نعيم
دريشاڻي
نظم
هيءُ چانڊاڻ جي ڀاڪر جو رسيلو ۽ مست چهاءُ،
هيءُ رات جي راڻيءَ جو جذبن سان چور هُڳاءُ،
هيءُ تنهنجي بنان منهنجي جيءَ ۾ خيال،
ڇا ائن ئي اڪيلي مون کان دور –
سُک جي ننڊ سمهي سگهندينءَ تون؟
هيءُ پنن جا سُريلا ۽ انوکا آلاپ،
هيءُ فضائن ۾ طلسمي (اکڙين کان دور)
پرين جي سُس پُس،
هيءُ ذهن ۾ ڪنهن اڻ ڄاتل ديس جي،
وادين جو جمال.
ڇا ائن ئي اڪيلي مون کان دور –
سُک جي ننڊ سمهي سگهندينءَ تون؟
هيءُ واءُ تي ترندو آيو آ دور کان، بوڻيندي جو
آواز،
پيار جي ٻيٽن جا کڻي پاڻ سان ڪيئي راز،
پنهنجي دامن ۾ لِڪائي مخمور نگاهن جا سوال،
ڇا ائن ئي اڪيلي مون کان دور –
سُک جي ننڊ سمهي سگهندينءَ تون؟
تنهنجي رڳ رڳ ۾ اڪيلائي جو وهه چُرندو هوندو،
تنهنجي سيني ۾ تمنائن جو شهزادو ڪُرَندو هوندو،
تنهنجي ذهن جي ڪوٽن ۾ پيو تڙپندو هوندو،
قربت جو خيال،
ڇا ائن ئي اڪيلي مون کان دور –
سُک جي ننڊ سمهي سگهندينءَ تون؟
تون مينهوڳي جو ٿڌڙو واءُ،
تون پنن تي بوندن جي موسيقي،
تون سنڌ جي چانڊوڪي جو هڳاءُ.
تون پوئين پهر جي خاموشي،
تون اَسر جي ٿڌڙي ٿڌڙي ماڪ،
تون بهار جي پهرين چنبيلي،
تون ٻار جو مٺڙو مسڪان،
تون لڄوَنتي جي آهين لڄ،
تون منهنجي دل جو رڳو ارمان.
تون سج جو نت نئون شعاع،
تون اَسر جي جهرڪين جي لات،
تون گل جو پاڻيءَ ۾ عڪساع.
تون سمنڊ جي ڇولين جو آواز،
ازلي آهين، ابدي آهين،
ڪوڙين تنهنجون پيروليون راز،
ڪيترا تنهنجا روپ پرين،
اونهاري ۾ بڙ جي ڇانو،
سياري ۾ تون ڌوپ پرين.
ماڻهو جو ٻچڙو آهيان مان، منهنجو نالو آ انسان،
گيتا منهنجي، ويد به منهنجا، منهنجا انجيل ۽ قرآن.
منهنجي پگهر جا ٽيپا آهن، هيرا موتي لال امول،
منهنجي رت سان رتيو پيو آ هر گل هر بستان.
جُڳ جُڳ ۾ مون پوڙهي فطرت جا کوليا ڪوڙئين راز،
چيري ڦاڙي کوٽي کوٽي ڳولهي لهان نوان عرفان.
منهنجو سونهون، منهنجو ساڻي، آهي منهنجو هيءُ
ادراڪ،
نوڙي نوڙي ڳولي لهندو آهي ڇا ڇا مرجان.
منهنجو نالو چٽيو پيو آهي زهره، چنڊ مريخ مٿان،
آهيان گهوٽ نرالو، منهنجي ڪنوار آهي هيءُ مانڊان.
پوءِ به منهنجو جيءَ سدائين راضي پرسن ڪونه رهي،
ڪارو گورو ننڍو وڏو ٿي ڪسجان ٿو صد ارمان.
