سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1975ع

مضمون

صفحو :16

جڏهن موٽر گهٽيءَ ۾ داخل ٿي (تصوير 22) ۽ منزل سامهون آئي، تڏهن جذبات ۾ منهنجي دل ڌڙڪي رهي هئي. پنهنجي قسمت جي خوبيءَ تي ناز هو، رب ڪريم جي عنايت ۽ احسانن جا شڪرانا بجا ٿي آندم ۽ دل منجهان جناب مهرداد پهلبد وزير فرهنگ و هنر لاءِ دعائون ٿي نڪتيون، جنهن جي ڀاڳين مون ايران جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺي آهي.

مسجد جي در تي (تصوير 23) جڏهن موٽر بيٺي تڏهن هيڪر ته مون لهي مسجد جي ميدان ۾ داخل ٿي پري کان ڪتبو ڏٺو – گوهر مقصود سامهون هو! جيئن هڪ شڪاري شڪار هٿ ڪرڻ بعد مطمئن ٿي ويندو آهي، تيئن آءٌ به پنهنجو مقصود هٿ ڪري پهريون مسجد جي صحن کي چوڌاري اک ڦيرائي ڏٺم. پوءِ ٻاهر نڪري رند ۽ راهون گهميس، ان کان پوءِ گنبد هارون ولايت جي زيارت ڪيم. اهو سڀ هن ڪري ڪيم جيئن واسي ڏسان ته مير معصوم ضرور هتي رهيو هوندو، هتي ويٺو هوندو ۽ هتي گهميو هوندو. چڱي طرح پنهنجي خيال مطابق هڪ هڪ شيءِ جو نقشو اکين ۽ ذهن ۾ وهاري موٽي مسجد ۾ داخل ٿيس. جيئن جيئن ڪتبي جي ويجهو ٿيندو ويس، تيئن تيئن جسم ۽ روح ۾ تازگي ۽ توانائي ايندي ويئي.

آءٌ ايران ۾ مير معصوم جي اهڙن ڪتبن کي ڳولي لهڻ لاءِ گهڻو ئي ڦريو آهيان، ڪٿي ڪتبا لڌا اٿم ۽ ڪن جاين تي اڃا پهچي ڪونه سگهيو آهيان – حياتي رهي ۽ قسمت هوندي ته اهي به هڪ ڏينهن وڃي هٿ ڪندس. چوڻي آهي ته:

همتِ مردان مددِ خدا!

هي سنگ مرمر جو ڪتبو مشرق واري ايوان سان لاڳيتي ديوار تي لڳل آهي. ڊيگهه ۾ 16x1 ميٽر ۽ چوڙائي ۾ 95 سينٽي ميٽر اٿس. جيئن تصوير مان خبر پئجي سگهندي (تصوير 36)، مٿانس مثنوين جا مختلف اشعار آهن ۽ آخر ۾ سال ۽ سندس نالو. اهوئي مير صاحب جي ٻين ڪتبن جو انداز ۽ نمونو آهي. ڪتبي جي عبارت آهي:

 

ني به تمنائ تو از خود تهي

نالہ ز سودائي تو در فربهي

(از معدن الافڪار)

بحر ز گرداب شده کاسه گر

مهر که عالم همہ محتاج اوست

تانمي از جود تو يابد مگر

خال جمالِ شب معراج اوست

(معراج)

نالہء من شعلہء دوزخ ضمير

دانهء اشڪم شور دير مير

(حسب حال)

چرخيست اگرچه تيز رفتار

برجاست همان چوگاو عصار

(توحيد)

ميگردد و گردنش به بند است

حمدش چو قلم شروع کرده

از مهر و مهش دوچشم بند است

صد سجده بيک رڪوع کرده

(خمسه متحيره)

تا ز تو سايه بر کنار شده

آفتاب از تو سايه دار شده

(حسن و ناز)

حديث لعل آن برچشمہء نوش

بزير سايہ سرو ار ستادي

شده پيرايہء لب چون در گوش

بان سوي، و گر سايہ فتادي

(از اکبر نامہ)

بگل چينيء آن گلستان شدم

سراپا صباوار دامان شدم

(در جنگ)

سرودست ببريده افتاده پست

چو گرزي که يابدز دستہ شڪست

در حيني که از هند به رسالت نزد شاه عالمپناه فلڪ بارگاه شاه عباس آمده بود، از ايروان سن 1013هه مرخص شده بود باينجا رسيد. اين چند بيت از خمسہ که در راه با تمام رسيده بود، ثبت نمود – قايلہ و راقمہ محمد معصوم الحسيني النامي.

