سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1975ع

مضمون

صفحو :10

”وقت گذرندو رهيو. ڪجهه هفتن کان پوءِ ماڻهن ٻڌو ته هن جي زال جي حالت وڌيڪ خراب ٿي ويئي آهي ۽ هوءَ اڃا به رات جو ننڊ جي حالت ۾ پنڌ ڪري ٿي. اهو به معلوم ٿيو ته مڙسهنس ڪنهن ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ وارو آهي.

”ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ويو ۽ چيائين:

”آءٌ هڪ اهڙي شخص جي باري ۾ اوهان سان مشورو ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪو رات جو ننڊ جي حالت ۾ گهمڻ جي مرض ۾ مبتلا آهي.“

”ڊاڪٽر پڇيو: ’ڇا، توهان ٿڪ محسوس ڪندا آهيو؟‘

”آءٌ“ هن پريشان ٿيندي سوال ڪيو.

”هائو، توهان.“

”توهان کي اهو احساس ڪيئن ٿيو ته مون کي ننڊ نه اچڻ جي شڪايت آهي؟“

”منهنجا دوست! ڪجهه ٿڌا ٿيو. اوهان جي زال مون کي چيو هو – آءٌ انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪنهن سان به نه ڪريان. منهنجي خيال ۾ بهتر آهي ته آءٌ توهان کي پنهنجي صورتحال کان واقف ڪري ڇڏيان. تنهنجي زال اڄ صبح جو انهيءَ باري ۾ مون سان صلاح مشورو ڪرڻ آئي هئي.

”ڪهڙي معاملي ۾، ڇا سنديس ننڊ ۾ هلڻ جي باري ۾؟ پر اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هوءَ پنهنجي انهيءَ مرض کان واقف هجي.“

”تسلي ڪريو، سموري ڳالهه مون کي سمجهه ۾ اچي ويئي آهي. تنهنجي زال مون کي ٻڌايو ته هن توهان کي ٻه دفعا ننڊ جي حالت ۾ گهمندي ڏٺو آهي. هن جو رايو آهي ته توهان کي پنهنجي حالت جي خبر نه آهي.

”هن جا چپ ڄڻڪ سبجي ويا ۽ زبان بند ٿي ويس. ڊاڪٽر چيو: ’معاف ڪجو، منهنجو تجربو آهي ته ڪي ماڻهو پنهنجو مرض پنهنجي دوستن ڏانهن منسوب ڪندا آهن. مون تنهنجي زال کي علاج جي طريقن کان واقف ڪرڻ کان سواءِ انهيءَ مرض جي ماهر، پنهنجي هڪ دوست جي نالي خط به لکي ڏنو آهي، ته جيڪڏهن توهان جي حالت وڌيڪ خراب ٿئي ته پوءِ ان حالت ۾ توهان کي انهيءَ ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃي.

”هو شخص ڏڪندي ڏڪندي گهر موٽيو. هن جي چهري تي خوف ۽ هراس جا نشان نمايان هئا. هو سمجهي ويو ته جوڻس سندس هٿيار سان ئي کيس قتل ڪرڻ چاهي ٿي. هن کي يقين ٿي ويو ته سندس سازش وارو منصوبو کُلي چڪو آهي ۽ سوچڻ لڳو ته خبر نه آهي ته اڄوڪي رات گذّرڻ کان پوءِ آءٌ قاتل هوندس يا مقتول!

”جوڻس ميز تي مٿو رکي، کونگهرا هڻي رهي هئي. کاڌو اڳيان پيو هوس. هن اچڻ شرط ميز تان ڇُري کڻي ورتي ۽ ارادو ڪيائين ته اها ڇُري زال جي پٺيءَ ۾ وهائي ڪڍي. پر جلد ئي هن پنهنجو پاڻ تي ضابطو ڪري ورتو ۽ مٿي هليو ويو. وري هيٺ سمنڊ جي ڪناري ڏانهن ڏٺائين. ٿڌيءَ هوا سان هن جي طبيعت ۾ ڪجهه سڪون پيدا ٿيو ۽ هو هيٺ هليو آيو.