=
ازل کان سمي –
ڪوريئڙي وانگر ڄار ويٺو اُڻي،
جنهن ۾ ساري مخلوقات
بيوس مکين وانگر ڦاٿل،
تڙڦندي رهي ٿي –
پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي،
ڪنهن لازوال آزاديءَ ڪاڻ،
ازل کان انسان –
اشرف المخلوقات
ان ڪوشش ۾،
زمان ۽ مڪان جون حدون،
لتاڙي –
نت نوان اسرار،
ڦولي –
ستارن کان اڳتي ڇا؟
زوال کان پوءِ ڇا؟
سمي ڪٿي انت؟
سوين صديون اورانگهي آيو،
ڏينهن رات،
نوان اُمنگ،
نوان رستا،
هڪ اڻ کُٽ ڳولا –
لڳاتار آڻ –
لڳاتار سوڀ،
آڻ ۽ سوڀ جا اڻکُٽ سلسلا.
=
آدجڳاد ٽاڻي،
جيڪڏهن خداوند تعاليٰ –
مون کان پڇي ها:
”توکي ماڻهوءَ جي ويس ۾
ڌرتيءَ تي موڪليون؟“
آءٌ گهڻي ادب سان
نوِڙي
وراڻيانس ها:
”منهنجا سائين
اهو وڌيڪ چڱو ٿيندو
جي توهان
پاڻ وڃو“
پوءِ کيس
ماڻهوءَ جي روپ ۾
بيوس ڏسي
ٽهڪن تي ٽهڪ ڏيان ها.
=
آءٌ لامڪان،
آءٌ لازمان،
آءُ سدا جوان.
تنهنجي مٽيءَ مان ٺهيا،
اڙي سنڌ!
منهنجو جسم، منهنجي جان –
اکيون تنهنجون،
هٿ تنهنجا،
لڙڪ به تنهنجا،
تنهنجي منهنجي زبان –
سڏ تنهنجا،
سڏڪا تنهنجا،
واڪا منهنجا:
تنهنجا،
سارا پڻ ارمان.
چونڊي خوشبو،
گل گل تان،
کسي جوت،
تارن کان،
ٻارن جي،
مرڪ سان،
سينگاريان،
سينڌ تنهنجي،
هِتان هُتان،
ميڙي گيان.
آءٌ سارو سمنڊ،
قرب جو،
اٿلان اٿلان،
ٻوڙيان –
ڪپ ڪنڌيون
هِتي هُتي
ڀرجان ڀرجان،
ميڙي ميڙي،
پاڻ ۾،
هرڪنهن سنڌيءَ
جا پران.
آءٌ هڪ، سنڌ هڪ،
سارا سنڌ،
هڪ مهراڻ.
=
”نه کيس ڪَنَ
پر ٻُڌي
نه کيس اکيون
پر ڏِسي
نه کيس وات
پر ڳالهائي
ٻڌاءِ عطيه، اُهو ڇا آهي؟“
”ڊيڊي مانسٽر.“
”عقل چري، اُهو تنهنجو منهنجو خدا آهي.“
(عطيه منهنجي ڌيءَ جو نالو)
=
مان ڪوي،
زندگي ۽ موت جي
هن ٻه – واٽي تي ازل کان،
ويٺو آهيان.
کوڙ ماڻهو:
ڪي اداس،
ڪي خموش،
ڪي ته اوڇگارون ڀريندا،
ڪي چپن ۾ مرڪندا،
زندگيءَ جي واٽ تان،
موت واري واٽ ڏانهن،
پيا وڃن.
آءٌ ويٺو ٿو ڏسان –
ڪاروان در ڪاروان
مرڪندي،
مان ڪوي،
مان حيات،
آءٌ موت.
=
جيڪر آءٌ چنڊ هجان ها،
ٿڌو، ساڪت، بيجان.
رڳو ماٺ سڙان ها،
پنهنجو روح پگهاري،
گهرگهر جوت اوتيان ها،
بنان دل،
بنان دماغ،
نه جذبا، نه اُمنگ،
نه ناميدي، نه ناڪامي،
نه ابتدا، نه انتها
هڪ رولاڪ،
فلڪ جي پولارن ۾ رُلان ها،
نه ڪو دوست، نه دشمن،
نه ڪا ٻولي، نه ڪو مذهب،
نه ڪو سماج!
آءٌ جيڪر چنڊ هجان ها،
انڌو، ٻوڙو، بنان زبان.
سروپچندر ”شاد“
وايون
(1)
وقت جي رُخ کي جو موڙي، قسمت اُن جي ٻانهي آهي،
قسمت اُن جي گولي آهي.
وقت کي وَس ڪري جو ڳڀرُو، عظم جا جهنڊا کوڙي،
قسمت اُن جي ٻانهي آهي.
