ڏاوڻ ڏائڻ:
زالون گڏ ٿينديون، پهرين ساٺ ــ ڳيي سان، ساليون،
ڏاوڻ ڏائينديون يعني سجائتي جي ويڙهيِ، اوبري ۾
وجهي، گهوٽ کي چونديون ته ”هٿ جي چيچ اُڀي ڪري
جهل!“ پوءِ ان ۾ سجائتي جو ڌاڳو ٽي ڀيرا اڇلي
وجهنديون، جيئن اُٺ کي مهار وجهندا آهن. هوشيار
گهوٽ سڳو ٽوڙي ڇڏيندو، پر چيچ ٻڌجڻ نه ڏيندو. ڏاوڻ
ڏائڻ مهل، هڪڙي سالي ڪوشش ڪندي آهي ته جهٽ لڳي ته
ڪنوار وارو اکيو منهن تان گهمايانس ۽ ڪا ساليِ
ڪوشش ڪندي آهي ته نڪ پَٽيانس. گهوٽيتيون وري گهوٽ
کي هوشيار ڪنديون آهن ته ”خبردار! منهن نه
کولجانءِ“ ڪا وري منهن ۾ آکا يعني چانور هڻڻ لاءِ
بيٺي هوندي آهي، وجهه لڳڻ تي اهي سڀئي تعديون گهوٽ
سان ٿي گذرنديون آهن. ڪو ڪو اٽڪلي جند ڇڏائيندو
آهي! ڏاوڻ ڏائڻ بعد، گهوٽ کي سهارو ڏيئي، ڀيڻ اڳتي
هلائڻ جي ڪوشش ڪندي، ته ڪنواريتيون ڪنوار جو
آگهاريل ڌوپ جو پاڻي پيرن ۾ هارينديس.
رانءِ جهانءِ ڪرڻ: گهوٽ کي
وٺي هلڻ کان اڳ، سندس ڀيڻ پنهنجي وات ۾ کارڪ وجهي،
ست ڍُڪ پاڻيءَ جا ڀريندي. ان مهل زالون، رانءِ
جهانءِ جو ساٺ ـ ڳيو چونديون.
ڍڪڻي ڀڃڻ: گهوٽ جيئن سيج ڏي
پيو ايندو ته بنهه سيج کي ويجهو، ٽانڊن مٿان هرمرو
وجهي، ان تي ڍڪڻي يا ڍڪڻ اونڌو ڪري رکنديون. ڪي
سڌي ڍڪڻيءَ ۾ ٽانڊا ڀري رکن. گهوٽ کي چونديون ته
”کاٻي لت جي کُڙي سان ڍڪڻيءَ کي ڀڃ!“ جو لت هڻي
ڍڪڻي ڀڃي ڇڏيندو، ۽ پوءِ سڌو اچي لانئن لهڻ لاءِ
سيج تي ويهندو.
ڪنواريتا پرڀ: تيلاڙي جو
ساٺ ڪرڻ، ٿار گهمائڻ، گهڙي ڀرڻ، ڏيپ يا ڏاجو
ڏيکارڻ، مينڍو کولڻ، وهنجارڻ، سينگار ڪرائڻ ۽ ويس
ڍڪائڻ ، سيج تيار ڪرڻ ۽ لانئون لهڻ.
تيلاڙي جو ساٺ:
هي ساٺ ڪنوار لاءِ به ائين ڪن، جيئن مٿي گهوٽ لاءِ
چيو اٿئون.
ٿار گهمائڻ:
هڪڙي ٿالهه ۾ ڪڻڪ جو اٽو ڳوهي، ٿڦي، ان جي
چوڌاريءَ اٽي ۾ ڪانا کوڙي، وچ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ست
ڏيئا ٺاهي، انهن ۾ ڳائو گيهه ۽ ماکي وجهي، انهن
ڏيئن کي ٻاري، ڪانن جي مٿان ڪپڙو وجهي، ڳائي، سڄو
ڳوٺ ڦِري اچي ڪنهن واهه يا تلاءُ ۾ اهو سامان
اڇلين. اهو ٿالهه ڪوٺاري کان کڻائي هلڻ وقت، ۽
رستي ۾ ڪوٺاريءَ سان جُٺيون ڪن، ان تي ’هيرا‘ ۽
هيرن جاڳيا چون، جنهن ۾ کيس هلڪيون هلڪيون گاريون
چون . مثال:
”ڪوٺاري ڪوٺاري ڊيل به ڊيلو ، ڪوٺاريءَ
چيلهه ۾ کوڙيو ڪيلو“
گهڙي ڀرڻ: ڪوري دلي جنهن کي
گهڙي به چون، اها کڻي دهلن سان ڄڃ ڪري، ڳائي، ستن
کوهن جو پاڻي، ڍُڪ ڍُڪ ڪري اُن ۾ ڀري اچن. پوءِ ان
پاڻيءَ سان ٻيو پاڻي ملائي، ڪنوار کي وهنجارينديون
آهن.
ڏاجو ڏيکارڻ:
گهڙي ڀري اچڻ کان پوءِ، هڪڙي راڄئيِ يعني پٽيل جي
زال، آيل زالن کي ڏاجو ڏيکاريندي. هرهڪ مِٽ ماٽ،
جيڪي جيڪي گهوٽ يا ڪنوار کي ڏنو هوندو، سو ان جو
نالو وٺي، راڄ وارين کي ٻڌائيندي. انهن ۾ جورا،
اونڌرا، وڳا، زيور، بسترو، پيتيون، ٿانءَ ، سينگار
جو سامان، بلڪ سئي سڳي تائين ڳڻي ڳڻي ٻڌائيندي!
ڏسڻ واريون هر ڪا شيءِ ڏسي، هر ڀيري، واه واه پيون
ڪنديون!
مينڍو کولڻ ۽ وهنجارڻ:
مينڍو
چون مُنهن کان، مُنڍ وارن وارن کي، جي ڇتڙا،
ٻالجتيءَ کان مائٽ نينگريءَ جا، سينڌ کان وٺي ڪَن
تائين ڳُتيندا آهن. زالون ڳيچ ڳائي، اها ننڍڙي
هوندي جي نشاني وارَ کولينديون آهن. پوءِ ڪنوار کي
ڪنهن پاٽ يا ٿالهه ۾ ويهاري تيل ميٽ سان
وهنجارينديون ۽ اهو پاڻي گوشائتو ڪري رکي
ڇڏينديون، جو گهوٽ جي سيج ڏانهن اچڻ مهل سندس پيرن
۾ هارينديون آهن.
