سلڇڻي – سرڪار، مان هڪ تندور واري جي ڌيءَ آهيان.
ٻاهران ڪاٺيون ميڙي ايندي هيس ته منهنجي گهر ۾
باهه ٻرندي هئي. پوءِ اسين سڀ گهر جا ڀاتي مچ جي
چوڌاري ويهندا هئاسين. گهر جي مچ ۾ ڪيڏو نه تاءُ
هوندو آهي.
لاڏو – پوءِ اسان جو گهر ته ڏاڍو گرم هوندو. اسان
جي گهر ۾ ته باهه ڪڏهن وسامي ئي ڪانه. ڏسين ڪانه
ٿي، منهنجو پيءُ هر وقت ڀڀڙ ٻاريو ويٺو هوندو آهي.
سلڇڻي – اها ته حرص جي باهه آهي. انهيءَ ۾ ساڙ ته
هوندو آهي، پر تپش ڪانه ٿيندي آهي. اهڙي باهه جي
ويجهو ڪک نه هئڻ گهرجي، نه ته اها باهه گهر ٻار
ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندي.
لاڏو – ڪک! ڪهڙا ڪک.
سلڇڻي – آءٌ ۽ سچار.
لاڏو – سچار! ها هُو بردو. نالو ته سٺو رکيو آهي
هُن – سچ جي راهه تي هلندي هلندي هيستائين اچي
پهتو آهي.
سلڇڻي – ان کان اڳتي به ڪو رستو هوندو سرڪار، سڀ
اتي اچي ته ختم نٿا ٿي وڃن.
لاڏو – هيڏانهن اچ منهنجي جان! منهنجي ويجهو ٿي
ويهه.
سلڇڻي – نه نه، منهنجي ويجهو اچڻ جي ڪوشش نه
ڪجانءِ.
لاڏو – اڙي هي ڇا! پنهنجي چؤطرف آڱر سان هي ليڪو
وري ڪهڙو ڪڍيو اٿئي؟
سلڇڻي – ليڪن نه، قلعو آهي، جنهن ۾ مون پناهه ورتي
آهي.
لاڏو -(کلندي)
ته پوءِ پنهنجي هٿيار سان به مون کي مار.
سلڇڻي – مارڻ اوهان جو ڪم آهي، منهنجو ڪم بچائڻ
آهي. جيڪي ڪجهه باقي بچيو آهي، اهو بچي وڃي ته وڏي
ڳالهه آهي.
لاڏو – تون ڪنهن تندور واري جي ڌيءَ ڪانه ٿي لڳين.
سلڇڻي – ڇو، عقل ۽ شعور رڳو اميرن لاءِ آهي ڇا؟
لاڏو – نه رڳو عقل ۽ شعور، پر تنهنجو هيءُ حسن،
جنهن جي اڳيان اک به نٿي کڻي سگهجي.
سلڇڻي – مان ته رڳو فانوس آهيان سرڪار، بتي ته
منهنجي وجود ۾ روشن آهي.
لاڏو – مان ڪيڏي مهل سوچيندو آهيان ته تون ڪٿي ڪا
ٻي مخلوق ته نه آهين. پر جڏهن مان ڏسندو آهيان ته
تون روزانو منهنجي حڪم جي بجاآوري ڪندي پنهنجي مٿي
جي وارن سان منهنجي اڱڻ جي صفائي ڪندي آهين، پوءِ
مون کي يقين ٿي ويندو آهي ته تون منهنجي خريد ڪيل
هڪ بيوس ۽ مجبور ٻانهي آهين.
سلڇڻي – ڀلو ٿئي اوهان جو. اوهان اهو حڪم ڏيئي مون
کي تاري ڇڏيو آهي. هيءَ منهنجي وارن جي ٻهاري ته
منهنجي اندر جا سڀ ڄارا پئي لاهي. روشنيءَ کي رستو
ملي ويو آهي. منهنجي ته مشڪل آسان ٿي وئي آهي.
