سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2- 1967ع

مضمون

صفحو :6

اهڙين غير آريائي خصوصيتن هوندي به، سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صرفي ۽ نحوي جوڙجڪ جي اڀياس مان ظاهر آهي ته هاڻوڪيءَ ٻوليءَ جي سِٽا، پراڪرت، سنسڪرت توڙي پاليءَ جي صرفي ۽ نحوي سٽا جهڙي آهي؛ تنهن ڪري اڄوڪيءَ سنڌي ٻوليءَ کي آريائي ٻولي ئي سمجهڻ درست ٿيندو، ۽ نه ڪه سامي ــ صفت، تاتاري يا توراني ٻولي. آرين جي اچڻ کان اڳ واريءَ سنڌ جي ٻوليءَ کي، سنڌ جي سرزمين مان، مصر جي قديم ٻوليءَ وانگر ئي، ختم ٿيل يا مري ويل سمجهڻ گهرجي.

        سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بنياد جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. صرف لفظن جي ڀنڊار کي ڏسي به ائين چوڻو نه آهي ته سنڌي وراچڊ اپڀرنش کان ڦرندي، شو رسينيءَ جي معرفت، سنسڪرت سان ملي ٿي. ڌيان جوڳو نقطو هي به آهي ته لفظن جي هڪجهڙي مواد، يا ساڳين ۽ هڪ جهڙن لفظن جي ذخيري ، صوتي ۽ صرفي هڪجهڙائيءَ جي موجودگيءَ ڪري، ائين ڇو نه کڻي چئجي ته سنڌي سنسڪرت مان ڦٽي ڪا نه نڪتي آهي، پر سنڌي ۽ سنسڪرت ٻئي هڪ  ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن، يا ٻنهي جو بنياد ڪا هڪ ئي اصلوڪي  (Natural) ٻولي آهي. هن دعويٰ جي دليل لاءِ هيئن چئي سگهجي ٿو ته جيئن سر ولِيئم جونز (Sir W.Jones) جي تحقيق کان اڳ، برصغير هند و پاڪ جا قديم ديسي ماهر سنسڪرت ، گريڪ ۽ لئٽن جي لفظي، صوتياتي، صرفي ۽ نحوي خزاني کي هڪجهڙو ڏسي  هيءَ  راءِ قائم ڪري ويٺا هئا ته گريڪ، لئٽن ۽ زند، سنسڪرت جون شاخون آهن يعني ته هنن جي راءِ موجب، سنسڪرت، يورپ ۽ هند و پاڪ جي ڪيترين ئي زبانن جي ماءُ ٿئي، پر سر وليم جونز، سنسڪرت، گريڪ، لئٽن ۽ زند جي تقابلي جائزي کان پوءِ، مٿي بيان ڪيل مفروضي کي رد ڪري، اها دعويٰ ڪئي ته اهي چار ئي زبانون _ سنسڪرت، گريڪ، لئٽن ۽ زند _ ڪنهن هڪ ئي اصلي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن“ سنسڪرت ۽ سنڌي، سنسڪرت ۽ لهندا، توڙي سنسڪرت، سنڌي ۽ لهندا جي نسبت لاءِ به انهيءَ نظريي جي روشنيءَ ۾  کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

        ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ زبانن جي تقابلي مطالعي لاءِ جن اهم جزن جي اڀياس ۽ ڀيٽ جي ضرورت آهي، اهي آهن: صوتي هڪجهڙايون، لفظن جي ڌاتن جون هڪجهڙايون، ڪردنتن جي بناوت جا هڪجهڙا اصول، اسمن ۽ فعلن جي گردانن ۾ هڪجهڙايون، ضميرن ۽ حرفن ۾ هڪجهڙايون؛ مطلب ته اگر ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين ۾ اهي سڀ هڪ جهڙايون موجود هونديون، ته پوءِ چئبو ته يا ته هڪ زبان ٻيءَ مان ڦٽي نڪتي آهي، يا ٻئي (يا وڌيڪ ) زبانون ڪنهن هڪ ئي ساڳئي بنياد جون شاخون آهن؛ يعني هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن. سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ اهڙيون بيشمار جهڙايون موجود آهن، تنهن ڪري انهن هڪجهڙاين جي اصول موجب، سنسڪرت ۽ سنڌي به ڪنهن هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتل پيون لڳن اهڙين هڪجهڙاين مان ڪن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

(الف صوتي هڪجهڙايون:

        سنڌي ۽ سنسڪرت جي صوتياتي نظام جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌيءَ ۾ سنسڪرت واريون مڙيئي خصوصيتون موجود آهن سنسڪرت وانگر سنڌيءَ ۾ سڀ ڌوڪڻا وينجن (plosive consonants) ،ٻچَپوان (bilabial)، ڏندوان (dental)، مورڌني (retroflex)، سخت تارونءَ وارا  (palatal) ۽ نرم تارونءَ وارا  (velar)، گُهڻا وينجن  (Nasal consonants)-م، مهه،ن، نهه،ڻ،ڻهه،ڃ ۽ ڱ- ، اهڙيءَ طرح گَسڻا (fricatives)، ڦِرڻا (rolled)، ڦَرڪي وارا   (flaps)آواز سواءِ معمولي تبديلين جي ٻنهي ٻولين جي صوياتي نظام ۾ عام آهن. انهن سڀني آوازن جا مخرج به سنڌيءَ کان نيم –سر (semi vowels) زياده آهن.

