سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2- 1967ع

مضمون

صفحو :15

هن رسالي ۾ ڏاڍا سُٺا مضمون آهن. شايد اهوئي سبب آهي، جو انهن مضمونن ايتري جڳهه والاري آهي، جو نظم جي حصي کي ترڪ ڪرڻو پيو آهي. هيٺيان مضمون اسان جو ڌيان ڇڪائين ٿا: (1) معاشري جي اصلاح جا غيرمتبادل اصول، (2) اسلامي تعليم ڇا کي چئجي؟ (3) ڄام نظام الدين سمو، (4) اسلامي تصوف جي سنڌ ۾ ابتدا، (5) سنڌي علماء ۽ سندن عربي تصنيفات،  (6) بلوچ قوم ۽ ان جي تاريخ جو سوال،  (7) ابونصر فارابي، (8) خيام جي رباعين جا منظوم ترجما، (9) رسم الخط جي تاريخ، (10) سنڌي (صوتيات)، (11) قديم نڌي شعر ۽ شاعري.

”معاشري جي اصلاح جا غيرمتبادل اصول“ ۾ هڪ نهايت عمدي ۽ پختي ڳالهه آهي، جنهن تي هر پاڪستاني کي ويچار ڪرڻ ضروري آهي ته: ’جي ماڻهو، ڪميونزم جي سيلاب ۾ وهي وڃڻ نٿا چاهين، ۽ پنهنجي روحاني ۽ اخلاقي نظام سان وابسته رهي، زندگي گذارڻ گهرن ٿا؛ انهن کي اڄ ايئن ڪرڻو پوندو، جيئن بيان ٿي چڪو آهي. غيرمتبدل اصول متعين ڪرڻ گهرجن ۽ متبادل طريقن ۽ فروعات کي الڳ رکڻ گهرجي.‘

”اسلامي تعليم ڇا کي چئجي؟“ ۾ جيڪي ڪي فرمايو ويو آهي، نهايت پر مغز آهي. اسلام کان جيڪي فراريت اختيار ڪرڻ جا شائق آهن، تن جي لاءِ هڪ سبق آهي. هڪ هنڌ، قرآن شريف مان هڪ ڏاڍي عمدي ڳالهه پيش ڪيل آهي:’قرآن، رهنمائيءَ جي ٻن طريقن جو فڪر ڪيو آهي: هڪ ته اونداهيءَ مان سوجهري ۾ داخل ٿيڻ،. ۽ ٻيو ته سوجهري مان اونداهيءَ ڏانهن گهلجي وڃڻ جو امڪان. هتان ئي لفظ تعليم جو پتو پوي ٿو، جيئن اڄ اسان ان کي سمجهون ٿا. صحيح تعليم ۽ غلط تعليم، چڱي تعليم ۽ خراب تعليم – هي فيصلو ڪنهن کي ڪرڻو آهي ته چڱو ڇا آهي ۽ خراب ڇا آهي – فقط ان ئي ماڻهوءَ کي، جنهن کي انسان جي شروعات ۽ منزل جي ڄاڻ آهي.‘ وري، ’ڪابه ڳالهه، جا هاڻوڪي مرحلي تي، انهيءَ ترقيءَ کي نقصان پهچائي، سا غيراسلامي آهي. اهو مقصد، جيڪو قرآن چاهي ٿو ته انسانذات ‎حاصل ڪري، تنهن کي جيڪا به شيءَ نقصان پهچائي، سا خراب تعليم آهي، غلط تعليم آهي، جا سوجهري مان ڪڍي، اونداهه ڏانهن گهلي وڃي ٿي.‘ هي لفظ غور ڪرڻ جي قابل آهن، ۽ دل سان هنڊائڻ جي قابل پڻ.

ٻيا جيڪي مقالا آهن، سي تحقيقي آهن. انهن لکڻ لاءِ، مـﺆلفن کي ڪافي محنت ڪرڻي پيئي هوندي، ۽ ججها ڪتاب نظر مان ڪڍڻا پيا هوندا، تنهن کان پوءِ ڪٿي وڃي سڄو مضمون تيار ٿيو هوندو.

انهن مقالن پڙهڻ سان معلومات ۾ تمام گهڻو اضافو ٿو ٿئي. ڪيترا مقالا، تاريخي نوعيت جا آهن. ڪن ۾ سوانح عمريون شامل نه آهن. ڪي مقالا ادبي نوعيت جا آهن. ڪن مقالن مان معلوم ٿو ٿئي ته اهڙيِ ڪم لاءِ اڃا تحقيقات جو دروازو کليو پيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي تحقيقات سان دلچسپي آهي ته انهيءَ عنوان کي وٺي، ڳولا جي سمنڊ ۾ هڪ غواص وانگر ٽٻي هڻندو ته اهڙا صدف ڪڍي ايندو، جن کي ڳولڻ سان بي بها موتي نڪري ايندا.