ڪنوار کي سينگارڻ ۽ ويس ڍڪائڻ:
وهنجارڻ کان
پوءِ، ڪنوار جو بدن اُگهي سُگهي، سهاڳ جو وڳو،
پهرين سلوار گيگم يا گلبدن يا موٺڙو
يا سُوسيءَ جي، جاگوڊواڙ ڇَڙي يا چُوڙن سان هوندي،
چولو زريءَ تي يا سرمي ستار تي، مٿان گونٽي ڀريل
گندي، پيرن ۾ ٽئورن سان زناني جُتي وجهنديون. اکين
۾ سوئڙو
يا ڪجل، مٿي ۾ سُرهو تيل وجهي چوٽي
ڪنديون. چوٽيءَ ۾ چوٽيڦل، وارن جي پوڇڙين ۾ چانديءَ
جي گُرن سان سڳيون، نڪ ۾ وينڊو، نٿ يا بئنسر، ان
سان گڏ بولو، نٿ ۾ ڏاڻ ڪاري ريشم جو، ان ۾ چاندي
جو ڪُنڍو وجهنديون، جو وارا ۾ ڪياڙي وٽ وڃي
اٽڪائيندس. ڪنن ۾ جهومڪ، نسبيون، ڪُرڪُون،
مُرڪيون، واليونن، الُولک، لِکوُن، همٽيون، والا،
پنڙا ۽ جياندڙو ڪيوٽيون وجهندس. ڳچيءَ ۾ هَس، چندن
هار، ڪٺمال، ڪنڍلي، دُهري، تائيٿ ۽ ڏند کوٽڻين جو
ڏورو پائيندس. ٻانهن جي ڏورن ۾ ٻارکيون ۽ بازوبند
ٻڌندس. سڄيءَ ٻانهن ن۾ اُلهي ڪُلهي عاج جي ٻانهين
يا چانديءَ جي چُڙ؛ ڪرائن ۾ دستيون، منگليون،
ڪنگڻ، ڇچوڙا، ڪَتريا، ڪڙولا ۽ واڍولا وجهندس. هٿن جھي آڱرين ۾ کيرول منڊي،
ويڙهه ڇلڙا، ڇِڪائين ۽ ٻُڙن واريون منڊيون
پائيندس. هٿن مٿان ٻيلڙو ۽ هٿ ونگيو وجهندس. پيرن
جي مُرن کان پنيءَ تائين، ِهريون ڪڙيون، ڪرف ڪنجي
واريون ڪڙيون، رم جهول، ڇمڪي وارن ڪڙي، نُورا،
ٽوڙها، سٽا، ساٽيون، ڇير، گهنگهريا، پازيب
پائيندس. پيرن جي آڱرين ۾ چانديءَ جا آڱوٺا،
پوليون، وڇونئڙا ۽ ميناڪاري منڊيون وجهندس. اهي سڀ
زيور
ڳيچ ڳائي پائيندس. ڪٿي ڪٿي ڪنوار کي سٿڻ عيوض پڙو پارائين. ڪنوار
کي سينگار ڪرائڻ مهل، جڏهن هيءُ ڳيچ چونديون آهن،
تڏهن
ننڍين توڙيِ
وڏين زالن
جي
اکين مان گونگو مينهن ۽ لڙڪن جون سرون وهي اٿي هلنديون آهن.
اسان جي وي
ننڍڙيِ
وارڙِي جهمي،
ڙِي جهِمپي
اسان جي لال ڪنوار!
سونن
جو ٻيڙو، ڙِي لاڏِي تنهنجو وات،
ٿُلڙن ڇانيو، ڙي جيڏل تنهنجو ڳاٽ:-
توکي لِکيو
جھام
جرار، ڌِيءَ ٻائي ڪنديَم هارسينگار!
سيج تيار ڪرڻ:
’سيج‘ چون گهوٽ ۽ ڪنوار جي هنڌ کي، جو کٽ يا تڏي
تي وڇائجي. جنهن جاءِ تي سيج تيار ڪن، اتي ڪيترائي
کِريب ۽ کِرمٽ ڪنديون آهن: سيج جي هيٺان زمين ۾
لِکيل آنا يعني ڪڪڙ جا بيضا پورين، ٻه بوتا ڪڻڪ جي
اٽي مان ٺاهي، هڪڙي کي گهوٽ جو نالو ڏين ۽ ٻئي کي
ڪنوار جو. گهوٽ واري بوتي کي وات ۾ سڳو لغام وانگي
وجهي، ڪنوار جي بوتي جي هٿ ۾ ڦاسائي هيٺ زمين ۾
پورين. ڪنوار جا لاٿل چِڪڙ ٿيل ڪپڙا، بستي ۽ تڏي
جي وچ ۾ گهوٽ جي ويهڻ واري پاسي پکيڙي وڇائين.
لانئن جي جاءِ مٿان، کُڏ تي هَنو، تنهن ۾ لغام
اٽڪائي رکن. لائن ڏيڻ مهل هڪڙي زال مٿي کُڏ تي
چڙهي، هَني مٿان ويهي، لغام پئي تڻڪيندي، جيستائين
لانئون پوريون ٿين. هڪ هڪ لانءَ تي، ايئن پئي
ڪندي. هڪڙي زال ٽامي جو ٽَڪو حمام دستي ۾ وجهي پئي
ڪُٽيندي. انهن
ٽوڻن ڪندي ’ڪامڻ جو ڳيو‘ پيون ڳائينديون، مثال:
”ڪاڻن زوران زور لڳي.“ گهوٽيتيون انهن ڪامڻن کان
بچڻ لاءِ گهوٽ کي ڏس ڏينديون ته هو سمورو وقت ڪاڳر
ويٺو ڪُتري ته ڪامڻ نه لڳندس! يا سوناري کان سون
جي تند ڪڍائي، ڏانٺ هيٺان رکائي، چوندس ته ڏانٺن
جو زور ڏئي جهلي ويهه! جيئن سيج تيار ڪرڻ جا کريب
توتي اثر نه ڪن.
لانئون لهڻ:
پهريائين گهوٽ اچي سيج تي ويهندو، پوءِ ڪنوار کي ويڙهي سيڙهي
مـﺆٽڙي ڪري، آڻي گهوٽ کان ٿورو پرڀرو ويهارينديون
۽ گهوٽ کي چونديون ته ”رڙهي ويجهو ٿيءُ.“ گهوٽ، جي
رڙهيو، ته چونديون ته پهريون شُڀ سولو ٿيو، هيءَ
پهرين گيسي ڏني اٿس! ڪٿي ڪٿي وري پهرين ڪنوار کي
سيج تي آڻي ويهارينديون آهن. لانئن جا ست ساٺ
هيءُ آهن. (1) کير پيارڻ جو ساٺ، (2) منڌي يا مانڌاڻيءَ جو ساٺ، (3) ڊامڻ لٺڙيون (ڇَمَڪُون) يا وڃڻي جو
ساٺ، (4) سونگي يا سونگيءَ جو ساٺ،
(5) مُٺ کولڻ يا ڏوري ڇوڙڻ جو ساٺ،
(6) تِرَ مَئڻ جو ساٺ
۽ (7) ڦُل چونڊائڻ جو ساٺ.
لانءَ:
ٿنڀن چِٽڻ ۽ لانئن جو ’ساٺ ڳيو‘ پورو ڪري، ڪنوار ۽
گهوٽ جا مٿا، ٻه ڀيرا آهستي آهستي پاڻ ۾
ٽڪرائينديون آهن. ان کي هڪڙي لانءَ شمار ڪن. اهي
لانئون رڳو سهاڳڻيون يا وريتيون زالون ڏينديون
آهن. ڪٿي ڪٿي اهڙي هڪ هڪ لانءَ، گهوٽ جو پيءُ يا
مرشد به ڏيندو آهي، ان کان رپيو اجورو وٺن ۽
پوريون ست لانئون ڏين.
(1) کير پيارڻ جو ساٺ:
مِٺو کير وٽيءَ ۾ وجهي، گهوٽ ۽
ڪنوار
جي وچ تي رکن. پهرين گهوٽ جون ڏهه ئي آڱِريون ٻوڙائي ڪنوار جي
آرهه کي ڇنڊا هڻائين، ايئن ٽي گهمرا ڪن. پوءِ
ڪنوار جون آڱريون ٻوڙائي گهوٽ کي ڇاتيءَ تي ڇنڊا
هڻائين. ان وقت زالون ’ساٺ ڳيو‘ پيون ڳائينديون.
ڇنڊا بند ٿيندا ته گهوٽ کي کير مان ڍُڪ ڀرائي،
باقي کير آسائتن ٻارن کي پياري ڇڏين، ۽ گهوٽ کان
رومال ڪڍرائي، ڪنوار جا هٿ صفا ڪرائين.