(ب) صوتياتي هڪجهڙايون

(1) سنسڪرت وانگر، سنڌيءَ جي مفرد لفظن جي آخر (final position) ۾ هميشه ڪو نه ڪو ’سُر‘ (vowel)اُچاريو ويندو آهي پر برصغر جي ٻين ڏيهي ٻولين ۾ ائين نه آهي؛ مثال طور:

سنسڪرت     سنڌي          سنسڪرت     سنڌي

هَتسَ           هَٿُ            پُترَ             پُٽ

ميگهَه         ميگههَ                 مِترَ             مِٽُ

جِيوَ            جِيوُ            ڪشٽَ         ڪَشٽُ

بالَ             ٻار             ماترَ            ماءُ

ڪيترن ئي سنڌي لفظن جي مُنڍ ۾، سنسڪرت جي لفظن وانگر، مرڪب آواز اُچاريا وندا. هيءَ خصوصيت ڪنهن به سامي – صفت يا سامي ٻولين جي شاخ ۾ ٿي نٿي سگهي. هيءَ خصوصت آريائي ٻولين ۽ انهن جي شاخن ۾ عام ملي ٿي ؛مثال طور

منڍ وارا گڏيل آواز                         سنڌي

]ڌيَ[                                       ڌيانُ

]ٻيَ[                                       ٻيائِيِ

]پي[                                       پيارُ

]ڏي[                                       ڏياري، ڏياٽِي

]ني[                                       نياءُ،نياپو

]گي[                                       ڪياڙي

]جيَ[                                      جياپو

]پرَ[                                        پريمُ

]برَ[                                        برهمَڻ

]ڪرَ[                                     ڪروڌ

]گرَ[                                       گراهِڪُ

(ٻ) صرفي هڪجهڙايون:

سنڌي ۽ سنسڪرت جي صرفي هڪجهڙاين جو اڀياس، اسان جي دعوا کي وڌيڪ پختو ٿو ڪري. مثال طور سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي اڳياڙين پڇاڙين، ڪردنتن جي نشانين، صفتي اهڃاڻن بابت مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

(i)  اڳاڙيون: سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ هيٺيون اڳاڙيون عام آهن:

اڳاڙي        سنسڪرت             سنڌي

اُپَ_          اُپَ_ اُپڀاشا           اُپڀاشا

اَوَڏ           اَوَ_                   اَوَگُڻ

اَڌي_ above     اَڌي_                  آڌيڪار

وِ_            وِ_ (6)                    وِديشي

اَڀِ_          اَڀ_ (7)                  اَڀِمان

بنا_          وِنا_ (8)                  بنا پئسي

اَ_            اَ_ اَوَنتَ               اَٻل، اَڄاڻ، اَميَو، اَرڦهو

اَڻ_           اَن_ اَن اَنتَ، اَن اَرٿَ      اَڻهُوند، اڻڄاڻ

سَ_          سَ_                 سَرَهو، سَڀاڳ، سَڪرمِي

سُڏ           سُ_ (3) سُڀاگَ          سُپت، سُچيت

نِ_           نِ_ (4)                   نِڀاڳ،

دُش_         دُش_ (5) دُشڪالَ       .......

ڪَ           ڪَر (6)                  ڪَپوٽ

ڏُ_            دُر_ (7) دُر ڀاگَ          ڏُڪار، ڏُتڙ

(ii) پڇاڙيون: سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ هيٺين پڇاڙيون عام آهن:

پڇاڙي       سنسڪرت             سنڌي

اِڪَ           اَڪَ (8)                  وَڌِ ڪَ

_ تا          _تا(9) ديوتا، وِيرتا       ديوتا، ويرتا، مڃتا

_آل          _آل(10) ديال، ڪرپال     ديال

_وَنت، وَند   _وَنتَ(11)                 ڀاڳوند، مالوند

_مند         _مَنتَ (12)               عقلمند، جرئتمند

        (iii) صفت تفصيل (Degree of Comparisan): سنسڪرت ۾ صفت تفصيل لاءِ /تَرَ/ پڇاڙي ملائي ويندي آهي(13). هيءَ پڇاڙي فارسيءَ جي /تَر/ سان هڪجهڙائي رکي ٿي. سنڌيءَ ۾ هن صفت جي پڇاڙي، /ايٻرو/ ڌيان ڇڪائي ٿي. سنڌيءَ ۾ تفصيلي صفت /چڱيرو/، /سٺيرو/ وغيره ۾ /ر/ سنسڪرت ۽ فارسيءَ واريءَ ڇاريءَ /تَرَ/ جو هڪ اُهڃاڻ آهي. سنڌيءَ جي صوتياتي نظام جي جائزي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌيءَ جي ڪنهن به لفظ ۾، يا ڪنهن به صورت ۾ /ڱ+ت/ يا /ٺ+ت/ جو گڏجي اُچارجڻ، يعني مرڪب حالت ۾ اُچارجڻ، ممڪن نه آهي. انهيءَ ڪري سنڌيءَ جون قديم صورتون، /چَڱوُ+تَرَ/ يا /سُٺو+تَرَ/ پهرين /چڱيرَ/ ۽ *سُٺيرَ/ اُچارجڻ لڳيون هونديون، يعني /ت/ پهرين حذف ڪيو ويو هوندو؛ /ڀلير/ لفظ انهيءَ دعويٰ جو ثبوت آهي. تنهن کان پوءِ آخري سُرُ /آ/ مذڪر جي حالت ۾ /او/ ۽ مونث جي حالت ۾ /اي/ بدليو هوندو. هن پوري بحث مان نتيجو هي ٿو نڪري ته سنڌيءَ جي تفصيلي صفتن جي نشاني /_ايٻرو/ سنسڪرت ۽ فارسيءَ جي /_تَر/ جو نعم البدل آهي. اها پڇاڙي ڏيهي ٻولين مان فقط سنڌيءَ ئي قائم رکي آهي.