لاڏو – خدا ڄاڻي ڇا پئي چئين؟ چڱو هاڻي مون کي
پنهنجو لاڏو چئو، ضد ڇڏ.
سلڇڻي – اهو منهنجو نه، پر اوهان جو روز روز جو ضد
آهي. وات جي ڳالهه جيڪڏهن دل مان نه نڪتي هجي ته
اُها هوا وانگر هلڪي ٿيندي آهي. جنهن ڳالهه کي سچ
جي سجاڳي نصيب نه ٿي هجي، ان کي ٻڌڻ مان فائدو؟
لاڏو – تون ائين نه مڃيندينءَ. آءٌ اڄ توکان اها
ڳالهه چورائيندس. ڪٿي آهي منهنجو گينڊي جي کل جو
چهبڪ.
(هڪڙي پيتي مان ڪا شئي ڳولڻ جو تاثر)
مون ته هن صندوق ۾ رکيو هو… آخر ڪيڏانهن ويو. شايد
ڪنهن چورايو آهي. اهو سڄو ڪم هنن نمڪ حرام غلامن
جو آهي، سمجهن ٿا ته جيڪڏهن چابڪ نه مليو ته سندن
کَل نه لهي سگهندي.
(اهي ڊائيلاگ مائيڪ ڏانهن پُٺ ڪري ڳالهائبا ۽
هيٺيان ڊائيلاگ مائيڪ ڏانهن منهن ڪري).
ٻڌاءِ منهنجو هنٽر ڪٿي آهي… هان… هي ڇا؟
(ٻليءَ جي ميائو ميائو جو آواز اُڀري ٿو) هيءَ
ڪاري ٻلي ڪٿان آئي. هتي ته ٻانهي ويٺي هئي. هي
ڪهڙو اسرار آهي. هن ٻليءَ جون اکيون ڪيئن ڏيئن
وانگر پيون ٻرن. اڙي هن جو قد به ننڍي ڪتي جيڏو
آهي. ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ وڌندي وڃي.
(ٻليءَ جي ميائو ميائو جو شور وڌندو وڃي ٿو ۽ آخر
ان سان چيتي جي گجگوڙ جو تاثر پيدا ٿئي ٿو).
لاڏو – اڙي… هيءَ ٻلي آهي يا چيتو! مون کي ڇڏ آءٌ
توکي تنگ نه ڪندس. اڙي هيءُ ڪارو چيتو ته مون
ڏانهن وڌندو اچي… آءٌ پلنگ تي چڙهي وڃان… بچايو…
ڪو… مون کي بچائي… هيءُ ته مون کي کائي ڇڏيندو.
اڙي هيءُ ته پلنگ جي هيٺان گهڙي آيو آهي. هاڻي
منهنجو بچڻ ڏکيو آهي. بچايو بچايو…
(لاڏو بيهوش ٿي وڃي ٿو)
(ٻاهران ماڻهن جو گوڙ ٿئي ٿو ۽ ويجهو اچي دروازو
کولين ٿا. ڪجهه ماڻهن جو ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جو تاثر)
لکي – (ٿورو ڳرو مردانو آواز) ڇا ٿيو آهي؟ هيءُ
رڙيون ڪنهن پئي ڪيون… منهنجا ٻچا… هن کي ڇا ٿيو
آهي ٻانهي.
سلڇڻي – جي… مون کي مارڻ لاءِ چابڪ پئي ڳوليائون
پوءِ خبر نه آهي ڪهڙي شئي ڏسي ڊڄي ويا ۽ رڙيون ڪرڻ
شروع ڪيائون. چيائون پئي ته ڪارو چيتو مون کي کائي
ڇڏيندو. پوءِ پلنگ تي چڙهي ويا ۽ اُتي بيهوش ٿي
ڪِري پيا.
لکي – ۽ تون هتي فرش تي ويٺي هئينءَ… تو منهنجي
ٻچڙي کي بچائڻ جي ڪوشش به نه ڪئي ڪمذات؟
سلڇڻي – آءٌ کين ڪنهن کان بچايان ها اندر جي خوف
کان ڪير ٿو ڪنهن کي بچائي سگهي.