(2) منڌي يا مانڌاڻيءَ جو ساٺ:
جنڊيءَ جي ڳن واري منڌي کڻي، پهرين گهوٽ
جي اجرڪ جي ڪُنڊ کي ڳنڍ ڏيئي، منڌيءَ جو ڦُل ان ۾
اٽڪائي، ڪنوار جي ساڄي گوڏي، پوءِ ساڄي ڪلهي ۾ مٿي
کي ڇُهي، وري کاٻي ڪلهي کان ٿي،کاٻي گوڏي کي
ڇهنديون. ۽ ’ساٺ ڳيو‘ پيو ڳائبو. وري کاٻي گوڏي
کان، ڪلهي کان، مٿي کان، پوءِ وري ساڄي ڪلهي ۽
ساڄي گوڏي کي ڇُهي دنگ ڪنديون آهن. انهيءَ ريت ي
گهمرا اهو ساٽ ڪنوار کي ڪن ۽ پوءِ ڪنوار جو پوتيءَ
کي ڳنڍ ڏيئي، منڌي ڦاسائي، گهوٽ کي به ٽي ڀيرا
اهڙو ساٽ ڪن.
(3) ڊامڻ لٺڙيون (ڇَمَڪُون) ۽ وڃڻي
جو ساٺ:
ڊامڻ، هڪڙو گاهه جو قسم آهي، جو جبل پاسي ٿئي، اتي
جا ماڻهو ان جون ٽاريون يا لامون پٽي ان سان ساٽ
ڪن؛ پر اسان وٽ ڊامڻ ڪونه ٿئي، تنهنڪري ڊامڻ جو
رڳو’ساٺ ڳيو‘ ڳائين ۽ وڃڻيءَ جو ساٽ، منڌيءَ وانگي
گهوٽ ڪنوار کي ڪن۽ وڃڻيءَ جو به ’ساٺ ڳيو‘ ڳائين.
(4) سوني ۽ سونگيءَ جو ساٺ:
هي ساٺ
به منڌيءَ وانگي، سونگو ڪپڙي ۾ اٽڪائي ڪن، ۽ ان
مهل سوني جو ’ساٺ ڳيو‘ چون. ڪٿي ڪٿي سونگي
بجاءِ، ڳاڙءُ
هين اٽين جو ساٺ
ڪن. اهي اٽيون مانڌاڻيءَ جي نيٽي يعني چم جي وڍيءَ
۾ ٻڌل هونديون آهن. انهن جو به ’ساٺ ڳيو‘ ڳائين ۽
منڌي وانگي ساٺ ڪن.
(5) مُٺ کولڻ يا ڏوري ڇوڙڻ جو ساٺ:
ڪنوار کي هٿ ۾ کارڪ يا منڊي ڏئي چونديون ته مُٺ
بند ڪر. پوءِ گهوٽ کي چونديون ته ڏائي هٿ سان، هٿ
جو ٻُڪ، مُٺ مٿان رکي، زور ڏيئي، مٺ کول! ٻيو ڪوبه
نمونو قبول ناهي، جي مٺ نه کوليائين ته چوندس ته
ڪنوار جو ٿورو مڃ. جي کولي ويو ته گهوٽيتيون واه
واه ڪنديون. ان کان پوءِ ڪنوار جي ٻِٽ جو پلاند،
گهوٽ جي اجرڪ جي پلاند سان ٻڌي، چوندس ته کٻي هٿ
جي چيچ ۽ آڱوٺي جي زور کي ملائي، ڏورو کول. جي
کولي نه سگهيو ته ٿورو مڃائيندس ۽ تيستائين ’ساٺ
ڳيو‘ پيو ڳائبو.
(6) تِرَ مَئڻ جو ساٺ:
جتي تر هوندا آهن ته اُهي، نه ته چانور ۽
کارڪون ٿالهه ۾ وجهي، گهوٽ ۽ ڪنوار جي وچ تي رکن.
’ساٺ ڳيو‘ ڳائبو، گهوٽ ٽي ڀيرا ٻڪ ڀري، ڪنوار جي
ٻُڪن ۾ وجهندو ۽ ڪنوار به ٽي ڀيرا ٻڪ ڀري، گهوٽ جي
هٿن ۾ وجهندي.
(7) ڦُل چونڊائڻ:
جي سچا ڦُل يعني گل نه مليا
ته ڪپهه جي پوڻيءَ مان پَها يا ٻُڙا ٺاهي، ست سهاڳڻيون، اهي ڦُل
ڪنوار تي اڇلينديون ۽ گهوٽ کي
چونديون
ته سڀ ٻُڙا چونڊ، جيستائين ’ساٺ ڳيو‘ ختم ٿئي.
پوءِ اهي ٻُڙا سندس پاڳ ۾ وجهنديون ۽ ٻاهر وڃي
کوهه ۾ وجهي ڇڏي.
ڪنوار جو منهن ڏسڻ:
ساٺ
پورا ٿيا ته گهوٽ کي ڪنوار جو منهن ڏيکارينديون.
ان لاءِ ڪنواريتيون چوندس ته“ چـﺆ ”ڪانون ڪانون،
آءٌ ا جو ٻانهو.“ انهيءَ تي وڏي ڪشمڪشان هلندي،
نيٺ گهڻي ريڙهه ٻيڙهه کان پوءِ، ڪنوار جي جوٽِن تي
آهري يا آرسي رکي، گهوٽ کي چونديون ته هاڻ هن
آرسيءَ ۾ منهن ڏس. ڪٿي ڪٿي ته منهن تان پلـﺆ
کڻي، منهن ڏيکارين. ’ڪانون ڪانون‘ به ڪونه چوائين. منهن ڏسڻ کان
پوءِ گهوٽ کي ڪوٺيءَ ۾ وٺي
وڃي، ڪنوار جا پير ڌئارين ۽ پوءِ ٻنهي کي اڪيلو
ڇڏي، ٻاهر نڪرن ته ڀل ته محنت جو ڦل ماڻين ۽ مائٽن
جا پورهيا صاب پون.
انهيءَ ڏينهن، شام جو مارڪو (معرڪو) لڳندو، جنهن ۾
سڀ ڪاڄيتيون گهورون ڏينديون ڳائينديون نچنديون.
کين
راڄ واريون ۽ سياءُ- ڀيڻون مبارڪون ڏينديون.
نيکيٽي:
جي ڪاڄ ساڳئي ڳوٺ ۾ ڪيل هوندو ته ورندي رات جو،
ڪنوار کي مائٽن مان وٺي، ڪنهن پنهنجائپ جي يا
لاڳاپيدار جي گهر ۾
رهائي، اُتان پنج
ساٺ،
جن ۾ کير پيارڻ جو ساٺ،
منڌيءَ جو ساٺ،
وڃڻي جو ساٺ،
ونگي
جو ساٺ
۽ تِرَ مئڻ جو ساٺ
هوندا. سي ڪري، پوءِ گهر آڻيندا. پر جي ٻاهر جي ڄڃ
هوندي ته اها رات ڪنواريتن ۾ ٽِڪندي ڪنواريتا،
ڪنوار جي ماني ڪندا ۽ صبح جو ڄڃ رواني ٿيڻ مهل،
ڪنوار جو پلـﺆ گهوٽ جي پلئي سان ٻڌي،. هڪ هڪ
مائٽياڻي اوڇنگارون ڏيئي، ڪنوار کان موڪلائيندي.
اها مهل اهڙي هوندي آهي، جو سخت دل زالن توڙي مڙدن
جي دل کي به ڌڌڪو اچي ويندو آهي، ڄڻ ته گهر مان
جيئرو جنازو نڪري رهيو اهي. ان مهل ڳائڻ واريون
نِکڙڻ جو ڳيچ ڳائينديون آهن. مثال ”اسين پنهنجي
مومل وٺو پيا وڃون.“ مائٽن مان ڪنوار جي ڀيڻ، ماءُ
يا ماسي ڄڃ سان گڏ هلندي. ڪنوار کي پرديس ۾ اڪيلو
نه ڇڏيندا، جيستائين واقف ٿئي.