مضمون، ”ڄام نظام الدين سمو“، تاريخي به آهي ته سوانح عمري به پيش ڪري ٿو. سندس دينداري ۽ زاهدانه زندگيءَ جو احوال پڙهي، التمش جو زمانو ياد ٿو پوي. چئبو ته اهڙي بادشاهه تي سنڌ فخر ڪري سگهجي ٿي، جنهن جي شخصيت مقناطيس وانگر ڇڪ رکندي هجي؛ جنهن اڪيچار عالمن، بزرگن، مشائخن، محدثن ۽ شاعرن کي سنڌ ۾ ڇڪي آندو. اهڙي قسم جون سوانح عمريون، جيڪڏهن اديب اسان کي ڏيندا رهن ته سنڌ جو عوام پنهنجن مشاهيرن سان واقف ٿيندو رهندو. انهيءَ ساڳئي قسم جو مضمون ”سنڌي علماء ۽ سندن عربي تصنيفات“ آهي، جنهن مان تاريخي معلومات حاصل ٿئي ٿي، بزرگن جي حياتيءَ جو ذڪر ملي ٿو، ۽ انهن ڪهڙا ادبي ۽ مذهبي ڪتاب لکيا ۽ سنڌين جو عربي عالمن وٽ ڪهڙو مرتبو هو، سو به معلوم ٿئي ٿو.

”اسلامي تصوف جي سنڌ ۾ ابتدا“ به هڪ تاريخي مضمون آهي. مـﺆلف، هن مضمون ۾ هڪ نقطي ڏانهن واه جو اشارو ڪيو آهي ته ’تصوف جي سنگ بنياد کي غير اسلامي حقائق جو منت پذير سمجهڻ، ڪيترو نه دور از قيا آهي.‘ سنڌ ۾ باقائده تصوف جي ابتدائي تبليغ، سهروردي  طريقي کان ٿي، جنهن جو پهريون مبلغ حضرت نوح بکري رحمـﺔ الله عليه هو. انهيءَ سڄي مضمون مان پتو پوي ٿو ته ڪهڙن بزرگن، تصوف اختيار ڪيو ۽ ڪيئن ان جي تبليغ سڄي سنڌ ۾ ڪندا رهيا. تصوف سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هي مضمون ڪارائتو ثابت ٿيندو.

” بلوچ قوم ۽ ان جي تاريخ، جو سوال“ وارو مضمون به تاريخي ۽ تحقيقي مضمون آهي. ان ۾ جيڪو بحث ڪيو ويو آهي، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته بلوچن تي تحقيق ڪرڻ جو ميدان اڃا گهڻو ڪشادو آهي، ۽ ان تي ڪم ڪرڻ جي ڏاڍي گنجائش آهي.، بلوچن جي نسب نامي کي ڏاڍو مُنجهايو ويو آهي، پر انهن مختلف بيانن ۽ روايتن مان به قرين قياس ڳالهين کي وٺي، ڪنهن به هڪ ڳالهه تي فيصلو ڪري سگهجي ٿو، يا شجرو ڪڍي سگهجي ٿو. بلوچي زبان ۽ ادب تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي به ڏاڍي گنجائش آهي، ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ وسيع ميدان پيو آهي.

”ابونصر فارابي“ به هڪ تاريخي ۽ سوانح عمريءَ جو مضمون آهي. ماخذات جي فهرست ئي ڏيکاري ٿي ته ڪيتري نه ڪاوش ۽ تحقيق سان اهو مضمون لکيو ويو آهي، ۽ ٻين لاءِ هڪ سبق آهي ته ڪنهن مضمون جي تياريءَ لاءِ ڪيتري نه جفاڪشي ڪرڻي ٿي پوي. انهيءَ مضمون مان هڪ ٻي ڳالهه  به واضح ٿيو پوي ته مسلمانن ۾ اهڙيون قابل هستيون پيون آهن، جن کي منظرِ عام تي آندو وڃي ته پاڪستاني مسلمانن لاءِ پنهنجن مشاهيرن جي ڪارنامن مان سبق حاصل ڪرڻ جو هڪ ٺاهوڪو ذريعو بنجي پوي.

”خيام جي رباعين جا منظوم ترجما“ به هڪ تحقيقي ۽ ادبي مضمون آهي، بلڪه ادبي تاريخ جو هڪ مضمون چئجي ته بجا ٿيندو. اصل مصنف کي ڪيترن ڪتابن ۽ فهرستن کي نظر مان ڪڍڻو پيو هوندو، تنهن جو اندازو اُهي لڳائي سگهندا، جيڪي هن مضمون کي نهايت باريڪيءَ سان پڙهندا. اسان جي سنڌي اديبن لاءِ به اهو مضمون نه رڳو ڪارائتو ٿيندو، بلڪه معلوماتي ثابت ٿيندو. هن مضمون مان پتو پوي ٿو ته خيام جون رباعيون، دنيا جي ڪهڙين ٻولين ۾ لکيون ويون، ۽ ڪهڙ سن ۾ لکيون ويون، انهن رباعين جي همه گير مقبوليت ۽ حيثيت جوپتو به پوي ٿو. انهيءَ مضمون مان هڪ مغالطي جي صافي به ٿئي ٿي، ته عمرخيام جون رباعيون، سڀ کان اڳي، سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪونه ٿيون هيون؛ بلڪه اردو زبان ۾، سن 1260ع ۾، دکن جي راجا مکن لال، ترجمو ڪيو هو. هن مضمون مان هڪ خبر اها به پوي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جو ترجمو، ٻين ٻولين کان ڪو گهٽ نه آهي، جنهن مان سنڌي ۾ ترجمي جي صلاحيت جو پتو پوي ٿو.

