مخاطب ٿيندي، خليفي چيو ته ”سياست هڪ اهڙو پراسرار
فن آهي، جنهن جي متعلق ڪنهن به شخص کي پوري ڄاڻ
ڪانهي. سياست جي ڪيترن ئي مختلف اسرارن منجهان هڪ
اهو به آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وقت به ماري مات ڪيل
قوم ۾ ڪو شاعر پيدا ٿئي. تڏهن اهو پنهنجي شعرن
ذريعي ماڻهن کي اڀاريندو آهي، ۽ انهن فاتحن جي
خلاف پنهنجي وڏڙن جي خون جي بدلي وٺڻ لاءِ عَلَم
بغاوت بلند ڪرائڻ هن لاءِ هڪ سولو ۽ آسان ڪم هوندو
آهي. اهڙيءَ طرح سان غالب قوم مغلوب ٿي سگهي ٿي
لهٰذا انهيءَ نوجوان جو قتل انهيءَ مصلحت هيٺ هو.“
ڇا اهڙو ڪو مانهو هوندو، جومامون جي سوانح عمريءَ
جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ اهو سوچي سگهندو هجي ته
ڪڏهن اهڙو واقعو به هن کان سرزد ٿي ٿي سگهيو؟ اهو
مامون جنهن جي ماءُ خالص ايراني هئي ۽ جيڪو
ايرانين جي تربيت ورتل هيو، جنهن ڏينهن رات
ايرانين سان رهاڻيون پئي ڪيون، جيڪو فارسي ڪتابن
جو مطالعو ڪندو هو، جيڪو پنهنجي انفراديت ۽ پنهنجي
انهيءَ نانيءَ ويڙهي منجهه رهندي، پنهنجن سان اهڙي
غداري ڪري؟ تنهنڪري مسٽر ايراني سواءِ ڪنهن دليل
پيش ڪرڻ جي چئي ٿو ڏئي ته ”اهو قصو عرب سلاطين جي
ذهنيت ڏيکاري ٿو.“ جڏهن ته انهيءَ منجهان صاف ظاهر
ٿئي ٿو ته اهو سمورو قصو اهڙي شخص جو گهڙيل آهي،
جيڪو ان ثابت ڪرڻ واري وٺ-پڄان ۾ لڳل آهي، ته
ڪهريءَ طرح سان به عرب سلاطين جي باري ۾ اهو ثابت
ڪري ڏيکار جي ته اهي فارس جي ادبيات کي ساڙڻ جا
ذميوار آهن، نه صرف اهو بلڪ انهن هر نئين اڀرندڙ
رجحان کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهندي پئي دٻايو.
عباس مرويءَ جو ذڪر ڪنهن عرب مصنف نه ڪيو آهي.
سندس ذڪر جيڪڏهن ڪنهن ڪيو آهي، ته پهريون دفعو
فارسي نظمن جي ڪتاب نالي ”لباب الالباب“ ۾ عوفيءَ
مدون ڪيو آهي.
انهيءَ ڪتاب جي پهرين جلد جي صفحي 21 تي لکيل آهي
ته ”سنه 193هه ۾ (تاريخ تي ذرا غور ڪجو!) جڏهن
مامون مرو ۾ داخل ٿيو، تڏهن عباس نالي هڪ عالم،
جيڪو عربي ۽ فارسي ٻنهي زبانن ۾ قدرت رکندڙ هو،
تنهن هڪ قصيدو مامون جي شان ۾ لکيو. مامون ايترو
ته خوش ٿيو جو ايراني صاحب جي قول جي خلاف، کيس
قتل ته نه ڪيو ويو، بلڪ کيس هڪ هزار اشرفين کان
سواءِ، ٻيا به ڪيترا انعام اڪرام ڏنا ويا. هي
واقعو جيڪو عباس مروي نالي عالم بابت ٿي گذريو،
تنهن بابت ڪازيمرسڪي، برائون ۽ فارسي زبان جي سڀ
کان مٿاهين ۽ زنده عالم، مرزا محمد بن عبدالوهاب
قزوينيءَ (ڏسو سندس مقاله بيست جو صفحو 26) ۽ اهڙن
ٻين ڪيترن جڳ مشهور استادن انهن شعرن بابت ٻڌايو
آهي ته جيڪي ڪجهه هن ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي، سو
گهڙيل ۽ جعلي آهي، انهيءَ ڪري به جو سندس فارسي
عبارت انهن قديم ترين نطمن سان مطابقت نٿي رکي،
جيڪا اسان تائين پهتي آهي.
مسٽر ايرانيءَ عربن کي قديم ادبيات کي نيست ۽
نابود ڪرڻ لاءِ اهڙا اهڙا جُڙتو دليل ڏنا آهن،
جيڪي هر طرح سان غلط آهن. جيئن ته اسان ثابت ڪري
چڪا آهيون ته عرب نه صرف ايراني ادب کي برباد ڪرڻ
جا ذميوار ناهن، بلڪ هاڻي اهو به ٻڌائڻ ٿا گهرون
ته ذري گهٽ سمورو موجوده پهلوي ادب، خلفاءَ بني
عباس جي ابتدائي دور منجهه ئي وجود ۾ آيو. انهيءَ
کان سواءِ عربن ته پاڻ ايراني ادب کي همٿايو آهي.
جيئن ته فارس جي عربي عالمن کي خاص تربيت ڏني
ويئي، جن پهلوي دور جي ڪتابن کي ترجمو ڪري عربيءَ
۾ آندو. اهڙيءَ طرح سان پاڻ فارسي ادب ڪيتري حد
تائين محفوظ ڪيو ويو.
بيجرم عشق تو ام ميکشندو غوغائيست،
تو نيز برسر بام آ که خوش تماشائيست.
فارسي ادب سان عربن جي دلچسپي.
اسان هن کان اڳ اهو بيان ڪري چڪاسين ته وسٽ، جيڪو
ايراني معاملات تي بهترين سَند آهي، تنهن جي قول
موجب پهلوي ڪتاب، جيئن ته دينڪرت، بنڌش ۽ ارتادراف
وغيره، سي سڀئي اسلامي شباب واري دور، يعني نائين
صديءَ عيسويءَ ۾ مدون ٿيا. انهيءَ دور ۾ زر تشتين
کي عبادت ڪرڻ جي هرڪا آزادي ڏني ويئي هئي، کين
روزمره جي مشغولين ۾ مصروف رهڻ ۽ پنهنجي توجہ کي
ادبي لاڙن ڏانهن لاڙڻ لاءِ امن و امان حاصل هو.
اهو الزام ته مسلمانن سندن آتشڪدا ختم ڪري ڇڏيا،
تنهن جي ترديد هڪ مورخ ڪبيرالمسعودي (المتوفي في
سنه 956ع) جي ڪتاب مروج الذهب منجهان ٿئي ٿي، جنهن
۾ هن فارس ۽ وچ ايشيا جي سڀني مشهور آتشڪدن جي
سهڻي ۽ نمايان تصوير ڪڍي آهي، جيڪي سندس زماني
تائين روشن هئا. (ڏسو جلد چوٿون صفحات 75-76). ها
جيڪڏهن ڪنهن متعصب شخص طرفان ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه
واقعات اهڙي قسم جا رونما ٿيا هجن، ته پوءِ اها ٻي
ڳالهه آهي.
عرب سلاطين زرتشتي ادبيات کي نابود ڪرڻ بجاءِ،
ايراني تاريخ سان خاص دلچسپي رکندا هئا. انهيءَ
دلچسپيءَ جو تاريخي ثبوت حضرت معاويه رضه جي عهد
(سن 661-680ع مطابق سن 40-60هه منجهان لڳائي سگهون
ٿا. هُن عابد بن شريہ الجهرمي اليمني (جيڪو رسول
اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي حياتي ۾ ئي پيدا ٿيو ۽
عبدالملڪ جي عهد خلافت يعني 685- 692ع. تائين زنده
رهيو هو.) کي قديم ايراني ۽ عرب بادشاهن جي تاريخ
بيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي دربار ۾ گهرايو هو. انهن
واقعن کي حضرت معاويه جي فرمان جي مطابق شايد ڪتاب
الملوڪ و اخبار الماضيين منجهه درج ڪيو ويو آهي
(ڏسو الفهرست صفحو 89).
هشيم بن عديءَ (المتوفي في سن 207هه) ”تاريخ العجم
و بني اميه“ نالي ڪتاب تاليف ڪيو (ڏسو الفهرست ص
99). ابو عبيده، مامر المثينہ (المتوفي في 210هه)
پڻ ايراني تاريخ تي هڪ ڪتاب لکيو (ڏسو التنبيہ و
الاشراف صفحو 237). المدايني (المتوفي في 225هه).