        (iv) اسم حاليه (Present Participle): سنسڪرت ۾ اسم حاليه جي بنائڻ لاءِ معروف ڌاتوءَ جي پويان/_اَنتَ/ پڇاڙي ملائي ويندي آهي. مونث جي حالت ۾ ڌاتوُءَ جي پويان/_ آتِي/پڇاڙي ملائي ويندي آهي. سنڌي گرامر موجب اسم حاليه بنائڻ لاءِ، ڌاتوءَ جي پويان/_ آندو/(مذڪر) يا/_آندي/ (مونث) پڇاڙيون ملايون وينديون آهن؛ مثال طور:

هَل + آندو = هلندو

لِک + آندو = لکندو

(ڀ) نجوي هڪجهڙايون: صرفي هڪجهڙاين کان سواءِ، سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ نحوي هڪجهڙاين جا انيڪ مثال ملن ٿا؛ ڪي نموني طور ڏجن ٿا:

(i) حالت آپادان (Ablative case): سنڌيءَ ۾ مڪاني حالت بيان ڪرڻ لاءِ ڪن اسمن جيپويان/_ آن/ملائي ويندي آهي، جهڙوڪ:

      اسم     حالت مڪانيءَ جي پڇاڙي          لفظ

      گهَرِ                  _آن                     گهران

      هنڌ                  _آن                     هنڌان

سنڌيءَ جي گرامر جي تاريخي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته /آن/ سُر بعد ۾ ’گهڻي سُر‘ جي روپ ۾ بدليو آهي. حالت آپادان لاءِ پهرين پهرين /آ/ پڇاڙي ملائي ويندي هئي، جا اصل ۾ /آتِ/ هئي، جنهن جو /ت/، اڳتي هلي ٻوليءَ پهرين /آ/ پڇاڙي ملائي ويندي هئي، جا اصل ۾ /آتِ/ هئي، جنهن جو /ت/، اڳتي هلي ٻوليءَ جي سٽاء مان گم ٿي ويو. حيدرآباد ۽ سڄي لاڙ ۾، حالت آپادان جي صورت ۾ /_آ/ اعراب ملائيندا آهن، يعني /گهرا/ اُچاريو ويندو آهي. سنسڪرت ۾ حالت اپادان جي عدد واحد صورت ۾ اڃا به /آت/ پڇاڙي ملائبي آهي. سنسڪرت ۾ /ت/ جي حذف نه ٿيڻ لاءِ خاص سبب هي ڏيئي سگهجي ٿو ته سنسڪرت لکيل ٻولي آهي، اُن ۾ ڪنهن به آواز يا صوتيه جو لکيل صورت مان حذف ٿيڻ اصول جي خلاف آهي:

 

 

 

 

 

(ii)  مرڪب انگن ۾ هڪجهڙائي: سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي ڪيترن ئي انگن جي بناوت هڪجهڙي آهي:

سنسڪرت   سنڌي

ايڪَ              هِڪُ، هيڪَڙو (لاڙ)، هيڪڙائي، هيڪلو

دوَ                وَ (/د/حذف ڪيو ويو) <بَ<ٻ

ترَيَه               ٽي، ٽري

شَشَ              ڇَههَ (ش<ڇه، ش<س<هه).

سَپتَ             سَتَ (پ حذف ڪيو ويو آهي)

اَشٽَ              اَٺَ (شٽ<ٺ)

نَوَ                نَوَ

دَشَ               ڏَههَ

ايڪادَشَ          ڪارههَ<يارهه<يارهن

دوادَشَ            بارهه<ٻارهه<ٻارهن

تريودَشَ           تيرهه<تيرهن

پَنچَدَشَ           پنرهه<پندهه (چ<د، د<ر)، پندرهن

شودَشَ            سورَههَ<سورهن

سَپتَدَشَ          سترهه<سَترهن

اشٽادَشَ          اٺارهه<آٺرَههَ<ارڙهه<ارڙهن

بِينشَتَ           ويههَ

ترِينشَتَ          ٽريهه، ٽِيهه

پنچاشَتَ          پَنجاههَ

آشِيتِي           اَسِي

        (iii) عدد تشنيه: سنسڪرت ۾ عدد جا ٽي قسم آهن: عدد واحد، عدد تشنيه ۽ عدد جمع، سنڌيءَ ۾ عددجا ٻه قسم آهن: عدد واحد ۽ عدد جمع؛ پر سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا اسم به آهن، جيڪي حالت ندا ۾ سنسڪرت جي اسمن وانگر ڦرن ٿا. هيٺ سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي ڪن اسمن جا حالت ندا ۾ ڦيرا ڏنا ويا آهن. سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي انهن اسمن جي حالت جي صورت ۾، گردانن جي تقابلي اڀياس کان پوءِ، پڙهندڙ ۽ ماهر پاڻ فصيو ڪن ته آيا حالت ندا جي صورت ۾ سنڌيءَ جا اهي اسم، ٽن عددن ۾ گردان ڪن ٿا يا نهئ يعني نه حالت ندا جي صورت ۾ سنڌيءَ پنهنجا قديم ٽيئي عدد__ عدد واحد، عدد تشنيه ۽ عدد جمع__ قائم رکيا اهن ڇا؟ آيا سنڌيءَ پنهنجي انهيءَ قدم گرامر جي اصول کي فقط هن حالت (حالت ندا) ۾ ئي  قائم رکي سگهي آهي؟ انهن سوالن کان پوءِ، هيٺ سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي اسمن جي گردانن ۾ حالت ندا ڀيٽ ڪجي ٿي. انهيءَ ڀيٽ  مان ظاهر ٿو ٿئي ته ٻنهي ٻولين ۾، حالت ندا ۾ اُهي اسم هڪ ئي نموني ۾ ڦرن ٿا. سنڌيءَ ۽ سنسڪرت جي هيءَ هڪجهڙائي ڌيان جوڳي آهي:

حالت ندا       سنسڪرت       سنڌي

عدد واحد      مَنوُشيَ!          ماڻهوُ!، ڪيچِي!، سيٺِ!

عدد تشنيه     مَنوُ شيؤ!        ماڻهوُ آۇ!، ڪيچيؤ!، سيٺيؤ!

عدد جمع      مَنوُشِيا!          ماڻهوُئا!، ڪيچيا!، سيٺيا!

(iv) فعل جو گردان:  سنڌيءَ ۾ به، سنسڪرت وانگر، فعل جي ڌاتوءَ جي گردان جي حالت ۾، ان جي پويان ضميري نشانيون ملايون وينديون آهن. سنڌي، لهندا ۽ سنسڪرت ۾ اهي ضميري پڇاڙيون، ٿوريءَ ڦير گهير کان پوءِ هڪجهڙيون آهن. ڦير گهير جو خاص سبب هي ٿي سگهي ٿو ته سنسڪرت ۾  اُهي مقرر لکيل صورت، هئڻ سبب، انهن ساڳين حالتن ۾ قائم رهي سگهيون آهن، پر سنڌي روزمرهه واري ٻولي هئڻ جي ڪري، انهن ضميري پڇاڙين کي ساڳين قديم صورتن ۾ قائم رکي نه گهي آهي، پر انهن ۾ هميشہ ڦير گهير ٿيندي رهي آهي؛ هيٺ ٻنهي ٻولين جا مثال ڏجن ٿا:

 

 

 

 

 

 

هن گردان جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته ضميري پڇاڙيون هن ريت ڦرن ٿيون:

                  سنسڪرت  زمان حال(سنڌي)   زمان ماضي(سنڌي)

ضمير متڪلم واحد   مِي         اُن ٿو             م، س

ضمير متڪلم جمع   مَهه         اوُن ٿا             سوُن

ضمير حاضر واحد   سِي         اِين ٿو            اي، او

ضمير حاضر جمع   ٿا           او ٿا              وَ، آن

ضمير غائب واحد   تِي         اي ٿو             _آئين_آئيِن

ضمير غائب جمع   اَنتِي        آن ٿا             _آئون_ آئوُن

زمان حالت ۽ ماضيءَ کان سواءِ، زمان مستقبل جي گردانن جي ڀيٽ به اسان جي دعويٰ کي پختو ڪري ٿي:

ضمير جو ڦيرو      ڌاتو       سنسڪرت                    سنڌي

                       واحد        جمع        واحد            جمع

متڪلم      ددا     داسيامِي   داسيامَس   ڏيندم، ڏيندس  ڏينداسين

حاضر                 داسيَسِي   داسيَٿا      ڏيندين         ڏيندا

غائب                 داسيَتِي    داسيَنتِي    ڏيندو           ڏيندا

مٿين مثالن مان ظاهر آهي ته فعلن جا گردان، ٿورين تبديلين کان پوءِ هڪجهڙائي رکن ٿا.

اهڙيءَ طرح لفظن جو بي انداز ذخيرو ثابت ٿو ڪري ته سنڌي ۽ سنسڪرت هڪٻئي جي بلڪل ويجهيون آهن. اهڙي ويجهڙائي، لهندا کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ نظر نٿي اچي.

سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ ۽ بنياد جي باير ۾ راءِ قائم ڪندڙ پهريون محقق، ۽ سنڌيءَ کي سنسڪرت جي شاخ سڏيندرن جي علمبردار، ڊاڪٽر ٽرومپ، جيتوڻيڪ پنهنجيءَ تصنيف، ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڌيءَ آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي گهري مطالعي کان پوءِ کيس پنهنجي نظريي ۾ تبديلي آڻڻي پيئي. پنهنجي ڦيرايل نظريي موجب ڊاڪٽر ٽرومپ صاحب لکي ٿو ته ”سنڌيءَ ۾ جيڪي خصوصيتون آهن، تن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي، قديم پراڪرت سان هڪجهڙائي رکي ٿي.“ مثال طور ڊاڪٽر موصوف لکي ٿو:

”سنڌي، نج سنسڪرتي ٻولي آهي.  هيءَ ٻولي، اتر  - اولهه وارين ٻين ڏيهيٻولين جي ڀيٽ ۾، پرڏيهي (ڌارئين)عناصرن کان وڌيڪ اجي آهي. پراڪرت جا پراڻا وياڪرڻي، شايد ڪو سهڻو سبب ڏيئي، ٻڌائي سگهن ته اپڀرنش جواهو ڪهڙو لهجو آهي، جنهن مان سنڌي، پراڪرت جي سڀني کان بگڙيل لهجي جي صورت ۾ ڦٽي نڪتي آهي. پر جڏهن سنڌيءَ کي ، ٻين ڏيهي ٻولين جي مقابلي ۾ اولين حيثيت ڏيون ٿا. هيءَ ٻولي هاڻوڪي دور جي مرهٽي، هندي، پنجابي ۽ بنگاليءَ کان قديم پراڪرت کي وڌيڪ ويجهي آهي، ۽ هن ٻوليءَ، وياڪرڻ جي سڀني مکيه نقطن کي پاڻ وٽ جهانڪيون آهي؛ انهيءَ ڪري هن جون سڀ ڀينرون هن سان ساڙ رکن ٿيون“