مضمون ”رسم الخط جي تاريخ“ به هڪ تاريخي ۽ معلومات سان ڀريل مضمون اهي، جنهن ۾ مـﺆلف چڱي محنت ڪري، اسان کي هن ڳالهه کان واقف ٿو ڪري ته ٻولين جي حرفن جي ايجاد، نه چين وارن جي آهي، نه اهل فينيشيا جي، بلڪه اهو سهرو، مصر وارن جي سر تي ٻڌجي ٿو. تنهن کان پوءِ مـﺆلف، رسم الخط بابت بحث ڪندي، اسان کي مختلف قسم جي خطن سان روشناس ٿو ڪرائي ته ڪيئن رسم الخط، مختلف دؤرن ۾ بدلجندا ويا، ۽ مختلف شاخن ۾ ورهائبا ويا. مـﺆلف، بحث ڪندي، رسم الخط جو بنياد، حضرت اسماعيل عليه السلام ۽ حضرت آدم عليه السلام تائين وڃي ڳنڍيو اٿس. انهن ڳالهين، حقيقت  ۾ مضمون کي نهايت دلچسپ بنائي ڇڏيو آهي. هڪ ڀيرو اهو مضمون پڙهڻ شروع ٿو ڪجي ته جيسين پورو نٿو ڪجي، ماٺ ڪري ويهڻ نٿو ٿئي.

موتيات وارو مضمون ”سنڌي“ به دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. اهو مضمون به ڏاڍي محنت ۽ ڪتابن اٿلائڻ کان پوءِ صفحهء قرطاس جي زينت بڻيو آهي. انهيءَ قسم جا مضمون نه رڳو سنڌي پڙهندڙن لاءِ دلچسپ آهن، بلڪه هڪ نئين قسم جو ادب پيش ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن کين اهو معلوم ٿو ٿئي ته اصل لفظ جو بنياد پهريائين ڇا هو ۽ هاڻي ڪهڙيِ شڪل ۾ آهي حيرت وٺيو وڃي. انهيءَ قسم جي ادب پيش ڪرڻ وارا اسان وٽ ڳاڻ ڳڻيا آهن. انهيءَ مضمون مان هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڪهڙين ٻولين مان سنڌي زبان ٺهي آهي، يا ڪهڙين ٻولين جو سنڌي ٻوليءَ تي اثر رهيو آهي.

”قديم سنڌي شعر ۽ شاعري“ جي مضمون مان به گهڻيون تاريخي ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون. جھڙوڪ سومرن جي حڪومت 723ع کان شروع ٿي آهي، نه ڪ 1051ع کان، جيئن عام طرح سمجھيو وڃي ٿو سن 1350ع، سومرن جي خاتمي جو سال نه آهي، بلڪ سندن عروج جي زماني جو. اوائلي اپڀرنش شعر، عربن جي زماني جو ملي ٿو، ۽ هڪ اهڙي شعر جو تذڪرو ملي ٿو، جنهن کي تايخي اهميت آهي. اهو عبدالله هباري هو، جنهن اروڙ جي راءِ کي اسلامي عقيدا، قصيدي جي صورت ۾ نظم ڪري موڪليا هئا. سومرن جي حڪومت جي شروعات ۾ نج سنڌي شاعري شروع ٿي هئي. ان جا اهڃاڻ سومرن جي ڏينهن ۾ ملن ٿا، جي شادين مرادين ۾ ڳايا ويندا هئا، جن کي ڳيچ چئبو آهي. انهيءَ مضمون ۾ قدي سنڌي شعر ۽ سومرن جي تارخ بابت ڪارائتيون ڳالهيون ملن ٿيون. مضمون گهڻي تحقيق سان لکيل آهي.        _(شيخ محمد ابراهيم خليل)

        ]ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد سنڌ جي شڪريي سان.[

”مهراڻ“: 1_1967ع

        سه ماهي”مهراڻ“ جو، سال 1967ع جو پهريون پرچو ظاهر ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي عالمن جا بپيش بها مقالا شايع ڪيا ويا آهن رسالي جي آخري ٽائيٽل تي علامه آءِ. آءِ قاضي جن جو هڪ قول نقل ٿيل آهي. علامه صاحب جن فرمايو آهي ته.”سنڌي زبان جي بقا جو هيءُ هڪ موثر طريقو آهي ته سنڌين ۾ ’قوتِ فڪر‘ پيدا ٿئي، جيئن نئين خيال ۽ نئين معنيٰ کي سنڌي زبان ۾ قلمبند ڪن. ائين ڪرڻ سان، زبان جي زندگي ۽ بقا جو سوال پاڻيهي حل ٿي سگهي ٿو.“

        انهيءَ هدايت کي نظر ۾ رکندي، موجوده سنڌي ادب جو مطالعو ڪيو ويندو ته نهايت ڏک ۽ نااميدي ٿيندي، ڇو ته سنڌي اديبن کي فڪر ۽ تدبر جو ڪو فڪر ڪونه آهي. هو زيادهه تر مقصد ادب پيش ڪري، پڙهندڙن جي ذهن کي پريشان ڪن ٿا. حالانڪ ادب جو فرض رهنمائي ڪرڻ آهي ۽ نه گمراهي پيدا ڪرڻ.