93 سالن جي ڄمار ۾ ايران تي ڪتاب لکيا، جن منجهان
هڪ آهي ’ڪتاب فارس‘، (الفهرست صفحو 103). مسعودي
لکي ٿو ته سن 302هه ۾ هُن استخر جي هڪ شريف خاندان
وٽ هڪ ڪتاب ڏٺو، جيڪو ايرانين جي تاريخ، انهن جي
علوم، سندن بادشاهن، سندن شانائتين عمارتن، سندن
طرز حڪومت ۽ ٻئي ان قسم جي تفصيلات تي مشتمل هو،
جيڪو ’خداي نامہ‘، ’آئين نامہ‘، ’ڪهن نامہ‘ ۽ ٻين
ڪتابن ۾ (جن کي هن مذهبي وڏڙن وٽ ڏٺو هو) به موجود
نه هو. انهيءَ ڪتاب منجهه پنجويهه ساساني بادشاهن
۽ ٻن راڻين جي پڄاڻيءَ واري وقت جون رنگين تصويرون
هيون. اهو ڪتاب شاهِ ايران جي ڪتبخانن ۾ ٻين ڪتابن
سان گڏ موجود هو. (جنهن منجهان ظاهر ٿيو ته اهي
ڪتبخانه انهيءَ زماني تائين موجود هئا، جنهن جو
ترجمو 15-جمادي الثاني سن 113هه تي هشام بن
عبدالملڪ لاءِ عربيءَ ۾ ڪيو ويو. پوري تفصيل لاءِ
ڏسو التنبيہ والاشراف صفحو 106)
افسوس اهو آهي ته زماني جي گردش ۽ طوفاني انقلابات
جو مقابلو جيڪو عربي ادب کي ڪرڻو پيو آهي، تنهن
منجهه اهي سمورا ڪتاب نابود ٿي ويا آهن. تنهن
هوندي به طبري، همزه، بلاذري، يعقوبي ۽ مسعودي
جهڙن قديم ترين مورخين ڪافي ذخيرو اسان لاءِ ڇڏيو
آهي. انهن ڪتابن منجهان اسان اهو اندازو لڳائي ٿا
سگهون ته مسلمان عالمن زرتشتي روايتن ۽ ادبيات کي
سانڍي رکڻ ۾ ڪيتريقدر نه محنت ۽ محبت کان ڪم ورتو
آهي. ابن المقفہ ۽ ٻين عالمن جيڪي ترجما عباسي
خليفن ۽ برامڪہ جي وزيرن لاءِ ڪيا آهن، تن کي ڳڻڻ
سان مانهو حيرت ۾ پئجي ٿو وڃي. اهي حضرات جيڪي
گهرن ٿا ته انهن بابت ڪا وڌيڪ معلومات حاصل ڪن، تن
کي کپي ته ابنِ نديم جي ”فهرست“ ۽ علامه شبليءَ
مرحوم جي ترجمن جو مطالعو ڪن.
هونءَ ته اصل ۾ زرتشتي مذهب انهن مصنفن لاءِ هڪ
سربستو راز هو، ليڪن ايراني موبدن سان سندن
دوستانه ڳانڍاپن هئڻ ڪري، اسان لاءِ معلومات جا
مفيد ذخيرا مهيا ڪري ويا آهن. همزه اصفهاني جي
تاريخ صفحي 64 تي هڪ ضمني حوالو موجود آهي، جنهن
منجهان پتو پوي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ”اوستا“ جي ڪنهن
حصي جو ترجمو عربيءَ ۾ ٿيو آهي، تنهنڪري زرتشتي
مذهب ۽ سندس تاريخ متعلق سڀئي اهم ڪتاب ڏهين صديءَ
عيسويءَ تائين دستياب ٿي سگهيا آهن. هاڻي انهن جي
آهستي آهستي غائب ٿي وڃڻ جي ذميواري، خود زرتشتي
موبدن تي ۽ سن 1258ع ۾ ايل چنگيز ۽هلاڪوءَ جي
خونريز سيلاب تي عائد ٿئي ٿي، جن اسلام جي رهيل
کهيل ساک به ٻوڙي ڇڏي. ۽ بغداد جا ڪتبخانا به ختم
ڪري ڇڏيا.
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائي
”ديوان گل“ جي جوڙيندڙ مرحوم خليفي گل محمد ”گل“
هالائيءَ جي زندگيءَ جو احوال، جيئن ته آڳاٽن
تذڪره نويسن جي بيپرواهيءَ سبب مرتب نه ٿيو،
تنهنڪري سندس مڪمل ۽ مفصل احوال ڪٿان به ڪونه ٿو
ملي. البت ويجهڙائيءَ واري زماني جي ڪن اديبن سندس
مختصر ذڪر ڪيو آهي، جهڙوڪ شمس العلماء مرزا قليچ
بيگ ”جواهر نظم“ ۾ ۽ قاصي عبدالغفور هالائيءَ
پنهنجي مرتب ڪيل ديوان جي منڍ ۾، سليم هالائيءَ
”تذڪره شعراء هالا“ ۾، لطف الله بدويءَ ”تذڪره
لطفيءَ“ ۾ وغيره. پر سڀني پوين ليکڪن، سندس مختصر
حياتيءَ جو احوال، مرزا قليچ بيگ مرحوم جي ڪتاب
”جواهر نظم“ تان ئي ورتو آهي.
حياتيءَ جو احوال:
خليفو مرحوم، هالن پراڻن ضلعي حيدرآباد جي سانوڻي
آخوندن جي گهراني مان هو. عام طرح سندس خاندان مان
سڀ پڙهيل، درويش ۽ فيض وارا هوندا هئا ۽ علم جو
وٽن گهڻو چرچو هوندو هو، انهيءَ ڪري ڪيترائي طالب
العلم وٽائن فيض پرائي عالم ۽ خدارسيده ٿي ويا.
اهو ڏسي ڪنهن ڪامل بزرگ چين ته، ”اوهان جي علم جي
پالوٽ سانوڻ جي مينهن وانگر آهي، جا ڪنهن کي به
نااميد نٿي ڪري.“ ان کان پوءِ مٿن ”سانوڻي ملا يا
آخوند“ نالو پئجي ويو. اهو آهي مٿن ”سانوڻي ملا“
نالي پوڻ جو سبب. اصل ۾ سندن وڏا حضرت عليءَ جي
ڀاءُ حضرت عقيل جي خاندان مان آهن. سندن وڏو ڏاڏو
محمد متين پهريائين دهليءَ ۾ آيو، جتان 900 هجريءَ
۾ لڏي سنڌ ۾ايو. محمد متين جي خاندان جو هڪ فرد
ٺٽي ۾ وڃي رهيو، جو پوءِ عقيلي خاندان جي نالي سان
سڏيو ويو. بلند پايي اديب ۽ مشهور شاعر الله بخش
”سرشار“ عقلي مرحوم ان خاندان مان هو. محمد متين
جي خاندان مان آخوند ولي محمد گهڻو مشهور هو، جو
هالن پراڻن ۾ اچي رهيو. کيس ٽي پُٽ هئا: خليفو گل
محمد، شفيع محمد ۽ محمد.
پاڻ ڪنگريءَ واري پير صاحب پاڳاري حضرت پير علي
گوهر شاهه اول متخلص اصغر
جو مريد هو، جتان روحاني منزلن کي طئي ڪرڻ ڪري
خلافت جي پڳ مليس. انهيءَ ڪري کيس خليفو سڏيندا
هئا اهو خلافت جو سلسلو اڃا تائين سندن پوين ۾
هليو اچي. مرشدن وٽ خليفي صاحب جي گهڻي عزت هوندي
هئي، انهيءَ ڪري مريدن وٽ به کيس گهڻو مانُ ملندو
هو. ڪيترائي پنهنجا مريد به هوندا هئس. انکان
سواءِ ڪيترائي طالب العلم به کانئس درس وٺندا هئا.
عربيءَ ۽ فارسيءَ جي عالم فاضل هجڻ سان گڏ متقي ۽
پرهيزگار به هو ۽ گهڻو وقت ذڪر ۽ فڪر ۾ گذاريندو
هو.
سنه 1226هه (1811ع) ۾ سندس ولادت ٿي. سندس حياتيءَ
بابت وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، البته ايترو معلوم
ٿئي ٿو ته پنهنجو ڪجهه وقت طالب العلمن کي پڙهائڻ
۾ گذاريندو هو. خلافت ۽ مريدي ڪري سندس لهه وچڙ
شهري مانهن جي بنسبت ٻهراڙيءَ وارن مانهن سان گهڻي
هوندي هئي. انهيءَ ڪري ٻهراڙي جا نج سنڌي لفظ ۽
اصطلاح پنهنجي ديوان ۾ گهڻا ڪتب آندا اٿس. گهڻو
وقت پير پاڳاري صاحب جي فرائض (سيڪڙ) وصول ڪرن ۾
گذاريندو هو. ڳوٺ کيبرن تعلقي هالن ۾ گهڻو وقت
گذرندو هوس.
مجازي عشق جي چڻنگ چولي ۾ به اتان ئي پيس، جنهن
مان حقيقي عشق جو رستو ورتائين. پڇاڙيءَ وارن
ڏينهن ۾ حرمين شريفين جي زيارت جي اڪير ٿيس.
انهيءَ خيال سان بمبئي آيو، جتي پنهنجو ديوان لٿو
۾ ڇپايائين. اتان عربستان شريف روانو ٿيو، جتي
وفات ڪيائين. سندس وفات جي سن ۾ اختلاف آهي. قاضي
عبدالغفور صاحب 1272هه لکيو آهي. ڊاڪٽر محمد
ابراهيم صاحب خليل 1273هه ڄاڻايو آهي. خانبهادر
محمد صديق صاحب ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي
تاريخ“ ڀاڱو پهريون صفحه 304 تي 1173هه برابر
1857ع ۽ ڀاڱي ٻئي صفحي 189 تي سندس وفات جي تاريخ
1272هه برابر 1855ع ڏيکاري آهي. مرحوم لطف الله
بدوي تذڪره لطفي جلد 3، صفحي 418 تي 1856ع ڏيکاريو
آهي. ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ واري پڌري ڪيل
”ديوان گل“ جي شرح جي مهاڳ ۾ وري سڀني کان الٽي
ڳالهه لکي ويئي آهي. لکيو ويو آهي ته ”ديوان گل“
اوائلي خود مصنف آوخوند گل محمد 1858ع ۾ حج تان
موٽندي بمبئيءَ منجهه ڇپائي پڌرو ڪيو.“ هن مان
ائين معلوم ٿئي ٿو ته آخوند مرحوم عربستان ۾ وفات
نه ڪئي، پر اتان موٽي اچي بمبئيءَ ۾ ديوان گل
ڇپايائين. حقيقت ۾ صحيح تاريخ جي ڪسوٽي آهي ”ديوان
گل“ جو اوائلي ڇاپو، جو هينئر منهنجي آڏو آهي. ان
اوائلي ڇاپي جي مهڙ جي 12 صفحن کان پوءِ ديوان جي
متن جي پهرين صفحي تي ديوان گل جي شايع ٿيڻ جي
تاريخ هن طرح ڄاڻايل آهي:
”سعي سين جوڙيندڙ ڪتاب جي ساڻ خط فقير حقير حافظ
عثمان جي منجهه ڪارخاني محمد حسين پٽ محمد سليم جي
منجهه بندر بمبئيءَ جي ڇاپيو. تاريخ 7 مهيني
جمادالثاني سنه 1275 هجريه معليٰ.“
هن مان معلوم ٿيندو ته ”ديوان گل“ بمبئيءَ ۾ پاڻ
آخوند صاحب 7- جمادالثاني 1275هه ۾ ڇپايو. ان کان
سواءِ ديوان ۾ ٻين ڪيترن هنڌن تي پڻ 1275هه. سن
ڄاڻايل آهي. مهاڳ جي پڇاڙيءَ ۾ صفحي 11 تي ڏيکاريل
آهي:
”تاريخ سنڌي منجهه ورهه ڇپجڻ ديوان گل جي سنه
1275هه
قطعہ
ٿئو جڏهن ديوان گل پورو کلي،
سڀ ڏسي چئو آهي وه وه خوب خوب.