ٽرومپ صاحب، پنهنجيءَ انهيءَ دعوا – سنڌي اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي، ۽ انهيءَ وسيلي سان سنسڪرت جي شاخ آهي – کان پاڻ شڪي ٿيو آهي، ۽ لکي ٿو:

”سنڌي ٻوليءَ، پنهنجي اصلي بُڻ کان ڇجھڻ واريءَ حالت جي وقت واريون قديم پراڪرت جهڙيون سڀ خصوصيتون پاڻ وٽ سانڍي، سوگهيون رکيون آهن، پر اهي سنڌيءَ جي ٻين سڀني ڀينر ٻولين قائم نه رکيون آهن.

        ”اسان پنهنجي ڪتاب جي تمهيد ۾ جھاڻايو آهي ته پراڪرت جي وياڪرڻي، ڪرَمَدَيشوَرَ، اپڀرنش مان مثال ڏيئي، وياڪرڻ جا جيڪي قاعدا قانون جھاڻايا آهن، اهي اڃا تائين سنڌيءَ ۾ ملن ٿا. اهي قانون ٻين ڏيهي ٻولين سان هاڻ لڳي نٿا سگهن. سنڌي ٻولي اهڙيءَ طرح ، هڪ خودمختار (independent)ٻولي آهي، جيڪا سندس ڀينر ٻولين واري ساڳي بُڻ مان آهي، پر دراصل انهن کان مختلف آهي“

        ٽرومپ جي هن راءِ مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته جنهن اپڀرنش مان سنڌي ڦُڻي نڪتي آهي، سا ڪا اڳاٽي ٻولي آهي، ۽ جا (اپڀرنش) اُن ٻوليءَ کان وڌيڪ پراڻي ۽ آڳاٽي آهي، جنهنمان ٻيون ڏيهي ٻوليون ڦٽي نڪتيون آهن، ۽ سنڌيءَ واري بنيادي اپڀرنش، ٻين ڏيهي ٻولين واريءَ بنيادي اڀرنش کان، پراڪرت کي وڌيڪ ويجهي هئي. هيٺ سنڌي گرامر مان ڪي اهڙا مثال به ڏجن ٿا، جي سنڌي ۽ پراڪرت ۾ هڪجهڙا آهن:

(i)  فعل متعدي مجهول بنائڻ لاءِ، ڌاتوءَ جي پويان پراڪرت ۾/ اِجهّ/ پڇاڙي گڏي ويندي آهي. سنڌيءَ ۾ به متعدي مجهول بنائڻ لاءِ، ڌاتوءَ سان / اِجِ/ پڇاڙي ملائي ويندي آهي؛ مثلا: لِک + اِجِ =لِکج_

خط لکجي پيو.

ماني رڌجي پيئي.

(ii) پراڪرات ۾ تمنائي صيغي Potential or optative) (mood لاءِ فعل جي ڌاتوءَ پٺيان / _ جهَ / پڇاڙي ملائي ويندي آهي. ساڳي پڇاڙي مستقبل (Definite future) لاءِ به ملائبي آهي.ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ به مستقبل جي حالت ۾ / اِجِ/ پڇاڙي ملائي ويندي آهي؛ مثال طور: وڃج، لکج وغيره

(iii)     ڪنهن به شخص کي مخاطب ٿيڻ لاءِ، پراڪرت ۾/ ري/، / اري/، ندائي آوازن سان مخاطب ٿبو آهي. سنڌيءَ ۾ به / ڙي/ ۽ / اڙي/ ندائي آوازن مان ٻه آواز آهن.

ديوان ڀيرومل، جنهن پنهنجو ڪتاب، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، انهيءَ مقصد ڪاڻ لکيو هو ته جيئن هو دليلن ۽ ثبوتن سان ثابت ڪري، ته سنسڪرت مان پراڪرت، پراڪرت مان شورسيني، اُن مان اپڀرنش ۽ اُن جي ورچڊا شاخ مان سنڌي ڦٽي نڪتي آهي؛  تنهن به سنڌيءَ جون ڪي خاص خوبيون ۽ خصوصيتون جاچي، دانسته يا نادانسته لکيو آهي ته :

    ” سنڌي ٻولي، هندستان جي ٻولين ۽ ايران جي وچ وارو ڪڙو آهي.“

ڪاڪي ڀيرومل لکيو آهي:

    ” ضمير پڇاڙيون رڳو ڪشميري، لهندا، سرائڪي ۽ سنڌوءَ  ۾ آهن؛ مثلا:

    ڪشميري     سرائڪي       سنڌي

    مورم          مارِيم          ماريُم

”اهي پڇاريون، انهن ٻولين کان سواءِ، ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ( هندي وغيره) ۾ ڪينهن، پر ايراني ٻولين ۾ آهن. انهيءَ سبب چئبو ته سڄي هندستان ۾ رڳو اسان جي سنڌي ٻولي هڪ ڳنڍيندڙ ڪڙو يا وچ وارو ڏاڪو آهي،جا هندستان جي ٻولين کي ايرانيءَ سان ڳنڍي بيٺي آهي.“