جَڳ کي ڏي جو اَمرت – ڌارا، پنهنجو رتُ ولوڙي،
قسمت اُن جي ٻانهي آهي.
جاڳ – راڳ سان جيڪو جوڳي وقت جو طِلسم ٽوڙي،
قسمت اُن جي ٻانهي آهي.
ماڻهو پنهنجو ڀاڳ ٿو ڊاهي، پنهنجو ڀاڳ ٿو جوڙي،
قسمت اُن جي ٻانهي آهي.
وقت جي واڳ وٺي ائن هلجي، گهوٽ چڙهي جئن گهوڙي،
قسمت اُن جي ٻانهي آهي.
( 2 )
چونئري ۾ اڌ – رات جو،
ٽِم ٽِم ٽِمڪي ڏيئڙو!
ريت اُڏي ٿي، هانءُ ڏري ٿو، سڏڪي ٿو سانگيئڙو،
ٽِم ٽِم ٽِمڪي ڏيئڙو!
واهه اَڻانگي، ثَمر نه ساٿي، هاءِ، اڪيلو جيئڙو،
ٽِم ٽِم ٽِمڪي ڏيئڙو!
اُونداهيءَ جو گهيرو ٽوڙي، ناهي ڪوئي لِيئڙو،
ٽِم ٽِم ٽِمڪي ڏيئڙو!
جيوَن تيز هوا ۾ ٻرندڙ آهي هڪڙو ڏيئڙو!
ٽِم ٽِم ٽِمڪي ڏيئڙو!
گيت
اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ!
تُنهنجا گهايل نيڻ ڏسي ڪٿي نه آءٌ روئي ڏيان،
اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ!
تنهنجو جوڀن، مندر ۾ جئن جوت ٻري،
تنهنجو مُرڪڻ، رڻپٽ ۾ جئن رات ٺري،
تنهنجيون ڳالهيون ڄڻ سُرهاڻ – ڳالهيون ڪر،
آءُ جهول ڀَريان!
اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ!
تُنهنجي مَستي، واريءَ تي ڄڻ مورَ نَچن،
تُنهنجي هَستي، ڇيرين جي ڄڻ ڇَنَ نَن نَن،
تنهنجيون اکڙيون پارس کاڻ – مون ڏي نظر
ڪر، سون ٿيان!
اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ!
اڄ جي دُنيا، هانءُ – کاڌل ڄڻ ڪو روڳي،
هستي حيران، مُنڌ ڦِري ڄڻ ڪا موڳي،
ڪال آيو ڪي آيو ڄاڻ – کل، ته پَل لئه کِلي
وٺان!
اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ!
کِل ته خوش ٿيان، باغن ۾ جئن گُل ٽِڙن،
مُرڪ ته مُرڪان، مُکڙين تي جئن ڀونئر ڀِرن،
جي جي، جاني! موجون ماڻ – تُنهنجي صدقي
آءٌ جيئان!
اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ!
غزل
سانوڻ جي رُت جو آئي،
اُکلي پيا سڀ ٻيهر ڦَٽ.
مينهن ڦُڙيون ڪن ڇَم ڇَم ڇَم،
بين وڄائي ڄڻ نٽکَٽ.
بُود منجهان ٿي ڊُرڪي ڊيل،
مور بيٺو آ ٺاهيو ڇَٽُ.
سُونهن به آهي ساماڻي،
نِکري پيو آ نينهن نِکَٽُ.
ڀِنل چُني، ڪَنجرو ڪَسيل،
ڪيئن نه ٿي پوءِ چِت چؤپَٽُ.
سڀني جي هڪڙي منزل،
صرف جُدا هي گهيڙ ۽ گهٽُ.
چوڌاري آهي چانڊاڻ،
من جون اکيون، مورک! پَٽُ.
اصليت کي تون سار ’سروپ‘،
پنهنجو ويس ۽ ديس نه مَٽُ.
=
ڏائڻ ڏِس آ، وِڇونءَ واٽ،
ڳڀروئن جا اوچا ڳاٽ.
جن کي سوداءَ سوڀ جو، تن،
ڇا روڪيندا ڪُن – ڪڙڪاٽ.
جن جي هٿ – ترين تي سِر،
تِن لئه وِک وِک آهي واٽ.