”ڏاڍي نرميءَ سان، هن پنهنجي زال کي ننڊ مان اٿاريو. هن کي ڊاڪٽر واريون سڀ ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيائين ۽ پڇيائينس! ’تو ائين ڇو ڪيو؟‘

”سندس زال فينستائيءَ سان جوب ڏنو: آءٌ هن کي ڇو نه ٻڌايان. انهيءَ ڳالهه ته منهنجا حواس خطا ڪري ڇڏيا. مون کي خبر نه هئي ته ڪو اوهان کي انهيءَ ڳالهه جي خبر آهي. پر هاڻي توهان به پنهنجيءَ حالت کان واقف ٿي چڪا آهيو. جڏهن کان اسين هن گهر ۾ لڏي آيا آهيون، تڏهن کان مون توهان کي ننڊ جي حالت ۾ ڪيترائي دفعا هلندي ڏٺو آهي. تنهن هوندي به مون کي اهڙي پريشاني ڪانه ٿي هئي، پر گذريل رات جڏهن مون توهان کي مٿان هيٺ نهاريندي ڏٺو، تڏهن آءٌ ماٺ ڪري ويهي ڪانه سگهيس ۽ ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ ويس.

هن کي پنهنجيءَ زال جي اها ڳالهه معقول نظر آئي، ڇو ته جڏهن کان هو شهر مان لڏي، هن شهر ۾ وارد ٿيا هئا، تڏهن کان هن مٿئين طبقي ۽ ننڊ ۾ هلڻ کان سواءِ ڪجهه سوچيو ئي ڪونه ٿي. ٿي سگهي ٿو ته زال جي ڳالهه سچي هجي ۽ هو ننڊ جي حالت ۾ هلندو هجي؟ تنهن کان سواءِ، هيءُ به ممڪن هو ته مٿئين طبقي ڏانهن رات جو اٿي ويو هجي ته جيئن پنهنجي تصور جي اکين سان انهيءَ ملغوبي کي عملي صورت ۾ ڏسي سگهجي. بهرحال، ڪا نه ڪا ڳالهه ته ضرور هئي. هن جو دماغ چڪر کائڻ لڳو. نڙي سڪي ويس. هن پاڻيءَ جي پياليءَ ڏانهن هٿ وڌايو، ۽ سمورو پاڻي هڪ ئي ڳيت سان پيئڻ کان پوءِ ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي ٽيڪ ڏيئي ليٽي پيو.

”جوڻس پڇيس: ’چانهه پيئندا؟‘

هو ڪرسيءَ تان ٽپ ڏيئي اٿيو، ڄڻڪ ڪک سنگهيس. خوف سان پڪاريائين ته: ’نه، آءٌ چانهه ڪو نه پيئندس.‘

”پيارا! چانهه پيئڻ ڪري اوهان جي طبيعت ۾ تازگي اچي ويندي ۽ پريشاني ختم ٿي ويندي. تنهن کان سواءِ اوهان ننڊ جي غلبي کان محفوظ رهي سگهندا.‘ جوڻس مشوري جي انداز ۾ چيو.

”هن جو جسم ڳرو ٿيندو ويو. لڱ ڍرا ٿي ويس ۽ اکين ۾ ننڊ جا خمار ڀرجي آيس. هن سجاڳ رهڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”تون مون کي زهر پيارڻ گهرين ٿي. بلڪل نه، آءٌ تنهنجي ڄار ۾ هرگز نه ڦاسندس. تون… تون…“

”هن پنهنجيءَ زال جو نرم ۽ پُرسڪون آواز ٻڌو: ’مان توهان کي چانهه ۾ زهر پيارڻ گهران ٿي؟ تون ڪيترو نه شڪي ۽ وهمي آهين! چانهه کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ ۾ زهر نٿو ملائي سگهجي؟ ڇا پاڻيءَ ۾ زهر نٿو ملائي سگهجي؟ تو منهنجي سامهون اجهو هاڻي پاڻي پيتو آهي. ان وقت تو ائين ڇو نه سوچيو!‘

”هن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. اکين جا پنبڻ ڳرا ٿيندا ويس. جلدي هو ننڊ جي آغوش ۾ اچي ويو.

