”هاڻي ته تمام دير ٿي چڪي آهي. مون تنهنجو ڪيڏو
انتظار ڪيو، ڪيڏو انتظار ڪيو! آخر بلڪل نااميد ٿي
پيس ۽ تون هاڻي آيو آهين؟ هاڻي ڪهڙو فائدو؟ ايلڪ
وري به منهنجي بيوسيءَ جو فائدو وٺي مون کي پنهنجي
دام ۾ ڦاسايو ۽ پنهنجي هوس جو شڪار بنايو. ان مون
کي ۽ منهنجي ماءُ ۽ ڀينرن کي بکن کان بچايو. هو
مٿي آهي. مون کي کانئس سخت نفرت آهي. پر هاڻي ڪهڙو
فائدو. وڃ! خدا جي واسطي هليو وڃ.“
اهو ٻڌي ڪليئر تي بجلي ڪري پئي. وري به انهيءَ
بدحواسي ۽ نيم مجنونانه انداز ۾ اٿيو ۽ نڪري ويو.
مگر ٿوريءَ دير کان پوءِ ٽس به سندس پٺيان ڀڄندي ۽
ڏڪندي آئي ۽ رڙ ڪري چيائين: ”ٻڌين ٿوڪيئر! مون ان
کي ماري ڇڏيو. قتل ڪري ڇڏيو. هاڻي ته تون مون کي
معاف ڪندين نه؟“ آخر ڪليئر جي دل ڀرجي آئي ۽ ٽس کي
پنهنجي آغوش ۾ کڻي ورتائين. ”هاڻي مان توکي ڪڏهن
به نه ڇڏيندس. تنهنجو بچاءُ ڪندس، تو ڇا به کڻي
ڪيو هجي.“ ۽ ايترو چوندي ٽس کي چمين مٿان چميون
ڏيندو رهيو.
ٻئي گڏ وڃڻ لڳا ۽ نيو فارسٽ جي هڪڙي گهر ۾ اچي
پناهه ورتائون. اتي کين پنج ڏينهن گذري ويا ۽ اهو
سوچي ته اتان ڪاڏي پري نڪري وڃڻ گهرجي، ڇهين ڏينهن
اتان نڪري پيا. ٽس چيو: ”منهنجي زندگي چند هفتن جي
مهمان آهي ۽ مان نٿي چاهيان ڪليئر ته جڏهن قانون
مون کي موت جي سزا ڏيندو ته ان وقت مان تنهنجي
محبت کان محروم ٿي وڃان. ڇا تون مون کي ائين ئي
ساڳي طرح چاهيندو رهندين اينجل؟“
ڪليئر چيو: ”ٽس! هاڻي مان توکان ڪڏهن به نفرت ڪري
نٿو سگهان.“
هلندي هلندي آخر ٻئي ڄڻا اچي سٽوننج پهتا. هتي هڪ
قديم ديول هئي. ٽس ٿڪجي پئي هئي، تنهنڪري ديول ۾
اندر وڃي هڪ ڪنڊ ۾ سمهي پئي. اها ڪنڊ دراصل ديول
جي قربان گاهه هئي. جڏهن هوءَ اتي ستي پئي هئي ته
ڪليئر مٿس نظرون کپائي کيس ڏسي رهيو هو ۽ ڏسندو
رهيو. ايتري ۾ ڪنهنجي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽
پوءِ هڪٻئي پٺيان ڪيترائي پوليس جا ماڻهو آيا. چون
بچون جي ڪري ٽس جي اک کلي وئي. هن پڇيو: ”اينجل!
ڇا هي منهنجي لاءِ آيا آهن؟ چڱو، خير سٺو ٿيو.
ايتري گهڻي خوشي منهنجي برداشت کان ٻاهر هئي.“ ۽
پوءِ ان کي قانون پنهنجي گرفت ۾ کڻي ورتو. جولاءِ
جي هڪڙي صبح جو اٺين بجي کيس ڦاسيءَ جي تختي تي
چاڙهيو ويو.
سجاد حيدر
(ريڊيائي
ناٽڪ)
ترجمو ۽ پيشڪش: انوربلوچ
مٽيءَ جا رانديڪا
[پنجابي ڊرامي ”گهگهو_گهوڙا“ جو ترجمو.]
تقدير جي انصاف تي مبني هڪ علامتي ڊراموـ
ڪردا ر
بردو سچار - ’مالڪ‘ جي نظر ۾
’بردو‘، ۽ ’سلڇڻيءَ‘ جي لاءِ ’سچار‘ هڪ
خاموش طبع ۽ نيڪ انسان، جنهن کي روحاني
اشارا ٿين ٿا. هونئن سندس آواز تمام نرم، پر
جڏهن جذبهء عرفان سان ڳالهائي ٿو ته سندس
آواز تمام رعبدار ٿي وڃي ٿو.