لکي – اُٿي وڃڻو هڻ منهنجي لال کي… ۽ بردا… تون
وڃي پاڻي ڀري اچ.
بردو سچار – مون کي علم رمل جي ته خبر ناهي، پر
اهڙن ماڻهن کي ضرور سڃاڻان ٿو. بس ايتري ڳالهه آهي
ته وڌيڪ روشنيءَ ۾ اک نٿي کلي سگهي.
لکي – چڱو… تون وڃ ٻانهي… آءٌ پاڻهي پنهنجي لال کي
وڃڻو ٿي هڻان.
(وڃڻي هڻڻ جو تاثر)
لکي – لاڏا پٽ جاڳ… اک کول ٻچا.
لاڏو – (ننڊ جي غنودگيءَ واري انداز ۾) امان! وڃڻو
ڇو پئي هڻين، مون کي ڪا اهڙي گرمي ته ڪانه پئي
لڳي.
لکي – پٽ! تون بيهوش ٿي ويو هئين نه!
لاڏو – نه امان، مان ته ستو پيو هوس.
لکي – تو ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو هو پٽ.
لاڏو – ها… امان… پر مون کي ياد ڪونهي. ٻانهي ويئي
هلي ڇا؟
لکي – ها، مون هن کي موڪلي ڇڏيو آهي.
لاڏو – چڱو ڪيئي امان! امان، هوءَ عورت ذات نه، پر
مون کي ته ڪا ٻي مخلوق ٿي لڳي!
لکي – ابا، تون به چريو ٿي پيو آهين ڇا. هن
ويچاريءَ جو ڇا آهي.
لاڏو – نه امان! توکي خبر ناهي، ڪيئن بردا؟
بردو سچار – ها، هوءَ ڪنهن ٻيءَ دنيا مان آئي آهي،
جنهن جي اوهان کي ڪا خبر ڪانهي.
لاڏو – ٻڌءِ امان!
لکي – ها ٻُڌم، هن جي ته انسانن واري خصلت ئي
ناهي. گهگهو جهڙو (کِلي ٿي) پُٽ، تون ٿورو آرام
ڪر. پوءِ ٿوريءَ دير ٻاهر چڪر هڻي اچجانءِ، دل
وندري ويندءِ. هل بردا، تون مون کي ميندي پسائي
ڏي، آءٌ اڄ ٻانهيءَ کي ڪو به ڪم ڪونه چوندس. مون
کي وهم ٿي پيو آهي.
(هلڪي موسيقي)
لکي – هلي آ، هاڻي اڪيلا ويهي ڪجهه ڳالهيون ڪريون.
بردو سچار – اڪيلائي! کٽ مٺي گولي.
لکي – تنهنجو مون سان ڳالهائڻ تي ارواح ڪونه ٿو
وري؟
بردو سچار – جيڪڏهن ڌيان ڪنهن پاسي لڳل هجي ته
اڪيلائي به ڪُندن ڪريو ڇڏي ۽ جيڪڏهن حضوري نه آهي
ته اڪيلائي وڏو ڳنڀير ڏک آهي.
لکي – اڙي، تون هي ڪهڙيون فيلسوفيون ويٺو ٺوڪين،
ڪا ڪم جي ڳالهه ڪر.
بردو سچار- هن کي به اڪيلائي
زنجير پارائي ڇڏي آهي.
لکي – اڄ تو ڳالهايو ته آهي، پر تنهنجي گفتگو
منهنجي سمجهه ۾ نٿي اچي.
بردو سچار – خيال هيٺ مٿي ٿي ويو آهي، سامهون وجود
جو پردو اچي ويو آهي.
لکي – مون ڏانهن نهار ته سهي، اکيون ڇو بند ڪيون اٿئي.