ڪتبه واري ڪنڊ تي ”منارو سنجريه“ آهي (تصوير 22-24-25-26)، جيڪو پڻ سلجوقي دؤر جي منارن ۾ مخصوص حيثيت رکي ٿو. هارون ولايت جي وارد ٿيڻ واري دروازي لڳ ڦٽل مدرسو آهي جيڪو دراصل سلطان محمد سلجوقي ٺهرايو هو ۽ هاڻي مدرسه حاج حسن جي نالي سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ مدرسي سان لڳ مٿيون منارو آهي. مسجد جو ڇتائون حصو ڪافي ڪشادو آهي.

هارون ولايت جي پشت واريءَ گهٽيءَ ۾ پراڻي ڪاروان سراءِ آهي، جيڪا هن وقت زبون آهي. قرين قياس اهوئي آهي، جنهن صورت ۾ انهيءَ دؤر ۾ شهر جو اهو حصو زياده آباد هو، تنهنڪري مير معصوم پنهنجي قافلي سميت انهيءَ ڪاروان سراءِ ۾ رهيو هوندو.

بهرحال ڪتبو ڏٺم، مختلف زاوين کان تصويرون ورتم، جڏهن آخر ۾ چوڌاري هڪ سرسري نگاهه وجهي، در کان ٻاهر نڪتس ان وقت نه فقط دل تان سالن جو بار لٿل هو، بلڪ منهنجي خوشيءَ ۽ اطمينان جو عالم ڏسڻ وٽان هو. تاريخ جي متلاشيءَ لاءِ اهو موقعو عيد کان به وڌيڪ سعيد ٿيندو آهي، منهنجي لاءِ اڄوڪي گهڙي سچ پڇو ته عيد کان به وڌيڪ هئي.

جڏهن جهاز تي سوار ٿيس ٿي، ان وقت استاد هنرفر کي ڀاڪر پائي ڳلن مٿان شڪراني جون مٺيون ڏئي سندس سوين ٿورا مڃي کانئس جدا ٿيس.

- ڪراچي 15- اپريل 1974ع







ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌي ادب جا نوان موڙ

1- سنڌو ماٿري جاگرافيائي قدامت توڙي تهذيب تمدن جي لحاظ کان بين الاقوامي حيثيت جي مالڪ آهي. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ سنڌو ماٿريءَ جي ڪيترن ئي مسئلن جي حل ڳولي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي آهي. هن قديم تهذيب جي کوٽائيءَ مان لڌل مهرن ۽ اُن تي نشانين ۽ شڪلين جي صورت ۾ لکيل ٻوليءَ مان اهو ثابت ٿيو آهي ته آرين جي اچڻ کان اڳ هن قديم تهذيب جا رهواسي ڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا، ۽ هو اها ٻولي لکي به سگهندا هئا. ليڪن اهو هڪ راز هو ته آخر اها ٻولي ڪهڙي هئي، ڪهڙي خاندان مان هئي، موجوده ٻوليءَ سان ان قديم ٻوليءَ جي ڪا نسبت آهي يا نه؟ تازو هن قديم تهذيب جي ٻوليءَ جي راز سلڻ جا آثار نمودار ٿيا آهن. روس ۽ اسڪئنڊينيويا جي ماهرن ڪمپيوٽرن ذريعي هن قديم لکت کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هُو هن راءِ جا آهن ته موهن جي دڙي واري ٻولي دراوڙي ٻولين جي بڻ بنياد جي حيثيت ٿي رکي. انهن ڪن لفظن جون پڙهڻيون به ڏنيون آهن. جيڪڏهن انهن ماهرن جي اها راءِ درست آهي ته پوءِ موهن جي دڙي واريءَ سنڌ جي ٻوليءَ ۽ موجوده سنڌي ٻوليءَ جي وچ ۾ مٽي – مائٽيءَ جي لاڳاپي متعلق کوجنا جي ضرورت آهي، ڇو ته موهن جي دڙي واريءَ انهيءَ قديم ٻوليءَ جا ڪيترائي آثار ديسي آوازن، لفظن ۽ صرفين جي صورت ۾، روزمرهه واريءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ به موجود آهن.

