گريئرسن، سنسڪرت کي پرائمري پراڪرت جي هڪ لهجي جي
سڌاريل صورت بيان ڪندي لکي ٿو:
” مقامي ٻولين جي هن ڊگهي ارتقائي دور سان
گڏوگڏ، اسان کي ڪلاسيڪل سنسڪرت به اُسرندي ڏسڻ ۾
اچي ٿي، جا پرائمري پراڪرت جي هڪ لهجي مان ڇڄي،
سنسڪرت جي نالي سان وجود ۾ اچي رهي هئي“
ساڳيءَ طرح سان هندو پاڪ جو هڪ ٻيو سنسڪرت جو
مشهور ماهر، شري ڀٽا چاريه به پشل ۽ گريئرسن جي
خيالن سان متفق آهي. هو لکي ٿو؛
”سنسڪرت جي معنيٰ آهي
”سڌاريل“ نئين صورت ڏنل سنسڪرت، پراڪرت (اصلوڪي
ٻولي) مان نڪتي آهي.“
هو سوال ٿو پڇي:
”ڪهڙي ٻولي قديم ۽ پراڻي آهي: سنسڪرت يا پراڪرت؟
مٿئين بحث مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنسڪرت مان پراڪرت
جو ڦٽي نڪرڻ، هڪ غير فطرتي اصول آهي. سڌاريل ۽
سنواريل غير اصلي ٻولي، يعني سنسڪرت، ضرور دير سان
(پراڪرت کان پوءِ)وجود ۾ آئي آهي هوندي. پهرين
عوامي ٻوليءَ ضرور ايتري ترقي ڪئي هوندي، جو ان ۾
خيالن جو اظهار آسانيءَ سان ڪري سگهبو هوندو.
تنهنڪري، پراڪرت، ويدڪ ٻوليءَ جو اوائلي روپ لڳي
ٿي.“
مٿي ڏنل مثالن مان ثابت ٿو ٿئي ته سنسڪرت،
برصغير جي ٻولين جو اصلي بنياد ۽ بُڻ نه آهي، پر
سنسڪرت جو بنياد يا اصلي بُڻ، ابتدائي پراڪرت جو
هڪ لهجو يا شاخ آهي.مٿيون بحث ۽ مٿيان مثال،
انهيءَ مفروضي کي بلڪل رد ٿا ڪن ته ”پراڪت ٻولي،
سنسڪرت جي بگڙيل صورت آهي.“ مٿين مثالن مان اهو پڻ
واضح ٿئي ٿو ته انوقت پراڪرت ڪا هڪ ٻولي ڪانه هئي،
پر ان جا ڌار ڌار لهجا هئا، جيڪي ڌار ڌار خطن ۾
ڳالهايا ويندا هئا. انهن لهجن مان هڪ لهجي، برهمڻن
جي اثر هيٺ، عالمانه صورت ورتي. اهو لهجو برهمڻن
تائين ئي محدود رهيو. هن بحث مان اهو پڻ واضع ٿئي
ٿو ته سنسڪرت جي حيثيت، پراڪرت جي ٻين لهجن وانگر،
هڪ لهجي جهڙي هئي، جو هند و پاڪ جي ڪنهن هڪ خطي
تائين محدود هو. جيئن مٿي ثابت ڪيو ويو آهي ته اهو
لهجو، پوري برصغير ۾ هرگز رائج نه هو ۽ نه وري
ڪنهن ئي دور ۾ ڪو عوامي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ڳالهايو
ويندو هو، جيئن ڪن عالمن جو رايو آهي
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته پراڪرت جو اهو
ڪهڙو لهجو هو، جنهن سنڪسرت جو روپ ورتو، ۽ اهو
لهجو ڪهڙي خطي ۾ ڳالهايو ويندو هو؟ ”پشل“ جي راءِ
موجب ” مهاراشٽري لهجي؛ سنسڪرت جي صورت ورتي؛ هو
لکي ٿو:
”سنسڪرت، پراڪرت جي ڌار ڌار لهجن مان هڪ
جو اهم حصو اُهي؛ خاص طور مهاراشٽري لهجي جو، جو
شاعريءَ طور به ڪم ايندو هو. انهيءَ لهجي جا
شعر_ ” گَئو ڊَوَهو، ۽ راوَڻَوَ هو، _ سنسڪرت جي
نموني تي جوڙيا ويا هئا“.
گريئرسن جي خيال موجب سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ وارن لهجن
مان هڪ لهجي، سنسڪرت جو روپ ورتو؛ مثال طور، هو
لکي ٿو:
” ٻئي طرف، برصغير جي سَر اُتر_ اولهه
طرف، ايراني ٻولين واري خطي سان لڳو لڳ، هڪ لهجو
ڪلاسيڪل سنسڪرت جي اوسر جو سرچشمو بڻيو. هن لهجي
جي وجود جي شاهدي، پراڪرت جي ٻئي ” درجي“ مان ملي
ٿي“.
پروفيسر سُنتي ڪمار چئٽرجيءَ جي راءِ
مطابق، برصغير جي اتر اولهه واري پراڪرت جي
اُڌيچيه لهجي مان سنسڪرت اُسري؛ يعني_ اُڌيچيه
لهجي جي ڪنهن هڪ محاوري سنسڪرت جو روپ ورتو؛ هُو
لکي ٿو:
”پنهنجي گرامر ۾ هن ( پاڻينيءَ)، آخر ۾،
ٻولين کي ترتيب ڏيئي، سنسڪرت کي رگ وويدڪ
”ڪُنستسپراچي
(kunstsprache)
ٻوليءَ موجب ٽيون نمبر ڏنو آهي. هيءَ (سنسڪرت)
ٻوليءَ، اُڌيچيه لهجي جي هڪ محاوي مان اُسري، ۽
برهمڻن ان کي مڌيه ديش، پورب، ۽ ڏکڻ ۾، گهڻي
اُتساهه ۽ چاهه سان پنهنجو ڪيو“.
مٿي ڏنل مختلف نظرين جي اڀياس کان پوءِ
چئي سگهجي ٿو ته پراڪرت جي اُڌيچيه لهجي جو هڪ
محاورو، جو سنڌوءَ جي ڪناري تي ڳالهايو ويندو هو،
سنسڪرت جو روپ وٺي بدليو. گوتم ٻڌ جي زماني ۾،
اُڌيچيه خطي کي علمي ۽ ادبي حيثيت حاصل هئي. پوري
برصغير جا ماڻهو هن خطي لاءِ اعليٰ خيال رکندا
هئا. برهمڻن جي هڪ ڪتاب ۾، هن خطي جي باري ۾،
ڄاڻايل آهي ته:
”آڌيچيه وارو لهجو، ماڻهو گهڻي امتياز سان
ڳالهائين ٿا. سڄي ملڪ جا ماڻهو ۽ شاگرد، اُڌيچيه
جي عالمن وٽ وڃي گفتگو جا آداب سکندا هئا. جيڪو به
هن خطي (اُڌيچيه) مان علم حاصل ڪري موٽندو هو،
تنهن کي ماڻهو چاهه سان ٻُڌڻ پسند ڪندا هئا“.