ٻئي ڏينهن صبح جو سج اڀريو ته ماڻهن ڏٺو ته اها عورت جڳهه جي مٿئين طبقي تي بيٺي، واويلا ڪري رهي آهي. سندس مڙس جو لاش هيٺ سمنڊ جي ڪناري تي پٿرن جي مٿان پيو آهي. ماڻهن جي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته: ’منهنجي مڙس کي ننڊ ۾ پنڌ ڪرڻ جي بيماري هئي. رات هو ننڊ ۾ هلندي، مٿان ڪوٺيءَ تان هيٺ ڪِري پيو. صبح جو ڏٺم ته بستري تي آهي ئي ڪونه. مون هيٺ نهاريو ته هن جو لاش ڏٺم. آءٌ لُٽجي ويس. آءٌ برباد ٿي ويس. هاڻي منهنجو ڪو به سهارو ڪو نه آهي.‘

”ڪنهن به هن جي ڳالهه تي شڪ ڪو نه ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح هو بدبخت پنهنجي پڄاڻيءَ کي وڃي پهتو. هاڻ ٻڌاءِ ته تنهنجو ڇا خيال آهي. هن جي نصيب ۾ بخت ڪڏهن ۽ ڪيئن آيو، هو ته واقعي بدبخت هو.

منهنجي دوست چيو: ”مون کي تنهنجي راءِ سان اختلاف آهي. جيڪڏهن تون هن جي ڪردار تي غور ڪندين ته معلوم ٿيندو ته هن جا سڀ مسئلا پنهنجا پيدا ڪيل هئا. هن کي بخت ته مليل هو، پر هو ان مان ڪم وٺي نه سگهيو.“

سيد محمد علي جمال زاده اصفهاني [ايراني ڪهاڻي]

مترجم: پروفيسر محمد اسحاق ابڙو

ڀُڳل مُرغابي

نوروز عيد جي رات هئي ۽ نوڪريءَ ۾ واڌاري وارو موقعو هو. کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ساٿين فيصلو ڪيو ته جنهن کي به پهريائين ترقي ملي اهو مڙني سڄڻن کي هڪ ٿلهيءَ متاريءَ مرغابيءَ جو ڀُڳل گوشت کارائي ۽ عزت ۽ عمر جي واڌاري جي دعا کٽي.

اتفاق سان منهنجي ترقي سڀني کان اڳي ٿي. ان ئي مهل هن دعوت ۽ سڄڻن سان ڪيل وچن جو مسئلو مون پنهنجي تازو پرڻيل ڪنوار سان ڇيڙيو. چيائين ته تو اڃا دوستن کي شاديءَ جي مٺائي به ڪانه کارائي آهي، ان ڪري گهرجي ته تون هن موقعي تي سندن چڱي خاطر تواضع ڪر، پر ڳالهه هيءَ آهي ته پاڻ وٽ ٻارنهن ڄڻن کان وڌيڪ نه ٿانوَ آهن ۽ ڇُريون ڪانٽا، يا ته وري هڪ نئون سيٽ خريد ڪيو وڃي.“

چيومانس ”تون ڀليءَ ڀت ڄاڻين ٿي ته هن عيد جي رات تي پنهنجي معاشي حالت ڪهڙي آهي. پنهنجي بجيٽ به پاڻ کي ننڍي وڏي نئين شئي خريد ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي ۽ منهنجا دوست به 23 – 24 کان گهٽ نه ٿيندا.“

چيائين ”ضروري ڪونهي ته لُچن ۽ احمقن جا ٽولا گهرايا وڃن، في الحال وڏن ڪامورن کي دعوت ڏي ۽ ٻين کي ڇڏ ته وڃي پِنيون مهٽين.“

چيومانس ”اي بابا، اها ڳالهه خدا کي به ڪونه وڻندي. هنن بدبخت دوستن کي سال ۾ هڪڙو ڪو اهڙو وجهه مَس ٿو ملي ۽ ڳچ وقت کان پيٽ کي صابڻ سان صاف ڪيو، قاز جي ڪباب ۾ اک وجهيو ويٺا آهن. جيڪڏهن هينئر کين ٽاري ڇڏيم ته پوءِ منهنجون اکيون ڪڍڻ ۾ به ويرم نه ڪندا. هاڻي جڏهن ته پاڻ ۾ ويٺا آهيون ته ڇو نه هيئن کڻي ڪجي جو ڪنهن دوست يا واقفڪار جي گهران ٿانون جو هڪ سيٽ ۽ ٻيون گهربل شيون اڌاريون گهرائي وٺون.“

ڪاوڙجي چوڻ لڳي ته اهو خيال من مان ڪڍي ڇڏ. اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي جو شاديءَ کان پوءِ پهرين دعوت ۾ ڪا اڌاري شئي وٺي پنهنجي گهر ۾ آڻڻ ڏيان. خبر نه اٿئي ته اها نيڪ فال نه آهي ۽ ان بدشگونيءَ جي ڪري اسان جو پهريون ٻار مري ويندو.