2- سنڌ جي هڪ ٻئي قديم آثار، ڀنڀور جي کوٽائيءَ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان لڌل ٺڪرين تي لکيل اکر اٺين صدي عيسويءَ جي آڳاٽي – ناگري (Proto-Nagari) نموني جا آهن. ڀنڀور مان لڌل ٺڪرين تي لکيل اکرن، انهن ماڻهن جي ان دعوا کي رد ڪيو آهي، جن لکيو هو ته سنڌي ٻولي يارهين صدي عيسويءَ ڌاري موجوده صورت ورتي آهي. انهن ٺڪرين سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ اسلام جي آمد (712ع) کان به اڳ جي روزمرهه واريءَ ۽ واپاري ڏي – وٺ واري ٻولي ثابت ڪيو آهي.

جهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد يا سنڌي ٻوليءَ جي قدامت لاءِ ڪا پختي راءِ ڏيئي نٿي سگهجي، ساڳيءَ طرح اهو چوڻ به مشڪل آهي ته سنڌي ادب جا آڳاٽا اُهڃاڻ ڪڏهن کان ملن ٿا. عرب سياحن جي سفرنامن مان ظاهر آهي ته عربن جي سنڌ ۾ آمد (712ع) کان اڳ سنڌ ۾ علم ادب جو چرچو هو. راجا ۽ وزير به ودوان هوندا هئا. عرب سياحن جي بيانن مان اهو به ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جا ماڻهو علم نجوم، علم منطق، حسابن جي علم ۽ طب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا. هو پنهنجي ٻولي لکي به سگهندا هئا. مذهبي علم گاٿائن، ڏند ڪٿائن ۽ ناٽڪن تي مشتمل هوندو هو . بهرحال عرب سياحن جي سفرنامن مان سنڌ جي ان وقت جي علمي ۽ ادبي ماحول ۽ سنڌي عالمن جي ذهانت جي خبر پوي ٿي.

3- ڪنهن به قوم جي علم ادب کي سمجهڻ لاءِ اُن قوم جي چوڌاري واري سياسي ۽ سماجي حالتن کي سمجهڻ ۽ انهن جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي، ڇو ته انهن حالتن مان ئي اديب ۽ شاعر جي خيالن جي ڌارا ڦُٽي ٿي نڪري.

سنڌي ادب جا لکت ۾ اُهڃاڻ سڀ کان پهرين سومرن جي دؤر (1051ع کان 1351ع) ۾ ملن ٿا. هيءُ دؤر سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙن لاءِ تمام اهم دؤر آهي، ڇاڪاڻ ته قومي ۽ وطنيت جي جذبي ۽ خود قربانيءَ واري جذبي جي لحاظ کان هيءُ دؤر خاص اهميت وارو آهي. هن دؤر جي سورمن جي سبق سنڌين ۾ جاڳرتا آڻي، سندن ارادا پختا ڪيا ۽ حوصلا بلند ڪيا. اڄ به هيءُ دؤر سنڌ جي نئين نسل جي ذهن ۾ زنده رهڻ جا اُهڃاڻ اجاگر ڪري رهيو آهي. اڄ به دودي جي دليري، ننگر جي بهادري، ٻاگهل ٻائيءَ جي حب الوطني ۽ ابڙي سمي جو سر ڏيئي سام جهلڻ وارو روايتي سنڌي اخلاق شاعرن جي ڪلام ۾ موضوع طور ڪم اچي رهيا آهن.