محمدي مطبع ۾ پوءِ محمد حسين،
ڇپئو چتئو آهي وه وه خوب خوب.
ورهه ڇاپڻ جو پڇئم دل کان درست،
چيائين چئو آهي وه وه خوب خوب.
لکيل گل محمد، جوڙيندڙ ڪتاب جو عفي عنہ.
ديوان جي پڇاڙيءَ ۾ صفحي 85 کان تاريخون شروع ٿين
ٿيون. انهن ۾ به سن 1275هه ڄاڻايل آهي. ان مان صاف
ثابت ٿئي ٿو ته ديوان گل، گل مرحوم پاڻ 1275هه ۾
ڇپايو. هريسنگ جي ڇپايل ديوان گل جي پڇاڙيءَ ۾ به
تاريخن وارا ڪجهه شعر آيل آهن، جن ۾ 1275هه ڄاڻايل
آهي.
گل مرحوم جي پنهنجي ڇپايل ديوان ۾ ڪن هنڌ 1275هه ۽
1272هه سن به لکيو ويو آهي. ان مان ائين ٿو ڀانئجي
ته گل مرحوم 1271هه ۾ ديوان لکي پورو ڪيو ۽ ان سن
جي هڪ-اڌ تاريخ به لکي ڇڏي. ان کان پوءِ 1272هه ۾
انکي چڱيءَ طرح نظر مان ڪڍي ان سن جون ڪيتريون
تاريخون جوڙي ڇڏيون. تنهن کان پوءِ 1275هه ۾ حج تي
ويندي بمبئيءَ ۾ ديوان ڇپايائين. ديوان جي پڇاڙيءَ
۾ ڪاتب محمد عثمان جيڪا پنهنجي فارسي قطع تاريخ
ڏني آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته 7- جمادالثاني تي
آخوند مرحوم ديوان بلڪل پورو ڪيو ۽ 3- شعبان تي
ڪاتب پريس لاءِ ڪاپي تيار ڪئي. اها قطع تاريخ هي
آهي:
بشہ اتمام از مسڪين عثمان،
بتاريخ سيوم از ماه شعبان.
ڪدام سال پرسي هوش خرد ڪن،
شمردن نيڪ از باغِ عرب ڪن.
هن مان صاف ثابت ٿئي ٿو ته سندس وفات جو سن به
1275هه (1858ع) ئي آهي، ڇاڪاڻ جو سندس وفات حج تي
ٿي. حج تان موٽي اچي ديوان ڇپائڻ صريحاً غلط آهي،
جيڪڏهن ائين هجي ها ته حج بابت ڪجهه اشارا ديوان ۾
ملن ها.
گل مرحوم کي به پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون، جن مان هڪ
پٽ سندس حياتيءَ ۾ گذاري ويو هو. باقي سندس وڏو پٽ
خليفو احمد سندس وفات کان پوءِ گهڻو وقت زنده
رهيو. کيس نرينو اولاد ڪونه ٿيو.
علمي لياقت:
خليفي مرحوم کي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪافي دسترس حاصل
هئي. فارسي شعر به چيو اٿس، جو سنجيدو آهي. تذڪره
لطفي (ص 424) جي صاحب، پير محمد اشرف جي فرزند
غلام غوث جي شهادت جي واقعي تي گل مرحوم جو فارسي
شعر ڏنو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو:
او غلام غوث آل حضرت غوث زمان،
ابن صالح پير محمد اشرف آن قطب زمان.
بود آن نوباده بستان معنيٰ دلڪشا،
پس پذيرا در قلوب خلق چون در جسم و جان.
رشڪ ميبردند بروي دشمنان اهل قريش،
از حسد و ز بغض طينت بود ڪايشان را نهان.
روز عيد انور ميان شهر راج تالپور،
بغض حال حاسدان در گفتگو گشته عيان.
در جوارحا شهر بر آن دوست حق باران تيغ،
در رسيده از قضائي آسماني ناگهان.
چون امام پاڪ حضرت سيد الشهداء حسن،
ڪشته شد آن بيگنه از دست ظلم ظالمان.
بين ڪرم آبش ڪه چون برقتل اعدا دست يافت،
عفو ڪرد از بهر حق خون ذبيح بي گمان.
اي خوشا منصب پدر ڪو بر رضا مشڪور ماند،
در اجر اعليٰ عفو اصلح بدست آورد آن.
جسم از دل ماهيت سال شهادت وي ڪه چون است،
گفت اي گل ڪه ”ابن شهيد ڪربلا مقتول دان.“
(1254هه)
سندس اوائلي ڇاپي جي پڇاڙيءَ ۾ به چند فارسي شعر ۽
تاريخون ڏنل آهن. مثال طور هڪ قطع تاريخ هيٺ ڏجي
ٿي:
منظور شد چو چند غزل در زبان سند،
برجمله صرف ڪشته ڪل ز نظمش تاريخ گل بگفت،
ديوان گل بر آمد از گلشن نظام.
ٿي سگهي ٿو ته ان کان سواءِ سندس ٻيو به ڪو فارسي
شعر هجي، پر اهو اسان تائين نه پهتو آهي. گل مرحوم
اردو ۽ هنديءَ کان به واقف هو. اردوءَ ۾ به ديوان
پوري ٿيڻ جون تاريخون چيون اٿس. مثال طور هڪ بيت
هيٺ ڏجي ٿو:
جب که ديوان گل بنا گل خوب،
سندهي بولي مين وه اچها گل خوب.
ان کي تاريخ مين کها گل ني،
گلشن – علم کا کهلا گل خوب.
پر ديوان گل کان سواءِ اردوءَ ۾ ٻي ڪابه سندس
تصنيف معلوم نه ٿي آهي.
ديوان گل جو اوائلي ڇاپو:
”ديوان گل“ جو پهريون ڇاپو بمبئيءَ مان پاڻ
ڇپايائين. ڇپائڻ جي سن بابت مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي،
باقي سندس مهاڳ، جيڪو آخوند مرحوم جو لکيل اهي ۽
سندس صورتخطيءَ تي روشني وجهي ٿو، هيٺ ڏجي ٿو.
ديوان جي منڍ جو عنوان، فارسيءَ جي هيءَ سٽ آهي:
”قانون شناخت حروف سندهي و فارسي و عربي“
سنڌيءَ ۾ وري ان مفهوم لاءِ لفظ ”چٽائي“ لکيو اٿس،
جو ٺيٺ سنڌي آهي ۽ نهايت موزون لڳي ٿو. ”چٽائيءَ“
جو مضمون هن طرح شروع ٿئي ٿو:
”منجهه پروڙ اکرن سنڌي ۽ فارسي ۽ عربي جي ته،
ڪيترا سنڌي آهين ۽ ڪيترا فارسي ۽ ڪيترا عربي ۽ اکر
سنڌي ۽ فارسي منجهان ڪهڙا اکر عربي نڪتا آهن.“
هيٺ هلي آخوند مرحوم انهيءَ موصوع کي سمجهائڻ لاءِ
انکي يارهن ننڍن بابن ۾ ورهايو آهي، هر هڪ کي”واٽ“
سڏيو اٿس. واٽ پهرينءَ ۾ سنڌي اکرن جي صورتخطيءَ
بابت هن طرح رقمطراز آهي:
”اکر سنڌي منجهه ڪتابن اڳين سنڌيءَ ٻيءَ طرح آندا
اٿن ۽ منجهه فردي ڇاپيل سرڪاري انگريزيءَ جي ٻيءَ
طرح ۽ پوءِ ٽي اکر واري موافق سنڌي مخدوم محمد
هاشم عليہ الرحمت جي ٿا لکن. هڪڙي جهي (جهه) ٻي ٺي
(ٺ) ٽئو گهاف (گهه)! مٿان ان جي وقف لاهي ڇڏيو اٿن
۽ هي ”هوز“ جي اڳيان اکر جي ٿا لکن، ان کي اعراب
ڪانه ٿا ڏين. پوءِ ايءَ هي منجهه لکڻ آهي ۽ پڙهڻ
ڪانه ۽ ٺي کي ٽٻڪاهيٺ مٿي ٿا ڏين ۽ منجهه فردي
سرڪاريءَ اکر مڙيئي ويهه آهن، ٻ، ڀ، ٺ، ٽ، ٿ، جهه،
ڄ، ڃ، ڇ، ڊ، ڍ، ڌ، ڏ، ڙ، ڦ، ک، گهه، ڳ، ڱ، ڻ ۽ ڙهي
ٿلهي ۽ لهام ۽ نهون ٿلهو موران ڪونه آندو اٿن ۽ ان
کي جهي (جهه) ۽ گهاف (گهه) جيئن هي هوز جي اڳيان
ٿا لکن، جهڙو پڙهڻ ڳالهه ۽ سنهون پر اي جيڪڏهن
منجهه پوئين اکر ايندا ته ڪين ٺهندا (حاشيءَ ۾:
جهين ته، منجهه شعر بيت قافيو کاريندا) ۽ منجهه
تاريخ انگ وڌائيندا جهڙو پره ۽ ڳلہ. نهون منجهه وچ
اکرن جي ٿو اچي ۽ منجهه پول ڪين. پرڀ هڪڙي اکر ۾
اکر ٻيو وڌا ٿو ٿئي. انهيءَ سببان ان ٽن اکرن ۽
جهي ۽ گهاف منجهان اکر هي جو ڪڍي مٿي چوٽيءَ اکر
جي لکئو ٿئو ته اکر پ سلامت رهي ۽ ساڻ هن نشانيءَ
سنهائيءَ ۽ ٿلهائي ٻوليءَ جي پ پڌري هوئي مثال
پنجن جو ڌار لکئو ٿئو:
انگ اکر
نالا مثال
1. ج هه (جهه) جيم جي مٿان هي) جهي
جهڪ
2. ر هه (ڙهه) ر جي مٿان هي)
ڙهي پڙهه
3. گ هه (گهه) گ جي مٿان هي) گهاف
(گهي) گهوڙو
4. ل هه (لهام (ل جي مٿان هي) لهام
للهو.
