گلنار آهستي چيو، ”تو هن کي سٺو جواب ڏنو. مون کي
تو مان اهڙي ئي اميد هئي تو مون کي خوش ڪيو آهي.“
اوچتو هن جي دل ڀرجي آئي ۽ اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
”خبر ناهي ته نرسيءَ کي ٿي ڇا ويو آهي. هو پهرين
ته ائين ڪونه هو. اسان ٻنهي ۾ ڏاڍو پيار هو. هي
مزدڪ ته ڪو وڏو جادوگر آهي جيڪو جادوءَ سان ماڻهن
جي دلين تي مهرون هڻيو ڇڏي. تو متان هن جي اڳيان
ويو آهين. هن ته اسان جي بادشاهه تي به جادو ڪري
ڇڏيو آهي ۽ هومزدڪي ٿي ويو آهي. هو پاڻ درٻار ۾
هيٺ ٿو ويهي ۽ مزدڪ کي سون جي ڪرسيءَ تي اوچي جاءِ
تي ٿو ويهاري.“
خوشنواز اهو چڱو وجهه ڏٺو. هن محسوس ڪيو ته گلنار
جي لهجي ۾ هار آهي. هن کي پنهنجي لاءِ اميد جو
ڪِرڻو نظر آيو، سو ضرورت کان وڌيڪ چاپلوسي ڪندي
چيائين، ”هر سمجهو ماڻهوءِ جو اهو خيال آهي ته
مزدڪ جادوگر آهي ۽ پنهنجي سحر سان ماڻهن جو حيا
شرم ختم ڪريو ڇڏي.“
بتيءَ جي روشنيءَ ۾ اداس ۽ اٻاڻڪي گلنار خوشنواز
کي ڏاڍي وڻي پئي. نهايت موهيندڙ ۽ پر وقار. هن
ٿوري دير چپ رهڻ کان پوءِ چيو، ”مان نرسيءَ مان
بيزار ٿي چڪي آهيان. مون کيس هميشه جي لاءِ ٺڪرائي
ڇڏيو آهي. مون کي پاڻ پَڪ ٿي ويئي آهي ته هن جو
مرض لاعلاج ٿي چڪو آهي.“ پوءِ خوشنواز کي چوڻ لڳي،
”اهو مرض تمام وچنندڙ آهي. تون پاڻ بچائج، نوجوانن
تي ان جو اثر يڪدم ٿو ٿئي.“
خوشنواز کيس پڪ ڏيندي چيو، ”اوهان خاطري ڪريو،
مقدس هيربد زادي! مان پنهنجي عقيدي تي پڪو آهيان.“
نرسيءَ کي ٺڪرائڻ کان پوءِ گلنار ڏاڍي اڪيلائي
محسوس ڪري رهي هئي. هن اڪيلائيءَ جي گهَري سمنڊ
مان پاڻ کي ڪڍڻ ٿي چاهيو. هن پنهنجي هيڪل جندڙيءَ
جي لاءِ ڪو سهارو ڳولڻ ٿي چاهيو، چاهي اهو سهارو
ايترومعمولي ڇو نه هجي جيترو ٻڏندڙ جي لاءِ ڪک جو
سهارو. هن پهريون ڀيرو خوشنواز کي پيار جي مُرڪ
سان نوازيو.
