سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2- 1967ع

مضمون

صفحو :3

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي      

قوت العاشقين

(حامد بن حسن جو)

        سنڌو ماٿريءَ جي مٺي ۽ سلوڻي سنڌي ٻوليءَ، ٻين ڀينرن  جي ڀيٽ ۾ جهڙي آهي جهوني ۽ اونهي، ته اهڙو ئي اٿس ادب اجهاڳ. ڀلا  جنهن ٻوليءَ کي وڌڻ ۽ ويجهڻ لاءِ، مهراڻ جي مهر سان سُکيو ۽ سائو ديس مليو هجي: جا لفظن جي اُچارن جي ادائگيءَ ۾ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ڏانهن ڳيجهو نه هجي: ۽ جنهن جي ڳالهائيندڙ ۾ هر دور اندر سوين عالم ۽ اديب پيدا ٿيا هجن_ سا ٻولي، جدا جدا علمن ۾ ضرور وڏو ڪتابي ذخيرو رکندي هوندي: افسوس جو اسان جي سنڌ جي ادبي تاريخ لکندڙ سنڌي عالمن، سنڌي ادب جي ابتدا، قاضي قاضن، شاهه عبدالڪريم ، ۽ مخدوم ابو الحسن  کان ڪئي آهي: ۽ اها تحقيق جيتوڻيڪ وسهڻ جهڙي نه آهي، پر ڪنهن پڪي ثابتيءَ کان سواءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

        اسان جون ادبي تاريخون ۽  تذڪرا ( جي نه هئڻ جي برابر آهن)، جڏهن ته سڀ ابتدائي ڪوشش هئي، جنهن لاءِ انهن جي لکندڙن جَس لهڻي، تنهنڪري کانئن ادبي مالها جا ڪيترا قيمتي موتي ۽ مڻيا لکڻ کان رهجي ويا، جن جو بيان نهايت ضروري هو. هاڻي به جيڪڏهن سنڌ جي جهونن ڪتبخانن، جهڙوڪ : پير جهنڊو، هالا، لواري ۽ ٻين درگاهن يا علمي لئبريرين ۾ وڃي ڳولها ڦولها ڪجي، ته سنڌي ادب جو گهڻو ئي گم ٿيل خزانو هٿ اچي سگهندو. اهڙن ناياب ادبي شهپارن مان، تازو منهنجي نظر مان هڪ ڪتاب ” قوت العاشقين“ ( سنڌي) نالي، ( جوڙيل ميان حامد پٽ حسن جو) گذريو، جنهن جو ڪجهه مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:

        پاڻ کي ٻڏائڻ ته اڄڪلهه ماڻهن جو مَرڪ ٿي پيو آهي، هتي رڳو سيکڙاٽ اديبن کي سڪ ۽ شوق ڏيارڻ لاءِ لکڻو ٿو پوي، ته هن ناقص کي علم  پرائڻ واري زماني کان سنڌي عالمن جي تصنيفن ۽ خطي ڪتابن ڏسڻ جو گهڻو شوق رهيو آهي. هاڻي به، هن دور  ۾، جڏهن اقتصادي حالتن ۽ مونجهاري ڪري نفسانفسيءَ جو دور آهي، جڏهن ڪو وجهه ملي ويندو آهي، ته سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن مشهور ڪتبخاني ڏسڻ لاءِ هليو ويندو آهيان. سلسلي ۾ درگاهه پير جهنڊو ( تعلقو هالا، سنڌ) ۾ ٻه راتيون رهي، رڳو ناياب ڪتابن کي نظر مان ڪڍڻ جي همت نصيب ٿي، جن تي مفصل تبصرو ته  پوءِ پيش ڪندس. مٿيون ڪتاب ” قوت العاشقين “ به اُتي ئي مليو.