لاڳ ڏيڻ:
ٻئي ڏينهن، راڄ جا اڳواڻ مبارڪي لاءِ ايندا، جن
مان هرهڪ کي اجرڪ ۽ پَٽيل کي لونگي لاڳ ۾ ڏين يا سڀني کي روڪڙ ڏيندا. مڱڻهار جي گهور
وٺندا. ڪٿي ڪٿي کدڙا فقير به ڳائي لاڳ وٺن.
مينگهواڙ، جنهن جُتي گهڙي هوندي ۽ ڪنڀار، جنهن
ٿانءَ ڏنا هوندا، سي به اُجوري بجاءِ لاڳ وٺن. ان
کان پوءِ جيڪو به ماڻهو گهوٽ لاءِ ڊوهِڻو (تحفو)
کڻي اچي پيو مبارڪ ڏيندو، تنهن کي ڪجهه نه ڪجهه
پيو ملندو. نياڻيون سياڻيون، جيڪي ٽِڪايون
هوندائون،
انهن کي به جورا، اونڌر ۽ اوڍڻيون يا روڪڙ ڏيئي، ڳوٺ ڇڏي ايندا.
جن کان جيڪو سامان اڌارو کنيو هوندائون، سو انهيءَ کي واپس ڪندا.
ستاوڙو:
ست ڏينهن، ڪنوار گهوٽ جي گهر ۾ ڪوبه ڪم ڪار نه
ڪندي. گهوٽ کيس راضي رکڻ لاءِ شيون، مٺايون ۽ ميوا
آڻي پيو ڏيندو. سندس آيل مائٽياڻي، سندس اندر ٻاهر
جي حاضري ۾ هوندي. راڄ جون زالون
پينڍون ٿي ڪنوار جو منهن ڏسڻ پيون اينديون؛ پوءِ
”لوڪ منهن موڪ آهي“ ڪي چونديون ”هڙ هلاڪ پئسا ئي
پاڻيءَ ۾!“ ڪي چونديون ته ”هنن جا وڏا ڀاڳ، جو
ههڙي سهڻي سدا ملوڪ ۽ سلڇڻي ڪنوار ملي اٿن!“ ڪنوار
به گهر جو سمورو چالامانو پئي ڏسندي. ستن ڏينهن
کان پوءِ، بعضي ڪن حالتن ۾ ٽن ڏينهن يا پنهجن
ڏينهن کان پوءِ ۽ جي ويجهڙائي هوندي ته ڪنوار
ستاوڙو کائڻ لاءِ مائٽن ۾ ويندي. جي تمام پرانهو
پنڌ هوندو ته مهيني – ٻي يا ٽئي مهيني کان پوءِ هڪ
ڀيرو مائٽ وڃي ڏسندي. گهوٽ ۽ ڪنوار ٻئي گڏجي پيڪن
۾ ايندا. جتي انهن لاءِ ڪنوار جا مائٽ رڳو اُڀ مان
تارا لاهڻ ڇڏيندا. ٻي هر ڪنهن
قسم جي خدمت ڪري گذرندا. چار – پنج ڏينهن رهڻ کان
پوءِ گهوٽ، ڪنوار کي ساهرن مان اڪيلو وٺي گهر
پهچندو. ڪنهن چوڻي مطابق: ”نئين ڪنوار، نَوَ
ڏينهن، ڇڪيتاڻي تيرهَن ڏينهن، ماري ڪُٽي مهينو!“
نيٺ ته ڪنوار ويچاري ساهرن ۾ هري مري ويندي، مائٽن
جي ڇڪ ۽ سڪ لهي ويندس!
مرڻي جون رسمون.
جياري جياري ماريندو، پر ماريندو به الائجي ڪيئن!
سڪرات:
ماڻهو اگهو يا بيمار يا هَل هَلان ۾ ٿيو ته کيس
مِٽ مائٽ، عزيز قريب ۽ واقفڪار پڇڻ لاءِ پيا
ايندا. خاص طور زالن جا ته ڪٽڪ پڇڻ لاءِ ايندس، جن
۾ سينڌ سڻات، اوڙو پاڙو ۽ راڄ واريون هونديون.
انهن مان ڪي مرڻينگ کان ۽ ڪي سندس چاڪري ڪندڙ مائٽن
کان پڇنديون ته ”فلاڻي جو ڪهڙو حال آهي، آهي چاقڙو؟“
اُهي ڏک سان ورندي ڏيندين ته ”اجهو اهو حال اٿس،
جيڪو توهين ۽ اسين اکيين ڏسي رهيا آهيون!
اَهکيءَ
يا سِير ۾ آهي، الله سائين اُڪاري پار ڪندس! اسان
پنهنجي وس ۾ ڪونه گهٽايو آهي، ڪئين حڪيم، طبيب،
ويڄ ورک ووڙيا اٿئون، پر ڪٿان به ٻاجهه جي ٻُڪمي
نه ملي آهي! الله سائينءَ
کي وڏي سگهه آهي، وري ته ويرن ڪانهي! جَڏا جياري
مَرڪندا ماري!“ پڇندڙيون انهن جي
دل رکڻ ۾ آٿت ڏيڻ خاطر چونديون ته:
”ماندي ٿي نه مارئي الله ڀي آهي،
سـﺆ ورهيه جا ڏُکڙا هڪ لحظي ۾ لاهي،
اهڙوئي آهي جو ماڳ پهچائيندءِ مارئي.“
مائي، سائينءَ کي بيشڪ وڏي سگهه آهي! پاڻ معافي
ڪندو. بندي جا شل عيب نه اُگهاڙي!
انهيءَ مهل کي ’سڪرات‘ چوندا آهن. سڪرات ۾ بيمار
کائڻ، پيئڻ، ڳالهائڻ ۽ ٻولهائڻ
ڇڏي ڏيندو آهي. گوگهري پئي لڳندي اٿس. ۽ اکيون ڇت
۾ اٽڪيل هونديون اٿس. هر هر دؤر پيو ويندو
آهي.
مائٽ مِٽ آسرو پلي ڇڏيندا آهن. اهڙي وقت تي ڏَس
ڏيندڙ، ڏس ڏيندا آهن ته ”خيرات يا صدقو ڪريو! من
ربّ پنهنجو رحم ڪري!“
خيرات ڪرڻ:
سڪرات واري مٿان ڦنڊر يا پَهرُو هن نموني خيرات
وجهندا. اُن جانور تي بيمار جو هٿ
لاهرائي،
پوءِ ان کي تڪبير وجهي ذبح ڪري، گوشت غريب غربي کي
ڏيڻ، ڪي، جانور کي بيمار جي چوڌاري ڦيرائي، پوءِ
ڪُهي گوشت ورهائين ۽ جانور جو ڪجهه رَت دروازي تي
هڻي ڇڏين. ان جو مطلب اهو سمجهيو ويندو آهي ته اها
قرباني يا خيرات خود مرڻينگ ڪئي آهي، خدا قبول
وجهندو! ڪي مِٺو ڀت رڌي، ٻارن معصومن کي ڪوٺي،
کارائي
۽ پئسو پئسو هٿ ۾ خيرات ڏين، اهو پئسو مرڻينگ جي
هٿان ڏيارين.