”تون تمام سٺو آهين. ديني استقامت تي پهاڙ جيان
اڏول. مان سچ ٿي چوان، تنهنجي جواب مون کي ڏاڍو
خوش ڪيو آهي. جيڪر تون هميشه اهڙوئي هُجين جيئن
هينئر آهين.“
خوشنواز جو حوصلو وڌيو، ”مون کي پنهنجو دين رڳو ان
ڪري عزيز ڪونهي ته اهو منهنجو پنهنجو دين آهي يا
منهنجن اَبن ڏاڏن جو دين آهي، پر مونکي انڪري به
عزيز آهي ته اهو اوهان جو دين آهي ۽ اوهان ان تي
بيمثال قوت اراديءَ سان قائم آهيو.“
گلنار جو ڪومايل منهن ٽِڙي پيو، ”پر جيڪڏهن اهو سڀ
تون ڪنهن غلط اميد جي آسري تي چئي رهيو اهين ته
توکي مايوس ٿيڻو پوندو.“
خوشنواز جو منهن لهي ويو، پر گلنار کيس ڏڍ ڏيندي
چيو، ”تون ديندار ۽ نيڪ نوجوان آهين. مان اهڙن
ماڻهن کي پسند ڪندي آهيان. جيڪڏهن مناسب سمجهين ته
ڪڏهن ڪڏهن ايندوڪر.“
ذيشان گهڻي دير کان پوءِ آيو. خوشنواز کي پنهنجي
لاءِ ترسيل ڏسي خوش ٿيو. کيس چيائين، ” تون ڀلي
سيلوڪيا وڃ. سڀاڻي شام جو وري توکي اچڻو آهي.“ هو
تمام گهڻو ٿڪل ٿي ڏٺو. ”اسان سڀني تي مزدڪيت جي
روپ ۾ هڪ وڏي مصيبت نازل ٿي آهي. مون توکي پهرين
ٻڌايو هوته شايد مون کي ڪول وڃڻو پوي ۽ اتان موبد
اعظم کي پاڻ سان گڏ وٺي اچڻو پوي. بس رڳو اهو ئي
اسان کي مزدڪيت جي مصيبت کان بچائي سگهي ٿو. اهو
فتنو روڪيو نه ويو ته وڏي تباهي ايندي.“
خوشنواز کي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ ڪونه آيون ان ڪري
چپ رهيو. ذيشان ڳالهائيندو رهيو: ”مزدڪ اسان سڀني
جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي آهي. ڇا نالو اٿئي؟
خوشنواز؟ تون پاڻ سوچ ته جيڪڏهن سڀ مانهو برابر ٿي
ويا ۽ اسان ۾ ڪو به ننڍو وڏو ڪونه هوندو ته هن
سماج ۾ بادشاهه، شهزادن، اميرن، موبداعظم ۽ ٻين
ديني اڳواڻن کي ڪير ادب سان ملندو؟ ڪو به نه. اسان
کي پاڻ ۾ گڏجي مزدڪيت کي منهن ڏيڻو آهي. هن وقت
مذهب مجبور آهي ته حڪومت سان گڏجي ان فتني کي
هميشه جي لاءِ چيڀاٽي ڇڏي ۽ حڪومت ان ڳالهه تي
تيار آهي ته هوءَ مذهبي اڳواڻن جي مدد سان مزدڪيت
خلاف هڪ اهڙي رٿا جوڙي ته جيئن هي فتنو وري ڪڏهن
نه جاڳي. مذهب ۽ حڪومت هڪٻئي جا بچاءُ ۽ مددگار
آهن ۽ جيڪڏهن اهوار مزدا ۽ زرتشت چاهيو ته اسين سڀ
ملي ڪري جلد ئي مزدڪيت جي خطرناڪ بدعت کي ختم ڪري
ڇڏايندسين. ٻيءَ حالت ۾اسان جا ايندڙ نَسل ان عذاب
کان ڪنهن به ريت پاڻ بچائي نه سگهندا.“
گلنار پيءَ جون ڳالهيون ٻڌي سڪون محسوس ڪيو. ٻاهر
رٿ تيار بيٺي هئي. پيءَ ۽ ڌي کيس رٿ تائين موڪلائڻ
آيا. خوشنواز حيران هو ته ذيشان سندس ايتري عزت ڇو
پيو ڪري. جڏهن رٿ هلي وئي ته ذيشان گد گد ٿيندي
گلنار کي چيو، ”هي سادو سودو نوجوان معمار آهي، پر
تون ڏسجانءِ ته هن کان هڪ اهڙوشاندار ڪم ورتو
ويندو جيڪو قيامت تائين يادگار رهندو. هي آهي ته
معمار پر هن کان هڪ اهڙي زمين تيار ڪرائي ويندي
جنهن ۾ مزدڪيت جو باغ ٺهندو- هڪ شاندار ۽ يادگار
باغ، جنهن کي مانهو هميشه ياد رکندا.“
آذّر فرونگ جي آسپاس ميلن تائين فوجن کي بيهاريو
ويو هو. انهن حدن ۾ انسانن کي سندن گهرن ۾ قيد ڪيو
ويو. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ تيسفون سخت مصيبت ۾
ڦاسي پيو آهي ۽ ڪو زبردست انقلاب اچڻ وارو آهي.