        اهي ئي اهم نقطا آهن، جيڪي علم اللسان جي شاگردن جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ڪن ٿا. اگر سنڌي ٻولي، شو رسينيءَ جي معرفت سنسڪرت سان ملي ٿي، ته پوءِ سنڌي، جا بقول ڀيرومل جي هند و پاڪ جي سڀني ڏيهي ٻولين کان دير سان (1100ع ڌاري) هاڻوڪيءَ صورت ۾ آئي؛ سا، شو رسينيءَ يا ٻين پراڪرتن مان ڦُٽي نڪتل ڏيهي ٻولين (گجراتي، هندي، مرهٽي ۽ پنجابي) کان، سنسڪرت ۽ قديم پراڪرت کي وڌيڪ ويجهي ڪئين ٿي؟ حقيقت ۾ ته مرهٽي، گجراتي، هندي توڙي پنجابي، جيڪي ڪاڪي ڀيرومل جي راءِ موجب سنڌيءَ کان اڳ پنهنجون هاڻوڪيون صورتون قائم ڪري چڪيون هيون، سنسڪرت کي سنڌي کان وڌيڪ ويجهيون هئڻ گهرجن. سنڌي، لهندا ۽ سنسڪرت جون انيڪ هڪجهڙايون ثابت ٿيون ڪن ته انهن ٽنهي ٻولين جو اصلي بڻ ڪا هڪ ئي پراڪرت آهي. اهي ٽيئي ٻوليون، ان هڪ ئي بڻ مان ڦُٽي نڪتيون آهن، ۽ نَه ڪِه لهندا ۽ سنڌي اپڀرنش مان، ۽ اڳتي هلي شو رسنيءَ جي معرفت سنسڪرت مان. هن مقالي ۾ هي به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته برصغير هندو پاڪ جي ڪابه ڏيهي ٻولي، سڌيءَ طرح يا اڻسڌيءَ طرح، سنسڪرت جي ڄائي نه آهي. اهو نظريو به درست نه آهي ته ڪو سنسڪرت ڪنهن دور ۾ سڄي برصغير جي روزمرهه واري ٻولي  (Spoken Language)رهي آهي،

        سسنڪرت  ۽ پراڪرت لفظن جون لغتي معنائون، ڏيهي ٻولين جي بنياد ۽ بڻ جي کوجنا ۽ اڀياس ۾ گهڻي مدد ڪن ٿيون. سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن جي اصلي ڌاتن، لفظي معنيٰ ۽ وصف جي وستار مان، اها حقيقت هيڪاري واضح ٿيو پوي ته برصغير جون جملي ڏيهي ٻوليون، سنئون سڌو سنسڪرت مان ڦُٽي نڪتل نه آهن. ڪاڪي ڀيرومل پنهنجي ڪتاب  ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جي صفحن 24 ۽ 38 تي، پراڪرت ۽ سنسڪرت جي جيڪا وصف ۽ معنيٰ ڏني آهي، تنهن تي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ، اهو ثابت ٿو ٿئي ته ديوان صاحب حقيقت جي ڄاڻ هوندي به، پنهنجي طي شده نظريي جي پٺڀرائيءَ لاءِ پراڪرت کي سنسڪرت جي بگڙيل صورت قرار ڏنو آهي. صفحي 38 تي، پنهنجي ڪتاب ۾، پراڪرت لفظ جي معنيٰ سمجهائيندي ديوان ڀيرومل لکي ٿو:

        ”پرڪرتيءَ جي معنيٰ پيدا ٿيل ٻولي. پراڪرت جي هڪ معنيٰ آهي قدرتي (Natural) ۽ ٻي معنيٰ اٿس ”اصلوڪي ٻولي“(Original) پرڪرتي جو ضد آهي، ’وڪرتي‘ جنهن جي معنيَ آهي ’بگڙيل صورت‘

ساڳي ڪتاب جي صفحي 42 تي سنسڪرت لفظ جي معنيٰ سمجهائيندي  ڀيرومل لکي ٿو:“ سنسڪرت لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ڪرهه“ جنهن جي معنيٰ آهي، ” ڪرڻ“ جنهن جو اسم مفعول ” ڪرت“ معنيٰ ” ڪيل“ سَمِ، هڪ اڳياڙي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي چڱو: تنهنڪري سر+ڪرت (سنسڪرت) ٻوليءَ، معنيٰ چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل يا سڌاريل (Polished or Refined) ٻولي“_ ٻنهي لفظن جي پراڪرت ۽ سنسڪرت جي وصفن جي جائزي کان پوءِ، اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته ”سڌاريل يا صاف ٿيل يا اُجاريل“ ٻوليءَ (سنسڪرت) مان قدرتي يا اصلوڪي ٻولي (پراڪرت) ڦٽي نڪتي هوندي؟ پر حقيقت ۾ ته پاڻ ” اصلوڪي يا قدرتي ٻوليءَ“ (پراڪرت) مان، صاف ٿيل يعني سڌاريل يا اُجاريل ٻولي يعني سنسڪرت، ڦٽي نڪتي هوندي. ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته سنسڪرت، پراڪرت جو اصلي بنياد ته نه آهي، پر سنسڪرت ته پاڻ پراڪرت جي سڌاريل ۽ اُجاريل صورت آهي؛ يعني پراڪرت، سنسڪرت جو اصلي بنياد آهي.