5. ن هه (نهون) (نون جي مٿان هي) نهون
سنهون
۽ پروڙ ان اکر ۽ ٻين اکرن سنڌيءَ جي منجهه ديوان
گل جو هن فقير گل محمد نالي سانوڻي رهندڙ ڳوٺ هالن
پراڻن جي مٿي مڙني اکرن سنڌي ۽ فارسي ۽ عربي نئون
ٺهائيو آهي پڌري آهي ۽ ٻئا اکر ان ۾موافق مٿي فردي
ڇپايل سرڪاري آهين ۽ اڳ پوءِ لکڻ اکرن جي برابر
مٿي جنس اکرن جي آندي ٿي ۽ اکر ”نهون“ جي مٿي غزل
ڪونهي جيئن ته اي منجهه پول نٿو اچي.
قطعہ
”ڏسي جيڪو چٽائي هن کي چيئي،
ڪري انصاف دل لائي پروڙي،
حقيقت آهه منجهه ديوان ساري،
ڏسي ات پوءِ وڻس جهوري ڪ جوڙي“.
ان کان پوءِ واٽ ٻي، ٽين، چوٿين، پنجين، ڇهين،
ستين ۽ اٺين ۾ سنڌي، عربي ۽ فارسي اکرن تي بحث ڪري
۽ انهن جا جدا جدا چارٽ ڏيئي، واٽ نائينءَ ۾
پنهنجي ديوان لاءِ نئين ٺاهيل الف – بي جو چارٽ
ڏنو اٿس، جو 55 اکرن تي مشتمل آهي. سندس چارٽ موجب
الف – بي هن طرح بيهي ٿي:
”ا ب ٻ پ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث ج ج هه (جهه) جيم جي مٿان
هه)، ڄ ڃ چ ڇ ح خ د ڊ ڍ ڌ ڏ (ڏ) دال جي مٿان ث
وارا ٽي نقطا)، ذ ر ڙهه (ڙهه) ر جي مٿان هه)، ڙ ز
ز (ر جي مٿان ث وانگر ٽي نقطا) س ش ص ض ط ظ ع غ ف
ڦ ق ڪ ک گ گ هه (گهه) (گ جي مٿان هه) ڳ ڱ ل ل
هه(لهه) لام جي مٿان هه)، م ن ن هه (نهه) ن جي
مٿان هه)، ڻ و هه ي:“
سندس ديوان به انهيءَ صورتخطيءَ ۾ اهي. تنهن کان
سواءِ هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ الف مٿان،الف ڊگهي لاءِ
جيڪا مد هوندي آهي،ان جي بدران ديوان ۾ الف مٿان
ٻيوالف ڏنل آهي. سندس صورتخطيءَ واري چارٽ ۾ ”ء“
ڪونهي. ان کي شامل ڪرن سان هن الف – بي ۾ ڇاونجاهه
اکر ٿيندا. يعني هينئر مروج الف – بي کان چار اکر
واڌارا آهن. اهي آهن: ز (ر جي مٿان ث جيان ٽي نقط)
جو خالص فارسي آهي، رهه
]ر
جي مٿان هه[
جيڪو هينئر ”ڙ“ جي ڀرسان هي ڏيئي لکبو آهي، جيئن
ته ڳاڙهو، ل هه (لهام) (نون جي مٿان هه) جيڪو لام
جي ڀر سان هي ڏيئي لکبو آهي جيئن ته ملهه، چوٿون
نه هه (نهو) (نون جي مٿان هه) جيڪو نون جي ڀرسان
هه ڏيئي لکبو آهي، جيئن ته سنهو. ان کان سواءِ
باقي اکرن مان به ڪن ۾ ڦيرڦار ڪئي اٿس، جيئن ته:
جهه، جيڪو ج جي مٿان هه ڏيئي لکيو اٿس، ڏ جيڪو د
جي مٿان ث جيان ٽي نقطا ڏيئي لکيو اٿس؛ گهه جيڪو گ
جي مٿان هه ڏيئي لکيو اٿس. ان سڌاري ۽ واڌاري لاءِ
سرڪاري طرح مقرر ڪيل الف – بي تي ”پهرينءَ واٽ“ ۾
نڪته چيني پڻ ڪئي اٿس ۽ پنهنجي الف – بي کي صحيح
ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ۽ ثبوت به ڏنا اٿس.
انمان ثابت ٿيندو ته ”گل“ مرحوم علم لسان مان به
بخوبي واقف هو. علم لسان جي قديم ماهرن جو خيال هو
ته هائيه اصوات ۽ علامات مثلاً ک، گهه وغيره حقيقت
۾ مرڪب ۽ مخلوط آواز آهن، جيڪي هڪ مفرد آواز ۽
”هه“ ملائڻ سان ٺهن ٿا. پر ويجهڙائيءَ واري دور جي
ڪن لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته انهن ۾ ”هه“
اهريءَ طرح ملي هڪ ٿي ويئي آهي، جو سڄو آواز هڪئي
شڪل ۾ هڪ ئي جهٽڪي ۾ ادا ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري هي
مفرد آواز آهن، ۽ لسانياتي اعتبار کان انهن کي هڪ
مستقل صوتيه جي حيثيت حاصل آهي. انهيءَ مسئلي کي
پهريائين پهريائين صوتياتي علمن جي ٻي بين
الاقوامي ڪانفرنس منعقده لنڊن 1925ع ۾ انهيءَ
نموني پيش ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪيترن ئي عالمن،
ان جي فائدي ۾ وقت بوقت پئي لکيو آهي. هينئر جديد
علم لسان جي نقطهء نگاهه کان ٿ، ڀ، ک، گهه، جهه،
ڦ، ٺ، ڌ، ڏ، مهه، نهه، لهه، ڻهه ۽ ڙهه مفرد پر
”وسرڳ“ وينجن آهن. ت، ب، ڪ، گ، ج، پ، ٽ، د، ڊ، م،
ن، ل، ڻ ۽ ڙ انهن آوازن جا ”اوسرڳ“ آهن.
اسان جي گل مرحوم جيڪا رسم الخط تيار ڪئي آهي، ان
مان معلوم ٿيندو ته هن ڀ، ٿ، جهه، ڌ، ک، گهه، ٺ
کان سواءِ ڙهه، لهه، مهه، ڻهه ۽ نهه لاءِ به وينجن
جدا جدا حرف مقرر ڪيا آهن. ان مان ظاهر آهي ته هن
صوتي نقطهء نطر کان ”هائيه اصوات“ يعني ”وسرڳ
وينجن“ کي مفرد آواز مڃيو ٿي.
سنڌي صورتخطي:
گل مرحوم جي سنڌي صورتخطيءَ تي بحث ڪرڻ سان گڏ
ضروري آهي ته سنڌي رسم الخط جي تاريخ تي به ڪجهه
قدر روشني وڌي وڃي. سنڌ ۾ اسلام اچڻ کان اڳ، سنڌي
رسم الخط جو ڪوبه نمونو ڪونه ٿوملي. البت چچنامي ۾
ڪي لفظ ۽ فقرا ملن ٿا، جي هن ريت آهن:
”لاکا، ٺڪر، جت، سما، سهتا، لوهاڻا، ڀاٽيا، چندر
(چنڊ) ڏاهر، موک (موکيو)، بسايه (وسايو)، وڪيه
(وڪيو)، ڪاڪ (ڪاڪو)، مهراڻ، جلوالي، ساڪره، موج ۽
ارل، دنده (ڍنڍ)، بيت (ٻيٽ)؛ وغيره.
اضافي ترڪيبن جا مثال:
”دنده وڪر بهار (وڪر بهار جي ڍنڍ)، ڪاڪا راڄ (ڪاڪن
جو راڄ)، کار مٽي (کاري مٽي)، ند مٽي (نديءَ جي
مٽي) وغيره.“
هي لفظ ۽ فقرا ڏيکارين ٿا ته ان زماني جي سنڌيءَ ۾
ساڳيا ئي آواز ۽ اُچار موجود هئا، جيڪي اڄوڪي رسم
الخط ۾ آهن.
عرب سياحن جي سفرنامن مان معلوم ٿئي ٿو ته عربن جي
زماني ۾ سنڌي ٻولي جدا جدا لپين ۾ لکي ويندي هئي.
ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان جيڪي ٺڪريون مليون آهن،
انهن تي ديوناگري رسم الخط جي هڪ نموني ۾ سنڌي اکر
لکيل آهن. مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ سنڌ جي مسلمان
عالمن سنڌي زبان کي عربي رسم الخط ۾ لکڻ شروع ڪيو،
سنڌ جي هندن وٽ پراڻا نمونا رائج رهيا. انهن کان
سواءِ ”خواجڪو سنڌي خط“ ۽ ”ميمڻڪو سنڌي خط“ به ملن
ٿا: خواجڪو سنڌي خط چاليهن حرفن تي مشتمل آهي ۽
اسماعيلي داعي پير صدرالدين ٺاهيو
”ميمڻڪو خط“ ۽ ”خواجڪو خط“ ديوناگري رسم الخط جا
نوان سڌريل نمونا آهن. عربي سنڌي رسم الخط جي
سلسلي ۾ اهم قدم مخدوم ابوالحسن کنيو، جنهن 1700ع
۾ ”مقدمہ الصلواہ“ نالي مڪمل ڪتاب لکيو. ان ڪتاب
لاءِ هن صاحب عربي ۽ فارسي اکرن کان سواءِ خالص
سنڌي آوازن لاءِ هيٺيون صورتون مقرر ڪيون:
”ٻ
=
ب؛ ڀ
=
بهه؛ ٿ
=
تهه؛ ٽ
=
ت؛ ٽ يا تر: ٺ
=
تهه؛ ڦ
=
ف يا پهه؛ ڄ ۽ جهه
=
ج؛ ڃ
=
نج؛ ڇ
=
چِهه؛ ڌ
=
دهه يا د؛ ڏ
=
ڊ (د مٿان ط جي نشاني) ڊ
=
در؛ ڍ
=
ڊ؛ ڙ
=
ڙ (ر مٿان ط جي نشان)؛ ک
=
کهه؛ ڳ ۽ گهه
=
گ؛ ڱ
=
نگ؛ ڻ
=ن.“
ڙهي، لهام يا نهون، جيڪي هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ ڙ، ل
۽ ن کي هه پوئتان ڏيڻ سان جڙن ٿا، جن تي آخوند
صاحب تنقيد ڪري پنهنجي ديوان لاءِ نوان لفظ جوڙيا
آهن، اهي مولوي صاحب هن طرح لکيا آهن: ڙ ڙ (ر مٿان
ط) يعني ڙ وانگر، ل ۽ ن. مثلاً، ”لکيو اٿس پڙ
(پڙهه)، ڳال (لاهه)، ٻان (ٻانهو). هانوڪي
صورتخطيءَ ۾ جن لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ”و“ ۽ ”ي“ جي
پٺيان ”نون“ غنو ڪتب ايندو آهي، جيئن وينداسون ۽
سين وغيره، انهن جي پڇاڙيءَ ۾ وري مولوي صاحب ”و“
۽ ”ي“ کي نون سميت ڪڍي فقط ٻه زيريون يا ٻه پيش
ڏنا آهن، جيئن ته وينداسڻ ۽ اس وغيره. ”مون“ ۽
”تون“ کي ”من“ ۽ ”تن“ ڪري لکيو اٿس. الف ممدود جي
پٺيان نون غنون ڪم ايندڙ آهي، اهو به ڪم ڪونه آندو
اٿس، جيئن ته اسان ۽ اتان کي ”اسا“ ۽ ”اتا“ ڪري
لکيو اٿس. مثال طور اصلوڪي صورتخطيءَ ۾ سندس ڪتاب
جي هڪ سٽ پيش ڪجي ٿي:
”مورن واڻ لدي پسي کهي پريا.“
اها اڄوڪي صورتخطيءَ موجب هن طرح بيهندي:
”موڙهن واتون لڌيون، پسي کي پريان.“
ان هوندي سڀني صاحبن ان صورتخطيءَ تي عمل نه ڪيو،
هر ڪنهن پنهنجي واٽ ورتي جن جو فارسيءَ سان گهڻو
واهپو هو، سي وري فارسي نموني جي سنڌي صورتخطي لکڻ
لڳا. سيد ثابت علي شاهه پنهنجا مرثيا اهڙي نوع ۾
لکيا آهن. مثلاً.
”ساتهه رهي سردار قيدي کربلا مظلوم جا.“
هندو وري ديوناگري يا لنڊا (واڻڪن) اکرن ۾ لکندا
هئا، جن جون پڻ گهڻيئي صورتون هيون. انگريزن سنڌ
فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌي زبان کي فارسيءَ جي بدران
دفتري زبان ۽ ذريعي تعليم بنائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽
1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر اطلاع نامو
ڪڍيو ته سرڪاري عملدار سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن.
انڪري سنڌي زبان لاءِ هڪ مقرر صورخطي ضروري سمجهي
ويئي. انهي ڪري 1851ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي
صدارت ۾ هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويئي، ته جيئن هوءَ سنڌي
صورتخطيءَ لاءِ پنهنجا مشورا ڏئي. ان ڪميٽيءَ ۾
هندو ۽ مسلمان به کنيا ويا، جهڙوڪ: منشي اُڌارام،
قاضي غلام علي، ميان غلام حسين، ميان محمد، مرزا
صادق علي ۽ ٻيا.
ان ڪميٽيءَ جي ميمبر انگريز عالم جارج اسٽئڪ جو
خيال هوته ديوناگري لپي کنئي وڃي، پر برٽن جو زور
هو ته عربي-سنڌي صورتخطي مقرر ڪئي وڃي. آخر 1853ع
۾ عربي-سنڌي صورتخطي منظور ٿي.
انگريزن جي مقرر ڪيل رسم الخط جيتوڻيڪ ڪافي مشهور
ڪئي ويئي، تڏهن به عام ۾ چڱيءَ طرح مروج ڪانه ٿي.
ڪيترن ئي عالمن ان ۾ خاميون محسوس ڪيون. آخوند
صاحب به ان کان پوريءَ طرح مطمئن ڪونه ٿيو. ڊاڪٽر
ٽرمپ (جنهن 1866ع ۾ جرمنيءَ مان شاهه صاحب جو
رسالو شايع ڪيو) پڻ مقرر ڪيل صورتخطيءَ سان پوريءَ
ريت اتفاق نه ڪيو. ڪن اکرن ۾ مولوي ابوالحسن ۽
آخوند مرحوم جي پيروي ڪيائين، جي هي آهن: ڀ
=
بهه، ڃ
=
نج، ڇ
=
چهه؛ ڌ
=
دهه؛ ڏ
=د
مٿان (ث) وانگر ٽي نقطا ۽ ڍ
=
د مٿان چار نقطا ڪري لکيائين.
اڳيان ڪتاب، جيڪي بمبئيءَ کان ٻاهر ڇپيا ٿي، انهن
۾ به مقرر ٿيل صورتخطيءَ تي پوريءَ طرح عمل نٿي
ڪيو ويو. مثلاً مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو ”فرائض
الاسلام“، جيڪو ٻيو ڀيرو 1287هه / 1870ع ۾ ڇپيو،
ان ۾ جيڪا صورتخطي ڪم آندي ويئي، ان جو مثال
خانبهادر محمد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ –
ڀاڱو پهريون“ جي ص 170 تي هن طرح ڏنو آهي:
”جيڪ آهي هين ۾ پڻ تن جو جاندڙ (ر جي مٿان ط) آه.“
هانوڪي صورتخطيءَ ۾ اها سٽ هن طرح بيهندي:
”جيڪي آهي هينئن ۾ پڻ تن جو ڄاڻندڙ آهه.“
تنهن کان سواءِ تعليم کاتي جي درسي ڪتابن ۾ به
ساڳيا ساڳيا لفظ جدا جدا نموني لکيا ويندا هئا.
خانبهادر صاحب انهن جا مثال هن طرح ڏنا آهن:
(1) ڪيڏانهن کي ڪيڏهه، ڪيڏنهن کي ڪيڏانهه پيا
لکندا هئا.
(2) جنهن کي جهه، جنهه، جنهن پيا لکندا هئا
(3) اسين کي اسِ مونکي من ۽ چڱيون کي چڱيءَ لکندا
هئا.
تازو هڪ عالم کي، پوسٽ کاتي طرفان 1877ع ۾ ڇپيل
رجسٽر هٿ آيو آهي، جنهن ۾ ديسي زبانن جي تحريرن جا
نمونا آهن. ان ۾ سنڌ ۾ ڪم ايندڙ تحريرن جا نالا هن
طرح آيل آهن:
”عربي سنڌي، عربي سنڌي ٻيو نمونو، اروڙه، خوجه
(بمبئي ۽ سنڌ جي) شڪارپوري، ڪراري، روڙي.“
ان مان معلوم ٿيندو ته جيتوڻيڪ حڪومت طرفان هڪ رسم
الخط تيار ڪئي ويئي هئي، تڏهن به ڪيترائي رسم الخط
مروج هئا، ايتريقدر جو خود حڪومت عربي-سنڌي رسم
الخط جا ٻه نمونا تسليم ڪيا ٿي.
انهن لپين کان سواءِ انگريزن جي شروعات واري زماني
۾ هيٺيان خط به رائج هئا: خداآبادي، ساکرو، ٻاٻڙا،
راجائي، خواجڪو، ميمڻڪو، شڪارپوري، ٺٽائي، لاڙائي،
ونگائي، سيوهاڻي، سرائي.“
1888ع ۾ جيڪب صاحب جڏهن سنڌ جو ايڊيوڪيشنل
انسپيڪٽر ٿي آيو، تڏهن ان صاحب ان طرف تمام گهڻو
ڌيان ڏنو. صورتخطيءَ کي سڌاري نقشا تيار ڪرائي
اسڪولن ۾ هڻائي ڇڏيائين. تنهن هوندي به ڪي
ڪوتاهيون رهجي ويون. مثلاً اڃا تائين لفظن جي
پوئين ”ئين“ کي ”ء“ جي هيٺان ٻه زيريون ۽ ”ئون“ کي
”ء“ جي مٿان ٻه پيش ڏيئي لکيو ويندو هو. اهڙيءَ
طرح ڪي ڪي لفظ به جدا جدا صورتن ۾ لکيا ويندا هئا.