دجلہ جي اڀرندئين ڪناري تي هيربد ذيشان جي رٿ
خوشنواز جي انتظار ۾ بيٺي هئي. جيئن ئي هو ٻيڙيءَ
تان لهي ڪناري تي آيو ته ڪوچوان اڳيان وڌي آيو ۽
هن کي رٿ ۾ ويهاري آذر فرونگ جو رخ ڪيائين. رستا
سنسان ۽ ويران هئا. چوطرف هٿياربند سپاهي ٿي نظر
آيا. خوشنواز کي ڀو ٿين لڳو. هن ڪوچوان کان ڪارڻ
پڇيو ته هن لاپرواهي ۽ نفرت سان وراڻيو، ”وليعهد
شهزادو خسرو آذر فرونگ جي وڏي هال ۾ اميرن ۽ مذهبي
اڳواڻن جي هڪ مجلس ڪوٺائي آهي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو
ويندو ته شهزادي کي به پنهنجي پيءُ وانگر مزدڪيت
کي قبول ڪرن گهرجي يا نه؟ شهزادو ان بابت موبداعظم
کان صلاح وٺندو.“
خوشنواز چپ رهيو. ان ڏينهن هن کي عمارت ۾ توسيع جو
ڪم ڪرنو ڪونه پيو. کيس ذيشان جي گهر ۾ ترسايو ويو،
جتي هو سڄو ڏينهن بند پيو هو. گلنار به هن کان پري
رهي. البت ڪنهن ڪنهن مهل ذيشان هن وٽ اچي ٿوري
تسلي ڏئي وري هليو ٿي ويو. هو اڪيلو ويٺي ويٺي
ٿڪجي پيو هو. شام جو گلنار هن وٽ آئي ۽ کيس
چيائين، ”مون کي خبر پئي آهي ته توکان ڪو نهايت
وڏو ڪم ورتو پيو وڃي. موبداعظم، شهزادو خسرو ۽
درٻاري امير توکي ان صلي ۾ ڪجهه ڏيڻ چاهيندا، ان
ڪري تون هاڻي ئي سوچي ڇڏ ته تون کانئن ڇا
گهرندين؟“
خوشنواز کي ائين لڳو ڄڻ کيس ماڳ ملي ويو هو. هن جو
من گل وانگر ٽڙي پيو. لهجي ۾ خود اعتمادي ۽ شوخي
اچي ويس. ”مون کان آخر ڪهڙو ڪم ورتو ويندو؟
”اها ته مونکي خبر ڪانهي.“
”پوءِ به ڪو اشارو؟“
”اها ته مونکي خبر ڪانهي.“
”پوءِ به ڪو اشارو.“
”مان ڪجهه نٿي ڄاڻان. پر اها خبر اٿم ته اهو ڪم
تمام غير معمولي آهي ۽ تون ان کي چڱيءَ طرح پورو
ڪري سگهين ٿو.“
”چڱو ڀلا“، هن سوالي نظرن سان گلنار کي تڪيندي
چيو، ”اوهان ئي ٻڌايو ته مان ان ڪم جي صلي ۾ ڇا
گهران؟“
”اهو فيصلو ته خود توکي ڪرڻو آهي. مان ان بابت
ڪابه صلاح نٿي ڏيئي سگهان.“
”آءٌ جيڪا سڀ کان قيمتي شئي گهري سگهان ٿو، اها
فقط هڪڙي آهي.“
”ڪهڙي؟“
”ان بابت هينئر ڪجهه چوڻ مناسب ناهي.“
”پوءِ به مون کي ڪجهه ٻڌاءِ، ٿي سگهي ٿو ته مان
توکي ڪا مناسب صلاح ڏيان.“
”منهنجي انهيءَ وڏي خواهش جي اظهار جي لاءِ سڀ کان
پهرين اوهان کان اجازت وٺڻ ضروري آهي ڇا؟“ خوشنواز
همت ڪري چئي ڏنو.
”يعني؟“
”يعني ته منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خواهش
اوهان جي ذات آهي.“ ائين چوندي هو سڄو پيلو ٿي ويو
۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.
