سڪرات.

اچ ته نظمِ ڪُهن کي بدلايون، رات کي ڏينهن سان گلي لايون.

سحر جو ظلمتن کي بخشيون نور، غفلتن جو غبار ڪريون دور.

ڪري همت هلايون حڪمت کي، رڳو ڪارو ڪريون نه قمست کي.

نئين عمارت لئه آڻيون رازو، پنهنجي تاريخ کي ڪريون تازو.

هيرا موتي وڃائي ويٺاسون، نااميديءَ جي پڙ ۾ پيٺاسون.

مشڪ و عنبر کان دل ڪيو پاسو، هانءَ تي هڱ  ڪيو اچي واسو.

فڪر جنهن کي چون سا نيّت آهه، علم جنهن کي چون هدايت آهه.

”خواب“ هڪڙا پسن، پڇن مونکان، ٿيو تعبير ۾ تکو آهيان.

عبدالڪريم ”گدائي“

هي شهر آ ڪهڙو شهر؟

هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي، ڪو قدر نه آ فرزانن جو،

هر ساعت ۾ هر پلپل ۾، ٿو خون ٿئي ارمانن جو،

ڪيڏي نه فضا م ٻوسٽ آ، دم گهٽجي ٿو انسانن جو.

هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي، هر هڪ جي ريت نرالي آ،

آ ڪال محبت جو ڪيڏو، هي شهر وفا کان خالي آ،

هت چرٻٽ چرٻٽ راجا آ، ڇا پرجا ڀولي ڀالي آ.

هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ ڪو ماڻهو ڪنهن جو ميت نه آ،

آ مڙهه جي ماٺ هوائن ۾، ڪو ساز نه آ سنگيت نه آ.

هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ هر ماڻهو آهي بيگانو،

ڪنهن جو به ڪنهين سان چاه نه آ، هرڪو ٿو پنهنجا ڪرم پٽي،

پر ٻئي ڪنهن جي پرواه نه آ، هن رات انڌيري ٻوسٽ کان،

ڇا نڪرن جي ڪا راهه نه آ؟

 

هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ احساس جي دولت ڪانه رهي،

نقصان جو ڪو ارمان نه آ، سڀ زنده مڙدو بڻجي ويا،

ڪو خوشين جو سامان نه آ، جيون جي جوت اجهامي وئي،

ڪنهن دل ۾ ڪو طوفان نه آ.

 

هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ ٿا سور ملن سچ وارن کي،

جت مان ملن ٿا ڪوڙن کي، بدماشن بدڪردارن کي،

۽ ڪاٺ ڪڙا زنجير ملن، هن ديس سندي دلدارن کي.

هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ ڪنهن دل ۾ ڪو احساس نه آ،

هر ماڻهو پيار کان پالهو آ، ڪنهن کي به وفا جو پاس نه آ،

هن شهر جي زهري آبهوا، ڪنهن اهلِ وفا کي راس نه آ.

هي شهر آ ڪهڙو شهر جتي؟ ڪيڏي نه فضا م ٻوسٽ آ،

دم گهتجي ٿو فرزانن جو، ڪنهن جي ته وفا جو قدر ٿئي،

ڪو داد ٿئي ديوانن جو، ڪا جوت جلي ڪا لاٽ ٻري،

ڪو خون ٿئي پروانن جو.

 

هي شهر آ ڪهڙوشهر جتي؟ هي شهر ته يارو پنهنجو آ،

هن شهر ۾ گڏجي جيئڻو آ، هن شهر ۾ گڏجي مرڻو آ،

هن بادخزان کي ختم ڪري، هت جشن بهاران ڪرڻو آ،

ڪا سورٺ اخر سڙڻي آ، ڪو راءُ ته آخر مرڻو آ.

 

هي شهر آ ڪهڙوشهر جتي؟ هن شهر جي شان بچائڻ لئه،

ڪي سورهه سگهه ڀي ساريندا، ۽ خون پگهر پنهنجو هن تي،

ڪي هوشو نيٺ ته هاريندا، جند جان ڪري قربان سڀئي،

ڪو ٻارڻ نيٺ ته ٻاريندا، ڪي دولهه دل ڀي ڌاريندا،

هن شهر جي سينڌ سنواريندا!

”سرويچ“ سجاولي

هي دلبر دلبر ديس وسي

(1)

جت مانجهي مڻيادار هجن، ۽ وانگيڙا وينجهار هجن؛

جت جُهوپن ۾ جونجهار هجن، ۽ ٻلوانن جا ٻار هجن.

جت ارڏا ڪي اڙٻنگ هجن، ۽ چَپ تي تن جي چنگ هجن؛

جي مُلڪ مِٺي جي محبت ۾، بس ماڳهين مست ملنگ هجن.

تن ماڻهن موتي داڻن جو، هي دلبر دلبر ديس وسي،

او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي!

(2)

جت چوڙيلين جا چاڳ هجن،  ۽ ڀاڳياڻين جا ڀاڳ هجن؛

جت روح رچندا راڳ هجن، ۽ مارن مال ميهاڳ هجن.

جت ٿڌڙا ٿڌڙا ڏينهن هجن، ۽ وسندا رهندا مينهن هجن؛

جت مرد سڀئي اڻ موٽ هجن، پر جويون ڀي ڄڻ شينهن هجن.

سو ساڻيهه سهڻن سانگين جو، هي سُندر سُندر ديس وسي،

او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.

(3)

جت جوڌا، دودا، ڌڱ هجن، ۽ لوهي تن جا لڱ هجن،

جن سانن جهڙا سڱ هجن، ۽ ريٽا تن جا رڱ هجن.