4- اها حقيقت آهي ته هر دؤر جو ادب اُن دؤر جو جديد ادب هوندو آهي. جديد ادب کي گذريل دؤر جي ادب کان الڳ ڪري نٿو سگهجي. حال هميشه ماضيءَ مان ساهه کڻي زنده رهندو آهي. ماضيءَ جي پيڙهه تي ئي حال جي عمارت کڙي ڪئي ويندي آهي. 1051ع کان وٺي مغلن جي آمد (1555ع) تائين سنڌ ۾ جتي صوفياڻو ۽ مذهبي ادب پيدا ٿيو، اُتي ديسي ڇند ۾ اهڙا دوها ۽ سورٺا به چيا ويا، جن ۾ قومي جاڳرتا جو پيغام ۽ قوميت توڙي وطنيت جي جذبي وارا موضوع بيان ڪيا ويا هئا. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ اهو جذبو سدائين اثرانداز رهيو آهي. مغلن جي نوابن جي من ماني حاڪمانه رعب ۽ جاگيرداري نظام جي همت افزائي ڪندي ڏسي، ڪن قومي درد رکندڙ بزرگن مغلن جي نوابن ۽ انهن جي ساٿين، پيرن ۽ زميندارن جي سخت مخالفت ڪئي. شاهه عنايت شهيد صوفي جهوڪ وارو انهن ۾ پيش پيش هو. هن غيور درويش مغلن جي انهيءَ روش خلاف آواز بلند ڪيو، جنهنڪري کين پنهنجن فقيرن سميت شهيد ٿيڻو پيو. اهي سڀ حادثا ۽ حالتون، اهي سڀ ظلم ۽ ڏاڍايون ان وقت جي اُسرندڙ نوجوان حاذق ۽ حڪيم، لطيف سائينءَ، پنهنجين اکين سان پاڻ ڏٺيون هيون. لطيف سائينءَ مغلن جي نوابن طرفان غريبن سان ڪلور ٿيندي ڏٺا. لطيف سائين انهيءَ ماحول کان متاثر ٿيو، ۽ اشارن توڙي ڪناين ۾ انهن حادثن ۽ ڪلورن کي پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو اٿن. شاهه سائينءَ مارئيءَ جي روپ ۾ سر مارئيءَ ۾، ۽ سُر ڏهر، سر کاهوڙيءَ ۽ سر کنڀات ۾ انهن حادثن ۽ حالتن جو ذڪر هيئن ڪيو آهي:

متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين،

تو جا ڀانئين اڇ، تنهن پاڻيءَ پنان ڏينهڙا.

 

کرڪڻا لاهي، سک نه سُتا ڪڏهن،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

 

ور سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن،

گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن،

ويڙهيا گهمن ولئين، جهانگي منجهه جهنگن،

مونکي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيڄ ۾.

 

نو نير ڏهه ڏاوڻيون، پنره پئد پياس،

جڏهن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي.

شاهه جي سسئي همت، جرئت، مردانگي ۽ مستقل مزاجيءَ جو سبق ٿي ڏئي. اهي ئي ڪردار هئا، جن جي روپ ۾ شاهه سائينءَ سنڌ کي ڳايو، سنڌ وارن کي ڳايو، سنڌ لاءِ ڳايو ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ عوام جي مسئلن کي، عوام جي اڳيان آڻي، کين پنهنجن مسئلن تي سوچڻ لاءِ وجهه ڏنو.

5- سنڌ جي ماڻهن جدت کي هميشه پنهنجو ڪيو آهي. سنڌين طرفان پراڻين ۽ فرسوده ڳالهين ۽ روايتن جو هميشه مقابلو ڪيو ويو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي دؤر جي روايت مان ٽَڪرُ پهرين لطيف سائينءَ کاڌو. ان وقت هند ۽ سنڌ ۾ فارسيءَ جو راڄ هو. فارسي زبان کي درٻار جي پٺڀرائي حاصل هئي. شاعرن جي اڪثريت فارسي زبان ۾ ڪلام چوندي هئي. لطيف سائينءَ انهيءَ روايت کي ٽوڙيو. هن پنهنجي وقت جي فارسي گو شاعرن وانگي فارسي شاعريءَ جي تقليد ۽ فارسيءَ جي بحرن ۽ وزنن ۾ شاعري ڪانه ڪئي. جِت اُن وقت جي فارسي گو شاعرن هجر ۽ فراق، رقيب روسياهه، معشوق جي قدبت، گل و بلبل، سر و صنوبر جي بيان ۾ ڪاغذ ڪارا ڪري ڇڏيا هئا، اُت لطيف سائينءَ ڏُٿ ۽ ڏوٿين، هارين، جهانگين، سانگين ۽ سخي مردن کي ڳايو. لطيف سائينءَ جا ڪردار سنڌ جا جيئرا جاڳندا ڪردار هئا. لطيف پنهنجي وطن جي ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ کي ڳايو ۽ ورجايو. هن سلسلي ۾ رسول بخش پليجو لکي ٿو:

”لطيف شاعري انهيءَ نٿو ڪري ته ڪو کيس پنهنجي شاعرانه ڪلام جي نمائش ڪرڻي آهي، پر ڇاڪاڻ ته کيس اهڙي حساس، عميق ۽ انساني همدردين سان ڀرپور دل آهي جو هو بي اختيار پلٽيو پوي. هن کي سنڌي زبان يا ٻوليءَ سان عشق آهي. هُو ان زبان جو جوهري آهي، جنهن وٽ ماڻڪن جا مٽ ڀريا پيا آهن. هن سنڌي زبان جي معمولي لفظن مان ڪڏهن ماکيءَ جو ڪم ورتو آهي ته ڪڏهن شراب جو نشو پيدا ڪيو آهي. انهن لفظن مان ڪڏهن احساس جا ٽانڊا ۽ مچ ٻاري ٿو ته ڪڏهن احتجاج ۽ بغاوت جا بارود ڀري ٿو. ڪو به اهڙو موضوع نه آهي، جنهن کي لطيف سائينءَ شاعريءَ جي معيار کان گهٽ سمجهي نظرانداز ڪيو هجي. هن سنڌ جي عام ماڻهن، مردن ۽ خاص ڪري عورتن جي جذبن جي جنهن خلوص، امنگ ۽ جذبي سان ترجماني ڪئي، تنهن جي بيان لاءِ دفتر کپن. شاهه جي شاعري درحقيقت هتي جي عام ماڻهن جي زندگيءَ جو هڪ دردانگيز ۽ من موهيندڙ داستان آهي.“

هن دؤر ۾ ايراني اثر شاعريءَ کي گهڻو متاثر ڪيو. سنڌ ۾ غزل جنم ورتو. سنڌ جي شاعرن فارسيءَ ۾ ديوان، ڪليات ۽ بياض لکيا. هن دور جي ديوانن جي مطالعي مان ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄڻ ته ان وقت بلبل گل مٿان ڦيرا پائي رهي هئي؛ پروانو شمع تي مشتاق ٿي، جلي خاڪ ٿيڻ لڳو هو؛ عاشق وصال لاءِ واجهائڻ لڳو هو؛ سندس جيرا ۽ بڪيون ڪباب جيان پچڻ لڳا هئا؛ ساغر ڇلڪي رهيا هئا؛ پيمانا ۽ مئخانا مستانن سان ڀرجي ويا هئا؛ ساقي ڀري ڀري جام آڇڻ لڳا هئا؛ نرگسي نيڻن مان نشتر نڪري عاشق جي سيني مان پار هليا ويا هئا؛ دلبرن جي سنبل جهڙن زلفن جي وڪڙن ۽ پيچن ۾ عاشقن جون دليون قابو ٿي ويون هيون؛ حسينن جي خط و خال کي ڏسي خمار ۾ اچي وڦلڻ لڳا هئا؛ ستمگر جي پٿر جهڙي دل پگهرجڻ کان انڪار ڪندي رهي هئي؛ اکين جي شوخي ڏسي، عاشق هاءِ هاءِ ڪندي غش کائي ڪِرڻ لڳو هو؛ برهه جي باهه سڄيءَ ڪائنات ۾ تپش ڦهلائي ڇڏي هئي.

اهي ڳالهيون ان وقت جي غزل جو تاڃي – پيٽو هيون. حقيقت ۾ انهن ڳالهين وارو شعر اميرن جي دلين کي وندرائي سگهيو ٿي، پر اهي ڳالهيون عام ماڻهن جي سمجهه ۽ پهچ کان پري هيون، ڇاڪاڻ ته اهي نظارا ۽ بيان عام ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڄاتل سڃاتل نه هئا؛ عام ماڻهن لاءِ اهي شيون اوپريون ۽ ڌاريون هيون. اهي نظارا سنڌ جا نظارا نه هئا. اهي نظارا سنڌ وارن لاءِ غير فطري نظارا هئا. هن قسم جي شاعرن لاءِ مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ لکي ٿو:

”موزون شاعري ڌارين آهي، ان ۾ هٿرادو ٺاهيل ڳالهيون آهن ۽ هنڌ هنڌ اهل ڪرڻي پوي ٿي، جي سڀ بي بقا شيون آهن. موزون شاعريءَ ۾ گل و بلبل جون بيان، ساغر و صراحيءَ جو ذڪر، گلگشت و لاله زار جا احوال ۽ شاهد بازيءَ جون ڳالهيون هونديون آهن. اهي سڀ شيون ٻاهريون آهن؛ اهي تصور ايراني آهن؛ اهي تخيل ئي پرايا آهن ۽ اهي مضمون ئي ڌاريان بلڪ اڌارا آهن. هيترو ضرور آهي ته اسان جي ملڪ وارن بادشاهن به پنهنجي لاءِ اهي  شيون مهيا ڪيون، پر سندن فنا ٿيڻ سان گڏ هو به فنا ٿي وييون. اسان جي شاعريءَ جو انهن شين سان ڪو به واسطو ڪونه آهي. اسان جو ماحول به پنهنجو، ته رسمون ۽ رواج به پنهنجا، عشق ۽ محبت جا دستور به پنهنجا، ته تصور ۽ تخيل به پنهنجا، نظارا به پنهنجا، اشارا به پنهنجا. هت خشڪ جبل، واريءَ جون ڀٽون، بيابان، ڪنڊا، ڪرڙ، کٻڙ، لَيون، ٻٻر، درياهه ۽ واهڙ وغيره آهن. اسان وٽ عورت عاشق ۽ مرد معشوق آهي. ايراني شاعريءَ ۾ بيجا شڪايت، سخت گلا، محبوب تي الزام رکڻ ۽ کيس ظالم، جلاد، بيدرد ۽ بيوفا سڏڻ جائز. ايراني شاعريءَ ۾ رقيب جو تصور ايڏو گندو ۽ ذليل ڪارنامو آهي، جنهن جي حد ئي ڪانهي. اهو ايڏو ته بي غيرتيءَ جو ثبوت آهي جو هڪ ئي مثال بس آهي. اسان جي شاعريءَ ۾ التجائون، صدائون، سٺيون تمنائون، مدعائون ۽ رڳيون دعائون آهن.“

حقيقت ۾ سنڌ ۾ غزل پريندي ئي پير سوئڻ لڳو هو. لطيف ۽ سچل عام ماڻهن جي ذهن تي ڇانيل هئا، پر تنهن هوندي به ڪن شاعرن عروضي طرز تي طبع آزمائي ٿي ڪئي. اهي عروضي طرز تي ٺاهيل غزلن کي ”سنڌي مزاج“ موجب منظوم ڪرڻ لڳا. غزل ۾ عشقيه ڳالهين کي تصوف جي روپ ۾ بيان ڪيائون. غزل ۾ ايراني مزاج جي بدران ٺيٺ سنڌي مزاج بيان ٿيڻ لڳو. زبان، ماحول، فضا ۽ سمورا اسم سنڌ جا يعني مقامي بيان ٿيڻ لڳا. وڻ ۽ وليون، ماڻهو ۽ ماڳ، منظر ۽ ڏيک سڀ مقامي استعمال ٿيڻ لڳا. ٽالپرن جي آخري دؤر ۾ غزل گو شاعر ۽ پهرئين صاحبِ ديوان، آخوند گل محمد ”گل“ جي هڪ غزل سان ٻه شعر مثال طور ڏجن ٿا:

آئي رت سانوڻ سندي، مينهن وسي ڪيڙا ملار،

ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا، سَرها ٿيا سانگي سنگهار،

گاهه ساوا سبز ٿيا، هر سُو ڀريا پاڻين تراهه،

پهريا پوٺن وٺي چؤطرف پنهنجا ڌڻ ڌراڙ.

انگريزن جي ابتدائي دؤر تائين سنڌي غزل جي مضمون ۽ هيئت ۾ وڏي تبديلي اچي چڪي هئي. هن دؤر ۾ غزل اهو غزل نه رهيو هو، عرب کان ايران ۽ ايران کان سنڌ تائين پهتو هو. سنڌ تائين پهچڻ ۾ غزل هڪ نئين روپ ۾ بدلجي چڪو هو. سنڌ ۾ ان (غزل) ۾ معشوق جي ذڪر، عورتن جي حسن ۽ عاشقاڻين آهُن ۽ دانهن جي بدران صوفياڻيون صلاحون، ناصحاڻا نڪتا، ۽ اخلاقي ڳالهيون بيان ٿيڻ لڳيون هيون. هن دعوا جي دليل لاءِ فاضل شاهه جي ديوان مان هڪڙي غزل جا ٻه شعر نموني طور ڏجن ٿا:


[1]  گنجينہ آثار ص 377. ص 379. ص 332 تا ص 737-197.

[2]  مناري جو ڪتبو ڏسو ص 199

[3]  ابن نديم: ”الفهرست“، هندوستان عربون کي نظر مين، جلد دوم، 1962، ص 8.

[4]  پير حسام الدين راشدي: مقالو، سنڌ جو پهريون سوشلسٽ، روزانه هلال پاڪستان، 6 سيپٽمبر، 1970ع.

[5]  رسول بخش پليجو: ”انڌا اونڌا ويڄ“، انسائيڪلو پيڊيا ڪارپوريشن، حيدرآباد سنڌ، 1967، ص 58-59.

[6]  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ”ڪافي“، بزم طالب الموليٰ هالا، 1962ع، ص 36-37.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com