گلنار ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي اُٿي. پاسي ۾ کجور جو لڪڻ
پيو هو، اهو کڻي خوشنواز کي آهستي آهستي مارڻ لڳي
۽ ڪاوڙ ۾ چوندي رهي: ”تون چاپلوسي ۽ ڳالهير هئڻ
سان گڏ بنهه بيعقل، چرٻٽ ۽ ڪند ذهن آهين. ڇا تون
ائين ٿو سمجهين ته پنهنجن خدمتن جي عيوض جيڪڏهن تو
مون کي گهرندين ته مان بخشي وينديس. اهو ڪيئن ٿو
ٿي سگهي؟ منهنجي خواهش ۽ مرضيءَ جي خلاف اهو ٿيڻ
ناممڪن آهي. مان هيربد، مذهبي اڳواڻ جي ڌيءَ ۽ تون
هڪ گهٽ درجي جو معمار، اهو فرق حقيقت آهي ۽ ان
حقيقت کي ڪوبه مٽائي نٿو سگهي.“ خوشنواز کي ته
گلنار جا هلڪا هلڪا ڌڪ سور بدران سرور ڏيئي رهيا
هئا. آخر سزا ختم ٿي ۽ گلنار کيس اٿي بيهڻ جو حڪم
ڏنو. خوشنواز ڊڄندي ڊڄندي اٿيو ۽ اکيون هيٺ ڪري
بيهي رهيو. هن ۾ هاڻي ايتري همت ڪانه هئي جو گلنار
کي آڏين اکين سان ڏسي سگهي. هن جي اها حالت ڏسي
گلنار جي چپن تي مرڪ اچي وئي.
”خبردار جو آئيندي اهڙي ڳالهه ڪئي اٿئي. اسان جي
سماج جي ورڇ اهوارمزدا جي ئي ڪيل آهي ۽ رڳو اهو ئي
ان ۾ ڦيرڦار ڪري سگهي ٿو۽ جيستائين اها ڦير ڦار
نٿي ٿئي، توکي منهنجي خواهش ڪرڻ نه گهرجي.“
خوشنواز گلنار جو مطلب سمجهي نه سگهيو ۽ سادگيءَ
سان کيس تڪيندو رهيو. گلنار جي چپن تي شوخ مرڪ اچي
وئي.
”تون خوش قسمت ضرور آهين ۽ ائين ٿو لڳي ته
اهوارمزدا به توتي مهربان آهي. مان توکي صلاح ٿي
ڏيان ته جڏهن تنهنجي ذمي ڪا غير معمولي خدمت ڪئي
وڃي، ته تون ان جي صلي ۾ هيربد طبقي ۾ داخل ٿيڻ جو
عرض ڪجانءِ. موبداعظم، شهزادي ۽ اميرن تنهنجو اهو
عرض اگهايو ته پوءِ تنهنجي لاءِ هر ڪم سولو ٿي
پوندو.“
خوشنواز جي مئل دل ۾ ساهه پئجي ويو.
رات جو جڏهن هن کي آذر فرونگ جي محل ۾ نيو ويو ته
اتي جو منظر ڏسي خوشنواز هيسجي ويو. وليعهد شهزادو
خسرو ۽ موبداعظ ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ انهن جي اڳيان
پندرهن امير ويٺل هئا. خوشنواز کي ائين لڳو ته هتي
ٿوري دير اڳ ڪو گرما گرم بحث ٿي چڪو آهي ۽ هن کي
ڏسي سڀ چپ ٿي ويا هئا. هيربد هن کي ڏوهارين وانگر
ڪلهن کان جهلي موبداعظم ۽ شهزادي جي اڳيان پيش
ڪيو. موبداعظم شهزادي ۽ حاضرين کي چيو:
”هي نوجوان ديندار معمار، جيڪو سيلوڪيا کان تيسفون
ايندو آهي، سو پنهنجي ڪم ۾ يڪتا ۽ سچو آهي. هيربد
هن کي چڱيءَ طرح جاچيو ۽ پرکيو آهي ۽ ذيشان کي پڪ
آهي ته هي اسان جو ڪم رازداريءَ ۽ سچائيءَ سان
ڪندو. هي سيلوڪيا جو رهاڪو آهي ۽ تيسفون ۾ هن جو
ڪوبه مٽ مائٽ ڪونهي، ان ڪري تيسفون جا شهري هن کي
ڪونه سڃاڻن.“ شهزادي ۽ اميرن جون جسم ۽ روح ۾ پيهي
ويندڙ نظرون هن تي اچي کتيون.