        يورپ ۽ هندستان جا ڪيترائي ماهر انهيءَ راءِ جا آهن ته هند و پاڪ جون جملي ڏيهي ٻوليون، پراڪرتن جون ئي بدليل صورتون آهن، ۽ نڪه سنسڪرت جون بدليل صورتون؛ يعني ته سڀ ڏيهي ٻوليون پراڪرتن مان ئي ڦٽي نڪتل آهن، جيڪي عوامي يعني روزمره واريون ٻوليون هيون. ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته سڀني ڏيهي ٻولين جي ماءُ سنسڪرت نه، پر قديم پراڪرت آهي. هن ڏس ۾ پشل (Pischell)جو رايو آهي ته :        ”پر اهي ( پراڪرت ٻوليون) هٿرادو يعني سڌاريل يا اُجاريل ٻوليون نه آهن، جيئن اهو سمجهيو وڃي ٿو ته شاعرن جي ڪوششن سان، انهن سڌريل صورت اختيار ڪئي هئي. پر جيڪا سچي حقيقت انهن ٻولين جي باري ۾ ملي ٿي، بلڪل ساڳي حقيقت  سنسڪرت بنسبت به ملي ٿي، جيڪا مهذب هندستانين وٽ ڪڏهن به عوامي يا روزمرهه واري ٻولي ڪانه رهي آهي. سنسڪرت ٻولي، پراڪرت ٻولين جو اصلي بنياد يا بُڻ نه آهي؛ جيڪي دراصل هڪ مشهور روزمرهه واريءَ يعني عوامي ٻوليءَ مان ڦٽي نڪيتون آهن، جنهن سياسي ۽ مذهبي بنياد تي ادبي ٻوليءَ جي حيثيت ورتي. پر مشڪل ڳالهه هيءَ آهي ته اهو ناممڪن پيو لڳي ته سڀ پراڪرت ٻوليون هڪ ئي ساڳئي بُڻ يا اصلي بنيادن مان ڦٽي نڪتيون هجن. اها ته پڪ آهي ته اهي پراڪرتون سنسڪرت جون شاخون نه آهن، جيئن هندستاني ۽ مغربي عالم_ هوفر، لئسن، ڀنڊارڪر ۽ جئڪب_ سمجهي ويٺا آهن. سڀني پراڪرت ٻولين ۽ ويدڪ ٻوليءَ ۾، لغت جي لفظن ۽ وياڪرڻ جي خصوصيتن جي هڪجهڙاين جي مثالن جون روايتون ملن ٿيون، جيڪي خصوصيتون سنسڪرت ۾ عدم موجود آهن“

گريئرسن  به سنسڪرت کي پراڪرت جي شاخ ٿو ڄاڻائي. هن جو رايو آهي ته : ”هند و پاڪ جي آرين جي هند آريائي ٻوليءَ جا سچا پچا مثال رگ ويد جي گٿائن مان ملي سگهن ٿا.انهن مان ڪيتريون ئي گاٿائون، شاعرن جي پنهنجي روزمرهه واري لهجي ۾، اصلي روپ ۾ جوڙيون ويئيون هيون، جيڪو اصلوڪو لهجو هو، جنهن جي ٻولي اصلوڪي هئي. ۽ جنهن ۾ ڪابه ڦير ڦار يا تبديلي ٿيل ڪانه هئي. ان جي مقابلي ۾ ڪلاسيڪل سنسڪرت، برهمڻن جي هٿ ۾ وڌيڪ نقلي، سنواريل ۽ غيراصلي زبان هئي.” اشوڪا (250 ق.م.) جي ڪتبن ۽ برصغير جي مشهور وياڪرڻي پتنجلي (150 ق.م.)جي لکيتن مان اسان کي معلوم ٿيو آهي ته عيسوي سن کان ٽي سئو سال اڳ، آرين جي هڪ ٻولي ( مختلف لهجن ۾) اُتر_ هند ۾ ڳالهائي ٿي ويئي. هيءَ ٻولي، آهستي آهستي قديم عوامي ٻولين مان اُسري هئي. هيءَ ٻوليءَ عوام جي اظهار جو ذريعو هو. ساڳئي دور ۾ برهمڻ  جي اثر هيٺ، انهن لهجن مان هڪ لهجو، سنسڪرت ٻوليءَ جو روپ وٺي وجود ۾ آئي، ۽ جا دراصل ثانوي ٻولي هئي. هن ( ثانوي) ٻوليءَ جي اهائي حيثيت هئي، جهڙي وچئين دور ۾ لئٽن جي حيثيت هئي.

”صدين تائين هندستان جي آرياڻي ٻولين کي پراڪرت سڏيو ويندو هو. پراڪرت مان مراد آهي ” قدرتي“ يا ” اصلوڪي زبان، هن جي مقابلي ۾ سنسڪرت (سمسڪرت) معنيٰ ” سڌاريل“  سنواريل، ۽ هٿرادو بنايل ٻولي، پراڪرت لفظ جي انهيءَ معنيٰ ۽ وصف مان ظاهر ٿئي ٿو  ته ويدڪ منترن جي دور واريون مقامي ٻوليون، هٿرادو سڌاريل ٻوليءَ يعني سنسڪرت جي مقابلي ۾، اصلوڪيون ٻوليون هيون. انهن کي برصغير جون ” ابتدائي پراڪرتون“ (Primary Prakrits) چئي سگهجي ٿو.اُهي مقامي ٻوليون، جيڪي هنن پراڪرتن مان اُسريون، ۽ جيڪي سنسڪرت سان گڏوگڏ ترقي پذير رهيون، ۽ جيڪي برهمڻن جي اثر کان آجيون هيون، ۽ سنسڪرت جو روپ نه ورتو هئائون، تم کي ثانوي پراڪرتون ( Secondary prakrits)چئي سگهجي ٿو“.