        ”مهراڻ“ جي تازي شماري ۾ نهايت سهڻيون تخليقون شامل ڪيون ويون آهن. جناب اي. ڪي. بروهيءَ جو مضمون. ” دين جو طريقهء حيات“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مقالو”مسلم بنگال جي فارسي ادب جي هڪ اهم تصنيف__ڪتاب ’شرفنامئه احمد منيري‘“، محرم خان جو مقالو ”شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ“ ۽ هڪ لاجواب رپورٽ ”سربارٽل فريئر“ تي جناب لطف الله بدويءَ جو مقالو، حافظ محمد اسماعيل جو مضمون ” ستين صدي هجريءَ کان اڳ جا سنڌي علماء“ ۽ اهڙيءَ طرح ذوالفقار راشديءَ جو مضمون ”غازي امان الله خان جي خلاف انگريزن جي سازش“، دلپسند تخليقون آهن. گو راشدي صاحب جو خط ’فڪري آزادي ۽ قومي مفاد‘، مزيد بحث طلب آهي. اسان جو خيال آهي ته سنڌي ادبي بورڊ، پنهنجي پڙهندڙن جي خواهش مطابق ۽ سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت خاطر، جيڪو بورڊ جو اولين ۽ بنيادي فرض آهي، لطيف تحريرن، افسانن، ناولن وغيره لاءِ هڪ علحدو رسالو جاري ڪري ۽ شعر و شاعريءَ جي اشاعت لاءِ وري هڪ ٻيو جدا رسالو جاري ڪري. اهڙيءَ طرح گويا ”مهراڻ“ فقط تحقيقي تحريرن لاءِ ۽ ٻه ٻيا نوان رسالا، افسانوي ادب ۽ شاعرانه تخليقن لاءِ مخصوص ٿي پوندا ۽ اهي ٽيئي، سنڌي زبان ۽ ادب جي زندگي ۽ تابندگي، شعاع ۽ قواء، اهميت ۽ افضليت، هدايت ۽ رهنمائيءَ جو مظهر هوندا. اديبن، افسانه نوسن ۽ شاعرن جي تخليقن جي اشاعت سان گڏوگڏ، سنڌي زبان جي عزت ۽ ناموس جو ذريعو بڻجي پوندا.

        اهڙي طرح، سنڌي ادبي بورڊ کي جڳائي ته ”مهراڻ“ جي قديم ۽ جديد دؤر جو انتخاب شايع ڪرائي. اهو به بهتر ٿيندو، جيڪڏهن ”مارئي واري ميلي“ جي سموري روئداد، نظمن ۽ تصويرن سميت، علحده ڪتابي صورت ۾ شايع ڪئي وڃي._ (ڪريم بخش خالد)

]ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد سنڌ جي شڪريي سان[

تبصرا

 

”سنڌي صورتخطي“. پروفيسر خواجا غلام علي الانا؛ صفحا 66، ڊيمي سائيز؛ پنو، گيٽ اَپ ۽ ڪَور _ سادو. قيمت ٻه رپيا؛ ڇپائيندڙ: سنڌي زبان پبليڪيشن 1501_96/اي، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، ملڻ جو هنڌ: ادبيات بُڪ سيلر، اسپتال روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

”سنڌي صورتخطي“، سنڌ جي مشهور اهل قلم، لسانيات جي محقق ۽ فاضل مسٽر غلام علي الانا، جي مطالع ۽ ڪاوش جو هڪ فني شاهڪار آهي.

هن علمي ڪتاب جي مواد ۽ ماخذات جي سلسلي ۾، سنڌي ارڙهن ڪتاب ۽ انگريزي سورهن ڪتاب ۽ هڪ اردو ڪتاب کان سواءِ، ڪيترن علمي ۽ فني مقالن تان استفادو ڪيو ويو آهي.

ڪتاب جو عنوان، اگرچه ”سنڌي صورتخطي“ آهي، پر ان نِج ۽ خالص رسم الخط ۽ لپيءَ جي مسئلي کي پيش ڪندي، فاضل مؤلف، رسم الخط ان تعلق رکندڙ ڪيترن ٻين اهم مسئلن تي پڻ بحث ڪيو آهي.

موضوع جي اهميت کي پيش ڪندي، الانا لکي ٿو:

”سنڌي زبان جي اصلي بنياد(Origin) تي تاريخي لسانيات (Historical linguistics) جي لحاظ کان، ڪافي زماني کان بحث هلندڙ آهي. ڪن بزرگن ته انهيءَ سلسلي ۾ جذبات کان ڪم ورتو آهي، ۽ سنڌيءَ جي موجوده تحريري صورت تي، پنهنجو هڪ مخصوص نظريو قائم ڪيو آهي. انهن صاحبن، روزمره واري ٻوليءَ (Spoken language) جي ساخت ۽ سِٽا، توڙي صرف ونحو جو جائزو، تشريحي لسانيات (Descriptive linguistics) جي روشنيءَ ۾ نه ورتو آهي. اگرچ ڪن صاحبن هن ڏِس ۾_يعني ساخت، سِٽا ۽ صرف-نحو جي باري ۾--پنهنجي نظر ڊوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ليڪن انهن جا نتيجا به محض ظني آهن؛ نتيجو اهو نڪتو آهي، جو سنڌي آوازن (Sounds) ۽ انهن جي تحرير ٿيل صورتن (Written symbols) کي هڪٻئي ۾ منجھايو ويو آهي ۽ صوتياتي اصولن ماتحت سنڌي آوازن جو جائزو نه ورتو ويو آهي.“ (پيش لفظ، الف)

هن اقتباس، مان هن موضوع جي نه فقط اهميت ۽ افاديت جو پتو پوي ٿو، پر ان سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي مطالعي، صوتياتي فن ۽ فن تجويد ۽ قرائت، يعني ادائگيءَ ۽ اچارڻ سان گڏ، سندس مڪتوبي ۽ ملفوظي فرق ۽ امتياز جي ضرورت تي پڻ روشني پوي ٿي.