سلڇڻي – مالڪ لاءِ ’ٻانهي‘ ۽ سچار لاءِ ’سلڇڻي‘ هڪ
خوبصورت ۽ نازڪ نازنين، جيڪا هر ڏکئي وقت ۾
سچار جو سهارو تلاش ڪري ٿي.
سرس – هڪ پوڙهو ڪيمياگر، جيڪو سون ٺاهڻ جو خفتي آهي،
جنهن جو آواز بلڪل سپاٽ ۽ ڳالهائڻ جو نمونو
خفتي ۽ چڙچڙن ماڻهن جهڙو آهي.
لکي – سرس سوناري جي زال، جنهن عمر رسيده هئڻ جي
باوجود زندگيءَ جي رنگينين سان پنهنجو ناتو
نه ٽوڙيو آهي. بردي تي ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ چاهي
ٿي. پر هو نيڪ بندو هن ڏانهن ڪو ڌيان نٿو
ڏئي.
لاڏو – لکيءَ جو نوجوان پُٽ، ڪمزور دل ۽ دماغ جو
مالڪ، وهمن ۽ وسوسن جو شڪار.
سوداگر – برده فروش، جنهن جو
آواز ٿلهو ۽ ڪرخت آهي.
سردار – ان ٽولي
جو سردار، جيڪو سچار کي ڳولڻ لاءِ نڪتو هو. |
(1)
[پراڻي زماني ۾ غلامن جي وڪري واريءَ بازار جو گوڙ
گهمسان. زنجيرن ۽ چابڪن وغيره جو تاثر. انهن آوازن
تي نغارن جو آواز بلند ٿئي ٿو ۽ ماڻهن جو گوڙ
گهمسان گهٽجي وڃي ٿو. آهسته آهسته نغاري جو آواز
پڻ بند ٿي وڃي ٿو. سوداگر پنهنجي ٿلهي ۽ اڻ وڻندڙ
آواز سان واڪ ڏئي ٿو.]
سوداگر– اي دوآبي جا رهواسيو! هڪ وڏو سوداگر آيو
آهي، پنهنجي نصيب جو سودو ڪريو، برڪت وارو ڏينهن
آيو آهي. آءٌ هنسن جو جوڙو وڪڻڻ آيو آهيان. اچو
هِن نوجوان جي سونهن ڏسو، جنهن جي انگ انگ ۾ مستي
آهي. هي نيڪ سيرت، خوبصورت ۽ شريفن جو اولاد آهي.
علم ۾ سقراط جو ثاني، حسن ۾ هزارن کان حسين. هيءُ
راوي پار جو نشان آهي، جيڪو ڀلجي هيڏانهن هليو آيو
آهي. هيءُ جتي به ويندو محلن جي رونق وڌائيندو.
هيءُ راجائن، مهاراجائن لاءِ سوغات آهي ۽ علم و
هنر جي دولت آهي. ڏسون ته هن کي ڪهڙي سخيءَ جو
دروازو نصيب ٿو ٿئي. مهربانو قدردانو! آءٌ هن جي
ٻولي هڪ هزار گنيون لڳايان ٿو.
مليل جليل آواز– هڪ هزار؟ هڪ هزار گنيون!
سوداگر– مهربانو! هيءُ جهڙي تهڙي جو ڪم نه آهي،
هيءُ وڏن ماڻهن جو سودو آهي. جوڌا روز روز وڪامڻ
ڪونه ايندا آهن. هن جوڌي جوان هٿيارن کي هٿ نه
لائڻ جو قسم کنيو آهي، نه ته ڀلا هيءُ منهنجي هٿ
ڪيئن اچي ها. ڏسو نٿا ڪهڙو ڪوپو جوان آهي، پر حد
درجي جو شريف آهي. اوهان اعتبار ڪريو، مون هنن ڏهن
ڳوٺن ۾ هن جو آواز تائين ڪونه ٻڌو آهي. ڪنهن نيڪ
ساعت جي پيدائش ۽ ڪنهن نصيبن واري جو اولاد آهي.
هرڪو هن جو خريدار نٿو ٿي سگهي. مان به وڏو جوهر
شناس آهيان. هن جي قيمت هرگز گهٽ نه ڪندس.
سرس سونارو – هڪ هزار هڪ سؤ گنيون!
سوداگر – ڏٺو، هڪ هزار هڪ سؤ گنون! هيءُ ڪهڙي
سرڪار جي ٻولي آهي؟
سرس سونارو – سرس جي ٻولي آهي.
سوداگر – ڏسو مهربان، سون ۽ موتين جي پارکو سرس
سوناري جي ٻولي هڪ هزار هڪ سؤ گنيون.
هڪ آواز – هڪ هزار ٻه سؤ گنيون.
سوداگر – ڏسو مهربان، واڪ وڌي ويو، ٻولي چڙهي وئي.
هيءَ ڪهڙي صاحب جي ٻولي آهي؟
هڪ آواز – مان شمن جي نواب صاحب جو خاص ماڻهو
آهيان.