چيومانس ”پوءِ ان کان سواءِ ٻي ڪا واٽ ڪانه ٿي سجهي ته ٻه ڏينهن مهماني ڪريون. هڪڙو ٽولو هڪڙي ڏينهن اچي کائي وڃي، ٻئي ڏينهن ٻيو ٽولو اچي.“

منهنجي زال کي به اها ڳالهه آئڙي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته عيد نوروز جي ٻئي ڏينهن هڪڙو ٽولو اچي ۽ ٽئين ڏينهن ٻيو ٽولو اچي.

اجهو! هي عيد نوروز جو ٻيو ڏينهن آهي. دعوت جو انتظام ڪيو ويو آهي ۽ مهمانن جي خدمت چاڪري ۽ کيڪار جون تياريون ڪيون ويون آهن. وعده ڪيل قاز کان سواءِ سٺن جَوَن جو سُوپ، ڀلي گهيٽي جا ڪباب، ٻن رنگن جا پُلاءُ، قسمين قسمين ٻوڙ ۽ ٻيون گهربل شيون تيار آهن. نئين نرم ۽ گرم پلنگ تي آرامي آهيان، جيڪو منهنجيءَ زال کي ڏنل ڏاج جي سامان سان سينگاريو ويو آهي. وندر خاطر صادق هدايت جون اَمٽ ڪهاڻيون پڙهي رهيو آهيان. جڏهن انهن ڪهاڻين جي مطالعي ۾ مست مشغول هوس تڏهن منهنجي زال ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ چيائين ته ٻاهر هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو جيجڪ جان نالي بيٺو آهي ۽ چوي ٿو ته تنهنجي سڳي چاچي جو پٽ آهي ۽ عيد مبارڪ ڏيڻ لاءِ هتي حاضر ٿيو آهي.“

جيجڪ جان منهنجي ماءُ جي ماسيءَ جي مامي جي ڌيءَ جي چاچي جو پُٽ آهي. هو 25 يا 26 سالن جو نوجوان آهي. بلڪل رولو، سڃو، بکيو، سست ۽ نڪمو آهي. ڏاڍو بدشڪل ۽ بڇڙو. گهڻ ڳالهائو وري اهڙو جو سارو وقت پيو بڪندو هو. سندس نِڙيءَ ۾ ڄڻ همام دستو ڦاٿل هو. وات ڦاڙي پيو خرخر ڪندو هو. خدا جا لک ٿورا جو سال ۾ هڪ دفعي کان وڌيڪ سندس سونهن ۽ سوڀيا جي زيارت نصيب نه ٿيندي هئي.

زال کي چيم ته ”توکي خدا جو قسم آهي، چئينس ته فلاڻو اڃا ستو پيو آهي. ائين ڪري هن شيطان بي ادب کي اسان کان ٽار ۽ پڻس مرهيات جي قبر ۾ موڪلينس.“ چيائين ته منهنجو ڇا وڃي، بڇڙو مال مالڪ جي ڳچيءَ ۾. ماشاءالله! چشم بددور!! تنهنجي چاچي جو پٽ آهي. تون ڄاڻ تنهنجا مائٽ ڄاڻن، منهنجو اُن ۾ ڇا. مون ته شروع ۾ ئي چيو هو ته تنهنجي ڏورانهن مائٽن سان منهنجو ڪو به وهنوار نه رهندو، خاص ڪري اهڙن بي غيرت ٿُلهن ٿٻرن سان.“