جت ڪونڌر پُٽ ڪنواٽ هجن، جي اونداهين ۾ لاٽ هجن،

جت ڳورن ڳورن ڳوٺاڻن جا، هيڏا هيڏا ڳاٽ هجن،

سو ڳاڙهو، ڳاڙهن ماڻهن جو، هي ننگر ننگر ديس وسي،

او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سردلبر ديس وسي.

(4)

جت موجن ۾ مهراڻ هجي، ۽ مينهن جي مانڊاڻ هجي،

جت چيٽن ۾ چانڊاڻ هجي، ۽ لوين جي لالاڻ هجي.

جت جيڏين جا جنسار هجن، ۽ ساهيڙين سينگار هجن،

جت راڻين راڄ- ڌڃاڻين جا، بس ساٿ هجن، سهڪار هجن.

جت ٿربر بوند بهار هجي، سو بندر بندر ديس وسي،

او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.

(5)

جت تن من ۾ تون تون به هجي، ۽ چنگن جي چون ڀون به هجي،

جت ڀونئرن جي ڀون ڀون به هجي، ۽ رڳ رڳ ۾ رون رون به هجي.

جت جهانگين جي جُو-جُو به هجي، ۽ ڌونرن جي ڌُو – ڌُو به هجي،

جت گهر گهر اڳيان مال مڙن، گُوهن جي جتي گهو-گهو به هجي.

سو ڏيهه ڏهيسر مڙسن جو، هي آنڇر منڇر ديس وسي،

او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.

(6)

جت چانديءَ هاڻا چيٽ هجن، ۽ کاهوڙين جا کيٽ هجن؛

جت ڪُمريون ڪيٽيون ڪيٽ هجن، ۽ ٻيلا ٻنيون ٻيٽ هجن.

جت هارين جي هونگار هجي، ۽هنڌ هنڌ تي هٻڪار هجي؛

جيئن پنهنجي ويڙهه وطن ۾ يارو، وک وک تي وڻڪار هجي.

جت ڪيچ ڪڻي مان روز ٿين، سو ڪينجهر ڪيجهر ديس وسي،

او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.

(7)

جت لال لطيف جي لات هجي، ۽ سچل جي سوغات هجي؛

جت ڀيڄ-ڀِنيءَ برسات هجي، ۽ وَس وَس وائي وات هجي.

هُو هُو جو هجي هُل هُل به جتي، خوشبوءِ ۾ ٻُڏل گُل گُل به جتي؛

جت ڀٽ ڌڻيءَ جي وائي هجي، ”سنڌوءَ جي هجي بُلبُل به جتي“.

سو سانگ سونهارن سپرين جو، هي ساجهر ساجهر ديس وسي،

او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.

(8)

جت ٻانهارين جا ٻول هجن، ۽ پيرُن ڀريل جهول هجن؛

جت ٽونر ٽِڪون ٻيا ٽول هجن، هي ڍاٽي مارُو ڍول هجن.

جت پهنواريون سڀ پاڪ هجن، ۽ ڀاڳياڻيون بيباڪ هجن؛

چي هنج هرڻ ۽هيرا ڇا؟ پر حُورن کان حُسناڪ هجن.

جت ماڻڪ موتي موڪ مِلن سو ماڃر ماڃر ويس وسي،

او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.

(9)

جت ماروئڙا مستان هجن، ڄڻ ساموندي طوفان هجن؛

جت اعليَ سڀ انسان هجن، ۽ملڪ مٿان قربان هجن.

جت سنڌيئڙا ”سرويچ“ هجن، ۽ ڀائن وانگر ڀيچ هجن؛

هن سنڌ سونهاري ڌرتيءَ سان، بس، پاتل جن جا پيچ هجن.

سو پهنوارن جي پکڙن وارو پانوَر پانوَر ديس وسي،

او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.

”الطاف“

آٿت

تنهنجي اکڙين ۾ اها مرڪ نه ڏسجي ٿي مٺي!

نور بدران ٿو وسي نير سندءِ نيڻن مان،

جن سان ڏئي ٽهڪ اڳي مونکي خوشي ڏيندي هئينءَ،

اڄ ڇو نڪرن ٿا رڳو سڏڪا انهن چپڙن مان!

لڙڪ سونهن ته نٿا تنهنجي اکين ۾ ديوي!

پوءِ به اڳ جيئن سندءِ نيڻ لڳن ٿا دلڪش،

تون ته هر حال ۾ هر روپ ۾ پياري ٿي لڳين،

پر توکي کلندي ڏسڻ جي ئي رهي ٿي خواهش.

تنهنجي ڳلڙن تي هي ڳاڙهاڻ ۽ پيلاڻ جو ميل،

پنهنجي رُخ جي اڀ تي آشفق جهڙو سمان.

پيار جي ديس ۾ ڄڻ اڀري رهيو آهي سج،

ريت جي رات جهڪي ويئي محبت جي اڳيان.

هن صبح ويل سندءِ نيڻ ڇو آلا آهن؟

هان اچي، آس جي هيءَ نرم ۽نازڪ پوتي،

پهنجي ڳلڙن تان انهيءَ ساڻ اگهي ڇڏ ڳوڙها،

ڇو ٿي بيڪار وڃائين اهي اڻلڀ موتي؟

تنهنجي معصوم اکين مان جي وهن ٿاڳوڙها،

مون کي ڏي پنهنجي ڳلن ساڻ لڳايان تن کي.

تنهنجي سيني ۾ جي سورن جون سٽون ٿيون اڀرن،

مونکي ڏي پنهنجي اندر منجهه لڪايان تن کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com