سوداگر– خير هجي نواب صاحب جو! مهربانو قدردانو!
هاڻي ٻولي آهي سون جي هڪ هزار ٻن سوَن گنين جي.
سرس سونارو – هڪ هزار پنج سؤ!
سوداگر – قدردانو! سرس سوناري جن جي ٻولي آهي هڪ
هزار پنج سؤ گنيون. هاڻي نواب صاحب سرڪار جي ٻولي
گهڻي آهي؟
(هڪ آواز ساڳيو) – هڪ هزار ڇهه سؤ گنيون.
سرس سونارو – ٻه هزار!
سوداگر–واه سائين واه، ڪيتري نه سهڻي قيمت لڳائي
ويئي آهي.
حضور نواب صاحب جي طرفان ڪهڙو حڪم آهي سرڪار؟
(هڪ آواز ساڳيو) – نواب صاحب جن جي حڪم موجب مون
کي ان کان اڳتي وڌڻ جي اجازت ناهي.
سوداگر – ڪو ٻيو مهربان قدردان! ڪوبه ڪونهي،
قدردانو! منهنجو عرض آهي ته مون پنهنجي جان جوکي ۾
وجهي هيءُ شهزادو هٿ ڪيو آهي، هن جي قيمت ٻه هزار
تمام ٿوري آهي.
(هڪ آواز ساڳيو) – مون کي نواب صاحب طرفان اجازت
ته ڪانهي، پر مان پنهنجي طرفان ٻولي وڌايان ٿو، ٻه
هزار ٻه سؤ گنيون.
سرس سونارو – ٽي هزار.
سوداگر – ڪيئن سرڪار، اڳتي وڌو نه.
(هڪ آواز ساڳيو) – نه سائين، سرس سوناري کان گوءِ
کڻڻ ڏکي آهي.
سوداگر – ته پوءِ قدردانو مهربانو، هاڻي ٻولي آهي
ٽي هزار. ٻيو ڪو صاحب اڳتي وڌندو؟ ڪو به نه؟ هڪ
هيري جي ٻولي هاڻي ٽي هزار آهي، ٽي هزار هڪ، ٽي
هزار ٻه، ٻولي ختم پئي ٿي ٽي هزار ٽي!
سرس سونارو – وڃ پٽ لاڏو! هيءَ ٿيلهي وڃي سوداگر
جي حوالي ڪر.
[ٿيلهيءَ مان اشرفين ڪرڻ جو آواز اچي ٿو، ۽ ان ۾
هڪ پازيب جو آواز بلند ٿي نمايان ٿئي ٿو ۽ ويجهو
اچي بند ٿي وڃي ٿو.]
سوداگر – پتنگ پنهنجو پرواز ڇڏي هاڻي لهي آيو آهي.
رنگن جي پوشاڪ لاهي هيءُ دل وندرائي ٿو. هيءُ
آسمان جو تارو آهي جيڪو هيٺ لهي آيو. هيءُ ڳاڙهي
گلاب جو ٻوٽو ۽ آرزوئن جي حرارت آهي. هيءَ بهار جي
اوائلي مند جي مکڙي ۽ خوشبوءِ جي جهوٽو آهي. هيءُ
نئين چنڊ جو هوش اڏائيندڙ جمال آهي. تخت لاهور جي
هيءَ سوکڙي هينئر تمام مهانگي آهي. هن نازآفرين
حسينه جو ملهه دل کولي لڳايو، اوهان به هن جي قيمت
لڳايو. مهربانو قدردانو منهنجي طرفان هن جو واڪ
آهي هڪ هزار گنيون.
هڪ آواز – هڪ هزار پنج سؤ گنيون.
سوداگر – تمام سٺو، تمام مناسب قدردانو، ته هي آهي
هڪ هزار پنج سؤ گنيون.
هڪ آواز – ٻه هزار.
سرس سونارو – ٻه هزار هڪ سؤ.
سوداگر – اجهو سرس سونارو وري ميدان ۾ اچي ويو
آهي. سندس واڪ آهي ٻه هزار هڪ سؤ گنيون.
هڪ آواز ساڳيو – ٻه هزار پنج سؤ.
سوداگر – سائين! هتي هڪٻئي کان وڌيڪ پارکو موجود
آهن، وڌ ۾ وڌ واڪ آهي ٻه هزار پنج سؤ.
لاڏو – ٽي هزار.
سرس سونارو – اڙي لاڏا چريو ٿي پيو آهين ڇا، ايڏي
وڏي رقم جو نالو ورتو آهي تو؟
لاڏو – بابا مون کي هيءَ ڇوڪري وٺي ڏيو، ڀلي ڪيتري
به قيمت ڏيڻي پوي.
سرس سونارو – اها ڳالهه آهي ته پوءِ حوصلو رک پٽ!
سوداگر – ها ته مهربانو! منهنجي صاحب ٽن هزارن جو
واڪ ڏنو آهي.