هن ڪتاب ۾، هيٺين خاص مسئلن تي بحث ڪيو ويو آهي: اوائلي لپيءَ جي تعريف ۽ تاريخ ۽ ان جا قديم دؤر وارا چند نمونا. عربي-سنڌي لپيءَ جي موجوده صورت جي تاريخ. معلومات پيش ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ ايلس صاحب جي لپيءَ جون هيٺيون خصوصيتون ڄاڻايل آهن حرف صحيح، حرف علّت، شد، جزم، تنوين، همزو، گهُڻا حروف علت، وسرگ آواز وغيره. ان بحث ۾، هر هڪ موضوع تي علمي معلومات پيش ڪيل آهي. ان کان پوءِ، ايلس تي ٽرمپ جي تنقيد، ايلس وٽ لفظن جي صورتن ۾ اختلاف وغيره جا فصل آيل آهن.

ان سلسلي ۾، هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ عام غلطيون، جي عنوان سان جو ڪجھ لکيو ويو آهي، اهو علمي لحاظ سان درست سهي، پر پيشڪش جي انداز موجب ڪي اختلاف ٿي سگهن ٿا. تاهم لسانيات جي ماهرن اڳيان جي نوان مسئلا آيل آهن، انهن جو قدر ڪرڻ جڳائي. آخر ۾ هڪ ضميمو، لفظن جي درست لکڻين متعلق ڏنو ويو آهي.

لپيءَ جي اصلاح جي سلسلي ۾، اعرابن جي بدل سدل جا چند مثال پيش ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته اسان وٽ عربي ۽ فارسي لفظن کان سواءِ، خالص سنڌي لفظن ۾ ’جزم ۽ شد‘ جو استعمال نه هئڻ جھڙو آهي. اسان وٽ سنئون سڌو زيرون زبرون ۽ پيش هلندڙ آهن، سي به ڪثرت استعمال جي ڪري، لکڻ ۾ ته بنهه نٿا اچن، باقي ڳالهائڻ ۾ سو انهن جي پابندي رهي ٿي. ان سلسلي ۾ به عام جو لهجو هڪڙو آهي ته خواص جو ٻيو. ان طرح عربي حروف اسان وٽ فقط لکڻ وقت فرق ظاهر ڪن ٿا، باقي اُچارڻ وقت انهن ۾ ڪوبه فرق ظاهر نٿو ڪيو وڃي. مثلا ’ق-ڪ‘، ’ز،ظ،ذ،ض‘، ’ح-هه‘، ’س-ث،ص‘، ’ط-ت‘، وغيره. هڪ ته انهن عربي حرفن جون مخرجون ڏکيون آهن، ٻيو ته اسان وٽ انهن جي صحيح مخارج سيکارڻ وارا استاد ڪين آهن. اهو ٻيو سوال آهي ته انهن متشابه حروف متعلق لکڻ ۾ ته فرق ظاهر ڪري سگهجي ٿو، پر اچارڻ وقت ڪوبه فرق نٿو پيدا ڪري سگهجي. سوال آهي ته ان صورت سان ڪيئن منهن ڏجي؟_ ان جو جواب اهو آهي ته اهو پنهنجي جاءِ تي وڏو نقص آهي، جو اسان جي لپيءَ ۾ اڄ سوڌو موجود آهي. ان جو حل اهو به ڪونه آهي ته فقط اصل خالص سنڌي حرف قائم رکي، متشابهه عربي حروف خارج ڪري ڇڏجن، جيئن اڳ ”سنسار سماچار“ اخبار وارن ڪيو هو، ۽ ق-ڪ، ز-ذ، ض-ظ، ح-هه، ث-س، ص جي بجاءِ فقط ڪ، ز، ۽ هه ۽ س رکي هئائون. بهرحال ان لاءِ عالمن کي سوچڻ گهرجي، جيئن سنڌي صورتخطي مڪتوبي ۽ ملفوظي طرح سان هڪجھڙي رهي. اسان هن علمي تاليف تي الانا صاحب کي مبارڪ ٿا ڏيون ۽ اهل ذوق کي سفارش ٿا ڪريون ته هو هن ڪتاب جو مطالعو ڪن.  (غ. م. گ)

”سنڌي نثر جي تاريخ“: پروفيسر خواجا غلام علي الانا؛ صفحا256، ڊيمي سائيز؛ پنو، گيٽ اپ ۽ ڪور-سادو؛ قيمت پنج رپيا؛ ڇپائيندڙ ۽ ملڻ جو هنڌ: ادبيات پبليڪيشن، اسپتال روڊ، حيدرآباد سنڌ.