        پهريائين ته ان ڪتاب جي نالي پڙهندي، ائين ڄاتم ته اهو مخدوم هاشم ٺٽويءَ وارو ” قوت العاشقين“ هوندو، جو اڳ بمبئيءَ ۾ پڌرو ٿي چڪو آهي: پر پني اٿلائيندي جڏهن ڪتاب جو خطبو پڙهڻ لڳس، تڏهن پرو پيو ته هيءُ عشق ۽ سوز سان ڀرپور ڪتاب، عشقيه_ پارسيءَ جو منظوم سنڌي ترجمو آهي، جنهن کي عام ماڻهو حضرت عثمان مروندي قلندر شهباز سيوهاڻي جو ڪتاب سڏيندا آهن. پر حقيقت ۾ اهو ڪتاب ماڻهو حضرت عثمان انصاريءَ جو جوڙيل آهي. ” قوت العاشقين“ جي خطبي ۾ مترجم پڻ اهڙي چٽائي فرمائي آهي.

        ڪتاب جي رسم الخط آڳاٽي آهي، جنهن ۾ ” ڳ“ کي ” ک“ ”ڙ“ کي ” ر“ وغيرهه لکيو ويو آهي. نوُنَ ساڪن جي جاءِ تي، ٻن ” زيرن“ ۽ ” پيش“ کان ڪم ورتو ويو آهي. جڏهن ته ٽائيپ ۾ رسم الخط کي نباهي نٿو سگهجي، تنهنڪري هتي ان ڪتاب جا جيڪي به بيت نقل ڪيا، سي نئين رسم الخط ۾ آندا ويا آهن، ڪتاب هن طرح، حمدوئنا ۽ صلوات سان شروع ٿئي ٿو:

”سڀ ساراهون تنهن صاحب کي، جنهن قادر ڪين منجهان،

ڪئو    پيدا    سڀ    ڪين   عالم   آدم     کان  4،

هونِ رحمتون تنهن رحمان جون مٿي محمد شاهه صه،
نور منجهان جنهن نبيءَ جي سڀئي شئي ٿيا،
۽ پڻ اتي آل اصحابن تنهنجي وس هميشاه رضه،
خاصي خليفه تنهنجا جي چارئي يار ڀلا رضه،
۽ پڻ سڀني تن تي ۽ تابع جي تنهنجا،
هان لکان هن ڳالهه کي سا ڏئي ڪن سڻجاهه،
نه آهي فرض سڀ ڪنهن ماڻهوءَ تي جو عاقل آهه بالغا،
نه ڪري معرفت حق جي حاصل هيڄ منجها.“

 

اڳتي هلي، هن ڪتاب جوڙڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ٿو ته کيس، پنهنجي مرشد اهڙو امر فرمايو ته حضرت عثمان انصاريءَ  جي جوڙيل ڪتاب ” عشقيه پارسيءَ“ ۾ عشق جون رمزون ۽ وَلينَ جا نقل بيان ٿيل آهن. ڪتاب جذبي ۽ جوش وچان لکيل آهي، پر جڏهن ته عبارت اَهکي اٿس، تنهنڪري جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿئي ته ان جو نغمو عام ٿي پوندو. ڪتاب جي صفحي 3 تي، انهيءَ حقيقت کي هن طرح ادا ڪري ٿو:

   عشق ڌاران سڀيئي راند بازي آهه،
  ۽  سبب پيدا ٿيڻ عشق جو صحبت ولين آه،
  جيڪي سڻن ڳالهيون تن جون منجهان يقينا،
  تهڪري مرشد خلق جي رهبر رهنماءَ،
  نالو سڳورو جنهن جو منجهه آهي آخر ڪتابا،
   ڪئو امر هن عاجز کي از رو عنايتا.
   ته آهي ڪتاب عشقيو منجهه فارسي زبانا،   منجهس رمزون عشق جون ۽ نقل ولين سندا،
تصنيف حضرت عثمان انصاري جو رحمت ڪريس خدا،
جنهن هو جوڙيو تنهن کي جذبو جوش منجها،
 پر آهيس عبارت اهکي مفلق مضمونا،
جي ٿئي سنڌي تنهن جي ته عام اچي نغما.“
 

هن کان  پوءِ  متر جم  ،  مرشد  جي ان  امر  کي سعادت  ڄاڻي  ڪم هٿ ۾ کنيو  جيتو ڻيڪ  تر جمي  پوري  ڪرڻ  جي  تاريخ ،  مهينو ۽ سن خود متر جم پاڻ   لکي  ٿو ،  پر  اهو  حڪم ڪڏهن  ٿيو ۽  تر جمي جو  ڪم ڪهڙي  سال  ۾ شروع  ٿيو   ، ان  جي  ڪا به چٽائي  نه ڪئي اٿس . 