مثلاً: ڪرف، ڪفل، ڪلف؛ ڪئنچي، قنچي؛ چاڪ (تندرست،
چاق؛ چاڪو، چاقو وغيره.
انهيءَ سڌاري ڏانهن ڌيان وري 1915ع ۾ ڏنو ويو.
ايڊيوڪيسنل انسپيڪٽر جي صدارت هيٺ هڪ ڪاميٽي
ٽريننگ ڪاليج ۾ مقرر ٿي، جنهن ۾ خاص طور ڪم ڪندڙ
مرزا قليچ بيگ مرحوم هو. انهيءَ ڪميٽيءَ لفظن جي
هڪ وڏي ياد داشت تيار ڪئي، جي جدا جدا نمونن ۾ يا
غلط نمونن ۾ پيا لکبا هئا. انهن لفظن جون درست
صورت واريون ياد داشتون اخبار تعليم ماهه مئي
1915ع ۾ ڇاپيون ويون.
ديوان گل جو مهاڳ:
ديوان جي پهرين ڇاپي جي مهاڳ جي يارهن واٽن مان
نائين تائين مٿي تبصرو ڪيو ويو آهي. ڏهين واٽ ۾
عربي اکرن جو ابجد جي حساب موجب ”چارٽ“ آهي، ۽
يارهينءَ ۾ سندس ٺهرايل سنڌيءَ جي پنجونجاهه اکرن
جو ابجد جي حساب جو چارٽ آهي. اتي چٽائي يعني مهاڳ
پورو ٿئي ٿو ۽ ڪتاب جو صفحو ڏهون پورو ٿئي ٿو.
يارهين صفحي تي قطعه تاريخ آهي، جنهن جو ذڪر اچي
چڪو آهي. صفحي ٻارهين تي ڪتاب جي فهرست هن نموني
ڏنل آهي:
”مهر ديوانگل جو
واسطي پروڙ ڪن فندن جي، جي منجهه ان ديوان آهين.
فند پهريون منجهه سڃاڻن واٽن ٻولي سنڌيءَ جي ۽ جوڙ
ان جو منجهه چٽائي اکرن جي آندو ٿئو....“
ان کان پوءِ ديوان شروع ٿئي ٿو. پڇاڙيءَ ۾ ٽن صفحن
۾ سنڌي، هندي ۽ فارسي تاريخون آهن، جن مان فارسي ۽
هنديءَ جي قطعه تاريخ جو نمونو ته اڳي اچي چڪو
آهي. باقي سنڌي تاريخن مان هڪ رباعي هن هيٺ ڏجي
ٿي، جا پوءِ ڇپيل ديوانن ۾ ڪانهي:
منجهه باغ نظم کليو صفا خوب خوب گل،
منجهه ڏينهن رات صبح مسا خوب خوب گل.
ڪاغذ سندي چمن تي قلم گل بنائيو،
تاريخ ان جي چئي گل، ڇا خوب خوب گل.
تنهن کان سواءِ هڪ تاريخ جو غزل، ٻه قطعه معمہ پڻ
پوين ڇپيل ديوانن ۾ ڪونهن. اهي هت نقل ڪرڻ طوالت
جو سبب ٿيندو. سڀني تاريخن جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌي
رباعي آهي، جا هت ڏجي ٿي:
بخش هن عاصيءَ کي ڌڻيم، جنهن لکئو جوڙئو ڪتاب،
جيڪي گهٽ وڌ ٿيو چوڻ ۾، عفو ڪر تنهن جو حساب؛
جو پڙهئو ان کي پروڙي، پوءِ ڍڪي يا جوڙي عيب،
اجر ڏي ان جو گهڻيرو، ان کي سائينم تون ثواب.
ڪتاب جي پڇاڙيءَ وارن غزلن جي وچور، نهايت عجيب
نموني ڏني ويئي آهي. لکي ٿو:
”پڄاڻي ديوان گل جي
منجهه پڌرائي جوڙ مُٽي کرن ۽ غزلن جي ۽ نرواري
غلزن ۽ بيتن جي ته منجهه هن اکر هيترا آهن ۽ منجهه
هن هيترا. چٽ اکرن ۽ غزلن ۽ بيتن جو.“
ان جي هيٺان هڪ نقشو ڏنو اٿس، جنهن ۾ هر هڪ اکر جي
غزلن ۽ بيتن جو انداز ڄاڻايل آهي. آخر ۾ غلزن ۽
سنڌي، فارسي تاريخن جو انداز ڄاڻايو اٿس. لکي ٿو:
”مُٽواکرن ۽ غزلن ۽بيتن ۽ تاريخن جو اکر
=
54، غزل
=
1751 بيت
=
1088، تاريخون: سنڌي 8، هندي
=
6 ۽ فارسي
=11.
ڪل تاريخون 25، انهن جا بيت 53. سڄي ديوان جا
تاريخن سوڌا بيت 11041.“ آندا آهن، انهيءَ ڪري
ڪيترن ڏکين لفظن جي فارسيءَ ۾ معنيٰ حاشي تي ڏني
اٿس. پوين مرتبن ۽ شرح لکندڙن اوائلي ڇاپو شايد
ڪونه ڏٺو آهي، تنهنڪري ڪيترن لفظن جون غلط معنائون
ڏنيون اٿن. انهيءَ پهرين ڇاپي کان پوءِ ”ديوان گل“
جا هيٺيان ڇاپا ڇپيا آهن:
ديوان گل جا ڇاپا:
(1) 1915ع ۾ هريسنگهه ڪتب فروش، ليٿو ۾ حيدري
اسٽيم پريس ڪراچيءَمان ڇپائي پڌرو ڪيو. ديوان جي
منڍ ۾ اصلي ڇاپي جي ”چٽائي“ وارو قطعه ڏنو ويو
آهي، جو ٻئي ڇاپي بابت آهي:
ٿيو جڏهن ديوان گل پورو کلي،
سڀ ڏسي چئو آهي وه وه خوب خوب.
دٻدٻه حيدري پريس ۾ ڪوشش سان،
ڇڻئو چٽئو آهي وه وه خوب خوب.
ورهه ڇاپڻ جو پڇيم دل کان درست،
چيائين ڇپيو آهي وه وه خوب خوب.
پڇاڙيءَ ۾ سنڌي قطعن مان فقط چار قطعا ڏنا ويا
آهن، باقي فارسي ۽ هندي قطعن مان ته هڪ به نه ڏنل
آهي.
ديوان جو ڪاتب قمبر علي شاهه ساڪن سکر پرانو آهي.
هي ڇاپو گهڻي حد تائين صحيح ڇاپو آهي.
(2) 1919ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ ”ديوان گل“
ڇپايو. ان ڇاپي ۾ ايڏيون ته چڪون رهجي ويون، جو
ڀلنامي لاءِ 20 صفحا درج ڪرڻا پين. انهيءَ ڪري
پڙهڻ ۾ تڪليف ده ٿي پيو.
(3) انهيءَ ڇاپي ۾ شمس العلماء مرز قليچ بيگ مرحوم
ضروري درستيون ڪري ديوان لعلچند امر ڏني مل
جڳتياڻيءَ ڏانهن موڪليو، جنهن اين.ايڇ. پنجابي ڪتب
فروش ڏانهن ڇپائڻ لاءِ موڪليو، جنهن ان وقت
مئٽرڪيوليشن امتحان ۾ رکيل 1000 سٽون (يا مصرعون)
يعني فقط 85 غزل 1923ع ۾ ڇپايا. ان جي مهاڳ ۾ ناشر
طرفان ظاهر ڪيل اهي ته ”پويون ڀاڱو به شرح سوڌو
اسان وٽ تيار آهي.“ پر ڀانئجي ٿو ته اهو پويون حصو
ڪونه ڇاپيو ويو. هي ڇاپو به سنڌي ساهت سوسائٽيءَ
جي پاران ڇپايو ويو. ٽائيپ ۾ ڇپايل آهي ۽ سندس
پڙهڻيون گهڻي حد تائين درست آهن.
(4) 1933ع ۾ ”سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ نئين طرح
”ديوان گل“ سنواري ۽ سڌاري ڇپايو. هن ڇاپي جي وڏي
خوبي اها آهي، جو حاشيءَ ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ به
ڏني ويئي آهي. هن ديوان جو مرتب ۽ شرح لکندڙ قاضي
عبدالغفور صاحب هالائي آهي. هن ڇاپي جا وقت بوقت
ڪيئي ايڊيشن ڇپيا آهن.
يوان جي شروعات ۾ سوسائٽيءَ جي سيڪريٽري خانبهادر
محمد صديق صاحب ميمڻ جو تعارف آهي. ان کان پوءِ
”يباچو“ آهي، جو پڻ ميمڻ صاحب جو لکيل آهي. ان ۾
”گل“ مرحوم جي شاعريءَ تي تبصرو ۽ تنقيد ڪئي ويئي
آهي. تنهن کان پوءِ قاضي صاحب جو لکيل ”گل“ مرحوم
جي حياتيءَ جو احوال آهي. غزلن کان سواءِ هن ۾ هڪ
به قطعه تاريخ ڏنل ڪانهي. جيتوڻيڪ مرتب جي دعويٰ
آهي ته هي صحيح ديوان آهي، تنهن هوندي به منجهس
پڙهڻين جون گهڻيون ئي غلطيون رهجي ويون آهن. هن
کان وڌيڪ صحيح ديوان ته هريسنگهه جو ڇپايل آهي.