هڪ آواز ساڳيو – ٽي هزار ٽي سؤ.
سوداگر – واه سائين واه، خدا جو شان آهي هن چنڊ
جهڙي دوشيزه جي قيمت لڳي آهي ٽي هزار ٽي سؤ. پر
اها ته هن جي هٿ جي هڪڙي آڱر جي قيمت به نه آهي.
آهي ڪو هن هيري جو قدردان جيڪو هن جي صحيح قيمت
لڳائي سگهي.
لاڏو – ٽي هزار پنج سؤ.
سوداگر – واه سبحان الله! خانداني ماڻهو وري به
خانداني ٿيندو آهي. وڏ – گهراڻا ائين ئي ته سڃاتا
ويندا آهن. ها ته سرڪار، هاڻي قيمت لڳي آهي ٽي
هزار پنج سؤ گنيون.
هڪ آواز ساڳيو – مان به هن جو ڇيهه ڏسي رهندس،
منهنجو واڪ آهي ٽي هزار اَٺ سؤ.
لاڏو – بابا سائين، مان چئن هزارن جو واڪ ٿو ڏيان.
سرس سونارو – پٽ! جيڪا تنهنجي مرضي، پر ڏسجئين، ان
کان اڳتي نه وڌجئين.
سوداگر – شهزادي جي ٻولي چار هزار، آهي ڪو ماءُ جو
لال جيڪو اڳتي وڌي.
هڪ آواز – نه بابا، هن کان اڳتي وڌڻ ته ڏاڍو ڏکيو
آهي.
سوداگر – ته پوءِ مهربان! واڪ ختم ٿئي، چئن هزارن
تي ڇا نالو آهي سائين جن جو.
سرس سونارو – هيءُ منهنجو پٽ آهي، لاڏو.
سوداگر – الله ڀلو ڪري اوهان جو، نيڪن جو اولاد ۽
سخين جو سخي. هيءُ سودو ڪو مهانگو ڪونهي سرڪار،
هيءَ دوشيزه وڏن گُڻن واري آهي. جتي به ويندي،
سمجهو ته چانڊوڪي ڪري ڇڏيندي چانڊوڪي.
سرس سونارو – وڃ پٽ هيءُ گنين جي ڳوٿري ڏيئي
ٻانهيءَ کي وٺي اچ ته گهر هلون.
[ٿيلهيءَ مان اشرفين ڪرڻ جو آواز. ٻانهيءَ جي
پازيب جو ڇمڪو ۽ بازار جي ماحول جا آواز ٿورو
نمايان ٿي آهستي آهستي ختم ٿي وڃن ٿا.]
[هلڪي موسيقي.]
(2)
[ڪنهن ليبارٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو تاثر. حمام دستي سان
ڪنهن شئي کي ڪُٽڻ جو آواز – کرل ڪرڻ جو تاثر –
ڌنوڻ سان باهه کي تيز ڪرڻ جو آواز. ديڳڙيءَ تي ڍڪ
رکڻ ۽ لاهڻ جو آواز. ٿانوَ ۾ ڪا پاڻياٺي شئي وجهڻ
۽ ڪڍڻ جو تاثر.]
سرس سونارو – اڙي بدنصيب! هيءُ حڪيم ارسطو جو علم
آهي، جنهن کان تون اکيون بند ڪيو ويٺو آهين. مون
ته سمجهيو هو ته تون عالمن جي صحبت ۾ رهيو آهين،
ڪجهه ڪيميا گريءَ جو شونق به هوندو توکي، پر تون
ته صفا ڪو گهگهو آهين! تو ته جهڙو وات سبي ڇڏيو
آهي ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيون اٿئي. ڪجهه سِڪي وٺ
چريا، مِٽيءَ مان ڦري سونُ ٿي پوندين.
بردو سچار – اها نظر نصيب ۾ ڪٿي!
سرس سونارو – اڙي نظر نه، علم چئو چريا علم.
بردو سچار – ها علم چريو ٿيڻ نٿو ڏئي.
سرس سونارو – منهنجو پٽ ٿورو عقل جو هلڪو آهي، نه
ته منهنجي دل چاهيندي آهي ته پنهنجي علم کي ٻين
تائين پهچايان. چڱو ٻُڌ! آءٌ توکي ڪيميا جا گُر
ٻڌايان ٿو. سڀ مادا چار خاصيتون رکن ٿا. گرمي،
پاڻي، مٽي ۽ هوا. هوا ۾ گرمي ۽ خنڪي، باهه ۾ خشڪي
۽ گرمي. انهن قدرتي جزن ۾ ئي اسان واڌ ۽ کوٽ ڪري
انهن جي خاصيتن کي بدلائي سگهون ٿا. ڪيمياگريءَ جي
وسيلي سون ٺاهڻ جو اهوئي اصول آهي. جيڪڏهن اهو سڄو
عمل تيز ڪري ڇڏجي، جنهن سان سونُ زمين جي تَهن ۾
پنهنجي ڪمال کي پهچندو آهي. اڙي تنهنجو خانو خراب
ٿئي، تون ته ويٺي ويٺي سمهي رهئين.