شهزادي ذيشان کان پڇيو: ”توکي پڪ آهي ته هي رازدار
۽ سچو ثابت ٿيندو؟“
ذيشان ادب سان ڪنڌ جهڪائي خوشنواز جي ضمانت ڏني ۽
چيو: ”پر هي بي زبان ۽ ديندار نوجوان اهو ضرور
ڄانڻ چاهيندو ته کيس سندس سچائيءَ، رازداريءَ،
محنت ۽ خدمت جو عيوضو ڪهڙو ملندو؟“
موبداعظم اعلان ڪيو: ”هي جيڪو به عيوضو گهرندو،
اهو عطا ڪيو ويندو.“
ذيشان خوشنواز کان سندس مرضي پڇي. خوشنواز هٻڪندي
وراڻيو: ”خادم کي خدمت جي نوعيت ٻڌائي وڃي. معلوم
ناهي ته هي ناچيز اها سرانجام ڏئي سگهندو يا نه؟“
شهزادي موبداعظم کي اک جي اشاري سان ڪجهه چيو.
موبداعظم ٻڌائڻ لڳو: ”شاهي محل جي پٺيان جيڪو
ميدان آهي ان ۾ ٽي هٿ ڊگهيون، ٽي هٿ ويڪريون ۽
اٽڪل ٽي هٿ اونهيون هزارن جي تعداد ۾ کڏون کوٽڻيون
آهن. ان ڪم جي لاءِ توکي ڪئين سو مزور ڏنا ويندا،
جن کان تون پنهنجي نگرانيءَ ۾ کڏون کوٽائيندين.
کڏن مان نڪرندڙ مِٽي کڏن جي آسپاس ئي پيل هجي. بس
تنهنجو ڪم رڳو ايترو آهي. ها، اهي کڏون تمام سٺيون
۽ هڪجهڙيون هجن.“
خوشنواز آهستي چيو: ”اهو ڪم ته تمام سولو آهي.
يزدان چاهيو ته اهو ڪم اميد کان وڌيڪ سٺو ٿيندو.“
”ان خدمت جي صلي ۾ ڇا وٺڻ پسند ڪندين؟“ موبداعظم
پڇيو.
خوشنواز عرض ڪيو: ”هيربد جي اعليٰ طبقي ۾ داخلا ۽
شموليت.“ ان ڳالهه تي سڀني ڇرڪي نهاريو. موبداعظم
ڪجهه عجيب نظرن سان ذيشان کي ڏٺو، ۽ ذيشان حيرت ۽
پشيمانيءَ وچان خوشنواز کي ڏسندي پنهنجيءَ جاءِ تي
ويهي رهيو. ائين ٿي لڳو ته هو بيحد ٿڪل هو ۽ سندس
پيرن جي طاقت ختم ٿي چڪي هئي.
ڪمري ۾ ڪئين ميڻ بتيون ٻري رهيون هيون. انهن جي
روشنيءَ ۾ ذيشان ۽ خوشنواز فڪرمند ۽ اُداس ويٺا
هئا. ذيشان فڪرمند به هو ته سخت ڪاوڙيل پڻ.