ڪنهن ڪُونڌر جو ڪنڌ ڪِريو؟
چئني پاسي آ چَمڪاٽ.
ميرو آهي جن جو مَن،
تِن لئه جيوَن ڪاري ٻاٽ.
جن جي چِت ۾ چانڊوڪي،
تِن لئه جيوَن ٻرندڙ لاٽ.
جيوَن آ انمول محل،
وقت هڻي ٿو جنهن کي کاٽ.
ساوڻ رُت ۾ رِم جهِم مينهن،
هيج – هندورو بڻيو ڍاٽُ.
مُلهه تي وڪجي مَڌ، ڪلال،
مُنهنجي آ انمول اُساٽ.
وڄندڙ چنگ
آءٌ آهيان هڪ چنگ!
مون کي ڪير وڄائي ٿو،
آءٌ نٿو ڪجهه به ڄاڻان؛
منهنجو ڪم آ رُڳو وڄڻ،
انهيءَ ڪري ٿو آءٌ وڄان.
مُنهنجا مِٺڙا مِٺڙا سُر،
راڌا جو ڄڻ سَهج سڀاءُ؛
گُلڙن کي ٿڦڪي ڏيندڙ،
ڄڻ آ جهِيڻو جهِيڻو واءُ.
سُر ۾ مُنهنجو ساهه سَمايل،
اينءَ مکڻ جينءَ کير ۾ آ؛
يا بجلي آ پاڻي ۾،
يا اک ۾ جئن آهه ڪجل.
مُنهنجا آهن ڪيئي روپ،
مون کي پنهنجو آ سنگيت؛
پَئي پراڻي جا نه ٿئي،
مون وٽ اهڙي آهي پريت.
نفرت کي ماري، مُنهنجي،
پريت ٿي اينءَ چمڪائي دل؛
مينهن- ڦُڙيون ٿيون پَن پَن کي،
ڌوئي بنائِن جئن نِرمل.
مون کي هيڪر، تون سائين،
پنهنجن چَپَن تي چوري ڏِس؛
ڪيئن نه وڻان ٿو توکي پوءِ،
پاڻ کي مون تان گهوري ڏِس.
رستي جو پٿر
هي آ رستي جو پٿر،
ڪو به هن جو ماڳ ناهه؛
دربدر جون ٺوڪرون،
سَهڻ هن جو ڀاڳ آهه.
جنهن به ماڻهوءَ کي نه آهه،
پنهنجي منزل جي خبر؛
۽ پتو ڪو ماڳ جو،
سو آ رستي جو پٿر.
اهڙو ماڻهو هَر گهڙي،
دربدر آ، خوار آ؛
زندگي بيڪار هُن جي،
پاڻ تي هُو بار آ.
ناهي هُن کي ڪو قرار،
ڀاڳ هُن کان آ رُٺل؛
جنهن نه پَرکيو پاڻ کي،
سو آ جيئري ئي مُئل.
هي آ رستي جو پٿر!
هي آ رستي جو پٿر!
”پروانو“ ڀٽي
اگر وقت آيو
(آزاد نظم)
هماليه جبل جيئن مان خاموش،
سارو تماشو ڏسان پيو.
ڏسان پيو ته
ڪمزور ڏاڍن اڳيان،
ڪيئن نه مجبور آهن!
ڏسان پيو ته
ڏاڍائي، بي پهچ هيڻي کي
ماري وجهي ٿي، هُو مسرور آهن!
ڏسان پيو ته
ٿورن ئي پئسن جي خاطر،
نماڻيون سرِ راه وڪرو ٿين پيون!
ڏسان پيو ته بک جي ڪري ڪن غريبن
جون نياڻيون سرِ راهه وڪرو ٿين پيون!
منهنجي دل جوالا مکي
آهي پيارا!
اگر ڦاٽي پئي ته
پو تنهنجي هن هٿ جي ٺاهيل،
اصولن کي ساڙي ڇڏيندي،
۽ ماري ڇڏيندي،.
اُٿاري ڇڏيندي،
اُهي نٻل، ڪمزور ۽ هيڻا ماڻهو،
سدائين توهان جن کي آهي ستايو –
اگر وقت آيو:
ته پو هُو توهان سان به
اهڙو ئي هلندا،
اسان جهڙا هن ڀرسا ڀريا پير هوندا،
– ۽ هاڻي، گهڙي سا
پري ڪين آهي!