بردو سچار – سائين! رڳو سمهڻ لاءِ ئي ته اکيون بند
نه ڪبيون آهن.
سرس سونارو – چڱو! ته تون منهنجي ڳالهه ڌيان سان
ٻڌي رهيو هئين.
بردو سچار – جي ها، ڌيان ئي ته ڏنو هوم.
سرس سونارو – جيڪڏهن تو هن علم سان دل لاتي آهي ته
آءٌ استاد ’جابر‘ جا چارئي ڪتاب توکي پڙهائي
ڇڏيندس. هو ڪيميا جي فن جو تمام وڏو ماهر هو. هن
هيءُ اصول ڳولي لڌو هو ته جيڪڏهن ڪنهن به ڌاتوءَ
کي ڪٽ لڳي ته وگهرڻ جي خاصيت ڪري گندرف ۽ پاري جا
جزا منجهس هوندا. انهن جزن جي نسبت بدلائي ڪمال جو
ڌاتو سون حاصل ڪري سگهجي ٿو. هونئن ته استاد
’جابر‘ کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هو رمزن ۽ اشارن ۾
ڳالهائي ٿو. اڙي تو هن مرڪب ۾ ڪڇونءَ جي جيري جو
ست وڌو هو، ڏسان ته سهي.
بردو سچار – (پنهنجي خيال ۾) هو مڃي نٿو پر مان ته
توبهه جي در تي بيٺو آهيان.
سرس سونارو – جوش ڳڻيا آهن تو؟
بردو سچار – ٽي دفعا ٺريو.
سرس سونارو – اڙي چريا، جوش ڳڻيا آهن يا ٺار. آءٌ
هي اوٻاريان پيو يا ٺاريان پيو.
بردو سچار – اصل حالت ته ٺار آهي. جوش ته ڪي
ساعتون هوندو آهي.
سرس سونارو – ڪهڙي نه اُبتي کوپڙي آهي تنهنجي،
مُڏهه جي ٻوٽي مون کي ستين تاءُ ۾ وجهڻي آهي.
ٺاريل مرڪب ۾ ناهي وجهڻي. ڪيمياگريءَ جا ڪي ٿُلها
ٿُلها اصول ته سمجهي وٺ. چڱو هاڻي باهه ٻاريندو
رهه. جيڏيءَ مهل ستون جوش اچي ته مون کي سڏي
وٺجانءِ. آءٌ ڀر واري ڪمري ۾ ڪيميا جو هڪڙو ڪتاب
ڏسي اچان.
[ڌَنوڻ سان باهه کي تيز ڪرڻ جو تاثر جاري رهيو.
پري کان پازيب جو آواز آهسته آهسته ويجهو اچي ٿو.]
سلڇڻي – سچار! آءٌ ڪنهن مهل کان هن ڀِت جي پٺيان
لِڪي بيٺي آهيان ته سونارو وڃي ته مان توکي پنهنجو
حال ٻڌايان. اڄ ته هن لاڏي نامراد مون کي منجيءَ
سان ٻڌي تلهڙن سان ماريو آهي.
بردو سچار – (آهسته) مون کي خبر آهي.
سلڇڻي – توکي ڪيئن خبر پئي؟
بردو سچار – مون هن جي گفتگو ٻڌي هئي، توکي چئي
رهيو هو ته ”مون کي پنهنجو لاڏو چئو.“
سلڇڻي-
هائو بلڪل اهائي ڳالهه آهي، پر تون ڪٿي هئين؟
بردو سچار – مان اتيئي هوس.
سلڇڻي – پر هتي بند دروازن کان اڱڻ جو آواز ڪيئن
ٿو اچي سگهي؟
بردو سچار – آواز رڳو ڪن سان ئي نٿا ٻڌجن.
سلڇڻي – ڇا ڪريان سچار! مون کي ٻڌاءِ مان ڇا
ڪريان.
بردو سچار – آءٌ توبهه جي در تي بيٺو آهيان،
دروازو اڃان ڪونه کليو آهي. آءٌ دعا کان سواءِ هٿ
نٿو کڻي سگهان. تون شر کان بچڻ لاءِ پنهنجي چؤطرف
سچ جو ليڪو ڪڍي ڇڏيندي ڪر. سچي سائينءَ جو نالو
وٺندي ڪر، اهوئي تنهنجو ڪوٽ آهي.
سلڇڻي – تون سچ پچ سچار آهين. تنهنجو نالو به سچار
آهي.
بردو سچار – نالو نه عرف چئو. انسانن جا نالا صفتن
تي رکيا ويندا آهن ۽ اهي صفتون اهڙيون هونديون
آهن، جيڪي انسانن ۾ صفا موجود ڪونه هونديون آهن.