جيڪي ڏکين لفظن جون معنائون ڏنيون ويون آهن، انهن
مان به ڪي ڏنل معنائون غلط آهن. تنهن کان سواءِ
ڪيترن ئي ڏکين لفظن جون معنائون ڏنل ئي نه آهن.
انجو اعتراف خانبهادر مرحوم پڻ پنهنجي نوٽ ۾ ڪيو
آهي. لکي ٿو:
”ته به ڪي لفظ اسان به سمجهاڻيءَ طلب آهن، جن تي
به قاضي صاحب کي توجہ ڏيڻ کپندو هو.“
سنڌي عروضي شاعري:
خليفو صاحب عروضي شاعريءَ جو پهريون شاعر نه آهي،
پر پهريون ”صاحبِ ديوان“ شاعر ضرور آهي. سنڌي
عروصي شاعريءَ جي سلسلي ۾ پهريائين پهريائين مخدوم
عبدالروف ڀٽيءَ جو نالو اچي ٿو، جنهن جو زمانو
1682ع کان 1752ع تائين آهي. مخدوم صاحب سنڌ جي
حاڪم نور محمد ڪلهوڙي ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو
همعصر هو ۽ هالا جو رهاڪو هو. سندس مولودن ۾ عروضي
شاعريءَ جا نمونا ملن ٿا. سنڌي غزل جي سلسلي ۾
پهريون پهريون نمونو نور محمد ”خستہ“ جو ملي ٿو،
جو ٽکڙ جو ويٺل هو ۽ 1130هه ڌاري زنده هو. هو سنڌ
جي مشهور عالم مخدوم محمد هاسم ٺٽويءَ جو شاگرد
هو. ”خستہ“ کان سواءِ ان زماني ۾ ٽکڙ ۾ ٻيا عروضي
شاعر: حافظ عالي، مرزا تقي، ۽ ميان ڇتن به موجود
هئا. مرزا تقي نواب حفظ الله خان جي مصاحبن مان
هو.
ٽالپرن جي دور ۾ سيد ثابت علي شاهه بلند پايه
عروضي شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن شاعريءَ جي هر صنف
۾ طبع آزمائي ڪئي، خاص طور سان صنف ”مرثيه“ جو
باني آهي. سندس مرثيه ايڏا بلند پايي جا آهن، جو
اردوءَ جي مشهور مرثيه نگارن مير انيس ۽ دبير کان
ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهن. مرثيه کانسواءِ سندس
ڪجهه غزل به ملن ٿا.انهيءَ ئي دور ۾ سنڌ جي مشهور
صوفي شاعر سچل سرمست (وفات 1224هه) جا ڪجهه غزل
ملن ٿا، جن ۾ تصوف جا ٻاريڪ نڪتا نهايت رنگين نوع
۾ بيان ڪيا ويا آهن. ٽالپرن جي دور ۾ آخوند محمد
بچل ”انور“ فارسيءَ جو بلند پايي شاعر ٿي گذريو
آهي. ان جي سنڌي عروضي شعر جو نمونو به مليو آهي.
ان کان سواءِ شڪارپور جي شاعرن محمد عارف ”صنعت“
(وفات 1849ع)، ملا صاحبڏني (وفات 1834ع ڌاري)، ۽
خليفي ڪرم الله (وفات 1854ع) جو سنڌي عروصي شعر پڻ
ملي ٿو. ٽالپر حڪمرانن مان مير نصير خان، مير
شهداد خان ۽ مير حسن علي خان جي غزلن جا نمونا ملن
ٿا. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ سنڌي غزل
تي طبع آزمائي ٿيندي رهندي هئي.
ان کان پوءِ انگريزن جي دور ۾ ”گل“ مرحوم جو نالو
ملي ٿو، جنهن پهريائين پهريائين سنڌيءَ ۾ هڪ مڪمل
ديوان پيش ڪيو. خود خليفي صاحب جي همعصرن ۾ قادر
بخش ”بيدل“ روهڙيءَ واري، اصغر ٺٽوي ۽ عظيم
لاڙائيءَ جو ڪجهه موزون ڪلام ملي ٿو.
مطلب ته خليفي صاحب کان پوءِ ئي سنڌي ديوانن ۽
ڪلياتن لکڻ جو رواج پيو. هن وقت ديوان قاسم، ديوان
بلبل، ديوان فاضل، ديوان سانگي، ديوان قليج، ديوان
خاڪي، ديوان نجفي، ديوان واصف، ديوان حافظ، ديوان
احسن ۽ ديوان قادري وغيره موجود آهن، پر انهن سڀني
جو پيش رو ”ديوان گل“ آهي.
ديوان گل جي اهميت:
قدامت کان سواءِ مضمون جي لحاظ کان به ديوان گل جي
سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت آهي. جيتوڻيڪ هن فارسي وزن۽
هيئت کي قبول ڪيو، تڏهن به فارسي شعر جي اثر ۽
روايتن کي مڪمل نموني اختيار نه ڪيو. هن، فارسي
شعر جي انهن روايتن کي اختيار نه ڪيو، جي سنڌي شعر
جي مزاج جي خلاف هيون. مثلاً ايراني شاعريءَ ۾
عاشق به مرد هوندو آهي، ته محبوب به مرد، پر سنڌي
۽ هندي شاعريءَ ۾ شاعر، عورت جي زباني، پنهنجي عشق
جا جذبات بيان ڪيا آهن. گل مرحوم گهڻي قدر سنڌي
روايت کي غزل ۾ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.ان کان
سواءِ هن عربي ۽ فارسي لفظ زور ڪري ڪتب ڪونه آندا
آهن، پر تمام گهڻا ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ محاورا ڪم آندا
اٿس، جن مان ڪيترا ته شاهه صاحب جي رسالي ۾ به
موجود نه آهن.
فارسي شاعريءَ جون تشبيهون، ترڪيبون، استعارا ۽
محاورا پنهنجا آهن، جي ايران جي ماحول موجب آهن.
گل مرحوم گهڻي قدر سنڌي ماحول موجب تشبيهون آنديون
آهن، ۽ ترڪيبون، استعارا ۽ محاورا به ٺيٺ سنڌي
آندائين. گل مرحوم ايران جي ماحول جي نه پر سنڌ جي
ماحول جي عڪاسي ڪئي آهي. شاهه ڀٽائيءَ وانگر سندس
شعر ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ شين، ڌنڌن، وهنوارن ۽ پوک
جي طريقن جو ذڪر چٽيءَ طرح ملي ٿو. ڪَتي ۽ چيت جي
پوکن جو ذڪر هن طرح ٿو ڪري:
اپاڙي چاڙهه عاشق عشق جو ايٽ؛
ڪَتي پوکي وڌائي ڪر مٿس چيٽ.
غزل جو جيتوڻيڪ خاص مضمون حسن و عشق جو ذڪر ۽ هجرو
وصال جو بيان آهي، پر پوءِ ٻين ڳالهين جهڙوڪ تصوف
جي نڪتن ۽ معاشي، معاشرتي ۽ اقتصادي مسئلن کي به
تغزل جي رنگ سان بيان ڪيو ويو آهي. گل جي غزل ۾ به
تصوف جا نڪتا، اخلاقي هدايتون، معاشي ۽ معاشرتي
مسئلا اهڙي رنگين نموني ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جو
غزل جو روح فنا نٿو ٿئي.
ڪن پوکن جو پهريائين ٻيجارو پوکبو آهي،۽ پوءِ اهي
سلا ٻيجاري واري جاءِ تان ڪڍي وڃي مقرر زمين ۾
هڻبا آهن، ان کي هارين جي اصطلاح ۾ ”کرڙا“ ۽ ”روت“
چيو ويندو آهي. تصوف جي نظريي موجب جيڪي مَرڻ کان
اڳ مَرن ٿا، اهي مَرن نٿا، پر سدائين جيئرا آهن.
شاهه صاحب فرمايو آهي:
”مَرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات.“
گل مرحوم انهيءَ نطريي کي سمجهائيندي، ان کي
”کرڙا“ ۽ ”روت“ سان تشبيهه ڏني آهي.
لڏئو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ ٻيءَ،
هڻن جيئن ٿا هاري کرڙا ۽ روت.
سنڌي ماحول جي ڪهري نه موزون تشبيهه ڏني ويئي آهي.
اهڙيءَ طرح گل مرحوم سنڌي ماحول مان نهايت جاذب،
موثر ۽ ٺهندڙ تشبيهون اخذ ڪري، پنهنجي شعر ۾ ڪم
آنديون آهن. الله جي واٽ ۾ وک وڌائڻ کي ڪورين جي
ڪپڙي اُڻڻ سان تشبيهه ڏئي ٿو:
پائي پيچ تاڃيءَ ۾ پيرن پڌار،
ٿيا ڳنڍجي ”گل“ مڙئي ڳوپ ڳوت.
نفس تي ضابطي رکڻ واري خيال کي شڪاريءَ جي رسيءَ ۽
مهاڻي جي ڇت سان ڀيٽ ڏني اٿس. چوي ٿو، جهڙيءَ طرح
شڪاري، ڦاهيءَ واريءَ رسيءَ ۾ ڌيان رکي ويهندو
آهي، ۽ مهاڻو مڇي مارڻ لاءِ مَٽ تي چڙهي ڇت کي
قبضي ۾ ڪري ويهندو آهي، تهڙيءَ طرح تون به پنهنجي
نفس کي مڪمل ضابطي ۾ رک.
”ڇت مڇيءَ مارڻ جو اوزار آهي:
ٿو ڦاهي شڪاري، منجهه رسيءَ رکيو ڌيان،
ٿو چڙهي مٽ تي مهانو هٿ رکي ٿو چاڙهه ڇت.