موبداعظم، شهزادي خسروءَ ۽ معزز اميرن خوشنواز کي
ذيشان جي نگرانيءَ ۾ ڏنو هو. ڇاڪاڻ ته هن کي هڪ
نهايت اهم خدمت سرانجام ڏيڻي هئي، انڪري ذيشان
بيوس هو پر تڏهن به خوشنواز جيڪو عيوضو گهُريو هو
تنهن هيربد جي من ۾ باهه ٻاري ڇڏي هئي. هو ڪوشش
ڪندي به پنهنجو جوش لڪائي نه پئي سگهيو. ماٺ ڪري
ڪري نيٺ وسي پيو: ”تو پنهنجي خدمت جي عيوض جيڪي
ڪجهه گهريو آهي، مان ان جو پس منظر ڄاڻن چاهيان
ٿو. مان توکان پڇان ٿو ته آخر توکي هيربد ئي ڇو
ايترو وڻيا آهن؟“ خوشنواز جواب ڏئي ته ڪهڙو! ذيشان
جواب نه ٻڌي ويتر ڀڙڪي اٿيو، ”بيوقوف، توکي اهو به
سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن تون هيربدن ۾ شامل ٿي به
وئين ته به اسين اها ڳالهه دل سان ڪڏهن به قبول نه
ڪنداسين. اسين نيچ درجي جي ماڻهوءَ سان رشتا ناتا
ڪيئن ڳنڍينداسين؟ تون جتي آهين ۽ جيڪي ڪجهه آهين
اتيئي سٺو ٿو لڳين، ۽ اسين جتي آهيون ۽ جيڪي ڪجهه
آهيون اتيئي سٺا ٿا لڳون. اها منهنجي مهرباني آهي
جو توکي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو اٿم، ۽ تو ۾
ايتري همت جو لڳو آهين اسان سان برابري ڪرڻ! ٻُڌ
اي احمق نوجوان! تون چاهي ڪهري به رتبي تي پهچي
وڃين پر تون گلنار کي ڪڏهن به حاصل ڪري نه
سگهندين.“
خوشنواز ذيشان جي لفظن جو سمورو زهر پِي ويو ۽ چُپ
رهيو. ذيشان هن کي تيز نظرن سان گهوريندي ڌڪار مان
چيو: ”مان سڀاني ڪول وڃي رهيو آهيان. ممڪن آهي ته
توکي تنهنجي خدمت جي عيوض دل گهريو مقام ملي وڃي،
پر ان وقت اسين هڪٻئي کان الڳ ٿي وينداسين. ڇو ته
گهٽ ۾ گهٽ مان اهو برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪونه
آهيان. تنهنجو طبقو تولاءِ ۽ اسان جو طبقو اسان
لاءِ آهي. ان ۾ ڪابه ڦيرڦار ٿي نٿي سگهي.“ ذيشان
جون ڳالهيون هن جي هانءُ ۾ وڍ وجهي رهيون هيون.
ٿوري دير ماٺ ڪرڻ بعد ذيشان وري چيو: ”تون؟ ڇا
نالو اٿئي؟ خوشنواز؟ تون سڀاڻي کان پنهنجو ڪم شروع
ڪر. مان سڀاڻي ڪول وڃي رهيو آهيان. مزدڪيت جي کيڏ
ستت ختم ٿيڻ تي آهي. ها، اها ڳالهه ياد رکج ته
جيستائين مان موٽي نه اچان، تون گلنار سان ملي نٿو
سگهين.“
ٻئي ڏينهن ذيشان ڪول روانو ٿي ويو. شهزادي خسرو
خوشنواز کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي محل جي پٺئين پاسي
اها جاءِ ڏيکاري، جتي ٻه سئو مزور سندس انتظار ڪري
رهيا هئا. خوشنواز ڦرتائيءَ ۽ محنت سان پنهنجو ڪم
شروع ڪري ڏنو. کڏن کوٽڻ جو ڪم شروع ٿي ويو. هاڻي
خوشنواز کي پنهنجي ڪم سان ڪم هو. هو مانهن سان گهٽ
ڳالهائيندو هو. آذر فرونگ جي جنهن حصي ۾ ذيشان هن
کي رهائي ويو هو، اهو هيربدن جي گهرن کان ڪجهه پري
هو خوشنواز کي گلنار کان ڌار ڪيو ويو هو ۽ ذيشان
جي ڳالهين هن جي اندر ۾ وڍ ڪري ڇڏيا هئا. هن کي
پنهنجي مستبقل ۾ گهور اوندهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه
به نظر نٿي آيو. ڪيڏي ڪيڏي مهل هن جي دل چاهيو ٿي
ته هو مزدڪي ٿي وڃي. هن جي دل چيو ٿي ته مزدڪيت هن
دور جو عظيم مذهب آهي، اهو طبقن کي نٿو مڃي ۽
انساني مساوات جو علمبردار آهي. پر وري گلنار جي
ڪاوڙ ياد ڪري دل مان اهي خيال ڪڍي ٿي ڇڏيائين.
خوشنواز لڳاتار ڪيترا ڏينهن سيلوڪيا وڃي نه سگهيو.