ڏٺم ته ٻيو ڪو چاڙهو ڪونهي ۽ خدا کي به اها ڳالهه ڪانه وڻندي ته جو ويچارو پري کان اگهاڙي پيرين ۽ بکئي پيٽ عيد جي ڪجهه خرچيءَ جي آسري ۾ آيو آهي، ان کي مايوس ڪريان. دل ۾ چيم ته عيد جهڙي ڀلاري موقعي تي به مائٽن سان سٺو سلوڪ نه ڪيم ته پوءِ ڪڏهن ڪندس. ان ڪري کيس سڏ ڪيم. ڪنڌ جهُڪائي ڪمري ۾ داخل ٿيو. ڏٺم ته ماشاءَ الله، چشم بد دور! ٿولهه ۾ ته سائين جن ڦاٽا ٿي. سندس قد ڊگهو هو، جيڪو ان وقت تائين بڇڙو پئي لڳو. سندس قد ان ويچاري قاز جي ڪنڌ وانگر ڊگهو هو، جيڪو ان وقت ديڳ ۾ پچايو پئي ويو. سندس مٿو قميص جي ميرن ڪالرن مان ٻاهر نڪتل هو. جيتوڻيڪ پنهنجيءَ پر ۾ هو ڏاڙهي ڪوڙائي آيو هو، پر آڱرين جيڏا ڊگها پيلا، ڳاڙها ۽ ڳاڙهاڻ تي مائل ڀورا وار سندس قميص جي ڪالرن مان ٻاهر نڪتل هئا، جيڪي سندس ڳچيءَ تي ايئن پئي لڳا، ڄڻ نانگڻ جي پراڻي ڪاٺيءَ تي ڪيڙا چرپر ڪري رهيا هئا. چڱو ايئن آهي ته سندس پوشاڪ جي ساراهه نه ڪريان، پر ايترو ضرور چوندس ته سندس ڌوتل سلوار گوڏن وٽان اهڙي پئي لڳي، جو مون سمجهيو ته ڪٿان ٻه عدد گدرا چورائي اتي لڪائي ڇڏيا اٿس.

مان هن عجيب و غريب مخلوق کي حيرت مان ڏسي رهيو هوس، ته منهنجي زال گهٻرائجي ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ چيائين ”منهنجي لاءِ ته وڏو آزار مچائي ڇڏيئي. ڪجهه سوچيو اٿئي ته جيڪڏهن اڄ هي مرغابي مهمانن کي کارائيندين ته پوءِ سڀاڻي لاءِ ٻيو قاز ڪٿان آڻيندين. تو ته آندو ئي هڪڙو قاز آهي، هوڏانهن سمورن ساٿين سان قاز جي ڀڳل گوشت جي دعوت جو وچن ڪري آيو آهين.“ سوچيم ته چوي سچ ٿي. هاڻي ته ڏاڍي ڳالهه ٿي پيئي. چيومانس ته ائين نه ڪجي جو اڌ قاز اڄ ميز تي رکون ۽ باقي ٻيو اڌ وري سڀاڻي حاضر ڪجي.

جواب ڏنائين ته ”تون پنهنجي عزت وڃائڻ چاهين ٿو. ايئن ته ڪٿي به ڪونه ڏٺوسون جو اڌ قاز کي کاڌي جي ميز تي حاضر ڪيو ويو هجي. قاز جي ڪباب جو مزو ته ان ۾ آهي جو سڄو سلامت اصل مهر ٿيل دسترخوان تي حاضر هجي.“

حقيقت ۾ سندس ڳالهه واجبي هئي ۽ ان ۾ شڪ جي به ڪا گنجائش ڪانه هئي. ٿوري ويچار ۽ صلاح مشوري کان پوءِ مناسب سمجهيو ته ڪنهن به ريت هڪ عدد قاز ٻيو به هٿ ڪيو وڃي. دل ۾ خيال ڪيم ته هي جيجڪ جان جيتوڻيڪ موڳو ۽ ڀوڪ آهي، تڏهن به طهران جهڙي وڏي شهر ۾ هڪ داڻو قاز جو هٿ ڪرڻ اهڙو ڏکيو ڪونهي جو آمريڪا کي ڳولي لهڻ يا رستم جي ڪنڌ مروٽڻ جي برابر سمجهيو وڃي. ايترو ته هو به ڪم ڪري سگهي ٿو. ڏانهنس منهن ڪري چيم ته ”جيجڪ جان پڪ سان پروڙي ويو هوندين ته اسان جي مراد ڇا آهي؟ مون کي ته تنهنجي سر تي ناز آهي. اڄ ته ڪا فَلَڪ ڏيکار. ڏسون ته ڪيتريقدر ڪمائتو ماڻهو ٿو ثابت ٿين. ڪيئن به ڪري هڪ عدد تازو متارو قاز جيتريءَ به قيمت ۾ ملي هٿ ڪري اچ.“