هن خطي ۾، تَڪس شَلا يونيورسٽي، پاڻينيءَ واري
دور(500 ق. م. ) ۾ علم ادب جو مرڪز هئي. پاڻيني،
هن يونيورسٽيءَ ۾ ئي پڙهيو هو.هُو سالا پور (
لاهور) جي نزديڪ ڄائو هو. هن يونيورسٽيءَ جا آثار
اڃا تائين ” ٽئڪسيلا“ جي نالي سان مشهور آهن.
پاڻيني، پارسيءَ ۾ به مهارت رکندو هو سنڪسرت جو
گرامر پهرين پهرين هن ئي لکيو هو. اهو يقين سان
چئي سگهجي ٿو ته پاڻينيءَ تعليم ورتي هئي، انهيءَ
ڪري چئي سگهجي ٿو ته تڪس شلا واري خطي جي روزمرهه
واري محاوري، برهمڻ جي هٿ هيٺ علمي ۽ ادبي صورت
ورتي، ۽ نيٺ سنسڪرت جي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌي،
لهندا ۽ سنڪسرت ۾ بيشمار هڪ جهڙاين جو سبب به اهو
ئي آهي، جو اهي ٻوليون هڪ ئي لهجي جون شاخون آهن
يعني ته انهن جو بُڻ يا اصلي بنياد هڪ ئي لهجو
آهي.
هن کان اڳ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌيءَ جي
اصلي بنياد يا خاندان جي باري ۾ جناب ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ صاحب جيڪا راءِ قائم ڪئي آهي، ان ۾ تضاد
گهڻو آهي. ڊاڪٽر صاحب،” سنڌي ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ“ ۾ سنڌيءَ کي غير آرياڻي زبان ٿو ڪوٺي، ۽ ان
کي سامي_ صفت ( بقول ڊاڪٽر صاحب، سامي زبان جهڙي)
ٻولي ٿو بيان ڪري. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ساڳيءَ طرح،
پنهنجي ڪتاب ۾، سنڌيءَ کي دادري ٻولين جي شاخ به
ڪوٺي ٿو. مثال طور، ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
”لهندا (سرائڪي، بهالپوري، ملتاني، ديري
والي، هندڪو)، ڪشميري ۽ اترئين سنڌو ماٿر جون ”
دادري“ ٻوليون، ان ( سنڌيءَ ) جون ڀينرون آهن.“.
ڊاڪٽر صاحب، گريئرسن جي ڪتاب جي اٺين جلد جي حوالي
سان، سنڌي ۽ لهندا کي داردي ٻوليءَ جي شاخ
ڄاڻائيندي دليل ٿو ڏئي:
”سنڌي ته الٽو دادري ٻولين سان چٽي ۽ گهاٽي نسبت
لاءِ دعوا ڪري ٿي( دادري، هن ( سنڌيءَ ) تي اترئين
سرحد کان پنهنجا اثر ڇڏيا آهن). سنڌ جي سرحدن کي (
ڌارين جي اتر کان ) اوڀر طرف کان اولهه راجستان جو
رڻ پٽ بچائي ٿو.“
ڊاڪٽر صاحب، گريئرسن جو جيڪو حوالو ڏنو آهي، ان ۾
اهو بلڪل ڄاڻايل ئي نه آهي ته ڪو سنڌي يا لهندا،
دادري ٻولين
جون شاخون آهن ؛ پر هن حوالي ۾
ڏنل لفظ
relationship
مان مراد، سنڌي، لهندا ۽ دادري ۾ ”هڪجهڙائي“ يا ”
نسبت“ آهي، جا سنڌي ۽ لهندا ۾ دارديءَ جي اثر کان
ئي ٿي آهي، جيئن ڏنگينءَ ۾ ڏنل لفظن مان ظاهر آهي.
سنڌي ۽ لهندا تي دادري اثر کي، گريئرسن،
پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي جلد پهرئين( جو دراصل بعد ۾،
يعني 1927ع ۾ ڇپائي ظاهر ڪيائين ) جي ڀاڱي پهرئين
۾ قبول ڪيو آهي. هو لکي ٿو:
”سنڌو ماٿر جي هيٺئين حصي جي هر هنڌ جيڪا
اپڀرنش چالو هئي، تنهن کي ” وراچڊ“ چيو ويندو هو.
هن ٻوليءَ (وراچڊ) سان اسين سنڌي ۽ لهندا کي شامل
ڪري سگهون ٿا. پوئين ٻولي (لهندا) ڪيڪيه جي قديم
ديس ۾ ڳالهائي ويندي آهي. جيتوڻيڪ اهي خطا، جن ۾
اهي ٻئي ٻوليون مقامي زبان جي حيثيت ۾ ڳالهايون
وڃن ٿيون، دادري ٻولين جي ڳالهائيندڙ جو ڳچ تعداد،
جيڪو پنهنجي پويان ٻوليءَ جا آثار ڇڏي ويو آهي،
اهي اثار اڄ تائين اتي ملن ٿا“.
گريئرسن، ساڳئي صفحي تي اڳتي لکي ٿو:
”دادري ٻولين جو اڄوڪو ديس، جنهن کي
داردستان چيو وڃي ٿو، تنهن ۾ گلگت جو اوِڀر ۽
اولهه وارو خطو ۽ ڪشمير، سنڌو ۽ سوات وارو
ڪوهستان، چترال ۽ ڪافرستان وارا خطا اچي وڃن ٿا.
اڳئين زماني ۾، دادري ٻوليون وڏي حصي تي اثرانداز
هيون. اهي ڪنهن زماني ۾ بالستان ۽ مغربي ٿٻيٽ
تائين پکڙيل هيون. انهيءَ خطي ۾ هاڻ تبت و برمن
ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. انهيءَ کان سواءِ
دادريَ ٻوليون، سڄي پنجاب تي ڇانيل هيون. اڄ به
پنجابي ۽ لهندا ۾ دادري ٻولين جا آثار ملن ٿا.
پنجاب کان هيٺ، ڏکڻ طرف، سنڌيءَ ۾ دارديءَ جي اثر
جا اهڃاڻ ملن ٿا“.