سڪرات ۾ اگهي ماڻهوءَ جي سيرانديءَ کان قرآن شريف
مان سورة يٰس يا سورة الجاثيـﺔ پڙهندا آهن. اهي
سورتون گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا، وڌ ۾ وڌ انتقال تائين
پيا پڙهندا آهن. ڪي بروقت قرآن شريف جا ٽيهه ئي
پارا پڙهائين، ڪي مرڻينگ جي ڀر ۾ ويهي وڏي آواز
سان ڪلمو طيب ”لاالٰـﮧ الاّ الله مُحَمّدُ
الرَّسُوۡلُ الله“ پڙهن، جيئن ڪلمي جو آواز ڪنن ۾
ٻُريس ۽ پاڻ به ڪلمو اُچاري يا سندس سيرانديءَ کان
ويهي ’تلقين‘ ڪن. جنهن ۾ کيس نالو وٺي چون ته ”ڀر
ڪلمو مِٺي محمّد (صلي الله عليه وآله وسلم) تي!“
پڇندڙ زالون، اتيئي بيمار جي حالت ڏسي چونديون ته
”هاڻ ڳالهيون الله سان اٿس، تارَ ۾ آهي! هاڻ بچڻ
جي اميد گهٽ آهي، نڪ نڪري آيو اٿس، هٿ ذر ذر شهپر
تي پيو هڻي (زال هوندي ته سينڌ پئي ٺاهي) اکيون
ڪُوڙيون ٿي ويون اٿس، هيٺيون ڌڙ صفا ساهه ڇڏي ويو
اٿس، هن پيرن جا نُنهن ڪاراٽجي ويا اٿس؛ ٻيو مرڻ
کي سڱ ڪونه ٿيندا آهن. توهين به ننڍڙيون ته ڪونه
آهيو، ’اي فلاڻي، تنهنجي هٿن مان به سٿ ويا آهن،
ڇا ٿي سمجهين؟‘“ ٻيون چونديون ته ”’برابر سچ ٿيون
چـﺆ.‘ اِتئين چڙهيو ته ڪَرَ نئون ڄائو. حال ڪونه
ٿو ڏسجي. الله سائين راڻن کي راڻا ۽ ڪاڻن کي ڪاڻا
شل بخشي بچائي ڏي! جوانن کي جواني بخشي! مشڪل آسان
ڪري! سانگ سُرهو ڪريس! اِنسان ويچارو، نيٺ جِي جِي
مرندو! ٺِڪر جو ٺهيو آهي سو ڀڄڻ ڪاڻ! الله جي در
سدائين توبهه آهي. ويچارو، دم پَهَر جو مهمان
آهي!“ گهڻي تڪليف ۽ لوڇ پوڇ ڏسي، ايئن به چونديون
ته ”انهن عذابن کان رب پاڪ کڻي پنهنجو ڪريس ته
چڱو!“ ٻيون وري ڏڍ ڏيڻ ڪاڻ چونديون ته ”مائي، الله
جا عجب رنگ آهن، من کڻي کيس جيءَ ڏاڻ ڏي! پَريان
سا ڏور ڏاڍي هجيس ته چوڻو، اوڻو ٿيندوئي ڪين. جنهن
جي اک ۾ گهاڻو گهميو، تنهن به موت نه قبوليو!“
هوڏانهن مرڻينگ جي ڦُوڪ ٽٽي ته هيڏانهن هڪدم روڄ
راڙو شروع ٿي ويندو: آ منهنجا جيجڙا اَبا! آ
منهنجا جيجڙا ادا! آ مون ولِهيءَ جا وَر! آ للنگهه
گهوٽم! (زال لاءِ جيجڙي ماءُ، جيجڙي ادي وغيره)
ڪري پيون زالون ٻاڪارينديون هوشيار زالون مُڙدي جي
سرانديءَ کان وهاڻو ڪڍي، اکين جي مٿان هٿ رکنديون،
جيئن اکيون ڦاٽل نه رهنس. اڳڙيون کڻي ڄاڙي ٻڌندس ۽
ٻنهي پيرن جا آڱوٺا ڇڪي ٻڌندس. ٻانهون سڌيون ڪري
کٽ جي سيرانديءَ کان واڻ ۾ ڊگهي لٺ اُڀي کوڙي، اُن
جي
مٿان رَلي وجهي ڇڏينديون.
ميت جي سرانجامي:
گهر جا مڙس ماڻهو ۽ ڪي پاڙي جا همراهه اوطاق،
اوتاري يا پڌر تي تڏو وڇائي پٿر وجهي ويهندا ته
راڄ وارا ۽ مائٽ، همدردي ۽ ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اتي
اچي ڪَٺا ٿين، (2) ڪي جوڙي پوتي (ڪفن) وٺڻ لاءِ
ويندا، (3) هڪڙو ڄڻو مڙدي تان ڪاڻُون ڪَڇي قابرو
ڏانهن ويندو، جي قبر کوٽڻ وارو مقرر ڪيل نه هوندو
ته منجهانئن ئي ٻه – ٽي همراهه قبر کوٽڻ ويندا،
(4) هڪڙو غسّال يعني تَڙ ڏياريندڙ مُلين ڏانهن
ويندو، (5) ڪو غسل ڏيڻ جو ڦرهو کڻي ايندو، (6) ڪو
غسل جي پاڻي ڪوسي ڪرڻ لاءِ ڪٿان ديڳ آڻيندو، (7)
هڪڙو قاصد ٿي، راڄ کي قضيي جي خبر ڏيندو ته ”فلاڻو
گذريو آهي. فلاڻي وقت تي کڻندس، اچي ڀتر ڀائي ٿجو“
۽ (8) پرانهين پنڌ تي چتاءَ لاءِ قاصد ويندو، جو
خاص طور مئل جي پٽ، ڌيءُ، ڀاءُ، ماءُ وغيره جهڙن
ويجهڙن مائٽن کي وڃي خبر ڏيندو ته جهٽ پهچي هلي
مُنهن ڏسن. اهڙي قاصد کي زباني يا لِکت ۾ اهڙو
احوال ٻڌائيندا ۽ چوندس اُڏام ڄڻ ويو ئي ڪين آهين.
مطلب ته ساٿ سُرهي ڪرڻ ڪاڻ، سڀ مِٽ مائٽ مئئِ جي ڪم ۾ جنبي ويندا.
سگهري مرد جو ميت:
جوڙي پوتي (ڪفن) آڻڻ:
جيڪو ماڻهو ڪفن وٺڻ ويندو، سو پاڻ سان هيءُ سامان
آڻيندو: اٽڪل ٻارنهن وال پٽيون (هرک)، وال بافتو،
اَڇي ڪپهه، عطر جون شيشيون، ڪافور، ڌوُپ، گلاب جو
عرق، ميٽ سُئي ڍيري، سرهوصابڻ، ڇپيل عَهدنامو، ٻه
اجرڪون (هڪ لڱ نچوڙڻ لاءِ ۽ ٻي ڇاڙ لاءِ)، نئون
تڏو ۽ ٻه نوان ٽڪر جا ڪـﺆنرا. اهو سامان آڻي اوطاق
(پٿر) تي رکندو. جوڙيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ ويهه –
پنجويهه رپيا خرچ اچي ويندو آهي.
جوڙي پوتي ٺاهڻ:
مُلون (غسال)، بروقت اُن هرک کي ڦاڙي ٻه چادرون
اٽڪل ساڍن پنجن فوٽن جي ماپ جون ڪندو ۽ هڪ چولي
(الفي) اٽڪل چئن فوٽن جي جدا ڪري رکندو. ڪپڙي
جي بر کي ٽوپو ڏئي، ٻئي چادرون ڳنڍيندو؛ بافتي مان
ٻه هَٿيا، اٽڪل چار آڱرن ماپ جيترا
ٽڪرا
ڦاڙي جدا رکندو. انهيءَ ڪم ۾ پٿر تي ويٺل ماڻهو پڻ
هٿو پاري ڪرائيندس، پوءِ اهو سامان تڏي ۾ ويڙهي
رکندو.
تڙ (غسل) جي تياري:
جنهن جاءِ تي مڙدي کي تڙ ڏيڻو هوندو، اتي اول هڪ
چَري کوٽيندا ته پاڻي اتي گڏ ٿئي، ان کي ’حد‘ به
چون. حد جي پاسن کان پڪيون سرون رکي پوءِ انهن جي
مٿان ڦرهو ڦهڪائي رکندا. پاسي ۾ سرن جي چُلهه
ٺاهي، ان تي ديڳ رکي پاڻيءَ سان ڀريندا، پاڻيءَ ۾
ٻير جا پن يا ٿورو لوڻ وجهي هن کي ٻارڻ ڏيندا،
جيستائين پاڻي ننهن سَهسڙو ٿئي.