پهرين ته جيجڪ جان پنهنجي عادت موجب ڪجهه ڳاڙهو ۽ ڪارو ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ سندس جهيڻو جهيڻو ۽ اڀريل آواز سندس نڙيءَ جي ناليءَ مان اهڙيءَ ريت نڪرڻ لڳو، جهڙيءَ طرح چلم جي پاڻي گهٽائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ گوءِ کي ڦوڪون ڏيڻ مهل نڪرندوآهي. فرمائڻ لڳا ته عيد جي موقعي تي قاز (مرغابي) جي دعوت کي رد ڪيو وڃي، ڇو ته عيد جي ڪري سڄي شهر ۾ ڪو به دڪان کليل ڪونه هوندو.

پريشان ٿي کيس چيو ته آخر هيءَ ذلت ڪيئن برداشت ڪريان! وري انهيءَ ساڳئي آواز سان وات جي پِڪ ڳهي چوڻ لڳو: ”خدا جو سُنهن ڇا چوان. ڌڻي آهيو جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو، پر چڱو ٿيندو ته دعوت کي ملتوي ڪر.“ چيومانس ته خدا توکي عقل ڏئي. اجهي ٿا ڪلاڪ کن ۾ مهمان اچي نازل ٿين، پوءِ ڪيئن دعوت کي ملتوي ڪريان. چيائين ته پوءِ پاڻ کي مريض ظاهر ڪريو ۽ چئو ته ڊاڪٽر کٽ تان هيٺ لهڻ کان منٿ ڪئي آهي. چيومانس ته ”اڃا اڄ صبح جو انهن مان ڪن دعوتين سان ٽيليفون تي ڳالهايو اٿم، پوءِ ڪيئن چوان ته بيمار آهيان.“ وري چيائين ته ”ڀلا ائين ٻڌائجو ته قاز خريد ڪيو هئم پر ڪتو کائي ويو.“ چيومانس ته ”منهنجي دوستن کي ڪونه ٿو سڃاڻين، هو کير پياڪ ٻار ڪونهن جن کي چوان ته بُبو ٻانُو کڻي ويو ۽ هو به کڻي ٻارن وانگر يقين ڪن.“ هو چوندا ته ”جيڪڏهن ٻيو قاز خريد ڪرين ها ته ڪو موت ٿوروئي اچئي ها، پر سچ پچ هو چوندا ته جنهن ڪتي قاز کاڌو آهي، اهوئي هٿ ڪري ڏي ته حساب ڪتاب وٺونس.“ وري چيائين ته ڀلا ڪنهن کي چئي ڇڏيو ته جڏهن هو اچن ته کين ٻڌايو وڃي ته سائين جن حضرت معصومہ جي درگاهه تي زيارت لاءِ ويا آهن.

ڏٺم ته جيئن پوءِ تيئن بڪواس وڌائيندو ٿي ويو. دل ۾ سوچيم ته اهڙي زبان بند ڪيانس جو پُڇ لوڏڻ بند ڪري ۽ کيس خدا جي پناهه ۾ ڏيان. چيومانس، ”جيجڪ جان، خبر اٿئي ته هي ڇا آهي؟ هي تنهنجي عيد جي خرچي آهي. هي نوٽ وٽ ۽ ڦُٽ. جيترو جلد ٿي سگهي، منهنجي ۽ منهنجي زال جي طرفان چاچيءَ کي سلام ڏجانءِ ۽ کيس چئجانءَ ته خدا هي نئون سال اوهان کي مبارڪ ڪري ۽ اهڙا هزارين سال اوهان کي نصيب ٿين.“ پر ڏٺم ته جيجڪ جان جي سوچ ڪنهن ٻئي طرف آهي ۽ منهنجي ڳالهه تي ڪو ڌيان ئي ڪونه ٿي ڏنائين. وري پنهنجي گذريل سلسلہ ڪلام کي شروع ڪري چوڻ لڳو ته ”جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهي ته اهڙي ڪا چال ڪجي جو مهمان قاز کي ته اصل هٿ ئي نه لائن ۽ انهيءَ ساڳئي قاز کي سڀاڻي گرم ڪري دسترخوان تي حاضر ڪجي. پهريائين ته اها ڳالهه مون کي بي معنيٰ ڏسڻ ۾ آئي، پر آهستي آهستي ان اٽڪل جي اهميت کي دل جي گهراين ۾ جاچڻ ۽ پرکڻ کان پوءِ سمجهيم ته هيءَ ڳالهه ڪجهه عقل واري ڪئي اٿس. ان ڏس ۾ جڏهن گهڻو سوچيم ته اميد جي هڪ هلڪي جهلڪ محسوس ڪيم ۽ منهنجي دل جي اونداهي رات ۾ هڪ ڪمزور تاري چمڪڻ شروع ڪيو. آهستي آهستي هوش سنڀالڻ لڳس ۽ سرهائيءَ سان ٽهڪ ڏئي جيڪ جان ڏانهن مُنهن موڙي چيم ته ”پهريون ڀيرو توکان هڪ عقل واري ڳالهه ٻڌي اٿم، پر منهنجي خيال ۾ اها مشڪل صرف تنهنجي هٿان حل ٿي سگهي ٿي. اڄ ته ڪو اهڙو ڪرتب ڏيکار جو مهمان مرغي کي بنهه هٿ ئي نه لائن.“