بردو سچار – توبهه جو دروازو اڃا بند آهي ۽ آءٌ ان
جي چانئٺ وٽ بيٺو آهيان.
لکي – اچ ڀر منهنجي ۾ ويهه، آءٌ توکي غلام نٿي
سمجهان، پر سٺو ٿي سمجهان.
بردو سچار – ڪهڙي پاسي وڃان مُرشد، مون کي رستو
نظر نٿو اچي.
لکي – اچ، آءٌ پاڻ تنهنجي ويجهو اچي ويئي آهيان،
ظالم نه ٿيءُ، مون کي تنهنجي ضرورت آهي.
بردو سچار – او تون مُڙين نٿو، وري هن جي پٺيان
اچي پيو آهين – ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجي چئني پاسي هو
ليڪو به نٿو ڪڍي سگهي.
(اُٿي هلي ٿو)
لکي – نه وڃ پيارا، مون کي مڇيءَ وانگر ڦٿڪندو ڇڏي
نه وڃ.
بردو سچار – هٽي پري ٿيءُ مون کان، سُلڇڻي مون کي
مدد لاءِ سڏي رهي آهي.
لکي – ته پوءِ ڇا ٿيو، سُلڇڻي لاڏي جي زرخريد آهي.
هن سندس قيمت ادا ڪئي آهي. هن جو مٿس حق آهي.
بردو سچار – (جلال جي عالم ۾ رعبدار آواز سان) حق
جي ڳالهه نه ڪر لکي، توکي جانورن وانگر آدمزاد کي
خريد ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟ توکي ڌڄين وانگر
انسانن کي پيرن هيٺان لتاڙڻ جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟
سيني ۾ روشن حق جي چراغ کي ڦوڪن سان وسائڻ جو حق
توکي ڪنهن ڏنو آهي؟ حق جو فيصلو روح جي روشنيءَ ۾
ٿيندو آهي لکي. ظلم جي اونداهين ۾ نه. اٿي هلي ڏس
ته هتي ڪهڙو انڌير پيو ٿئي.
لکي – توکي خبر نه آهي، ڇا ٿي ويو آهي، تنهنجي ته
جوڻ بدلجي ويئي آهي.
(ٻنهي جي قدمن جا آواز ۽ دروازي کلڻ جو تاثر)
سلڇڻي – (ڊوڙي ويجهي اچڻ جو تاثر) سچار، منهنجا
سائين، شڪر ٿيو اوهان اچي ويا آهيو نه ته هي ظالم
ته ذري گهٽ منهنجو ساهه ڪڍي ڇڏي ها.
لاڏو – ته هاڻي توکي بچائڻ لاءِ ڪهڙو سورمون آيو
آهي، منهنجي پيءُ جو غلام منهنجي آڏو ڪيئن ٿو اچي
سگهي، هٽي پري ٿيءُ اڳيان، اڄ مان هن جي جسم تي
نيزي جي ڦر سان داغ هڻڻ چاهيان ٿو، هاڻي هيءَ وري
ڪڏهن به جيڪڏهن ٻليءَ جي روپ ۾ ظاهر ٿي ته مان هن
کي انهيءَ داغ جي وسيلي سڃاڻي وٺندس. هن چڱو
منهنجو تماشو بنايو آهي، (رعب سان) هٽي پري ٿيءُ
منهنجي اڳيان.
بردو سچار – (اهڙي آواز ۾ ڄڻ ته شينهن انسانن
وانگر ڳالهائي رهيو هجي) پري ٿيءُ پري ٿيءُ.
لاڏو – اڙي منهنجي ماءُ، بردو ته شينهن تي سوار
آهي، امان تو شينهن جو آواز ٻڌو آهي.
لکي – ماءُ صدقي، تون وري ڪنهن شئي کان ڊنو آهين؟
بردو ته فرش تي بيٺو آهي، هتي شينهن ڪٿي.