گريئرسن جي مذڪور نظريي کي، ڊاڪٽر بلوچ
صاحب، پنهنجي تازي، انگريزيءَ ۾ لکيل مقالي ۾،
قبول ڪندي لکي ٿو:
”گريئرسن اهو قبول نٿو ڪري ته سنڌي يا
لهندا ڪو دادري جي ڪنهن به ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتيون
آهن، پر هو اهو مڃي ٿو ته انهن تي دادري جو ڌاريون
اثر ضرور ٿيو آهي.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب نه فقط ”سنڌيءَ کي دادري
جي شاخ ڪوٺڻ“ واري پنهنجي نظريي کي، مٿي بيان ڪيل
لفظن ۾ پاڻ رد ڪيو آهي، پر پنهنجي ساڳئي ڪتاب ۾،
پنهنجي ٻئي اهم نظريي_سنڌي ٻولي بنيادي طور سنڌو
سنئون سنڪسرت مان نڪتل ناهي، بلڪ _ سنسڪرت کان اڳ
واري دور جي سڌو _ ماٿر جي قديم ٻولي آهي، جا ڪا
سامي_ صفت زبان هئي_ کي ساڳئي انگريزي مقالي ۾ صاف
صاف لفظن ۾ پاڻيهي رد ڪري، وري اها ئي دعوا ڪئي
آهي ته:
”سنڌي، لهندا ۽ دادري، آريائي ٻوليون
آهن.“
هن انگريزي مقالي ۾، ڊاڪٽر صاحب، سامي_ صفت وارو
بيان ڪيل نظريو صفا وساري ڇڏيو آهي، ۽ سڌو سنئون
لکي ٿو:
The Distinct nature of Sindhi, Lahnda and Dardic
Languages (of Kashmir, Kohistan and Gilgit)
rather suggest that they owe their origin to the
common stock of Aryan tongues spoken at the time
of early Aryan settlement all along the Indus
Valley,.
هن راءِ کان پوءِ، هڪ صاف گو ليکڪ ۽ عالم جي حيثيت
۾، ڊاڪٽر صاحب کي اهو صاف لفظن ۾ لکڻ کپندو هو ته
موهن جي دڙي وارو سنڌو_ ماٿر جي سڀيتا، آرين جي
آمد کان اڳ جي سڀيتا آهي؛ تنهن ڪري موهن جي دڙي
واري زبان، هند _ آريائي زبان کان آڳاٽي هئڻ جي
ڪري، ”سامي_ صفت وارو نظريو“ محض جذباتي،
غيراطمينان بخش ۽ هڪ مفروضو آهي، جنهن کي رد سمجهڻ
کپي. ڇاڪاڻ ته پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ صفحي 19 تي لکي
ٿو ته: ”آثارقديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي
بناءُ تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ”قديم ٻولي“
غالبا ڪا ”سامي“ زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي
پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين
مان، هن قديم زماني ۾ ”سنڌ جي ٻوليءَ“ تي گهڻي ۾
گهڻو اثر ايراني ۽ دادري ٻولين جو پيو، ۽ اُن بعد
پالي پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو.“ پر هو ڏانهن لکن
ٿا ته سنڌي آريائي ٻولي آهي.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ٻوليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ
کي واضح نه ڪيو آهي، ۽ سنڌ جي ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ
۾ سندن راءِ موجب ڪهڙو فرق آهي.؟ اسان جي خيال
موجب” سنڌ جي ٻوليءَ“ مان سندن مراد موهن جي دڙي
واري قديم سنڌي ٻولي آهي، جا هاڻ زندهه نه رهي آهي:
سنڌي ٻوليءَ مان سندن مراد اڄوڪي سنڌي آهي، جنهن
کي پاڻ پنهنجي تازي مقالي ۾ آريائي ٻولي تسليم ڪري
چڪا آهن. بهتر آهي ته ڊاڪٽر موصوف هن راءِ تي
روشني وجهن.
مٿئين سڄي بحث مان هي نتيجو ٿو نڪري ته
اڄوڪي سنڌي ٻولي آريائي ٻولي آهي، جنهن جو اصلي
بنياد ڪا قديم پراڪرت يعني ابتدائي پراڪرت آهي. هن
ڏس ۾ پروفيسر سُنتي ڪمار چئٽرجيءَ جو رايو گهڻي
مدد ٿو ڪري. هو لکي ٿو:
” ويدڪ ٻولي، ڪُنستسپراچي
Kunstsprache))
(ويدڪ جي منترن واري ٻولي) کان سواءِ هند_
آريائيءَ جي عوامي لهجن
(Spoken dialects
)، بر صغير ۾ ترقي ڪرڻ ۽ سڌرڻ شروع ڪيو.
هڪ هزار کان 600
ق.م. تائين وارو عرصو، جيڪو برهمڻن جي تمام پراڻين
لکيتن وارو زمانو آهي، اُن عرصي دوران لکيل ڪتابن
۾، اسان کي ڪٿي ڪٿي هندو پاڪ ۾ ٻولين جي حيثيت ۽
حالات جي باري ۾ لکيل اشارا ملن ٿا.
انهن اشارن مان معلوم ٿو ٿئي ته آرين جون عوامي
ٻوليون ٽن گروهن ۾ ورهايل هيون.
(الف) اُڌيچيه يا اُتريون يا اُتر_ اولهه وارو
لهجو،“
(ب) مڌيه ديشيه لهجو،
(ٻ) پراچيه يا اوڀر وارو لهجو.“
چئٽرجي صاحب، اڳتي لکي ٿو ته مهاتما گوتم ٻڌ جي
زماني ۾، اُتر هند ۾ آرين جي ٻولين جي حيثيت هن
ريت هئي:
”(الف) ٽي لهجا عام طور ڳالهايا ويندا هئا_
اُڌيچيه، مڌيه ديشيه ۽ پراچيه. اوڌيچيه لهجو البت
ويدن واريءَ جي نزديڪ هو، ۽ اُن سان مليو
جُليوٿي،پر اچيه لهجو ان کان گهڻو ڦريل هو.
(ب) ڇاندَس يا ويدڪ منترن جي پراڻي منوني وارو
لهجو، جو قديم هند_آرياڻيءَ جي نمائندگي ڪندڙ
لهجوهو“.
مسٽر چئٽرجيءَ جي هن راءِ مان هي نتيجو
ٿو نڪري ته ڪُنستسپراچي کان پوءِ، ڇاندس هڪ اهڙو
لهجو هو، جو قديم هند_ آريائيءَ جي نمائندگي ڪندڙ
لهجو هو. هن جي راءِ موجب، ويدڪ منترن جي ٻئي دور
واريءَ ٻوليءَ کي ڇاندس سڏيو ويندو هو.
گريئرسن لکي ٿو ته ”جڏهن پراڪرت ٻولين لکت
واري صورت ورتي، تڏهن اُهي به سنسڪرت وانگر محدود
رهجي ويئيون، پر روزمره واريون ڏيهي ٻوليون ارتقا
۽ تغير پذير رهيون. پراڪرت جا اهي روزمرهه وارا
لهجا، نيٺ ”اپڀرنش“ جي نالي سان ڪوٺجڻ ۾ آيا“.