انڌي جو نالو ’سڄو‘ رکي ڇڏبو آهي، جيئن منهنجو
نالو سچار آهي. هونءَ بابا سائينءَ جي اها خواهش
هئي ته مان سچ کي حق سمجهان.
سلڇڻي – بابا سائين تون پنهنجي پيءُ کي سڏين ٿو؟
بردو سچار – پنهنجي مرشد کي، جنهن مون کي سٺي ۽
خراب، سچي ۽ ڪوڙي، اونداهي ۽ روشنيءَ جي پروڙ
ڏَسي. جنهن مون کي ٻڌايو ته سچ هڪ تمام وڏي طاقت
آهي. هڪ چمڪندڙ سج وانگر جنهن سڄي ڌرتيءَ تي
پنهنجي روشني پکيڙي آهي. پر اهو سڀ بابا سائينءَ
جو هڪ خواب هو.
سلڇڻي – نه سچار نه، مون سچ جي راهه تي توکي سڌو
سنئون هلندي ڏٺو آهي. تون سچو آهين.
بردو سچار – سچو ته نه، پر شايد ڪڏهن ٿي وڃان؛ هن
وقت ته مان نفس جي طوفان آڏو هڪ ڪک مثل آهيان،
باهه جي اُلن سامهون ٺهيل ڪکن جي هڪ جهوپڙي آهيان.
سلڇڻي – تنهنجو هن باهه سان ڪهڙو واسطو، هيءُ ته
سرس سوناري پنهنجو دوزخ دکايو آهي.
بردو سچار – بابا سائينءَ ٻڌايو هو ته ڪنهن بزرگ
پنهنجي مريد کي چلم ڀرڻ جو حڪم ڏنو. مريد چيو باهه
ڪانهي. بزرگ چيو وڃي دوزخ مان ڀري اچ. مريد اتي به
وڃي پهتو ۽ ڇا ٿو ڏسي ته هڪ تمام وڏو ميدان آهي،
جتي باهه جو نام و نشان به نه آهي. هن دوزخ جي
داروغي کان پڇيو: باهه ڪٿي آهي؟ هن جواب ڏنو: هتي
باهه ڪانه ٿيندي آهي، جيڪو ايندو آهي پنهنجي باهه
پاڻ سان کڻي ايندو آهي.
سلڇڻي – اسين ته هتي سوناري جي باهه ۾ پيا سڙون.
آءٌ ته خير عورت ذات هيس، پر تو جهڙو ڳڀرو جوان
ڪيئن اچي ڦاٿو؟
بردو سچار – مان ڦاڙهن جو تمام وڏو شڪاري هوس.
ڪئين ڪئين ڏينهن انهيءَ شغل ۾ مصروف رهندو هوس.
هڪڙي ڏينهن شام جي وقت ٻيلي ۾ هڪ ڦاڙهي جي پٺيان،
جيڪو اوچتو هڪڙي جهڳٽي وٽان ڦريو ته مون پوريءَ
طاقت سان تير تاڻي هن ڏانهن اڇلايو، پر هو بچي
ويو. جهڳٽي ۾ هڪ مارِي لڪو ويٺو هو، تيز سندس سيني
۾ کُپي ويو ۽ هو ڳڀرو جوان اتي ئي پورو ٿي ويو.
آءٌ موٽي آيس ۽ بابا سائينءَ کي اچي سڄي حقيقت
ٻڌايم. هنن مون کي حڪم ڏنو ته اڄ کان هٿيار اڇلائي
ڇڏ ۽ روز شام جو ان جهڳٽي جي ڀرسان ويهي پنهنجي
گناهه جي معافي گهرندو ڪر. هڪڙي شام جو مان ان
جاءِ تي اکيون بند ڪيو ويٺو هوس ته منهنجي پٺيان
ڪنهن ڄار اڇلائي ۽ ٻٽيري جيان جهلي کڻي مون کي
ڪلهن تي رکيو. اُهي سوداگر جا ماڻهو هئا، جن مون
کي وڃي سوداگر جي حوالي ڪيو.
سلڇڻي – تڏهن انهيءَ سوداگر ماڻهن کي پئي ٻڌايو ته
هن سورمي هٿيار نه کڻڻ جو قسم کنيو آهي، نه ته هن
کي جهلڻ ڏاڍو ڏکيو هو.
بردو سچار – ها، مون اها ڳالهه ڪاوڙ ۾ هن کي ٻڌائي
هئي ۽ ڪاوڙ ۾ انسان ڪڏهن ڪڏهن ابتيون ڳالهيون به
ڪري ويندو آهي.
سلڇڻي – خبر اٿئي ته اڄ لکي تنهنجي لاءِ ڇا پئي
چيو، چيائين پئي ته تون ته صفا گهگهو آهين.
بردو سچار – ها سرس سونارو به مون کي گهگهو سڏيندو
آهي. جيڪو خاموش رهي تنهن کي ماڻهو گهگهو ئي چوندا
آهن.