تڙ يا غسل ڏيارڻ:
لاش کي هڪ ماڻهو سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ
کان کٽ جهلي، کٽ کڻي آڻي حد وٽ رکندا، ۽ پوءِ لاش
کي لاهي، ڦرهي مٿان، الهندي پير ۽ اڀرندي مٿو ڪري
سنئون سمهاريندا. مُلون پاڻ سان سڀ سامان ڪـﺆنرا
ڌوئي ڌمالي پاڻيءَ جا ڀري، واري تي ڏيندا ويندا.
ملون، اول مڙدي جون پٽيون کوليندو، ڪو زيور پيل
هوندس ته اهوبه لاهيندو؛ پوءِ بت جا ڪپڙا لاهي،
سٿرن تي بافتي جو ٽڪر ’ستر‘ ڪري مٿان رکندس. اتي
ڪنهن ٺڪر جي پاٽ يا طباخ يا وٽي ۾ بنا تيل جي ميٽ
پسائي، مُلين جي ڀر ۾ رکندا. ملون پهريائين هٿ جي
مٿان ڪپڙي جو هٿيو چاڙهي، هٿ ۾ کڙو يا ڀتر کڻي،
مڙدي کي ’اِستنجا‘ ڪرائيندو، پوءِ وضو ساريندس،
پوءِ
لڱن
کي ميٽ مکي، لڱ ڌئاريندس. ميٽ ڪڍڻ کان پوءِ، سڄي
بت تي سرهو صابڻ هڻند، اهو ڌئاري پوءِ شهادت جي
ڪلمن سان ٽي ڪـﺆنرا پاڪائيءَ جا نائيندس. غسل مهل
مڙدي جي ڪنن، ناسن ۽ وات ۾ ڪپهه
وجهي ڇڏيندو، جئن تڙ جو پاڻي اندر جسم ۾ داخل ٿي
نه سگهي. وهنجارڻ
کان
پوءِ ڪنهن ڪپڙي يا اجرڪ سان لڱ نچوڙيندس.
ڪفن ڍڪائڻ:
کٽ تي، نئون آندل تڏو وڇائي، ان جي مٿان ٻئي
چادرون ڊگهيون پکيڙي، انهن جي مٿان الفي يا ڪفنيءَ
جي ڳچي هٿ سان ڦاڙي، پوءِ، انهيءَ الفيءَ يا چوليءَ تي ”خاڪِ شفا“ يعني عربستان مان آيل مِٽيءَ
جي ٽِڪي گلاب جي عرق مان ٻوڙي؛ يا وري عرب مان آيل
آبِ زمزم جي دُنگي يا دٻي کولي، ان مان خاڪِ شفا
ٻوڙي، چوليءَ تي ’اشهد‘ جا ڪلما لکي يا ڪلمه ’طيب‘
لکي، چوليءَ جو هڪڙو هيٺيون پاسو چادرن مٿان وڇائي
ٻيو پاسو ڳچيءَ وارو اٿلائي بيهندو، ٻه ماڻهو لاش
کي ڦرهي تان کڻي کٽ تي الهندي پير، اڀرندي مٿو
ڪري، ڪفن جي مٿان سمهاريندو. ملون ڦاٽل ڳچي مٿي
مان اڪاري، مٿيون پاسو پيٽ مٿان وجهي برابر ڪري،
چادرن جون آنديون ڦاڙي، هڪڙيءَ مان ٻه ٽڪر ڪري،
سيرانديءَ پيرانديءَ مُٺين لاءِ ۽ ڇاتيءَ، ڪنن،
ناسن ۽ اکين جي ڇپرن مٿان
ڪافور ڀوري ٻُرڪيندو. اُن کان اڳ، عطر منهن کي ۽
بدن کي مکيندس ۽ ڇٽيندس. پوءِ ريڙن سان مُٺيا ٻڌي
۽ ڇاتي کي به چوڌاري آنديءَ سان ٻڌي، ميت جي
سيرانديءَ ساڄي پاسي، قرآن شريف، زمزم جون
دُنگيون، ڇپيل عهدنامو رکي ملون نڪري ٿيندو ٻاهر.
منهن ڏسڻ (لاش کان موڪلاڻي):
جڏهن اوري پري جا سڀ گهرايل اچي گڏ ٿيندا ته
پهريائين منهن ڏسندا: هڪ مائٽ منهن ڏسڻ لاءِ لاش
جي سيرانديءَ کان بيهي مٺيو کوليندو ۽ سڀني کي سڏ
ڪندو ته اچي منهن ڏسن. جنهن تي سڀ ويجها مائٽ
زالون توڙي مرد، اوڇنگاريون ڏيندا، اَشهد جا ڪلما
پڙهندا ۽ سبحان الله سبحان الله چوندا کٽ جي
چوڌاري مِڙي اچي بيهندا. ڳپل وقت تائين منهن
ڏيکارڻ بعد مٺيون بند ٿيندو.، پوءِ ميت تي ’ڇاڙون
يا سامُون‘ وجهندا. جن مائٽن ڪپڙو نه آندو هوندو،
سي وارث کي روڪڙِ رقم ’ننگ‘ ڪري ڏيندا. ڇاڙن ۾
اجرڪون ۽ لونگيون هونديون آهن.
جنازو مقام ڏانهن کڻي هلڻ:
منهن ڏسي، رڙيِ
روئي واندا ٿيندا ته ڪانڌين کي جنازي کڻڻ جو سڏ
ٿيندو، جي پٿر تي اوسيڙي ۾ ويٺا هوندا. پهريائين
ٻاهر هڪڙي کٽ وجهندا، پوءِ ٻه – ٽي مائٽ لاش کي
تڏي سميت، سيرانديءَ پيرانديءَ ۽ چيلهه وٽان هٿ
ڏئي ٻاهر کڻي آڻي کٽ تي رکندا. ان سان گڏ، پرڻ ۾
ڪوبه اناج، جو زالون ’پتڻ اُڪرڻ‘
لاءِ ڏينديون، سو ۽ قرآن شريف، آبِ زمزم جون دٻيون
عهدنامو وغيره لاش جي ساڄي پاسي کان رکندا يا ڪو
ماڻهو جنازي سان گڏ کڻي هلندو. ڪانڌي ’اشهد‘ جا
ڪلما ڀري اچي ڪلها ڏيندا: پهريائين چار ماڻهو ڪلهو
ڏيندس، پوءِ جيڪو نئون ماڻهو ڪلهو ڏيڻ لاءِ ايندو،
سو اول سيرانديءَ ساڄي پاسي واري همراهه جي اڳيان
وڌي پاڳي کي اچي جهليندو، اهو همراهه پوئتي هٽي
ساڳئي پاسي واري پيرانديءَ واري ڪانڌيءَ جي اڳيان
ٿي، هن کي آجو ڪندو؛ اهو ساڳيو همراهه وڌي اچي
کاٻي پاسي، سيرانديءَ
کان ڪلهو ڏيندو ۽ پهريون ڪانڌي هٽي پيرانديءَ ڏي
ويندو. اهڙي طرح هر هڪ ماڻهو چار ڪلها، چئني پاسن
کان ڏيندو رهندو. جنازي کي پير پير ۾ آهستي آهستي
کڻي پيا هلندا ۽ اشهد جا ڪلما آهستي يا وڏي سر
پڙهندا هلندا، چوندا هلندا ته ”آهستي آهستي هلو
جئن ميت کي لوڏي جي تڪليف نه اچي.“ تنهن هوندي به
جي تڪڙو هلندا آهن ته چوندا آهن ته ”ميت کي قبر جي
ڇِڪ ٿي ٿئي!“ جي مولودي ميسر هوندا ته اهي جنازي
اڳيان مولود چوندا هلندا. ڇوندڙ، ميت جي پٽن ۽
ڀائرن کي چوندا ته ”بابا، مڙس ٿي ڪُلها ڏيوس، اڄ
مهل اٿوَ جيترا ڪلها ڏيَڻا هجنوَ سي ڏيوس. آخرين
خدمت اها سنڀرندو. الله ڪيو جو پنهنجن هٿن ۾ سُرهو
ٿيو، پنهنجا ئي هلي لوڙهه لٽيندس“! اهڙي طرح جنازو
آڻي مقام جي ڀر ۾ ڪنهن اڇي پڌر يا جنازي نماز پڙهڻ
واري مسجد جي اولهائين طرف رکندا.