گريئرسن ائين به لکيو آهي ته
”جيڪا اپڀرنش زيرين سنڌو ماٿر ۾ ڳالهائي ويندي
هئي، ان کي ” وراچڊ اپڀرنش” ڪوٺيو ويندو هو“. هن
جي راءِ مطابق ”سنڌي ۽ لهندا، ان اپڀرنش يعني
”وراچڊ اپڀرانش“ جون شاخون آهن“
ماهرن جي بيان ڪيل نظرين جي مطالعي کان
پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ نه
آهي، پر سنڌي، سنسڪرت ۽ لهندا، ٽنهي جو اصلي
بنياد، قديم پراڪرت جي هڪ لهجي، يعني اُڌيچيه لهجي
جو هڪ محاورو، ”وراچڊ اپڀرنش“ آهي. هن پوري بحث جو
نتيجو هيٺ چارٽ جي صورت ۾ ڏجي ٿو:
مٿي ڏنل چارٽ مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌي،
لهندا يا ٻيون هند_ آريائي ڏيهي ٻوليون، سنسڪرت
جون شاخون نه آهن؛ پر دراصل سنسڪرت، سنڌي ۽ لهندا
جو اصلي بنياد هڪ ئي لهجو، يعني وراچڊ اپڀرنش آهي،
جو اُڌيچيه پراڪرت جو هڪ لهجو آهي. وراچڊ اپڀرنش
لهجي جي تڪس شلا واري محاوري، 700 ق.م.کان 600
ق.م. ڌاري برهمڻن جي هٿ هيٺ عالماڻي صورت ورتي.
اڳتي هلي برهمڻن ( پاڻينيءَ) اُن کي سنسڪرت (
سمسڪرت) ڪوٺيو. هيءَ ٻولي عالماڻي حيثيت ڪري تعليم
جو ذريعو بڻي، پر عوامي ٻوليءَ جي حيثيت وٺي نه
سگهي. هن نظريي موجب سنڌي ۽ لهندا وارا روزمره
وارا محاورا، سنسڪرت جي وجود کان اڳ روزمرهه وارا
محاورا هئا. تڪس شلا واري محاوري بعد ۾ علمي ۽
ادبي صورت ورتي هوندي.
مددي ڪتابن جي فهرست
سنڌي ڪتاب
1. ڀيرومل اُڏواڻي:
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1956ع.
2. ڊاڪٽر گربخشاڻي:
مقدمه لطيفي،
اسلاميه پريس حيدرآباد سنڌ، 1950ع.
3. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:
سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ،
حيدرآباد سنڌ، 1962ع.
4. سراج الحق :
سنڌي ٻولي،
عظيم پبليڪيشنس، حيدرآباد سنڌ، 1964ع.
5. خواجه غلام علي الانا:
سنڌي،
سه ماهي مهراڻ، 3_14، 1966ع.
6. گڌگارام سمراٽ:
سمالو چنا ۽ آلو چنا،
ماهوار سنڌو، جولاءِ _ سيپٽمبر، احمدآباد، 1966ع.
انگريزي ڪتاب
7. Bhandarkar, R.G., Frist book of Sanskrit,
Gopal Narayan & Co., Bombay, 1947.
8. Bhattacharyya, H.K.,The Language and Scripts
of Ancient India, Calcutta_ 9, 1959.
9. Buck, C.D., Comparative Grammar of Greek and
Latin, University of Chicago press, 1962.
10.
Chakaravarti, c., Literary History of Ancient
India, Calcutta.
11. Chatterji, S.K, Origin and Development of
Bengali language.
12. Chattrji, S.K., Indo_ Aryan and Hindi,
Gujrat Vernacular society, Ahmedabad, 1942.
13. Chandra Chakraverty, Racial Histroy of
India, Vijaya Krishna brothers, Calcutta.
14. Dines Chandra Sircar, Grammar of The Prakrit
language, University of Calcutta, 1943.
15.Geierson,E., Linguistic Survy of India,
Vol:1, part I, 1927.
16. Dr. Leonhard Selmitz, Elementary Latin
Grammar, willuim and Robert Chambers, London and
Edinburgh, 1865.
17.Mariwala, L.L., Mohen_ jo_ Daro, Popular Book
Depot, Lamington road, Bombay, 1957.
18. Dr. Nabi Bakhsh Bloch, some less Known
Languages of Kohistan, Asiatic Society of
Pakistan, Mohmmad Shahidullah Felicitation
Volume Dacca.
19. Pichell, R., Comparative Grammar of the
Prakrit Languages, Second Edtion, Motilal
Banarasidas, Delhi, 1965.
20. Srimati Akshaya Kumari Devi, The Evolution
of Rigvedic Pantheon, Calcutta,1938.
21. Swani Sankarananda, Rigvedic Culture of the
Pre_ historic Indus, vol:I, Calutta,1946.
22. Trump,E., The Grammar of Sindhi Language,
F.A.Brokhans Lepzig, 1872.
23.Whiteney, W.D., Sanskrit Grammar, Oxford
University Press, Lonon, 1950.
24.Criminal Tribes of Bombay Presidency,
Bombay, 1908.
نوٽ:
هن مضمون ڇپجڻ کان پوءِ شريمتي پوپٽي هيراننداڻيءَ
جو ڪتاب، عزيزم محمد سومار شيخ بدين واري کان،
مليو. سنڌيءَ جي بُڻ بنيادي جي باري ۾ شريمتي
پوپٽيءَ جا رايا اسان جي راين سان ڪافي ملن ٿا. هن
مضمون لاءِ اُن ڪتاب مان آءٌ فائدو حاصل ڪري نه
سگهيس، تنهن لاءِ افسوس اٿم.
محرم خان ايم. اي
آريائي شاعريءَ جي شروعات
۽
قديم سنڌ
(الف) تاريخي پس منظر.
آريائي زماني کان اڳ، ’شاعريءَ جي شروعات‘ متعلق،
هن مقالي جو مهاڳ ”مهراڻ“ جي گذريل شماري ۾ اچي
چڪو آهي . اهو سنڌ جي اوائلي انسانن جي ايامڪاريءَ
کان وٺي ، سورهين صدي قبل مسيح تائين، تاريخي پس
منظر سميت پيش ڪيو ويوآهي . هتان وري آريائي آمد
جي ابتدا ۽ سندن ”شاعري جي شروعات “ ڪرڻي آهي.
سنڪرت ساهتيه ۽ ان شروعاتي شاعريءَ جي وچور ڏيڻ
کان اڳ، ان جي پس منظر ۾، آرين جي پنگت ، سندن
سماج ۽ سڀيتا جي اتهاس تان پڻ مٿاڇري نگاهه وجهڻ
مناسب آهي.