”نقاش“
سارنگ
سارنگ سهسين ساٺ ڪيا، وِڄُڙين ساڻ وريو،
اوهيرن جي اوڪ سان، سارو ڏيهه ٺريو،
جيئن جيئن وَٺو وڏڦُڙو، ٻارڻ تيئن ٻريو،
ساريو سُپيرين کي، پَونم ڳچ ڳريو،
ڪامل قرب ڪريو، نوازيو ”نقاش“ کي.
مِنهَن مُلڪ ڀڄائيو، هرهنڌ ٿيا هُٻڪار،
ساوڪ سبز سهنج ٿيا، ساڻيهه منجهه سُڪار،
نوازيو ”نقاش“ کي، اچي جانب يار،
موٽ مٺا منٺار، مُند وڃي ٿي مينهن جي.
موسم آئي مينهن جي، لاتئين بوند بهار،
پاڻي پٽن تي پيو، ٿيئڙا سهنج سُڪار،
سهسين سُور اُڌَمِيا، هينئڙي منجهه هزار،
ڀيرو ڪر ڀلا پرين، سائينءَ لڳ سنڀار،
الفت جا اقرار، پورا ڪر منهنجا پرين!
پورا ڪر منهنجا پرين، پرت سندا پيمان،
جدائيءَ جهوري وڌي، جانب منهنجي جان،
ڦُڙَ ڦُڙَ ڦَٽَ اُکيليا، مينهن ڪيو مستان،
عقل ۽ ايمان، جهلي جهليان ڪيترو؟
متفرقه
توريءَ منهنجا سپرين، هينئڙو ناهه سُڌير،
اکڙيون روئنم رت ڦڙا، نيڻين اچنم نير،
اندر ۾ اُڪير، سانڍي سانڍيان ڪيتري؟
سانڍي سانڍيان ڪيتري، سڪ سڄڻ سائين،
رُئندي رات گذاريان، ويل اَسُر تائين،
جي ٿو لئون لائين، ته ٿيءُ نه پري مونکان پرين.
ٿيءُ نه پري مونکان پرين، اوڏو آءُ مِٺا،
تولئه سهسين سُور مون، سهڻا سائين سٺا،
ڪوڙين قُرب ڪُٺا، پر مون جيان ڪُٺو ڪونه ڪو.
مون جيان ڪُٺو ڪونه ڪو، توڙي عاشق لک،
جيڪر هئنم پک، ته اُڏامي اوڏو اچان.
اڏامي اوڏو اچان، گهڙي نه هت گهاريان،
دلبر تنهنجي ديس ۾، جيون گذاريان،
منزل اوکي، پنڌ پري، پلپل پُڪاريان،
سارو ڏينهن ساريان، ٿو دلبر تنهنجي ديد کي.
دلبر تنهنجي ديد لئي، ٿو سارو ڏينهن سڙان،
جِيءَ جون ٿم جڙان، توسين منهنجا سپرين.
کڻي نيڻ خمار مان، تو جا ڪئي نظر،
چُڻڪي، چاڪ چِڪي پيا، جاري ٿي پيا جر،
لهرين ۾ لوڙهي ڇڏيئه، دَزَ ڦريا دفتر،
ڦرهيءَ کان ڦُرجي ويا، اِنڊا ۽ اکر،
من منجهاران مَرُ، ڪوري سڀ ڪڍي وئين.
کڻي نيڻ خمار مان، پاتي تو جهاتي،
وڇوڙي جي وار سان، ڇڄي پئي ڇاتي،
پلئه ۾ پاتي، اسان وِرڇَ وصال جي.
کڻي نيڻ خمار مان، تو جي ڇوڙيا وار،
ڪاري رات ڪُسي وئي، چمڪا ٿيا چوڌار،
تِکي تيز ترار، وڍي وئي ظلمات کي.
کڻي نيڻ خمار مان، تو جا روڪي رات،
وريون واڳون وقت جون، مَهلون ٿي ويون مات،
سومهڻي، پِرڀات، پئجي ويون ڀاڪُرين.
کڻي نيڻ خمار مان، تو جا اوتي مَڌ،
جاڳي پئي مون جان ۾ سُوريءَ سندي سَڌ،
اندر ٿيئڙم اڌ، مام پروڙيم موت جي.