جنازي نماز:
ڪانڌي جنازو رکي، وڃي وضو ساريندا. جڏهن رهيا
کُهيا جماعتي سڀ ايندا گڏ ٿيندا ته اِڪي درجي ۾
صفون ٻڌي بيهندا يعني: هڪ“ ٽي، ست، وغيره صفون
ڪندا. پوءِ ملان، جنازي جي اڀرندي طرف لاش جي سيني
برابر بيهي، ميت جي ويجهن مائٽن مان پيءُ، پٽ يا
ڀائن مان هڪ کان جنازي نماز پڙهڻ جي اجازت گهرندو.
اجازت ملڻ کان پوءِ هيئن نيت ڪندو. ”نيت ڪيم جنازي
نماز جي، ساڻ چئين تڪبيرين، فرض ڪفايه، منهن طرف
ڪعبـﺔالله جي.“ (جماعتي چوندا: پٺيءَ هن امام جي)
پوءِ الله اڪبر چئي هٿ ٻڌي دعائون پڙهندو، وچ ۾
چار تڪبيرون چوندو. جماعتي به پويان هٿ ٻڌي بيهندا
۽ تڪبيرون چوندا. پڇاڙيءَ ۾ بيٺي ئي سلام واريندو.
سلام کان پوءِ سڀئي ماڻهو ’قل‘ پڙهندا ۽ قلن جو
ثواب ميت کي بخشيندا.
قرآن بخشائڻ:
مُلان، لاش جي سيرانديءَ کان ويهي، قرآن شريف کڻي،
ميت جي هڪڙي ويجهي مائٽ کي اُڀ کوڙي ويهاري، ٻنهي
هٿن ۾ قرآن جهلڻ لاءِ ڏيندو ۽ پاڻ چوندو ته ”هن
جيڪي ننڍا توڙي وڏا ڏوهه گناهه ڪيا آهن، جيڪي فرض
سُنتون ڄاڻي ٻجهي يا ويسر ۾ ڇڏيون آهن يا گُسايون
آهن؛ جيڪي اسلام جا ارڪان پورا نه ڪيا آهن، (جن ۾
صدقا، نذر ۽ نياز سڀ اچي ٿا وڃن) رهجي ويا آهن. تن
سڀني لاءِ هيءُ قرآن شريف بخشايان ٿو.“ هو به سندس
چيل اکرن کي ورجائيندو. پوءِ ملان، قرآن بخشائڻ جي
دعا گهرندو ۽ ثواب بخشيندو. عزيز، ان جو اجورو
حيثيت سارو اتي ئي ڏيندس يا پوءِ گهر پهچائيندس.
بخشان بخشي ڪرائڻ:
ڪي وري پاءُ يا اڌ سير کاڌي جو حساب، سڄي عمر سان
ٻڌي اهو بخش ڪرائين. مثال ميت جي ڄمار اٽڪل پنجاهه
ورهيه مقرر ڪيائون ۽ سندس ڏِيل ۽ قدبت سارو روزانو
اڌ سير اناج جو ٻڌندا. انهيءَ حساب سان مهيني جا
ٿيندا پندرهن سير ۽ هڪ سال جا ٿيا هڪ سـﺆ اسي سير
يعني ساڍا چار مڻ. پنجاهه ورهين جو ڪل اناج ٿيندو
ٻه سـﺆ پنجويهه مڻ. چوندا ”اي الله سائين، هن،
تنهنجي ڏنل رزق مان اٽڪل ٻه سـﺆ پنجويهه مڻ انّ
کاڌو، ۽ تنهنجا فرمان ڀڳا اٿس. هن جو هاڻي تو بگر
ڪو بِلو ڀيڻي ڪونهي، هن قرآن شريف جي محابي تون هن
کي بخش!“.
قدم ڏيارڻ:
جنازي کي نماز جي جاءِ تان کڻڻ مهل، چار ماڻهو
پاڳن جي جوڙ وٽ اِيس ۾ هڪ هٿ وجهي، اشهد جو ڪلمو
پڙهي، زمين کان اڌ فوٽ مٿي کڻي، ٽِي وِکون هلي وري هيٺ رکندا؛ اڳيون ماڻهو ساڳئي پاسي جي پوئين طرف
۽ پويون ساڳئي پاسي جي اڳئين طرف وڌي ايندو ۽ وري
کٽ يا ڏولي کڻي ڪلما ڀري ٻه – ٽي قدم هلندا ۽
جنازي جو رخ به پيا ڦيرائيندا ۽ ٽيون دفعو به
ساڳيا ماڻهو ساڳئي طرف تي ، پهرين وانگي بيهڪ وٺي،
ٽي قدم ڏئي، جنازو ڪُلهن تي کڻندا ۽ قبر ڏانهن
هلندا. انهيءَ مهل وارثن مان هڪڙو ماڻهو ڪانڌين کي
چوندو ته ”ادا، ڪم ڪار واري کي موڪل آهي.“ جي قبر
تيار هوندي ته لاش قبر ۾ لاهيندا، جي دير هوندي ته
ترسندا. تيستائين مولودي مولود پيا چوندا.
ڳوٺ مان پرانهين مقام ڏانهن يا پرديس مان پنهنجي
مقام ۾ لاش آڻڻ جو دستور:
ڪو ماڻهو وفات هڪ هنڌ ڪندو آهي، پر اُن جو لاش
سينگاري پَکاري ڏورانهين هنڌ تي نيڻي پوندي آهي.
اهڙي لاش کي ڪائِيءَ تي رکي، پوءِ اُٺ تي پاکڙو يا
پلاڻ وجهي، اُن جي مٿان اڳئين پاسي ڪائِي سوگهي
ٻڌي، پٺيان هڪ ماڻهو، ان کي جهلي ويهندو آهي.
انهيءَ اُٺ کي ڳچيءَ ۾ وڏو ٽَلو يا چنگ ٻڌندا،
ڇوته هنن جي چوڻ موجب مُئو ماڻهو سڄي واٽ رڙيون ۽
دانهون ڪندو هلندو آهي، جو رڳو جانور ٻڌندا آهن.
تنهنڪري اُن چنگ جي آواز ڪري، اُٺ جي ڪَنن تي رڙين
جو اثر نه ٿيندو. اُهو ماڻهو
اُٺ هڪلي، جڏهن ڌُر پهچندو آهي ۽ مڙدي جو گهر گهاٽ
به اتي ئي آهي ته کيس سڌو قبرستان نه نيندا؛ بلڪه
گهر ۾ پَهر کن ترسائي، مٽن مائٽن کي منهن ڏيکاري،
گهر جو ’آسائش يا وسرام‘ وٺرائي ۽ پوءِ وڃي دفن
ڪندا آهن. اِهو تڏهن ڪندا آهن، جڏهن ماڻهو ٿورا ۽
منزل گهڻي هوندي آهي، پر ٿوري
پنڌ تي وڃڻو هوندو آهي ته فقط ٻه ماڻهو، هڪڙو کٽ
جي سيرانديءَ وچ تي ۽ ٻيو پيرانديءَ وچ تي مٿو
ڏيئي کڻي اُٿي هلندا آهن. ڪجهه پنڌ ڪرڻ بعد، واري
وٺائو اچي کين مدد ڪرائيندا آهن.