سلڇڻي – پر مون سان ته تون ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون
ڪندو آهين، پر لکيءَ سان ڇو نٿو ڳالهائين.
بردو سچار – لفظ داڻن جيان هوندا آهن، انهن جو رنگ
زمين تي نه پکيڙڻ گهرجي. جتي خاموش رهڻ سان ڪم
نڪري، اتي ڳالهائڻ جو ڪهڙي ضرورت آهي.
سلڇڻي – (چيڙائڻ واري انداز ۾) هان ته اتي
خاموشيءَ سان ڪم نڪرندو آهي.
بردو سچار – ها، مان خاموش ٿو رهان، منهنجو بچاءُ
انهيءَ ۾ آهي.
سلڇڻي – پر هوءَ ڇو توسان ڳالهيون چوريندي آهي.
بردو سچار – شايد منهنجو غلاف هن کي وڻندو هجي ۽
هونئن به آءٌ بنا هٿيار جي بيوس ۽ مجبور به ته
آهيان، جنهن کي وڻي مون تي ڄار اڇلائي مون کي
ڦاسائي ڇڏي، پر جنهن وقت مون پنهنجي اندر تي قبضو
ڪري ورتو ته منهنجو وجود به امان ۾ اچي ويندو.
سلڇڻي – تنهنجي گفتگوءَ جو نمونو ڏاڍو سٺو آهي.
ڪجهه ڳالهائيندو ڪر، آخر گهگهو ڇو ٿو سڏارائين پاڻ
کي.
بردو سچار – گهگهو ته منهنجي صفت آهي سلڇڻي!
منهنجي ۽ تنهنجي اسان ٻنهي جي پيرن پيغمبرن کي ڇڏي
ٻين جن به ماڻهن کي هرحال ۾ سچ ڳالهائڻ جو اذن
آهي. مخلوق جون ٻه صفتون آهن، گهگهو ۽ گهوڙا.
گهگهو اُهي ويچارا آهستي آهستي کلڻ ۽ آهستي آهستي
هلڻ وارا، خاموش طبع، ڪنڌ هيٺ ڪري پٺيان هلڻ ۾ عار
نٿا سمجهن. اِها مخلوق وات ڦاڙي ڳالهائڻ جو راز
نٿي سمجهي، پر جنهن وقت سندن سرير ۾ سچ جو ساهه
ڦوڪي ڇڏجي ٿو تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ جنگ جي
دهشت کان اوسي پاسي هڪ طوفان برپا ٿي ويو هجي.
سلڇڻي - ۽ گهوڙا، سچار؟
بردو سچار – حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ٻين کي ٿڏا هڻي اڳتي
نڪرڻ وارا، ماڻهن کي چيڀاٽي پاڻ آسودو ٿيڻ وارا.
جيڪي بلنديءَ کي رسڻ لاءِ پاڻ کان ننڍن غريب ماڻهن
کي ڪماند وانگر چوپي سندن چوپا رستن تي اڇلائي
ڇڏيندا آهن. پر ٻين کي هٿيار وانگر استعمال ڪندڙ
اهي سورما ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي رت ۾ ٻڏي ويندا آهن.
جڏهن هٿ جو هٿيار خود کين ئي پنهنجي گرفت ۾ وٺندو
آهي.
سلڇڻي – پوءِ ته لکي تنهنجو نالو صحيح رکيو آهي.
بردو سچار – ها، اِهي گهوڙا آهن – سرس سونارو،
لاڏو، لکي ۽ برده فروش سوداگر ۽ اسين گهگهو آهيون
– سلڇڻي ۽ سچار.
سلڇڻي – واه جي ڳالهه ڪئي اٿئي، لکي جيڪڏهن ٻڌي ته
ڇا چوي.
بردو سچار – تون آرسيءَ ۾ جيڪڏهن پنهنجي شڪل ڏسين
ته توکي عجيب لڳندي؟ لکيءَ کي به اِها ڳالهه عجيب
ڪانه لڳندي، عجيب ته رڳو ان وقت لڳندي، جڏهن گهگهو
ڳالهائيندو.
سلڇڻي – گهگهو ڪڏهن ڳالهائيندو؟
بردو سچار – جڏهن هن جي سرير ۾ سچ جو ساهه ڦوڪيو
ويندو.
سلڇڻي – سرس سونارو اچي پيو، آءٌ هلان ٿي.
(ٻانهيءَ جي وڃڻ جو تاثر)
سرس سونارو-
ڇو ابا ڏي خبر، ستون تاءُ آيو
آهي يا نه…؟
بردو سچار – نه.
سرس سونارو – آيو به هجي ته توکي ڪهڙي خبر، ميان
تو ته اکيون پوري دنيا کي ويڙهي سيڙهي کڻي هڪڙي
پاسي رکيو آهي. اکيون ٻوٽي آخر ڇا پيو سوچين!
بردو سچار – سوچيان نٿو، ڏسان ٿو.