هاڻي جيجڪ جان ۾ ڪجهه جان پئي، پر اڃا سمجهه ۾ نه پئي آيس ته مون اُٺ جي مهار ڪهڙي طرف موڙڻ چاهي ٿي. سندس ڳٽن تي سرهائيءَ جا آثار سرس ٿيڻ لڳا. پوءِ مٺڙي زبان مان کيس چيم، ”ويهين ڇو نٿو؟ اچ، ويجهو اچ، منهنجي ويجهو اچي هن بخمل واري ڪرسيءَ تي ويهه. ڏي خبر ڪهڙو حال آهي؟ اڄڪلهه ڪهڙو ڪم پيو ڪرين. ڀلا تنهنجي لاءِ ڪا سٺي نوڪري ۽ سُهڻي زال ڳوليون. تون هي گز (اصفهان جي وڻن جي ريشي مان ٺهندڙ مٺائي) ڇو نٿو کائين؟ هن مٺائيءَ مان به ته ڪجهه کاءُ. هي يزد (شهر جو نالو) جي ڀلي سوکڙي آهي.“

جيجڪ جان پنهنجو ڊگهو قد ۽ ڪُٻڙي پُٺي کڻي اچي بخمل جي ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ چاهيائين ته منهنجي هن قرب ڀري کيڪار ۽ آڌرڀاءُ جا ٿورا ادا ڪري، جيڪا هن کان اڳي نه ڏٺئين نه ٻڌئين. پر مون کيس ايترو وجهه ئي ڪونه ڏنو. چيومانس: ”استغفرالله، هي ڇا ٿو چوين. تون ته منهنجو ننڍڙو ادو آهين. اڄ توکي اصل نه ڇڏيندس. تون اڄ ته اسان جو معزز مهمان ٿي رهه. سڄو سارو سال گذري ويو جو هيڏانهن مُنهن به ڪونه ڪيئي. اسان کي ته بلڪل وساري ڇڏيئي، ڄڻ ته هن شهر ۾ تنهنجو ڪو سؤٽ ئي ڪونهي. سمجهان ٿو ته تون اسان کان بيزار آهين. ڇا به ٿي پوي، اڄ منجهند جي ماني توکي اسان وٽ کائڻي پوندي. هينئر ئي ٿو مان توکي پنهنجي زال جي حوالي ڪريان ته جيئن منهنجي ڪپڙن مان بهترين جوڙو توکي پائڻ لاءِ ڏئي، پوءِ ڏس ته تون ڪهڙو نه سهڻو ٿو لڳين. نوان ڪپڙا پائي، سينگارجي اچي منهنجي ڀرسان کاڌي واري ميز تي ويهجانءِ.“