هن جو ڪم پورو ٿي چڪو هو. پنجاهه پنجاهه کڏن جون
ٻه سئو چاليهه قطارون ٺهي چڪيون هيون. هو هاڻي
بيحد ٿڪجي پيو هو. وليعهد شهزادو خسرو مويداعظم
سان گڏجي اهي کڏون ڏسڻ آيو. ٻارهن هزار کڏون ڏسي
هو ڏاڍو خوش ٿيو۽ خوشنواز کي شاباس ڏيندي چيائين:
”مان توکان ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. تون جلد ئي هتي هڪ
شاندار باغ لڳل ڏسندين.“ پوءِ مويداعظم کي چيائين
”حضرت موبداعظم! مان سفارش ٿو ڪريان ته هن نوجوان
کي هيربدن ۾شامل ٿين جي اجازت ڏني وڃي.“
موبداعظم، ڏاڙهيءَ تان هٿ ڦيريندي، پنهنجن گهاٽين
مڇن ۾ لڪل چپن کي چوريو: ”جيتوڻيڪ زرتشيت ۾ اهڙو
ڪو قانون ڪونهي، جنهن سان هڪ معمار کي هيربدن ۾
داخل ڪري سگهجي، پر هن نوجوان جي غير معمولي محنت
۽ عظيم خدمت کي نظر ۾ رکندي زرتشيت جي بنيادي
اصولن ۾ تبديليءَ جي گنجائش پيدا ڪئي ويندي.“ پوءِ
خوشنواز کي تسلي ڏيندي چيائين: ”جڏهن اهي کڏون
پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺن تڏهن اي نوجوان: تون
اسان وٽ آذر فرونگ ۾ اچج، مان توکي هيربدن ۾ داخل
ڪندس.“
خوشنواز اها ڳالهه ٻڌي خوش ڪونه ٿيو ۽ ان موضوع کي
نظرانداز ڪري ڇڏيائين. هن شهزادي خسروءَ کي عرض
ڪيو: ”عاليقدر شهزادا! هي خادم ڪيترن ڏينهن کان
پنهنجي وطن سيلوڪيا ڪونه ويو آهي، مون کي ٿوري وقت
لاءِ وڃڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي؟“
شهزادي موبداعظم ڏانهن نهاريو. موبداعظم عرض ڪيو:
”ڪو هرج ڪونهي. هن نوجوان کي ڪجهه سپاهين جي
نگرانيءَ ۾ سيلوڪيا وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. پر هن
کي مقدس باهه هٿ ۾ جهلي قسم کڻڻو پوندو ته هتان
وڃڻ کان پوءِ پنهنجي زبان بند رکندو.“ اتي جو اتي
مقدس باهه آندي ويئي ۽ خوشنواز ان کي مٽيءَ ۾رکي
ٻنهي هٿن سان کنيو هن ست ڀيرا رازداريءَ جو قسم
کنيو. شهزادي خسروءَ کيس سيلوڪيا وڃڻ جي اجازت ڏني
۽ ٻه سپاهي ساڻ ڪيا ويا. سپاهين کي حڪم ڏنو ويو ته
جيئن ئي کين معلوم ٿئي ته خوشنواز راز ظاهر ڪيو
آهي تيئن کيس يڪدم ماري ڇڏيو وڃي.
دجلہ جي اوڀر واري ڪناري کان شاهي ٻيڙي خوشنواز کي
ٻن سپاهين سميت کڻي سيلوڪيا رواني ٿي. گهر پهچڻ تي
خوشنواز کي هڪ نهايت منحوس خبر ٻڌائي ويئي. هن جي
گهر جو ننڍڙو آتشڪدو وسامي چڪو هو، جنهن جو مطلب
اهو ٿيو ته هن جي مٿان ڪا زبردست مصيبت نازل ٿيڻ
واري آهي. هو ايترو پريشان ۽ مُنجهي ٿي پيو جو
آتشڪدي جي باهه کي ٻيهر روشن ڪرڻ کان سواءِ ٻن
سپاهين سان گڏ واپس تيسفون موٽي آيو. هن کي خبر
ملي ته ذيشان واپس اچي چڪو آهي ۽ هن سان گڏ ڪول جو
موبداعظم آّذر مهر به آيو آهي. آتشڪدي جي وسامي
وڃڻ جي بدسوڻ سبب هو بيحد پريشان هو. هن ۾ ايتري
همت ڪانه هئي ته ذيشان سان وڃي ملي، پر گلنار کي
ڏسڻ خاطر هن کي ذيشان جي گهر وڃڻو پيو. ذيشان ساڻس
نهايت سٺي نموني پيش آيو، ڄڻ ته هي اهو ذيشان هو
ئي ڪونه جنهن ڪول وڃڻ کان اڳ کيس ڌڪاري ڇڏيو هو.