(1) Bloomfield, L., “Language”, George Allen & Unwin Ltd, London, 1961. p.12.

(2) Ibid.

(1)  انهن هڪجهڙاين جي بنياد تي ئي ڪن محققن اها اءِ قائم ڪئي ته سنڌي ٻولي ڦرندي گهرندي، سنسڪرت سانملي ٿي، ته ڪن وري هيءَ دعويَ ڪئي ته سنڪرت ، سنڌيءَ جي جھائي آهي.

(2)  Allen, W.S. “Phonetic in ancient India”, Oxford University press, London. 1953, pp. 20, 39, 51 & 83.

(1)  Khubchandani, L.R., “The Phonology and Morphophonemnics of Sindhi,” M.A. Thesis, PensyIvania University, 1961, p. 16

(2)  خواجه غلام علي الانا: مقالو ”سنڌي“ سماهي مهراڻ، 3-4 1966ع. ص ص 108-110

(1)  Whiteney, W.D. “Sanaskrit grammar”. Oxford University perss London 1950, p.p.7. & 423.

(2)  Ibid. p. 446.

(3)  Ibid, p. 396.

(4) Ibid.

(5) Ibid. (6) Ibid. (7) Ibid. (8) Ibid. p. 397

(9) Whiteney, Op. Cit., p. 411

(1)  Ibid. pp. 411 and 508. Also seeL Vijaya Krishna brothers, “Literary History of Idia”, Omle CoL Inc. New York. P. 5.

(2)  Whiteney, p. 412. (3) Ibid. p. 412 and 508. (4) Ibid. p. 455. (5) Ibid. p. 412. (6) Ibid. p. 467. (7) Ibid. p. 508. (8) Ibid. p. 167. (9) Ibid. (10) Vijya Krishna brothers, op. cit. p. 5. (11) Whiteney. W.D, op. cit. p. 167. (12) Ibid. p. 175. (13) Ibid p. 175.

(1)  Whiteney, Op. Cit., p. 235.

(1)  Bhandharkar, R.G, “First book of Sanskrit”, Gopal Narayan and CoL, Bombay 1947. pp. 14 and 25.

(1)Whiteney W.D. Op. Cit., P. 177.

(2)  خواجه غلام علي الانا: ”سنڌي“، مقالو، سماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1967ع، نمبر 3-4 966ع ص 108.

(3)  ايضناً

(1)  Whiteney W.D., op. Cit., P. 311.

(2)  رگويد ۾ انيڪ لفظ ملن ٿا، جيڪي اڄ به سنڌيءَ ۾ لڳ ڀڳ ساڳي صورت  وٺيو بيٺا آهن؛ مثال طور:

رگويدڪ لفظ          سنڌي لفظ             رگويدڪ لفظ             سنڌي لفظ         

اَگني                   اَگني                   نانوَ                       نانوَ

پٿرِ ٿِوي               پٿرِ ٿِوي               گئو                       ڳئون

داسَ                   داسَ                   اِندرَ                       انِدر

اُڀو                     آب                     سَمُدُرَ                     سَمُنڊُ

وِڌَويوَ                  وِڌِوا                   ديوَرَم                    ڏير

سترِيِ                  استري                 سَني                      سَچ

پَوَ                      جوَ                     اَرٿَ                      اَرٿَ

سَڌَ                     مڌِ                      راڪشَسَ                 راڪس

رَٿَ                    رَٿُ                    وَتسَ                      وَڇَ

سَبدَ                    شَبُدَ                    جِهوَ                       ڄِڀَ

يوترَ                    جوٽو

SeeL Vijaya Krishna brothers op. Cit. P.5, Also SeeL Chandra Chakraverty, “Racial history of India”, Vijaya Krishna. Brothers, Calctta, PP. 170-223

(1)  Trump E., Op. Cit., Introduction, PP. I and II.

(2)  Ibid.

(1)  Dines Chandra Sircar,  Grammar of the Prakrit Languge, university of  Calcutta, 1943,P.70.

(2)  Ibid., P. 72.

(3) Ibid, P. 93.

(1)  ڀيرو مل، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 88.

(2)  ايضاً

(3)  Pischell, Op. Cit., P.4.

هن راءِ کان پوءِ، ديوان گنگارام سمراٽ جي اها دعوا به بي بنياد سمجهڻ کپي، جنهن موجب هو لکي ٿو: ” هو ( ڊاڪٽر بلوچ صاحب) اهو ڪونه ٿو مڃي ته سنڌ هندستان جو حصو آهي ان ڪري جيڪا سنسڪرت ٻولي سڄي هندستان جي عوامي زبان هئي، سا سنڌ جي به ساڳي هوندي“ اسان مٿئين حوالي ۾ دليل ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته سنسڪرت ڪڏهن به سڄي برصغير جي عوامي يا روزمرهه واري زبان ڪانه رهي آهي، ڏسو گنگارام سمراٽ جو مضمون، بعنوان سمالو چنا ۽ آلوچنا، ماهوار ” سنڌو“ جولاءِ _ سيپٽمبر 1966ع، احمدآباد صه 106.

(1)  ڀيرومل، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ص 38

(2)  ايضاً، ص 24

(1) Pischell, Op. Cit., P.4.

(1)  Grierson, Op. Cit., Vol I, part I, P. 121

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com