مُئي سان سڳڻ سوڻ:
جيڪو ماڻهو پنجڪين ۾ مرندو آهي: پنجڪيون چوڻ هر
ڪنهن مهيني جي پنجين، پندرهين ۽ پجويهينءَ تاريخ
کي يا تيرهن تيزين ۾ مرندو آهي: تيرهن تيزيون چون
صفر مهيني جي پهرين تاريخ کان، تيرهين تاريخ تائين
کي. ته اهڙو ماڻهو، جنهن جاءِ تي دم ڏيندو آهي ته
اُن جي مٿان ڇت جو ڪايو ڀڃي يا وڍي ڇڏيندا آهن.
سندس کٽ هيٺان پهڻ، جهڙوڪ جَنڊ نِنگهه وغيره رکي
ڇڏين. هُن جو لاش ڀِت ڀڃي ٻاهر ڪڍن، يا مٿان سردرو
ٽپائي ٻاهرڪن. اُن جي حَدَ ۾ اَڪَ جي ڪاٺي وجهي
پوءِ اُها چَري پوري ڇڏين. دفن ڪرڻ بعد اُن جي قبر
جي چوڌاري چار ڪِليون کوڙي، اُنهن ڪِلين ۾ ڪَچي
سُٽ جا قبر جي چوڌاري وراڪا ڏئي ڇڏين. اهڙي موت
واري ماڻهوءَ لاءِ وهم ڪري چون ته ”اهو قبر ۾ ڪفن
ٿو کائي، تنهنڪري انهيءَ ئي سال ۾ سندس سڀ مِٽ
مائٽ مرڻ لڳندا!“ ۽ جي سچ پچ تهتان ڪو گذريو ته ان
جي قبر کوٽائي ڏسندا ۽ ڪفن وات ۾ هوندس ته اهو ڇڪي
ڪڍي، وات ۾ لوهه جو ڪِلو کوڙي ڇڏيندس.
قبر کوٽڻ ۽ ٺاهڻ:
ڪوشش ڪري اتي قبر کوٽارائيندا، جتي ميت جا ٻيا
مائٽ به رکيل هجن، ڇوته چوندا آهن ته ”جيئن هڏا
هڏن ڀيڙا ٿين.“ جي مقرر قابرو نه هوندو ته همراهه
ميت تان ڪَڇيل ڪانون ۽ اوزار ڪوڏر، رنبو ۽ تيشي
کڻي اچي مقام ۾ ڍرندا ۽ ميت جي پاڙي ۾، اتر کان
ڏکڻ طرف قبر جو پڙواڏو کوٽيندا، جو ماڻهوءَ جي
سيني برابر هيٺ کوٽي، پوءِ اُن جي اولهائين طرف
هڪڙي چيهه، جنهن کي ڳُجهٽ، چُرُ ۽ سامي ۽ به چون،
تيشي ۽ رنبي سان، ماڻهوءَ جي ڪَنَ جيتري ڊگهي، ۽
اڌ فوٽ کان ڏيڍ – ٻن فوٽن تائين ميت جي بدن موافق
ويڪري کوٽيندا. اها
کوٽجي تيار ٿيندي ته لاش هيٺ لاهيندا.
لاش قبر ۾ دفن ڪر ڻ:
لاش هيٺ لاهڻ کان اڳ، ڪي ماڻهو
ڪَچيون سرون، وڏا کڙا، يا گاهه ۽ کٻڙ جا ساوا
پن آڻي، اتي گڏ ڪري رکندا ۽ ڪي پئسا ڏئي اهي شيون
موجود ڪرائي رکندا آهن، جيئن زمينن جي حالت سارو
اهي ڪم اچي سگهن.
ميت واري کٽ، قبر جي اولهائين طرف بلڪل ساميءَ جي
مٿان آڻي رکندا. ٽي همت ڀريا ماڻهو، جي ميت جا
ويجها مائٽ هوندا، سي ور کنجهي پڙوا
اڏي (لحد) ۾ هيٺ لهي پوندا. ٻيا ماڻهو ميت جي
ڇاتيءَ هيٺان، پُٺن کان هڪڙو
پوتاڙو
ڏيڍو ڪري
اُڪاري،
جنهن جو اولهائون پوڇڙ ايڪڙ- ٻيڪڙ ڇڏيندا؛ هڪڙو
ماڻهو
سيرانديءَ، ٻيو پيرانديءَ ٽيون چيلهه واري
پوتاڙي
کي قابو جهلي لاش کي قبر ۾ لاهيندو، ۽ اهو وچون
ماڻهو کٽ مٿان چڙهي لاش لاهڻ ۾ همراهي ڪندو. هيٺ
قبر ۾ بيٺل ماڻهن مان، هڪڙو سيرانديءَ کان ٻيو وچ
تي چيلهه کان ۽ ٽيون پيرانديءَ کان هٿ سَنوان
جهلي، انهن تي لاش وٺي اُمالڪ
ڳجهٽ ڏي نيندا. اندر رکڻ کان پوءِ، ڪفن کي ٻڌل
ريڙون ڇوڙي، ٻاهر ڪنهن وڻ تي ٽنگيندا. ميت جو منهن
قبر ۾ ٿورڙو الهندي طرف ڪعبي ڏانهن ڪندا ۽ ان طرف
ڇپيل عهدنامو سامهون رکندس. مٿس گلاب جوعرق يا آبِ
زمزم جون دنگيون ڇڻڪائيندا، پوءِ کڙن يا ڪَچين سرن
سان
ان چُر کي بند ڪندا. ڪي ساميءَ ۾ رکڻ مهل به ميت
جو منهن ماڻهن کي ڏيکاريندا آهن. ساميءَ جي بند
ڪرڻ لاءِ ڪَچيون سرون هرهڪ سر پاسيري اُڀي مُنڍي
ڀر ڳُتيندا سٿيندا ويندا. هيٺان تري ۾ ڇاڙپ لام
ٺهڪائيندا ايندا، تان جو وڃي پيرانديءَ وٽ ٻن – ٽن
سرن جي وڇوٽي ڇڏيندا؛ پوءِ اُن لوگهي ۾ هٿ وجهي،
باقي رهيل سامُو ڇڪي ڪڍي وٺندا ۽ اُهو لوگهو بند
ڪري، سرن جي چوٽيءَ تي کڙا رکي، پوءِ قبر واري ٻاهرين مٽيءَ ۾ پاڻي وجهي گارو ٺاهي، ان
سان ڳجهٽ جون وِٿيون ليپو ڏئي لنبي ڇڏيندا. انهيءَ
وچ ۾ هڪڙو ماڻهو کڙن جي جهول ڀري، جيڪي ڪانڌي ۽
ڀترڀائي ٿيا هوندا، تن کان قُلَ، دُرود يا صلواة سڳوري کڙن تي پڙهئي، جهول ۾ کڻي اچي سيرانديءَ کان قبر ۾ لاهي
وجهندو. ان بعد، مِٽ مائٽ اشهد جا ڪلما پڙهي، هٿن
سان مِٽي ريڙهي قبر جو پڙواڏو ڀريندا ويندا،
جيستائين ساميءَ واريون سرون ڍڪجي
وڃن، پوءِ ڪوڏر سان مٽي گِهلي پڙواڏو ڀريندا؛ جيستائين سڄو پڙواڏو نه ڀرجي،
تيسين ساميءَ جي مٿان زور نه ڏيندا. ڪٿي ڪٿي واري
يا نرم مٽي هوندي آهي ۽ قبر جي سامي نه ٺهي سگهندي
آهي، تتي پڙواڏي جي وچ تي يَڪٺَپِي چِيهه کڻي
ان ۾
لاش رکي، پوءِ ٻنهي پاسن کان اُڀيون پاسيريون سرون
|