پر ان کان به وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها هئي ته ان
وقت ارڙهن ورهين جو شهزادو خسرو به اتي موجود هو.
هو ذيشان سان عام نوجوانن وانگر ڪچهري ڪري رهيو
هو، ۽ گلنار به اتي ويٺي هئي. هوءَ خوشنواز کي ڏسي
ڪجهه پريشان ٿي ويئي. شهزادي خوشنواز کي ڏسندي ئي
مرڪي: ”نوجوان معمار! انصاف، جيڪو اهوار مزدا جي
وصف آهي، ان سان توکي ضرور نوازيو ويندو ۽ توکي
وعدي موجب هيربدن جي طبقي ۾ داخل ڪيو ويندو.“
خوشنواز وساميل دل سان جهڪي شهزادي جا ٿورا مڃيا.
شهزادي وري ذيشان کي چيو: ”هيربدن ۾ شامل ڪرن تي
توکي ته ڪو اعتراض ڪونهي؟“
”نه، جڏهن اوهان کي يا حضرت موبداعظم کي ان تي ڪو
اعتراض ڪونهي ته پوءِ مون کي اعتراض ڪيئن ٿو ٿي
سگهي.“ ذيشان آهستي وراڻيو.
شهزادي خوشنواز کي چيو: ”اميد آهي ته سڀاڻي شام
تائين تون هيربدن ۾شامل ٿي ويندين.“ پوءِ شهزادي
گلنار ڏانهن نهاريو ۽ ذيشان کي چيائين: ”اڄ درٻار
۾ جيڪو تماشو ٿيندو اهو ڏسڻ جي لاءِ گلنار کي به
پاڻ سان گڏ وٺي اچجو.“ خوشنواز کي ڪي پرون پئجي
ويا ۽ هو ڊڄي ويو.
”ضرور، شهزادي جي خواهش جي تعميل ٿيندي.“ ذيشان
وراڻيو.
”۽ تون معمار!“ شهزادي خوشنواز کي چيو: ”تون به
اچج ۽ پنهنجي محنت جو ايترو تڪڙو ڦل اچي ڏسج.“ وري
ذيشان کي حڪم ڏنائين: ”هن کي پاڻ سان گڏ وٺي اچج.“
جڏهن شهزادو هليو ويو تڏهن ذيشان خوشنواز کي چيو:
”شهزادو تنهنجي خدمت مان ڏاڍو خوش ٿيو آهي.“ وري
ڪجهه سوچي پاڻ ئي مرڪڻ لڳو. ”۽ اڄ آءٌ به ڏاڍو خوش
آهيان. اي آذرخش (مقدس باهه) آءٌ ڪهڙي زبان سان
تنهنجا ٿورا مڃان.... تو مون تان هڪ وڏو بار لاهي
مون کي هلڪو ڪري ڇڏيو آهي.“ هن اوچتو خوشيءَ ۾ وٺي
رڙ ڪئي. ”هاڻي مان پاڻ کي ايترو ته هلڪو ٿومحسوس
ڪريان جو چاهيان ته اُڏامي به سگهان ٿو.“ هن گلنار
ڏانهن نهاروي ۽ کيس مبارڪون ڏينون: ”اهوار مزدا
جيڪي به ڪري ٿو سو بهتر ٿو ڪري. نرسي ويو ته هن جي
وٺڻ جي لاءِ شهزادو تيار ٿيو آهي ۽ اها منهنجيءَ ۽
تنهنجيءَ دينداريءَ ۽ آذر پرستيءَ جو انعام آهي.
او.... مان ڪيڏو نه هلڪو ٿي ويو آهيان... هوا کان
به هلڪو...“ |