نير ۾ ڪپڙي رڱڻ جي تشبيهه ڏيندي چوي ٿو، جهڙيءَ
طرح جهُڳڻ ۽ جهٻڻ کان پوءِ نير وڌيڪ رنگ ڪڍندو
آهي، تهڙيءَ طرح عاشق به طعنن ۽ تنڪن سهڻ کان پوءِ
عشق ۾ وڌيڪ ڪمال حاصل ڪري ٿو:
نير رنگ واڌو ڪڍي، منجهه جهڳ جهٻ،
عشق وارو وڌ وڌي، منجهه لوس لٻ.
رڌ پچاءَ جو دستور آهي ته جيتريقدر مضبوطيءَ سان
ڍڪڻ ڏيئي ٻاڦ کي ٻاهر نڪرڻ کان جهلبو، اوتريقدر
کاڌو وڌيڪ پچندو. گل مرحوم انهيءَ فطري امر کي
بيان ڪندي چوي ٿو ته جيئن ٻاڦ جهلجي ٿي ته کاڌو
جلدي پڇي ٿو، تيئن جيڪڏهن تون به الاهي راز کي
اندر ۾ سانڀيندين ته عشق جي ڪمال کي پهچندين:
پاڻيءَ تي ٽهڪي تپي جيئن جيئن ڪُنو؛
ٿو رجهي تيئن کاڄ جيئن سانڀين اُٻ.
اهڙي قسم جون انيڪ تشبيهون ديوان گل ۾ موجود آهن.
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته گل مرحوم فطرت ۽ ماحول جو
وسيع مطالعو ڪيو هو. هن قادر جي قدرت جي هر هڪ
ڳالهه ۽ پنهنجي وطن ۾ ٿيندڙ ڌنڌن، پوکن، وهنوارن ۽
ڪاروبارن کي نهايت باريڪ بينيءَ سان ڏسي؛ انهن کي
پنهنجي شعر ۾ بيان ڪيو آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن
اسان کيس ”سنڌ جو هڪ پرانو عوامي شاعر“ سڏيون ته
بيجا نه ٿيندو.
الهداد ٻوهيو
ٻولي ۽ ٻار
ٻوليءَ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ٻوليون بدلجنديون ۽
مٽبيون رهنديون آهن، پر ٻوليءَ ۾ جا بدل سدل يا
ڦيرگهير اچي ٿي تنهن جا سبب به تمام گهڻا آهن.
اسان لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته اسان انهن سڀني
سببن کي سمجهون، پر هن ڀيري اسان انهيءَ ڦير گهير
جو فقط هڪڙو سبب بيان ڪري سگهنداسون. ٻوليءَ جو
پهريون مرحلو ٻاراڻي ٽهيءَ کان شروع ٿئي ٿو، ان
ڪري زبانجي وڌڻ، ٺهڻ، بدلجڻ ۽ وري بڻجڻ ۾ ٻار جو
حصو چڱو چوکو آهي. هاڻي ڏسڻو آهي ته ٻوليءَ جي
انهيءَ ڦيرڦار ۾ ٻار جو حصو ڪيترو ۽ ڪهڙو آهي؟
هن باري ۾ اڪابرن جا خيال ٻه آهن: ڪن عالمن جو چوڻ
آهي ته ٻار جنهن عمر ۾ زبان سکندا آهن، ان عمر جي
تقاضا به اها آهي ته ٻار جي زبان پوري نه پر اڌو
گابري هجي. ان عمر ۾ ٻار مجبور آهي ته ڳالهائڻ ۾
جا ٻولي واپرائي، تنهن ۾ چڪون ڪدو وڃي. اُهي ئي
چڪون آهن جيڪي اڳتي هلي ٻوليءَ ۾ تبديليءَ جو سبب
بڻجي پونديون آهن.
ٻيءَ ڌُر وارن جو چوڻ آهي ته زبان جي ڦيرگهير ۾
ٻارن ويچارن جو ڪو هٿ ڪونهي، ڦيرگهير جا سبب ئي ڪي
ٻيا آهن.
هن باري ۾ عرض آهي ته جن طريقن سان هڪڙي نسل جي
ٻولي ٻئي نسل تائين ٿي پهچي، انهن مان هڪڙو طريقو
آهي ”اهل“ جو يا نقل ڪرڻ جو، (اهل کي سنڌيءَ ۾
اَهل به چيو ٿو وڃي) پر طريقا ٻيابه آهن ۽ اُهي به
زبان جي هن پنڌ ۾ زبان تي اثر ڪندا ٿا وڃن. اهل يا
نقل ۾ هڪڙي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ هر ماڻهوءَ کان
چڪون ٿي ٿيون سگهن. اُهو هن طرح جو جيڪڏهن هڪڙو
چوي ٿو ”سنهڙو“ ته ٻيو ”سنرو“ به چوندو، توڙي جو
پهرئين لفظ جي پوري اهل جي ڪوشش ڪندو، ڇو ته ”هه“
جو اُچار پهرئين لفظ ۾ ايترو لِڪل ۽ ايتريقدر
معمولي آهي جو نُون کان پوءِ ان جو اُچار ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿو لڳي. هي مثال عام جام آهي، پر ههڙي مثال
مان ظاهر آهي ته زبان کي ڏاڍو ڇيهو ٿو رسي.
”سنهڙو“ لفظ ته قدبت يا اڏاوت سان واسطو ٿو رکي،
پر ”سنرو“ لفظ جي معنيٰ جي معنيٰ آهي، مچاڻ، ٻڌڻ ۾
تيز، ”سپڙڪَنو ۽ ڦڙت. چڱي صحت واري ٻار کي به
”سنرو“ چوندا آهيون. پر غلطيءَ جو هي مثال اهڙو
آهي جو هن جو شڪار نه رڳو ٻار پر وڏا به ٿي ٿا
سگهن. توري جو ٻارن جي باري ۾ هيءَ غلطي عام چئي
ٿي سگهجي. ههڙيءَ غلطيءَ کي درست ڪرڻ جي ڪوشش تمام
ضروري آهي، نه ته ٻيءَ حالت ۾ زبان جو بڻياد ۽ اصل
ئي ميٽجي ويندو.
ٻارن جي معاملي ۾ هيءَ غلطي اهڙي آهي، جو ٻار
ويچارا مجبور آهن، ۽ انڪ ڪري ههڙي چُڪ ۽ ان جي ڪري
زبان ۾ تبديلي فطري ۽ سڀاويڪ آهي، پر چڱي ڳالهه
آهي جو هڪ تبديليءَ جي ڪري ٻوليون تمام گهٽ بدلجي
۽ ڦري سگهيون آهن، ڇو ته هن چُڪ کي ڪنهن نه ڪنهن
منزل تي درست ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو وڃي. پر تڏهن به
اها ڳالهه وسهڻ جهڙي آهي ته ٻوليءَ ۾بدل سدل جو
هڪڙو ڪارڻ اُها غلطي آهي، جيڪا ٻار ڪري ٿو.
ٻار جي هن غلطيءَ ڏي ڌيان سڀ کان اڳ سويٽ صاحب ڏنو
هو. هي صاحب وڏي تحقيق کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي
پهتو هو. ته ٻارن جي اهل ۽ نقل ڪرڻ جي ڪري، زبان
تي ڪو اثر ڪو نه ٿو پوي. هن جو مطلب هي آهي ته
جيڪڏهن ٻار ڪا غلطي ڪري به وجهندو ته اُها غلطي
گهڻي وقت تائين ڇو هلندي ۽ اُها غلطي درست ڇو نه
ٿي ويندي. سويٽ صاحب جائي ٿو چوي. سماج ٻار جي
زبان جي غلطي درست ڪري ٿو ڇڏي، پر تڏهن به ٻارن
جون غلطيون سندن زبان ۾ گهڻو وقت هلنديون رهيون
آهن ۽ انهن، زبان جي چڱي حصي تي اثر ڪيو آهي، اها
ڳالهه مڃبي.
سويٽ صاحب جنهن نڪتي ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو
آهي، اُهو آهي ”سنوار“، وارو خيال. سنوار جو اصول
زبانن ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي، ۽ ان اصول پٽاندر نه
رڳو ٻار پر وڏو به زبان جي سنوارڻ جي ڪم ۾ مدد ڪري
ٿو. جيڪڏهن زبان جي تاريخ ۾ سنوار کي دخل نه هجي
ها ته پوءِ ٻولي هيٺ ڪِرندي وڃي ها ۽ اڄوڪيون
زبانون ڪنهن دَٻي ۾ ٺڪرين جي آواز جي آواز جهڙيون
هجن ها!
”سنوار“
(Correction)
ٻن طريقن سان ٿئي ٿي. مهڙيون طريقو اهو آهي ته ٻڌڻ
جي حس ۽ وسيلي مطابق آواز ٻڌڻ وارو آواز جهٽي ٿو،
۽ پوءِ ذهن اُن کي هٿ ڪري ٿو۽ ان کان پوءِ ذهن اُن
آواز کي وري اُچارڻ لاءِ ضرورت ماتحت آواز جي
عضون کي تحرڪ ۾ ٿو آڻي. غلط اُچار کي ذهن قبول
نٿوڪري ڇوته هن وٽ هڪ وڌيڪ پختو ۽ موزون آواز به
موجود آهي، جنهن کي هن سماج جي سَنَد سان قبول ڪيو
آهي، ان ڪري پنهنجي طرفان واپرائڻ وقت ذهن غلط
آواز کي ۽ اُچار کي درست ڪري ٿو وڃي. هي طريقو
سڀاويڪ آهي ۽ هن ۾ ڪنهن به تربيت جي ضرورت ئي ڪانه
ٿي پوي.
|