”سنڌي نثر جي تاريخ“، سنڌ جي مشهور هونهار اهل قلم، مسٽر غلام علي الانا جي تاليف آهي. هن علمي ڪتاب جي تاليف جي سلسلي ۾، الانا صاحب، تحقيقي ۽ تنقيدي انداز بيان جي بدران، توصيفي ۽ تاريخي انداز تحرير کي ترجيح ڏني آهي.

فني خيال کان، هن قسم جو موضوع، تنقيدي ۽ تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ جي تقاضا ڪري ٿو.

اول مختصر طرح سان، نثر جي فني وصف بيان ڪئي وئي آهي. ممڪن آهي ته ان مختصر فصل جي ڪن حقيقتن سان ڪي عالم اختلاف راءِ ظاهر ڪن. ان کان پوءِ ’سنڌي نثر جي ابتدا‘ جي عنوان هيٺ، فاضل مئولف، تاريخي طور، نثر جي ابتدائي ۽ اوائلي حيثيت کي متعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان کان پوءِ ننديرام ۽ مرزا قليچ بيگ جا ٻه مختصر دور ڏئي، قومي بيداريءَ وارو دور ۽ پاڪستاني دور ڏنا ويا آهن. هتي علمي ۽ تاريخي موضوع تي پڙهندڙن لاءِ تعارف جي سلسلي ۾ نهايت ڪارائتا بحث آيل آهن. اگرچ تمام مختصر آهن.

مناسب اهو هو ته سنڌي نثر جي اوائلي تاريخ متعلق اڃا به وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي ها ۽ ان موضوع کي زياده تفصيل سان لکڻ گهرجي ها. ايئن بيشڪ آهي ته اسان وٽ ان مسئلي تي ايترو مستند مواد نه ٿو ملي سگهي، پر ائين اصل نه چئي سگهبو ته ڪو مواد آهي ئي ڪين! جدوجھد ۽ جاکوڙ بعد مطالعي ۽ ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ڪافي مواد هٿ اچي سگهي ٿو: اميد ته الانا صاحب، ان سلسلي ۾، ٻئي ايڊيشن ۾ مفيد علمي اضافا ڪندو ۽ هن موضوع کي علمي ۽ مستند، تشريحات ۽ توقيعات سان سينگاريندو، جئن شاگردن لاءِ ڪوبه دور ۽ ان جو ڪوبه مسئلو، تشنه ۽ اڌورو نه رهجي وڃي. اوائلي فني تعريف ۽ تعارف کان پوءِ، سنڌي نثر جا سرچشما، سنڌي نثر جون خصوصيتون، موضوع، زبان ۽ عبارت ۽ نثر جا قسم،عنوان اچن ٿا. اهو سارو بحث 34 کن صفحن تي مشتمل آهي. ان بحث ۾ علمي ۽ ادبي، پراڻن ۽ نون ادارن جي مختصر تعارف کان پوءِ، سنڌي نثر جون خصوصيتون بيان ڪيل آهن. ان کان پوءِ موضوع جي عنوان هيٺ، مختصر طرح سان فني تبصرو ڪيو ويو آهي. ان طرح زبان ۽ عبارت جي عنوان هيٺ تمام مختصر نموني ۾ فني جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ، نثر جا قسم عنوان هيٺ ص 39-57 تائين، فني وصف سان گڏ، مختلف نثر نويس عالمن جا اقتباس پڻ پيش ڪيا ويا آهن.

اهي سڀ اوائلي ۽ تعارفي بحث نباهي، باقي سارو بحث ”سنڌيءَ جا مشهور نثر نويس“ جي عنوان هيٺ آيل آهي. اهو سارو حصو اگرچه گذري ويل عالمن جي سوانح ۽ علمي ڪارنامن تي مشتمل آهي، پر معلومات جي لحاظ سان اهو سارو حصو قدر جي لائق آهي. اهو مواد جو مختلف ڪتابن ۽ نصاب جي منتخبات ۾ منتشر پيل هو ۽ اهي ڪتاب اوائلي دور ۾ ڇپيا هئا، جن جو اڄ ڪلهه ملڻ به محال آهي؛ الانا صاحب جي محنت ۽ توجھ سان، اهو سارو مواد، فني ۽ تاريخي ترتيب سان آراسته ٿي، هڪ هنڌ گڏ ٿيو آهي، اها محنت بيشڪ افاديت کان خالي نه آهي. هن ڪتاب ۾ هن کان اڳ، بمبئي کان وٺي، سنڌ جي ڌار ٿيڻ تائين، ميٽرڪ ۽ ان کان مٿي اعليٰ تعليم تائين، جي ’چونڊ نثر ۽ نظم‘ جا ڪتاب، مختلف وقتن تي شايع ٿيندا آيا آهن، ۽ جي نصابي ۽ درسي طور شاگردن لاءِ لکيا ويا آهن، تن جو تتبع به ڪيو ويو آهي ۽ نهايت مفيد اضافا به ڪيا ويا آهن. گذريل اوائلي دور ۾، ليکڪ، ڪنهن عالم ۽ شاعر جي مختصر سوانح ڏئي، انهن جو ڪلام نموني طور ڏيندا هئا. الاناصاحب، قريب قريب اهو طريقو اختيار ڪيو آهي. اسان جو خيال آهي ته ان سان گڏ، انهن عالمن جي فن ۽ علمي ڪارنامن تي فني ۽ تنقيدي نگاه پڻ ڪجي ها. انهن جي معيار ۽ وزن کي، هن دور جي تقاضا ۽ فني ميزان ۾ تورجي ها. انهن جي معائب ۽ محاسن تي تفصيل سان بحث ڪجي ها. انهن جي اسلوب بيان، پيشڪش ۽ مواد جو خالص فني ۽ لساني جائزو پڻ وٺجي ها، ۽ اوائلي دور جي نثر کان وٺي، ان جي ارتقا جا مختلف مرحلا ۽ درجا بيان ڪن ها، انهن مرحلن ۽ درجن جي بيان ڪندي، صرفي ۽ نحوي، لغوي ۽ منطقي معيارن تي تنقيدي بحث پڻ لکجي ها. ٻوليءَ جي ارتقا ۽ مختلف النوع اضافن، ٻوليءَ جي وسعت ۽ ٻوليءَ جي صحت تي به تحقيق ڪجي ها. بهرحال، انهن سڀني فني معيارن ۽ تقاضائن کي پيش ڪرڻ جو اهو هڪ بهترين موقعو هو. جڏهن ته هي ڪتاب، زياده تر، نصابي ضرورتن کي اڳيان رکي، شاگردن لاءِ لکيو ويو آهي، تڏهن ان جي افاديت ۾ ڪوبه شڪ ڪري نه ٿو سگهجي. شاگردن لاءِ لازمي طرح سان مطالعي جھڙي چيز آهي.