کڻي نيڻ خمار مان، تو جو تڙپايو،
وِرههُ وڍي واٽون ڪيون، سَنڌ سَنڌ سمايو،
جاجڪ جهونا ڳڙهه جو، تڙ تڙ تپايو،
ڏُوران راءِ ڏياچ جي، ڳچيءَ ڳالهايو:
’منگتو موٽايو، ته ساڻس وڃان سُڃَ ۾.‘
کڻي نيڻ خمار مان، تو جو نهاريو،
مُئل منهنجي من کي، جُودئون جياريو،
ازل جي اقرار کي، تو پاڻ اچي پاريو،
کيپ سندءِ کاريو، تڏهن سُڌري پيئڙو مون هينئون.
کڻي نيڻ خمار مان، تو جو گهايو من،
الستي اقرار جي، وائي پِيمَ ڪن،
”اسين ٻانها تو ڌڻي“، سُئم ڪنان ڪک پن،
تنبوري جيان تن، واڄٽ ڪري وڄي پيو.
وائي
نينهن جو ناتو نازڪ آهي، متان ڪرين ڇڪتاڻ،
او جاني! متان ڪرين ڇڪتاڻ.
هاءِ حياتي هِير جو جهوٽو، ڪر ڪا ريجهه رهاڻ،
او جاني! متان ڪرين ڇڪتاڻ.
تنهنجو منهنجو سنگم ائين، جيئن گُوني سنڌوءَ ساڻ،
او جاني! متان ڪرين ڇڪتاڻ.
تون جي ريجهين راڄ ڌڻي، تان ڪانهي ڪنهنجي ڪاڻ،
او جاني! متان ڪرين ڇڪتاڻ.
قُرب ڪُٽي ٿو، سِڪ سٽي ٿي، هينئڙو لوهه سنداڻ،
او جاني! متان ڪرين ڇڪتاڻ.
گيت اسانجا، گونج اوهانجي، ٻيجل وارا ٻاڻ،
او جاني! متان ڪرين ڇڪتاڻ.
نانگا اي ”نقاش“ سٽيندا، سِرڙا سنڌڙيءَ ڪاڻ،
او جاني! متان ڪرين ڇڪتاڻ.
دوها
’ڪي ڪي ماڻهو موتيءَ داڻا‘، ڪي ماڻهو الماس،
جن جي جوت سان جهانگيئڙن جا جرڪن ٿا احساس.
ڪي ڪي ماڻهو بنا ڇَٽَ جي بڻجن راڄ جا راڻا،
ڏُتڙيل جا ڏُک پاند ۾ پائي، پاڙن پيچ پُراڻا.
ڪي ڪي ماڻهو من جي ٻولي ٻولڻ بنا ٻُڌن ٿا،
درد وندن جي دل جو دارون دل وارا ئي ڪن ٿا.
ڪي ڪي ماڻهو اندر اُجرا، ٻِٽو ٻول نه ڄاڻن،
توڙي ڪوئي پيار ڪري، يا وير وِهائي ساڻن.
ڪي ڪي ماڻهو دل وارن جو درد اندر ۾ ڌاري،
وِيل وِيَلَ جي واڳ ورائي، وقت وڃن ٿا واري.
ڪي ڪي ماڻهو پريت جا پانڌي، راتين جا رولاڪ،
پريم ننگر جي پنهنوارن لئه گهورين ٿر ۽ ٿاڪ.
ڪي ڪي ماڻهو ننڊ نهوڙِين، سُک کي سُور ڏين ٿا،
وِههُ جون وٽيون ور ور ڏيئي پانڌين لاءِ پين ٿا،
ڪي ڪي ماڻهو ڏاڍ جي ڏاڍي ڏونگر کي ٿا ڏارِن،
هيڻا هيڻا هڏ هلائي مَڇَ متارا مارِن.
ڪي ڪي ماڻهو من جي پيڙا سِٽَ سِٽ منجهه سمائي،
سچ جي هٽ تان وکر وفا جو وانگي وڃن وهائي.
ڪي ڪي ماڻهو جهانگين ڪارڻ جڳ جڳ جوٽين جهيڙو،
تن جي مٽي مان لهي ٿي، لڳي انهن تي ميڙو. |