لاڏو – امان، مون کي ڪوڙا دلاسا نه ڏي، شينهن در
تي بيٺو آهي ۽ مون کي پنهنجي خوني اکين سان ڏسي
رهيو آهي، هُو چپن تي زبان پيو ڦيري، هُو مون کي
کائي ڇڏيندو امان، مون کي بچاءِ!
لکي – سچار، تون هليو وڃ، لاڏو وري ڊنو آهي.
لاڏو – هُو شينهن کي مون ڏانهن هڪليو پيو اچي، (ڊپ
۾) مون کي بچاءِ امان، مون کي بچائي.
بردو سچار – (تمام نرميءَ سان) هل ته هلون سلڇڻي.
(ٻنهي جي قدمن جا آواز)
لکي – پُٽ، تنهنجي طبعيت ٺيڪ نه آهي، هنڌ تي ليٽي
آرام ڪر.
لاڏو – امان هنن ٻنهي کي آزاد ڪري ڇڏيو مون کي هنن
کان ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي.
لکي – پٽ، آدمزاد آهن، ڊپ وري ڇاجو.
لاڏو – نه امان، هي آدمزاد نه آهن، هي ڪا ٻي مخلوق
آهي.
لکي – چڱو، مان تنهنجي پيءُ سان ڳالهه ڪنديس، تون
هاڻي آرام ڪر، آءٌ ٿوريءَ دير کان پوءِ اچي توکي
ڏسي ويندس، تون سمهڻ جي ڪوشش ڪر.
لاڏو – نه امان! تون اتي ئي ترس، آءٌ سمهي رهان ته
پوءِ هلي وڃجانءِ.
لکي – چڱو، جيڪا تنهنجي مرضي پٽ، (پنهنجي منهن
ٿوري وقفه کان پوءِ) خبر نه آهي منهنجي ٻچڙي کي ڇا
ٿي ويو آهي، ڳالهه ڳالهه تي ڊڄيو وڃي!
(گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ جو گوڙ ٿئي ٿو ۽ پوءِ در جي ٺڪ ٺڪ)
لکي – ڏسان ته هي گوڙ ڇاجو آهي، اڃا هينئر ته
منهنجو ٻچڙو آرامي ٿيو آهي، (ڪجهه ماڻهن جي ويجهو
اچڻ جو آواز) اڙي مُٺيس! هي ته ڪي ماڻهو آهن،
ٻِٽون ٻڌل ۽ هٿن ۾ ڀالا اٿن.
سردار – هل مائي! اڳيان هل.
هڪ آواز – هن ستل کي به وٺيو هلون.
لکي – خدا جو واسطو اَٿو، هن کي بيزار نه ڪريو،
هيءُ ته اڳيئي بيمار آهي.
سردار – کيس کڻي اڱڻ ۾ پهچايو.
لکي – برباد ٿيو مئا، هيءُ ڪهڙو ظلم پيا ڪريو!
سردار – سڌي ٿي هل، نه ته هيءَ کَل جو چابڪ ڏسين
ٿي.
لکي – اڙي، هي ته منهنجي پٽ جو گينڊي جي کَل وارو
چابڪ!
سردار – اِهو سڀني ماريندڙن وٽ هوندو آهي مائي، هي
تنهنجي پٽ جو چابڪ تنهنجي ئي پٽ جي کل به لاهي
سگهي ٿو.
لکي – منهنجي پٽ آخر توهان جو ڇا ڪيو آهي ظالمو؟
سردار – بس هاڻي گهڻي ٽر ٽر نه ڪر، هل اڳيان، هل.
(ڇڪ ڇڪان جي آوازن سان گڏ سڀني ماڻهن جي روانگيءَ جو
تاثر
سردار – اچي سائين هاڻي سڄو خاندان اوهان جي قدمن
۾ آهي.
لکي – هيءُ، ڇا توهان جو مالڪ آهي؟
بردو سچار – اسان وٽ مالڪ ۽ غلام نه ٿيندا آهن
مائي، هي منهنجي پيءُ جا دوست آهن، جڏهن سوداگر
مون کي هتي کڻي آيو هو تڏهن منهنجي پيءُ کيس عرض
ڪيو هو ته مون کي ڳولي اچن، هنن کي سوداگر جي ديري
مان منهنجي هتي اچڻ جي خبر پيئي ۽ هي مون کي وٺڻ
آيا آهن.