”اهي ماڻهو جن ڪڏهن به شهر ته ڏٺوئي ڪونه هو ؛
سندن ڪاهه ۾ انڌاريءَ جهڪ ۽ طوفان جهڙو زور هو“.
نامياري ودوان، شري ڌرمانند ڪو سمجي لکيو آهي ته
”آريه لفظ ” ر“ ڌتوءَ مان بڻيو آهي. ڌاتن جي يارهن
گڻن ۾ جتي ڪٿي ”ر“ ڌاتو آيو آهي، اتي سندس مطلب
چال يا گت (رلڻ ۽ ڀٽڪڻ ) آهي. سو آريه لفظ جو مطلب
ٿيو گهومو ، يعني ” رولو يا ڀٽڪندڙ“. آريه لوڪن کي
گهر ٺاهي ٿانيڪو ٿي ويهڻ نه ايندو هو. هڪ ڳالهه ۾
ته سندن اها عادت اڄ تائين به هلندي اچي.... هڙپا
۽ موهن جي دڙي ۾ جيڪي پراچين عمارتن جا کنڊر ملن
ٿا، سي ڏسي ڄاڻن جو انومان آهي ته اهي ” داهي“
لوڪن جا مندر، پوڄا وغيرهه جا آستان هوندا هئا.
مگر آريه لوڪن اها رسم ٽوڙي ڇڏي. انهن يگيه وغيره
لاءِ چالو منڊپ ( ڇنا) اڏڻ شروع ڪيا. آرين جا
پويان تنبو وغيرهه رفته رفته گهر ٺاهي رهڻ لڳا، پر
يگيه لاءِ ڪَچو منڊپ ئي اڄ ڏينهن تائين هلندو
اچي!“
اهي ڀٽڪندڙ ۽ بي گهر آريه، جيڪي پنهنجيءَ لڏپلائڻ
لاءِ چوندا هئا ته ” اسين پنهجي جاءِ ( تنبو
وغيره) به جوءِ وانگي پاڻ سان گڏ وٺيو پيا هلون (
اٿرويد منڊل نائون 3، 24)“ سي عيسوي سن کان سورهن
صديون اڳ، وچ ايشيا کان وڙڪندا ڀٽڪندا، ايران ۽
بلوچستان جي پهاڙي لڪن مان لنگهي، وادي سنڌ جي
وسندر شهرن: موهن جي دڙي ۽ هڙپه وغيره مٿان اچي
ڪڙڪيا، جيتوڻيڪ ، هن ڳالهه جي ويبر
(weber)صاحب
ورائي پڌرائي ڪئي آهي ته : آريه لوڪن جي سنڌ ۾ اچڻ
جو سمون، سورهين صدي قبل مسيح کان شروع ٿئي ٿو؛
تڏهن به هڪ صديءَ جي انهيءَ ۾ گنجائش رکي سگهجي
ٿي. ڇو ته هنن خانه بدوش کترين جا ٽولن پٺيان ٽولا
ڌوڪندا آيا، جيڪي جيتيندڙ ڌرين کي جيتيندا، اڳين
کي اڳتي ڌڪيندا آيا. پوءِ به لاڳيتو هڪ _ ٻه صديون
اهڙي انڌ ڌنڌ ۾ ئي گذريون. انهيءَ سبب، سنڌ جي
سانت ۽ سڪون واري زندگيءَ ۾ پڻ انتشار آيو ۽ لڏ
پلاڻ جو دور چالو ٿيو. انهيءَ سڄي ڪار گذاريءَ جو
تفصيل ، هن مختصر مقالي ۾ ماپي نه سگهندو، تنهنڪري
هتي فقط ڪي وڏا واقعا، ٿورن اکرن ۾ آڻي سگهبا.
سندن سنگرام جو لٺ سردار ”نُهش“ جهونجهار
هو. جنهن جي رگ ويد ۾ هيءَ وڏائي آهي ته: آءٌ
نُهش، ست مار نهش، سڀني ۾ اتم نهش آهيان؛ ڪوٽ
ڪيرائيندڙ ڪوپي جو لقب ” اندر مهراج“ هو. اصل ۾
اهو لقب اڃا به هڪڙي آڳاٽي اڙٻنگ اختيار ڪيو هو،
جنهن جو نالو ” شڪَر “ هو. اِندر لفظ ” اِن“ ۽ ”
در“ جي ميلاپ مان ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي (
اِن
=جو
ڌو+ در
=اڳواڻ
يا سئنا پتي.
آريه جوڌا، جيتوڻيڪ انساني سڌاري جي اڃا
ابتدائي منزلن يعني شڪاري ۽ ڌڻار جي وچ واري مرحلي
۾ ئي هئا، پر هڪڙي ڳالهه ڪري ته سڄيءَ دنيا ۾ اتم
هئا. جهر جهنگ ڀٽڪيل، سخت جان ۽ ٿڌي ڪوسيءَ مان
پار پيل هئا؛ تنهنڪري جهيڙي جهٽي ۽ ويڙهه جهيڙ ۾
ته شايد ئي ڪو سندن مَٽ هوندو. انهيءَ سبب، سندن
تاريخ جي پهرئين هزار سالن واري عرصي ۾، رڳو
ماراماريءَ جو ئي غوغاءُ ٻڌي سگهبو.
وادي مهراڻ ۾ تن ڏينهين داس يا داهي، پڻي
۽ يتي، سمباوت ۽ وِرچي ونت وغيره رهندا هئا، جيڪي
پنهنجو ڌن ۽ مال جهيڙي ڏيڻ کان سِواءِ سندن حوالي
نه ڪندا هئا؛ تنهنڪرري وڏا نالائڪ چيا ويا آهن ۽
انهيءَ ڪري ئي وڏا دشمن به. سنڌو ماٿريءَ جا اهي
اصلي رهاڪو آبادگارن ۽ هاري هئا. پاڻيءَ جي اٿل ۽
مينهن جي ڇرن کي پنهجي وس ۾ رکڻ لاءِ انهن و ڏا
بند ٻڌي ڇڏيا هئا . رگويد ۾ انهن کي شر دي
يعني موسمي قلعا ڪوٺيو ويو آهي. آرين انهيءَ تي به
اعتراض اٿاريو ته: ڪڪرن واري پوتر پاڻيءَ کي، هنن
ڇو قيد ڪيو آهي؟ ڄڻ ته اها به آرين سان ڏٺي وائٺي
دشمني هئي! پر ” ڀَنڀِي ڏاڙهيءَ“ واري بانڪي
اِندر“ پئون سٽ اهي بند ڀڃي، ٽوڙي، لوڙهي ڇڏيا.
تنهنڪري آرين جي دل تان اهو کٽڪو ۽ ڊپ ته ڍرو ٿي
ويو. اٽلو دشمن جون ٻنيون ٻارا ٻڏي ويا، سندن مال
جي جُوءَ چِڪ ٿي ويئي ۽ منجهن اچي ڦڙڦوٽ پيئي.