مشهور نثر نويسن ۾ ديوان ننديرام، منشي اڌارام، ميران محمد شاهه اول، آخوند لطف الله، ديوان ڪوڙومل، حاجي امام بخش خادم، مرحوم بلبل، ڏيارام گدومل، مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوارام، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام، مولانا وفائي، غلام محمد شاهواڻي، احمد چاڳلا، ڀيرومل مهرچند، مخدوم محمد صالح ڀٽي، لالچند امر ڏنومل، علي خان ابڙو، علامه دائود پوٽه، واصف، محمد صديق ميمڻ، خانچند درياني، ميلارام واسواڻي، نارائڻداس ڀمڀاڻي، محمد صديق مسافر ۽ عثمان علي انصاري اڇي ويا آهن.

مٿين عالمن جي مختصر سوانح سان گڏ، سندن علمي ڪارنامن تي معلومات افزا مواد پيش ڪيو ويو آهي ۽ سندن عبارت جا جنسي نمونا پڻ پيش ڪيا ويا آهن. ان لحاظ سان هي سارو مواد، محققن ۽ ناقدن لاءِ هڪ علمي خزاني جي حيثيت رکي ٿو. محقق ۽ ناقد ان مواد مان ئي، سنڌي ادب جي مختلف النوع لساني ۽ فني ارتقاء تي بحث ڪري سگهن ٿا، جنهن ڏانهن اسان مٿي اشارو ڪيو آهي. اهو سارو مواد 58 ۽ 244 تائين آهي.

ان کان پوءِ 2 ضميما پڻ ڏنل آهن. پهرين ضميمي کي يادداشت چيو ويو آهي ۽ ان ۾ وفات يافته عالمن جي نالي، سن ولادت ۽ وفات ۽ تصنيفات جا ٽي ڪالم قائم ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾، پهرئين ضميمي ۾ 47 ۽ ٻئي ضميمي ۾ 11 عالمن جو ذڪر ڪيل آهي. آخر ۾ مددي ڪتابن ث رسالن ۾، سنڌي 36، انگريزي 5 ۽ اردو1 جا نالا ڏنا ويا آهن.

اسان هن علمي ڪاوش تي پڻ الانا صاحب کي مبارڪ ڏيڻ کان رهي نٿا سگهون ۽ کانئس اها تقاضا ٿا ڪريون ته هو ان سلسلي جا باقي حصا به مڪمل ڪري شايع ڪرائي، جيئن سندس نقطهء نظر جي تشريح، هن جديد دؤر جي زنده عالمن جي فن ۽ علمي ڪارنامن تائين، مسلسل ۽ تاريخي چيز بنجي، سامهون اچي. ان طرح ”سنڌي نظم جي تاريخ“ پڻ هن دؤر جي علمي تقاضا سمجھڻ گھرجي، خدا ڪري ته ڪو اهل ذوق محقق ۽ عالم، هن علمي مسئلي ڏانهن توجھ ڪرڻ فرمائي.

اسان سنڌ جي اهل علم طبقي کي هن علمي چيز کي مطالع ڪرڻ لاءِ دلي طرح سان سفارش ڪريون ٿا. -(غ. م. گ)

”شاهنامهء عرب“ عرف ” منظوم تاريخ اسلام“ (حصه اول). از مرزا اجمل بيگ ”اجمل“؛ صفحا 204، ڊيمي سائيز؛ گيٽ اپ ۽ ڇپائي معياري؛ سرورق دلڪش؛ پنو عمدو؛ قيمت ڇهه رپيا؛ ڇپائيندڙ مولانا الحاج مرزا افضل بيگ، ٽنڊو ٺوڙهو، حيدرآباد؛ ملڻ جو هنڌ: ڇپائيندڙ يا مرزا اجمل بيگ، 4- اي، وحدت ڪالوني، حيدرآباد سنڌ.