سرس سونارو – خوشيءَ سان وٺي وڃن بابلا، پر منهنجي
رقم.
سردار – فڪر نه پوڙها، اها رقم اسان تنهنجي زال ۽
تنهنجي پٽ کي وڪڻي تنهنجي جهوليءَ ۾ وجهنداسين.
بردو سچار – کيس اهو آسرو نه ڏيو، هي ته پنهنجي
سموري خاندان سوڌو وڪامڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، هن
کي ته هر حال ۾ دولت کپي، جيڪڏهن سون ملي ته بهتر
نه ته انسانن جو وڪرو اسان جو واپار نه آهي.
سردار – تو بلڪل سچ چيو آهي سچار، انهيءَ ڪري ته
هن موذي برده فروش کي ماري ڇڏيوسين ته جيئن هن
غليظ ڪاروبار جي پاڙ ئي پٽي ڇڏجي.
بردو سچار – ڇا سوداگر کي ماري ڇڏيو آهي توهان،
غضب ڪري ڇڏيوَ ظلم کي ظلم سان ختم نه ڪبو آهي،
توبهه جو دروازو اڳيئي بند آهي ۽ مان ان جي اڳيان
بيٺو آهيان.
سردار – اهو گناهه اوهان جي سر تي ڪونهي، دل هلڪي
نه ڪريو.
بردو سچار – بس مون کي سڌو بابا سائينءَ وٽ وٺي
هلو، اهو پاڻيهي انصاف ڪندو.
سردار – ٺيڪ آهي، پر هنن موذين کي ڇا ڪجي، دل چوي
ٿي ته هنن کي چوکنڀو ٻڌي غلامن جي بازار ۾ اڇلائي
اچجي پر تون نٿو مڃين، وري هن خفتي پوڙهي، هن
بددماغ عورت ۽ هن چٿل ڇوري جو خريدار ڪٿي ملندو،
هروڀرو ماڻهن سان جهڳي هڻبي.
بردو سچار – اسان هنن کي به وٺي ٿا هلون، اتي هلي
هي به انسان ٿي پوندا.
سردار – جيڪا اوهان جي مرضي، جهليو هن کي.
سرس سونارو – هڪڙي منهنجي آخري خواهش آهي بابلا،
ٿورو باهه تي رکيل ٿانوَ کي ته هڪ نظر ڏسي اچ. اڄ
ته مصالو به ٺيڪ ٺيڪ ۽ صحيح ملايو هوم ۽ تاءُ به
پورا ٿي ويا هوندا.
بردو سچار – آءٌ ڏسي ٿو اچان.
سردار – دوستو، مٿي چبوتري تي هڪڙي ڏولي ڏٺي
هئيسين سا ته وڃي کڻي اچو.
آواز – جيڪو حڪم، کڻي ٿا اچون.
بردو سچار (پري کان ايندي) آءٌ ڏسي آيو آهيان. عرق
جي مٿان سنهڙو پيلي رنگ جو تهه ڄميل هو.
سرس سونارو – (بي قابو ٿيندي) ٺهي ويو، اڄ ملي
ويو. اوهان کي واسطو آهي! ٻيلي، مون کي ڇڏي ڏيو،
آءٌ اوهان سڀني کي ٻوريون ڀري سون ڏيندس.
بردو سچار – اسان جو بار نه وڌاءِ ۽ پاڻ به تڪليف
۾ نه پئو، بس هلو. توبهه جو دروازو اڃا هينئر کليو
آهي.
سرس سونارو – هاءِ، جيڪڏهن اڄوڪو ڏينهن مون کي ملي
ها، ته مون ڪيميا جي آخري حد کي ڇُهي ورتو هو!