اندر سورمي جي اها اوائلي سوڀ هئي، جنهن کي رگ ويد
۾ به گهڻن هنڌ ساراهيو آهي“ اهڙيءَ طرح ملڪ
۾ ڏڦيڙ ويو وڌندو ۽ چوڌاريءَ جهيڙا جهٽا چالو ٿي
ويا.
آريه لوڪن جي اچڻ کان اڳ، سنڌ جي اصلي
هارين ۽ آبادگارن وٽ، وڏي ڪُونهٽ وارو ڏاند ڀٽارو،
جيڪو موهن جي دڙي وارين اڪثر مهرن تي به نشانبر
آهي، سو آباديءَ ۽ پيدائش جو علامتي ديوتا مڃيل
هو. ڪاريءَ چمڙيءَ وارا (وِرشي ونت ۽ داس وغيره)
انهيءَ کي سدورو ڍڳو سمجهي پوڄيندا هئا پر، ڇا
ڪجي، جو جئه ونت اِندر جِي هر جنگ ۾ جئڪار ٿيڻ تي،
سوم رس جو چُڪو کيس ڀيٽا ڪيو ويندو هو ۽ انهيءَ
سان گڏ وري ڪا چهر به مهيا ڪرڻي پوندي هئي. گوشت
ڀُڃڻ لاءِ ڪنهن کڏ يا کاهيءَ ۾ باهه جو وڏو مچ
ڌڳندو رهندو هو. اهڙي موقعي تي ”سرما“ نالي اِندر
جو ٻيلي، جنهن وٽ اندر جا شڪاري ڪتا به هوندا هئا،
پڻي ۽ يتي لوڪن جا ڍور ڪاهڻ لاءِ نڪري ٿو. پر هو
اڳيئي پنهنجو مال هڪلي، وڃي ڪنهن ويڙهه ۾ ٿمين ٿا.
اِندر جو ڌوتُ سرما(Sarama)
انهن کي اِندر جو دڙڪو ڏيئي، ساڻن ڦڏو ڪري ٿو. پر
اڳيان پڻي به ڪي پنهجي نالي سان هئا! سي وري چٿر
ڪري چونس ٿا ته.
“Who is he? What does he look like, this Jndra.
Whose herald you have hastened such a distance?
Let him come here, well strike friendship with
him,
He can become herds-man of our cattle. (Rig Ved
10_108.(1)
يعني اهو اِندر آهي ڪير؟ ٿيندو ڪهڙو آهي؟ جنهن جو
تون ايلچي، هيتري پنڌ تان هليو آهين؟ جي پاڻ سر
هلي اچي ته ساڻس صلح ڪنداسون. پوءِ ڀلي اچي اسان
وٽ ڌراڙ بيهي ۽ اسان جا ڍور چاري
اتي سرما سهي ڪيو ته پڻين جو پيٽ ڀريل آهي، جيڪي
اِندر جهڙي مانجهي مڙس تي به مُڇ نٿا ڇنڊين ! سو
هيڪاري هيسائڻ لاءِ ، اِندر اڻموٽ جو کٽراڳي ۽ کٽر
هجڻ ثابت ڪري، کين ڊيڄاري ٿو:
‘Ye cannot injure him, but he can injure.
Whose herald I have hastened such a distance.
Deep rivers cannot cover him nor hide him,
Ye pannis soon shall lie cut down by indra. (Rig
Ved: 10_108.
يعني اوهين سندس وار به ونگو ڪري نٿا
سگهو! پر جنهن جي آڳيا سان آءٌ ايتري پنڌ تان آيو
آهيان، اُهو ته اوهان کي هڻي ڦٽي رکندو. اهي
اونهيون نديون، نهرون ۽ نيون، نڪي هن کي ٻوڙي
سگهنديون ۽ نڪي کيس گم ڪنديون. اڙي پڻي! اوهين
سگهو ئي سندس هٿان پورا ٿيا پيا هوندو“
ڪارن لوڪن (وِرسن ۽ پڻين)“ اهڙين ڌمڪين تي
به جيڪڏهن جو ڌن جي ” جُڃ“ ڪرڻ لاءِ ڦنڊرون نه
ڏنيون، ته پوءِ ضرور جهيڙي ڏرياڻ لاءِ سر سنڀائي
تيار ٿيا هوندا. ”ٽي هزار وِرسي ونتَ، جنگي لباس
ڍڪي، پنهجو بدن ويڙهي، پاڻ ۾ پڪي صلاح ۽ ٻڌي ڪري،
” يوِ يا وتيءَ، وٽ گڏ ٿيا؛ پر ( اِندر جي) تيرن
تِن کي تباهه ڪري، موت جي گود ۾ ليٽائي ڇڏيو“.
Thirty hundred mailed Vrcivants united at the
yavyavati full of ambition, fell by the arrows
and sank into destruction.(2)
هاڻي ته خود هڙهه تي به حنملو ٿيو، جنهن جو رگ ويد
۾ سربستو نالو ” هڙيه پيه“ ڏنل آهي.
On the hariyupiya the rear guard of
vrcvants was scattered in fear when the van had
been over come .(3)
يعني ” هڙپيه وٽ جڏهن ورسي ونت جي ميڙ جو مهاڳو
مات ٿيو، تڏهن پٺيان پهريدار ڇرڪ ۾ ئي ڇڙوڇڙ ۽
ڪُڙو ڪُڙو ٿي ويا“ (2).
تنهن هوندي به ”ڪاري چمڙيءَ“ وارا ڪا آڻ
مڃين ڇا!_ ”وِرسن قبيلي مان هڪڙو پسون پاليندڙ،
”ڪارو“ (ڪرشڻ) نڪري نروار ٿيو، جيڪو اِندر جو به
ڪو آگو هو. هيءُ واسو ديو پٽ واسو ديو جو، گهور
انگريس جو ٻالڪو هو. انگريس ان کي سچ ڳالهائڻ ،
سنئين واٽ وٺڻ دان ڏيڻ، ديا ڪرڻ ۽ بندگيءَ جي سکيا
ڏني هئي. هن ”سانوري“ سردار کي ڳائي مال
جي ڪوس تان مٺيان لڳي، سو اِندر کي اچي سامهون ٿيو
. اِندر اتي ”وريامن وارو ڪم“ ڪري جان بچائي ويو._
رگ ويد15_13_ 96_8“
تن ڏينهن، سنڌو ماٿريءَ ۾ داس لوڪن جي ڀل
ڀائي هئي._”ويدن ۾ داس لفظ جي معنيٰ آهي”دينا“
(ڏيڻ) ۽ هن وقت جي شبد ڪوشن (لغن) ۾ به، ساڳي
معنيٰ ”داتا“ ( ڏاتار) ڏني ويئي آهي. اوسِتا جي
فرودين يست ۾، ”داس ديس“ جي پٽن جي پوڄا ڪئي ويئي
آهي ۽ انهن کي داس يا داسيءَ بجاءِ ”داهي“ ڪوٺيو
ويو اُهي“ ڪجهه به هجي، پر واديءَ مهراڻ جو ڪو ڀاڳ
ئي ڦٽل هو. اڃا ته موهن جي دڙي جو به وارو اچڻو
هو.