شاهنامهء عرب، منظوم، سنڌ جي مشهور صاحبِ طرز اديب، جناب مرزا اجمل بيگ فاضل جي علمي ڪاوش جو ثمر شيرين آهي. آءُ هن علمي شاهڪار کي سنڌي ادب، خاص ڪري ديني تاليف ۾ مستحسن ۽ مبارڪ اضافو سمجهان ٿو.

شاهنامهء عرب (منظوم سنڌي) مشهور شاعر، ابوالاثر حفيظ جالنڌريءَ جي شاهنامهء اسلام، جلد اول، جي مضمونن ۽ مواد جي دلنشين ۽ شيرين، با محاوره ۽ شسته، روح پرور ۽ دلاويز، ايمان افروز ۽ معياري، آزاد ترجمي تي ٻڌل شاهڪار آهي. ابوالاثر حفيظ جالنڌريءَ جهڙي با ڪمال شخصيت کان هر ڪو متعارف آهي، حفيظ جي عظيم شهرت جو هڪ سبب شاهنامهء اسلام جي تاليف آهي، اهو شاهنامو پاڻ جواني ديوانيءَ جي دور ۾ تاليف ڪيائين. سندس سحر آفرين ۽ نغمه ريز زبان مان جن خوش بخت ماڻهن، شاهنامي کي پڙهندي ٻڌو آهي، اهي اڄ به معترف آهن ته شاهنامه ۾ جڏهن حفيظ جي نغمه ريزيءَ جو رنگ ملي ٿو، تڏهن ان جو اثر دوآتشه ٿئي ٿو.

شاهنامهء اسلام جي مقبوليت، حفيظ جي سحر آفرين نغمه ريزيءَ سان گڏ ان دور جي شاعراڻي ماحول سان پڻ واڳيل آهي، اهو دور سياسي ۽ ملڪي تحريڪن ۽ اسلام جي نشاط ثانيه جو دور هو. خلافت تحريڪ، ملڪ ۾ همه گير سياسي شعور پيدا ڪيو هو. مقامات مقدسه جي آزادي ترڪن جي هزميت، انگريزن جي اسلامي ملڪن تي تسلط، هند و پاڪ ۾ سياسي ۽ قومي شعور جي بيداري، اهي سبب هئا جن ۾ شاهنامهء اسلام جي تاليف، اهل اسلام جي دلين مان مُردگيءَ ۽ شڪستگيءَ جا آثار ختم ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ان جي جاءِ تي ايماني حرارت ۽ قومي حميت جا انوار پيدا ڪيا. حفيظ صاحب لاهور کان ڪراچي ۽ دهليءَ کان ڪلڪتي ۽ مدراس کان بمبئيءَ تائين سفر ڪيا ۽ معرڪته الارا ڪانفرنس ۾ شاهنامي جا باب پڙهي لکين ماڻهن تي وجد آفرين ڪيفيت کي طاري ڪري ڇڏيو.

حفيظ جي سرپرستن ۽ مداحن ۾ سندس استاد محترم مولانا گرامي جالنڌري ، علامه اقبال، علامه تاجور نجيب آبادي ۽ب سر عبدالقادر شيخ جا نالا سرفهرست آهن.

شاهنامه جو پهريون ايڊيشن 1929ع ۾ شايع ٿيو ۽ سندس تقريب سر شيخ عبدالقادر لکي. سر عبدالقادر ان تقريب ۾ حفيظ جي فن ۽ سندس شاهنامه جي محاسن ۽ افاديت تي زوردار تقرير لکي ۽ سندس تعريف ڪئي. شاهنامهء اسلام جي تاليف ۽ تخليق متعلق سر عبدالقادر لکيو آهي:

”ابوالاثر، جنهن ڏينهن کان نظم جي بنسري وڄائي آهي، تڏهن کان ان بنسريءَ مان طرح طرح جا راڳ نڪتا آهن ۽ نظم جي ان ڇپيل مجموعي ۾ جنهن جو نالو ’نغمه زار‘ آهي ۽ ڪن اڻ ڇپيل نظمن ۾ جي ان کان پوءِ لکيل آهن ۽ حفيظ پنهنجي وسيع همدردي ۽ سچي قدرتي شاعريءَ جي ميلان ڪري ڪڏهن ڪرشن جا ڳڻ ڳايا آهن ۽ ڪڏهن پريت جا گيت ٻڌايا آهن“.

”پر ان ٿوري عرصي ۾ پاڻ محسوس ڪيائين ته اثر جي لحاظ سان جا ڳالهه پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي واقعن ۾ آهي، اها ٻئي ڪنهن به انسان جي زندگيءَ ۾ موجود ناهي“.

”جيڪڏهن ڪلام ۾ سچو ۽ پائدار تاثير ڳولڻو آهي ته پوءِ اهڙي چشمهء فيض کان سيراب ٿيڻ جڳائي، جنهن جو پاڻي ڪلام جي حق ۾ آبِ حيات بڻجي وڃي ۽ کيس جاوداني زندگي بخش ڪري. بس ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته حفيظ جو مضمون چونڊيو آهي اهو خود الهام جو ذريعو آهي ۽ سندس شاعري پنهنجي صفائيءَ ۽ سادگيءَ جي جوهرن سان گڏ مذهب ۽ اخلاق جي علمبردار ٿي وئي“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com