سردار – اُٿي اڳيان ٿي پوڙها، ڪيستائين ديڳڙي ۾
پنهنجن ٺهڪندڙ هڏن جو ماتم ڪندين؟ چڱو، ساٿيو بيبي
سلڇڻيءَ کي پالڪيءَ تي ويهاريو. بسم الله، کڻ
پوڙها تون اڳيان ۽ ڇورا تون پٺيان هل، پوڙهي تون
به وک کڻ. (هلڻ جو تاثر)
سردار – گهوڙو تيار ڪريان تولاءِ سچار؟
بردو سچار – نه، گهوڙو نه. (عاجزيءَ سان) آءٌ ته
گهگهو آهيان، ڪنڌ جهڪائي پٺيان پٺيان هلڻ ۾ عار
نٿو سمجهان.
3
مقالا
’ادب‘ جي نظريي کي جامع نموني ۾ سمجهڻ لاءِ ضروري
آهي ته انسان جي ٻوليءَ بابت ڪن عام حقيقتن جو
اڀياس ڪجي. سڀ کان اول اهو ياد رکڻ گهرجي ته
انساني ٻولي به هڪ سماجي پيداوار آهي. علم لسان جي
ماهرن ۾، انساني ٻوليءَ جي وجود ۾ اچڻ ۽ ان جي
ارتقا جي سببن متعلق فلسفيانه دليلن ۽ تجربن بابت
کڻي ڪيترا به اختلاف هجن، پر انهن مان سڀ کان اهم
سبب، جنهن تي سمورا ماهر يڪراءِ ۽ متفق آهن، هي
آهي ته ’جڏهن اسان ۾ پنهنجن ذات – ڀاين، يعني
انسانن کي اطلاع ڏيڻ يا خبر پهچائڻ، يا خبر وٺڻ جي
خواهش پيدا ٿي، تڏهن ئي خبر پهچائڻ جو اهو ذريعو
يعني انساني ٻولي وجود ۾ آئي‘.
ٻولي محض ڪن شين جي خاصيتن بيان ڪرڻ يا سندن باهمي
لاڳاپن ظاهر ڪرڻ جو ذريعو نه آهي: ٻولي هڪ اهڙو
اوزار آهي، جنهن کي زندگيءَ خاص انهيءَ مقصد سان
وجود ۾ آندو آهي، ته ان جي مدد سان انسان اهڙن ٻين
شخصن جو پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائي، جيڪي ’ڪل انساني
ماحول‘ جي ڪن تفصيلي مقصدن ۽ مخصوص عملي نتيجن
حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ باهمي ۽ مشترڪ ڪوشش ۾ مصروف
آهن.“
- اي . ڪي . بروهي.
سيد حسام الدين راشدي
اصفهان نصف جهان ۽ سندم سنڌ سونهاري
اين خط جا دهاکه بصحرا نوشتہ اند
ياران رفتہ باقلمِ پا نوشتہ اند
ايران ۽ سنڌ جو تعلق ايامن کان هڪٻئي سان رهيو
آهي، تاريخ جي ڪتابن ۾ جڏهن ”ولايت“ جو لفظ اچي ٿو
ته ان مان مراد ايران ئي آهي. انهيءَ ولايت ۽
پنهنجي ديسين جي باهمي سٻنڌ جون قديم ترين نشانيون
۽ اُهڃاڻ ”موهن جي دڙي“ کان وٺي ”تخت جمشيد“ جي
پٿرن تائين محفوظ ۽ موجود آهن. اهڙيءَ ريت سنڌ جي
تاريخي شهرن ۾ پڻ ايران جي آبادن جي نشان ۽ پتا اڄ
تائين انهيءَ تعلق جو اظهار ڪندا رهن ٿا. ويجهي
تاريخ ۾ ٺٽي ۾ شيرازين جو محلو، سبزوارين جو محلو،
مشهدين جو پاڙو، مغلواڙو، انهيءَ آمدورفت جي سلسلي
جون نشانيون آهن. |