نَوي شهرن جي ڌڻيءَ راءِ سمبارا ۽ سندس
ساٿيءَ دِووداس جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي
Divodas quarrels with Cambara“
دودداس جو پٽ پرِ ترڌن ( پِجوَن؟) وڃي اِندر سان
ڀيڙو ٿيو. اهڙي طرح ڌارين کي داس لوڪن جي گهر جو
منجهه معلوم ٿيو._ ” داس قوم جو اڳوان ورُتر
براهمڻ هو. تنهن جي مائٽ تِوشٽا
(visvarupa)
اِندر کي هڪ ڳجهو هٿيار ”وجر“ (شايد باهه ٻارڻ جو
ڪو چقمق) آڻي هٿ ۾ ڏنو. انهيءَ بجليءَ سان اِندر
ڪئين قلعا ۽ شهر ساڙي ناس ڪيا. ( اِندر کي انهيءَ
ڪري ”پورندر“ يعني ڪوٽ ڪيرائيندڙ ڪوٺيو ويو آهي.)
آخر ورتر برهمڻ کي به ماريائين. اهي ڳالهيون رگ
ويد ۾ ڪئين ڀيرا آيون آهن “
توِشر (توشٽا) براهمڻ وڃي اِندر جو ٻانهن
ٻيلي بڻيو، تنهن لاءِ رگ ويد ۾ لکيل آهي ته: کيس
مارائڻ کان پوءِ اِندر سندس پٽ وشو روپ
(visvarupa)کي
پنهنجي پروهت جو پد ڏنو. پر متان ڪو ڊوهه ڪري،
انهيءَ ڊپ ڪري کيس به ماري وڌائين. پوءِ به پروهت
جو پد هڪ نه ٻئي براهمڻ کي ئي ملندو رهيو. پر راڄ
نيتيءَ کان دور.... اِندر اهڙين ڳالهين جو
اظهار دووداس جي پٽ پِجوَن ( پر تر ڌن ) سان پاڻ
ڪيو آهي.
چي: توشٽا جي ٻئي پٽ تِر شيرش کي به مون
ئي ماريو. ارورگ نلي يتيءَ کي به مون ئي ڪتن کان
ڦاڙايو. ڪئين صلحنامن جو ڀڃڪڙيون ڪري پرهلاد جي
پوئلڳن کي به مون ئي ناس ڪيو. تنهن کان سواءِ سندس
سڄڻ دوداس ۽ ان جي پٽن کي به پورو ڪيائين. ويچاري
والا
(Vala)جا
ڍور ته ويا، پر سندس سر به ويو. آهي
(Ahi)جو
مڙهه به ڇرجي ڇولين ۾ لڙهي لهوارو ٿيو .اهڙو ئي
حال شسنه (Cusna)
داس جو به ٿيو. اهڙيءَ طرح ٽيهارو کن چونڊ سنڌي
سردار پنهنجي ديس تان قربان ٿيا ۽ ٻيا به ڪيئن
ڪونڌر پنهنجا ڪنڌ ڪپائي، هن اڀاڳي ديس کي ڇورو
ڇڏي، ڌئيءَ جي راهه رمندا رهيا. ڪسابن کان قائم
ٿيل سنڌ جي سياسي ، سماجي ۽ مذهبي جوڙجڪ درهم برهم
ٿي ويئي . گهرن ۽ شهرن اڏڻ جو هنر هزار سالن تائين
وري نه اُسريو ۽ کيتيءَ جو ڌنڌو به ڪجهه صدين
تائين ڊانوان ڊول ٿي ويو.
جيتوڻيڪ عام اشراف (يتي وغيره ) آرين جي آزار کان
وڃي جبلن ۽ جهنگن ۾ لڪا، پر ان وقت جا ڪي چالاڪ ۽
لوڀي وڏيرا وري ساڻن سنمک ٿيا ۽ هڪٻئي کي سوکڙيون
پاکريون ڏيڻ وٺڻ لڳا . سندن سخا جون ساراهون رگ
ويد م به آهن
“A King dwelling on the ‘Sindhu`, striving for
his renown , has given him rich presents, and
there by raised his own imperishable renown
to the heaven .” (Rig Ved, Foot note . 341: by
Dr :Arrowsmith p . 173.)
يعني ”سنڌو نديءَ جي ڪپ تي رهندڙ، هڪڙو وڏو پٽيل ،
جنهن کي پنهنجي نالي ڪڍائڻ جي ڏاڍي سڌ هوندي هئي ؛
تنهن اندر کي املهه سوکڙيون ڏيئي ، پنهنجي ان
مٽندڙ واکاڻ اڀ تائين اسرائي ڇڏي “
آريه لوڪن جون اهي اوائلي سوڀون ڪي مستقل فتوحات
ڪين هيون . هي فاتح بڻيائي مفتوح ٿيڻ لاءِ هئا .
’چهڙن جون ونڊيون ، چهڙا کڻن‘. سندن ڏاڏي پوٽا هنن
جي ڪڍ لڳا آيا ، جن جنگيون ڪري سندن پير اُکيڙيا ۽
پنهنجا پير ڄمايا. اهڙي بادشاهه گردي مان ڀانئجي
ٿو ته ڪن سنڌي سردارن به پنهنجا پير وري پختا
ڪري ورتا هوندا؛ ڇو ته آريه لوڪ هڪٻئي جي خلاف
ساڻن معاهدا ۽ مائٽيون ڪندا رهندا هئا . اهڙيءَ
طرح ، ڪي مقامي ماڻهو پنهنجين ديهن تي وري به
قابض ٿي ويا هوندا ۽ ڪيترا وڏ گهراڻا آريه به
ساڻن سڱيڻا ٿيڻ لڳا . آريه لوڪن جي انهيءَ طوفان
بدتميزيءَ مان به سنڌين کي هڪڙو فائدو ته بيشڪ
پهتو. اڳي هنن ڪڏهن به ڪا جنگ ڪا نه ڏٺي هئي ۽ نه
وري ان جو ڪو نالو به ٻڌو هئائون . کين خبر ئي ڪا
نه هئي ته ڪا لڙائي به لڙابي آهي؛ سي هن دوزخ جي
دور مان پچي پختا ٿي نڪتا . ايتريقدر جو مٿئين
دور داس جو پوٽو ۽ پجون جو (پر تر ڌن جو)
پٽ’سوداس‘، ڏهن مختلف راجائن جي مجموعي سٺ هزار
اتحادي لشڪر جي مقابلي ۾ ميدان ماري سوڀارو ٿيو
اهڙيءَ طرح سورهين صدي قبل مسيح کان وٺي، ويندي
اٺين ــ نائين صدي قبل مسيح تائين ،ست ـ اٺ صديون
لاڳيتو، اهو لڙاين جو سلسلو جاري رهيو. لاتعداد
لڙاين جي علاوه ، ٻه وڏيون خونريز جنگيون، رامائڻ
۽ مهاڀارت واريون، انهيءَ غارتگريءَ واري دور جو
يادگار آهان. رامائڻ واري واقعي ۾، راوڻ راڪاس جو
سيتا ديويءَ کي کڻي وڃڻ، ۽ رام ۽ لڇمڻ جي ساڻس جنگ
ڪرڻ واريءَ ڏند ڪٿا جي اصلي حقيقت ڪجهه به هجي؛ پر
هيء انهيءَ زماني جي وڳوڙ ۽ بدامنيءَ جو مُکه
اهڃاڻ آهي.