سرس سونارو – اکيون پوري ڏسين ٿو، اهو عجب لقاءُ
آهي! ميان اکيون بند هجن ته ٻاهر ڇا ڏسڻ ۾ ايندو؟
بردو سچار – ٻاهر نه، اندر.
سرس سونارو – ميان پنهنجون ڳالهيون پاڻ ئي سمجهه.
هيءَ وٺ کرل ۽ سفوف ٺاهه.
[کرل ڪرڻ جو تاثر – باهه ٻرڻ جو تاثر – پاڻياٺي
شيءِ جو ڪنهن ٿانوَ ۾ لاهڻ جو آواز – اِهي آواز
فيڊ آئوٽ ٿين ٿا – ته گهوڙي جي پري کان ٽاپ ٽاپ جو
آواز ويجهو اچي ٿو – گهوڙو بيهي ٿو – گهوڙي کي
بيهارڻ لاءِ ڳٽڪار.]
(3)
لاڏو – (سڏ ڪري ٿو) ٻانهي!
(پري کان پازيب جو آواز ويجهو اچي ٿو)
لاڏو – اچي گهوڙو جهل ته آءٌ هيٺ لهان.
سلڇڻي – مون کي ڊپ ٿو ٿئي، ڪٿي گهوڙو منهنجو پير
نه چيڀاٽي.
لاڏو – (سختيءَ سان) چڱو چڱو هاڻ جهل لغام ۽ هڪ
پاسي ٿي بيهه.
[ٽپ ڏئي گهوڙي تان لهڻ جو تاثر]
لاڏو – وڃ چيني کي طنبيلي ۾ ٻڌي اچ.
سلڇڻي – هاءِ هاءِ، هيءُ ته هلي ئي نٿو، بيهي رهيو
آهي.
لاڏو – تو وانگر هيءُ به ارڏايون ٿو ڪري. هڻانس
هڪڙي چهبڪ.
سلڇڻي – نه نه، بي زبانن تي ڪهل ڪريو. آءٌ آهسته
آهسته هن کي وٺي ٿي وڃان.
[اڳيان پازيب ۽ پٺيان گهوڙي جي هلڻ جو آواز –
آهسته آهسته فيڊ آئوٽ ٿئي ٿو.]
لاڏو – (پنهنجي منهن) هيءَ ٻانهي آهي يا بادشاهه
زادي! ڪيئن نه موڙا ٽوڙا ڏيئي ٿي هلي. سندس هر هڪ
قدم سان زمين پئي ڌُٻي. سامهون اچي ٿي ته سندس حسن
جو تاب نٿو جهلي سگهجي. خدا ڄاڻي ڪهڙو اسرار آهي.
عورت ذات آهي يا ڪا ٻي بلا آهي. آهي ته پنهنجي هٿن
جي ٻانهي، پر الائي ڇو ٿي دل ڊڄي.
(پازيب جو آواز ويجهو اچي ٿو)
لاڏو – مون سان اچ.
سلڇڻي – ڪيڏانهن؟
لاڏو – منهنجي اڱڻ ۾، ڇو ڊڄين ٿي؟
سلڇڻي – اڳي ڊڄندي هيس، پر هاڻي نه!
لاڏو– ڇو هاڻي ڪو محافظ رکيو اٿئي ڇا حفاظت لاءِ؟
سلڇڻي – نه، مون پاڻ ئي پاڻ سان هٿيار رکيو آهي.
لاڏو – ڇا چيئه… تو ڪو هٿيار لڪائي رکيو آهي.
ڏيکار! نه ته آءٌ تلاشي وٺندس.
سلڇڻي – اهو هٿيار توکي ڪونه ملندو. ان جي خبر ته
فقط ان وقت پوندي آهي، جڏهن اهو لڳندو آهي.
لاڏو – اهو ڳجهو هٿيار توکي ڏنو ڪنهن؟
سلڇڻي – ڪنهن مون جهڙي، جيڪي بلڪل بيوس هوندا آهن،
تن وٽ اهو هٿيار موجود هوندو آهي.
لاڏو – چڱو، اچ مون سان. آءٌ توکي ڪجهه به نه نٿو
چوان.
[پازيب جو آواز – پوءِ دروازي کولڻ ۽ بند ڪرڻ جو
تاثر]
لاڏو – هتي ويهه. اڙي هيٺ ويهي رهي آهين، هتي موڙي
تي ويهه.
سلڇڻي – ٻانهيون موڙن تي نه ويهنديون آهن.
لاڏو – آءٌ توکي ٻانهي نه، سانئڻ سمجهندو آهيان.
سلڇڻي – رڳو سمجهڻ سان ڇا ٿو ٿئي، انهيءَ سان
انسانن جي ڪا حيثيت نٿي بدلجي.
لاڏو – ڪهڙي خبر، تنهنجي حيثيت مون کان وڌيڪ هجي،
اهو ته سڀ قسمت جو چڪر آهي. |