”هاڻي چڱيءَ طرح ڳالهه ٻڌ. جڏهن جَون جو سُوپ (شوربو)، دنبي جو ڀڳل گوشت، چانور ۽ ٻوڙ جهڙين شروعاتي شين کان پوءِ قاز کي دسترخوان تي اچي رکن، تڏهن تون چئجانءِ ته اڙي بابا، خدا جي واسطي بس ڪيو. هاڻي ته اسان جي پيٽ ۾ ئي جاءِ ڪانهي. اسان ايترو ته کاڌو آهي جو ڄاڻ ٿا ڦاٽون. کاڌو پنهنجو ناهي ته ڇا ٿي پيو، پيٽ ته پنهنجو آهي. سچ پچ آهي ته اِها ارمان جهڙي ڳالهه جو اهڙي سٺي پڪل قاز جي بي قدري ڪيون، پر ڇا ڪجي پيٽ ڀرئي کان پوءِ قاز کائڻ ۾ ڪهڙو مزو. پنهنجي طرفان ۽ هنن سڄڻن طرفان توهان کي نماڻو عرض ٿو ڪريان ته هن پليٽ (ٽِري) کي جيئن آهي تيئن گهر واپس ڪريو. جيڪڏهن توهان هروڀرو اهڙو زور ٿا ڀريو ته پوءِ وري آئنده هن بهار جي مُند ۾ ڪنهن ڏينهن اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿي پنهنجي پيٽ جي ماتم کي اچي ختم ڪنداسون. پر خدا شاهد آهي ته اڄ جيڪڏهن اسان کي هن کان وڌيڪ کارائيندين ته پوءِ اسين اتي ئي هنڌ وڇائي سمهي رهنداسون ۽ تنهنجي لاءِ ڏچو بنجي وينداسون، ۽ تون پيو اسان جي موت لاءِ دعائون گهرندين.“

”اوڏيءَ مهل مان جيترو به اسرار ڪيان تون به اوترو ئي پيو انڪار ڪجانءِ ۽ ڪنهن به ريت ٻين مهمانن کي به پنهنجو هم خيال ڪج“ جيجڪ جان، جنهن وات ڦاڙي ۽ ڳاٽ اُڀو ڪري منهنجون ڳالهيون پئي ٻڌيون، تنهن گهٽيل آواز سان ٽهڪ ڏئي هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ پنهنجي آواز جي مشين کي چاٻي ڏئي چوڻ لڳو: ”چڱيءَ طرح سمجهي ويس، دلجاءِ ڪر، ان ڪم کي آءٌ ڀليءَ ڀت نباهيندس.“ اهو سبق سندس اڳيان ڪيترائي ڀيرا دهرايم تان جو کيس طوطي وانگر پڪو ٿي ويو. جڏهن پڪ ٿيم ته هو چڱيءَ طرح سمجهي ويو آهي تڏهن ڪپڙن بدلائڻ ۽ شڪل صورت جي سينگار لاءِ کيس ٻئي ڪمري ۾ موڪليم. ان کان پوءِ آءٌ وري ڪهاڻين جي ٻئي ڪتاب ”سايه و روشن“ جي پڙهڻ ۾ لڳي ويس.

ٻن ڪلاڪن کان پوءِ مڙيئي مهمان ڏنل وقت تي ميز جي چوڌاري مڙي ويا ۽ هڙپ هڙپ ڪري کائڻ ۾ جنبي ويا. جيجڪ جان به نوان ڪپڙا پائي، شاندار جوراب، ريشمي نيڪ ٽاءِ، چمڪندڙ چمڙي جي ڊگهي کُڙيءَ واري بوٽ سان مست مور وانگر لڏندو ڪڏندو اچي نازل ٿيو. ڏاڙهيءَ کي ڪوڙي منهن جي سمورن نشانن، داغن ۽ کڏن کوٻن کي پائوڊر ۽ ڪريم سان گاري وانگر ليپو ڏيئي، زلفن کي ٺاهي آيو هو. ان کان سواءِ ڪَن، نَڪ ۽ ڪنڌ جي وڌيل وارن کي به ڪَتري هارسينگار ڪري آيو هو. عطر ۽ عنبر جي خوشبو هڻي اهڙو ٺاهوڪو ٿي پيو هو، ڄڻ ته ڪو ناٽڪي عاشق پردي جي پٺيان نڪري نروار ٿي اچي اسان جي مجلس کي پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا سان شرف بخشڻ لڳو. کيس ڏسي مان ته حيران ٿي ويس ته هن جي ڊگهي قد هوندي به هن ڪهڙي چالاڪي ڪئي جو منهنجا ڪپڙا کيس اهڙا ته پورا پئي لڳا ڄڻ شروع کان ازل جي درزيءَ، جناب عاليءَ، جيجڪ جان جي سهڻي قد و قامت موجب سبي ڇڏيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com