ڪلڪتي جي ڊاڪٽر سيتانات پرڌان، سندس ڪتاب
(Chronolgy of Ancient India.p..175)۾
سن ڀيٽندي، سو داس ۽ ڏهن راجائن واري لڙائي جو
سال 1470 قبل مسيح ٻڌو آهي، رامائڻ جو 1450 ق. م ۽
مها ڀارت جو سن وري انهيءَ کان ٽي صديون پوءِ يعني
1150 قبل مسيح مقرر ڪيو اٿس. پر ڪاڪي ڀيرو مل شڪ
ڏيکاريو آهي ته ڊاڪٽر پرڌان جا اهي انگ اکر اعتبار
جوڳا نه آهن حقيقت ۾ هيءَ مهاڀارتي ويڙهه انهيءَ
کان گهڻو پوءِ يعني ٻه ــ ٽي صديون دير سان ٿي
آهي. گهڻن ته هن جنگ جو زمانو هڪ هزار سال قبل
مسيح به شمار ڪيو آهي.(هيءُ حضرت دائود جي زبور
مقدس جو زمانو 993 ــ 973 ق.م آهي.) مسٽر پارجٽر
سندس ڪتاب
(Ancient Indian
Historical
Traditions)
۾ انهي لڙائيءَ جو سال 950 ق.
م مقرر ڪيو آهي. پاڪستان جي سرڪاري تاريخ ۾ وري
900 ق. م ڏنل آهي. ممڪن آهي ته انهيءَ کان به ڪجهه
دير سان يعني 850 ق م ڌاري اها جنگ ٿي هجي، پر
انهيءَ کان پوءِ ڪنهن به صورت ۾ نه ٿي
هوندي!
مهاڀارت واري هيءَ ڌوڌي جنگ، جيڪا امبالي
ضلعي جي ڪرو کيتر واري ميدان تي لڳي، تنهن جو سبب
جوئا بازي ٻڌايو ويو آهي، هن لڙائيءَ ۾ هڪ طرف جو
سئناپتي، سيوهڻ جو راجا ۽ ڪورون جو ڀيڻويو، جئدرٿ
جوڌو هو؛ ته ٻيءَ ڌر سان وري ارجن جو ماروٽ، سندس
سالو ۽ ارجن جي پٽ اڀيمنيو جو مامون ۽ مهرو، يادو
اڳواڻ سري ڪرشن سمون هو. (گويا هيءَ جنگ انهن ئي
ٻن مڙسن جي وچ ۾ هئي.) انهيءَ جنگ جو اتهاس گهڻو
پوءِ، (موريه حڪومت ۾) لکيو ويو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ
زماني تائين اڃا لکت چالو نه ٿي هئي. مهاڀاري
لڙائي گذرندي ئي ويد شاسترن جي لکائي چالو ٿي.
ويدن جي مضمون کي ’شريتيون‘ چئبو آهي.
شرتي جي معنيٰ آهي(وڏن جي واتان) ’سُئل‘ قول يا
روايت اهي روايتون ۽ حڪايتون، قول ۽ ٻول، جيڪي
هاڻي تائين وڏن کان ننڍا ٻڌندا، واتي ويڻي ياد
رکندا ۽ پيڙهي به پيڙهي سانڍيندا پئي آيا؛ تن کي
ڪرو کيتر جي ‘کانڊوبن‘ ۾ دويپائن ڪرشڻ پوست يعني
کلن تي لکڻ شروع ڪيو. اهڙا جملي اٺاويهه ليکڪ ٿي
گذريا آهن، جيڪي جدا جدا زمانن ۾ سُرتيون گڏ ڪندا،
سنگهر ٺاهيندا پئي آيا آهن. رگ ويد سڀ کان آڳاٽو،
بنيادي ۽ مک ڪتاب آهي، جنهن جي آڌار تي پوءِ يجر
ويد ۽ سوم ويد به تصنيف ٿيا. سڀني کان پويون ۽
چوٿون ڪتاب اٿر ويد آهي.
ويدن جي لکائي مهاڀاري يد کان يڪدم پوءِ
مڃي ويئي آهي. پنڊتن جي پهرين رسمالخط يا طرز
تحرير، برهما جي ايجاد ڪيل ’براهمي لپي‘ آهي.
ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا (جلد 1) ۽ ڊاڪٽر بلهر جي
سند مطابق ‘پِيُونڪ لپي‘ جيڪا 850 قبل مسيح ڌاري
عام ٿي ويئي هئي، انهيءَ تان ڦيرگهير ڪري ، پوءِ
براهمي لپي ايجاد ڪئي ويئي. انهيءَ ڪري چئبو ته
اٺين صدي قبل مسيح ڌاري رگ ويد لکجي رهيو هو، ڪن
عالمن انهيءَ پستڪ جي لکت ستين صدي قبل مسيح تائين
به مڃي آهي. زند اوستا جو به اهو ساڳيو ئي زمانو
(660 ق . م) آهي!
هن باري ۾، بمبئيءَ جي پروفيسر مس پوپٽي.
ر. هيرا ننداڻي جي تازي تحقيقات (1961ع) آهي ته:
ستين صدي ق.م تائين براهمي لپيءَ جو وجود ئي ڪو نه
هو
Dr.
Bloch, N.A., Some less known dialects of
Kohistan, Asiatic Society of Pakistan,
Muhammad Shahidullah felicitation volume,
Dacca, p.55.
Rig
Ved:Prof_ Adolf Kaegi (Boston) p. 42.
(3)هن
لڙائي جو تفصيل ڀيرو مل جي ”قديم سنڌ“ ص 237
کان 245 تائين آهي . ۽
(3)
Rig ved kaegi. p. 80.
|