”ڄاڻي  سعادت  ڪونين جي  ان امر سڳوري   کا،

اٿي ڪئو   مون سعيو جوڙڻ تنهن جي لاءِ،
جي توڻي ڪ طاقت هن بندي کي هئي نه اصلا،
تڪري سعيو پنهنجو ڪري سو تمام تهکا،
پر ساڻ ٻيلپي الله جي، جو نعم النصيرا،
۽ برڪت ڀلي تنهن امر جي هن ناموڙ هئا،
ٿيو پورو ترجمو فضل ساڻ خدا،
منجهه مهيني شعبان جي تيرهن تاريخا،
هو سن ٻارهن سئو اتي ٽريتاليهه ورهه گذرئا،
هجرت کي  حضرت رسول جي ايترا ورها،
۽ قوت العاشقين تنهنجو سنڌي نالو رکئو آه،
آهي عرض تن مهدا جي صاحب فضل سندا،
ته جي هن ناقص جي نسخي ۾ ڏسن ڪو عيبا،
ته ڍڪين پنهنجي ڪرم سان طعنو نه ڏين تهکا،
۽ پڻ ڪا دعا خير جي محض لاءِ خدا(جل جلاله)،
ته قادر ڀري قلب تنهنجو محبت عشق منجها،
۽  پڻ  پنهنجي ذڪرا تي پچائيس پساه،
هاڻ وٺي آءُ ’حامد‘ جيڪي آه،
ڪچو پڪو وٽ تنهنجي مورا ڪيم لڪا،
ڪتاب ’قوت العاشقين‘ تنهنجو سنڌي اِسما.“
 

        مٿين بيتن ۾ مترجم پنهنجو نالو حامد ٻڌايو آهي.  اڳتي هلي، ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ، پنهنجي  مرشد سڳوري جو نالو” محمود“ ٻڌائي ٿو، ۽ پاڻ کي ”حامد پٽ حسن جو“  ٻڌايو اٿس. پنهنجي مرشد سڳوري کي ’ولين جو مهندار‘ ، ’زماني جو غوث‘، ۽ ’شريعت جي آسمان جو قطب‘  ٿو ڪوٺي، ۽ ٻيا  گهڻائي القاب عقيدت مان پيش ڪري ٿو، جو هڪ مخلص مريد لاءِ نهايت ضروري آهن. فرمائي ٿو :

”اچي پنو هت عشقيو فضل ساڻ  خدا،
هو زبان پارسيءَ ۾ ڪئل تصنيفا،
مهدار فضيلت وارن جي امام  عشاقا،
حضرت عثمان انصاريءَ جو رحمت ڪريس خدا،
ڪو ترجمو تنهنجو منجهه سنڌي زبانا،
حامد پٽ حسن جي سين ٻيلپي الله،
موجب امر سڳوري جي واجب جنهن  منڃڻا،
مهدار اوليائن جي ۽ غوث زمانا،
قطب آسمان شرح جي ڪامل پيرو يا،
سندي پيغمبر پاڪ جي هادي راهه هدا،
تاري برج طريقت جي بدر حقيقا،
سج سماءَ معرفت جي اگهئل در الله
رحمت ڪارڻ عالمين ڪامل مڪملا،
حضرت مرشد معنوي رهبر رهنماءَ،
نالو سڳورو جنهنجو آهي محمودا(عليه رحمت)،
هوءَ هستيءَ تنهنجو فيض اتي خلقاءَ.“
 

مترجم، ڪتاب جي مقبوليت لاءِ هن طرح  دعا  ڪري ٿو:

”۽ پڻ ڪر مقبول هن ڪتاب کي اهڙو تون آگا،
جو جيڪو پڙهي تنهن کي منجهان  ارادتا،
ديني دنيوي ڪم تنهنجا ٿين سڀ پورا،
۽ لهي توفيق طاقت جي سريس معرفتا.“
 

ڪتاب جو آخري بيت هي آهي:

” ۽ مرهي هن مسڪين کي ۽  مائٽ سڀ تنهنجا،

۽ پڻ سڀني   مومنن  کي  جي  ڪلمو ڪَهن ٿا.“

        حامد پٽ حسن جو ڪير هو ۽  ڪٿي جو ويٺل هو، ان بابت في الحال ته جيستائين ڪا تحقيق  ٿئي، تيستائين ڪجهه چئي نٿو سگهجي. باقي سندس مرشد، ميان محمود، گهڻو ڪري خليفه  محمود ڪڙئي وارو، جنهن روضه ڌڻيءَ جي ملفوظات گڏ ڪئي آهي، سوئي معلوم ٿئي ٿو، جو نهايت اڪمل عارف، ولي ۽ مرشد ڪامل هو.

        ”قوت العاشقين“ جو خط صاف آهي. فل سڪيپ سائيز تي، اٽڪل ڇهن سَون صفحن ۾  پکڙيل آهي، ڪتاب جي ٻاهرئين ورق تي، ٺلاه واري حاجي پير مٺل شاهه مرحوم، هيٺينءَ عبارت لکي آهي:”از پير مولا شاهه خريد ڪردم قيمت 00  _ 5 مٺل شاهه.“

        پير مولا  شاهه، پير حاجي نصرالله شاهه هلين تعلقه قمبر واري جو وڏو فرزند آهي، سندس ڪتبخانو به چڱو رهيو آهي. سندس والد ته نهايت خدا رسيده ۽ علمي مذاق وارو انسان  هو. پير صاحب جهنڊي وارن سان ڪيترن ئي علمي مسئلن تي اختلاف رکندي، ڪي رسالا به لکيا اٿس جي پير جهنڊي جي علمي لئبريريءَ  ۾ محفوظ آهن. پير حاجي مٺل شاهه، هڪ وڏو حڪيم ۽ عالم هو. تحريڪ خلافت کان وٺي ، قومي ڪمن ۽ علمي ڪارنامن ۾ بهرو وٺندو هو . سندس ڪتبخاني  ۾ ، طبي ڪتابن جي نادر ذخيري  سان گڏ، ٻين علمن جا به گهڻائي ڪتاب  هئا. پير صاحب جي وفات کان پوءِ ، اهو سڄو ڪتبخانو، مولانا محب الله صاحب العلم درگاهه پير جهنڊي وارو، کڻائي آيو آهي. اهي ڪتاب جڏهن ته تازو  پهتل هئا، ۽ اڃا پوري تربيت هيٺ نه آيا هئا، ان ڪري سڀ ڪتاب  ته ڏسي نه سگهيس.”قوتالعاشقين“ منظوم سنڌي به ٺلاه وارن ڪتابن سان گڏ آيل آهي.

        سنڌ ۾ مخطوطات جو جيڪو اٿاهه ذخيرو ٽڙيل پکڙيل آهي، ان کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ته ڏاڍو  ڏکيو آهي. پر رڳو ايترو ٿئي، جو انهن جو مفصل ڪيٽلاگ (فهرست) تيار ٿئي،  _ جنهن مان اهو پتو پوي ته اسان وٽ مشرقي علمن جو ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪتابي ذخيرو موجود آهي _ تڏهن به اها وڏي علمي خدمت چئبي، ۽ ڪنهن به وقت حواله جات ۾ آساني ٿي پوندي. اميد ته سنڌ يونيورسٽي يا سنڌي ادبي بورڊ وارا ، هن ڏس ۾ ڪو جو ڳو قدم کڻي پاڻ موکيندا.

’ذوالفقار‘ راشدي

سنڌي طوطي نامو

(سئو ورهين کان آڳاٽي سنڌي نثر جي پهرين ادبي سوکڙي)

        اُڻويهين صديءَ جي پوئين اڌڙڪ ۽ ويهينءَ صديءَ جي اڳ ڀاڙي ۾، سنڌي ٻوليءَ جي سڄڻن ، ڌارين ٻولين مان ڪئين مذهبي، ڪتاب، قصا ۽ داستان ترجمو ڪيا، جن مان قصا ۽ داستان سڀ کان مکيه آهن. جيئن ته الف ليليٰ ، چار درويش، گُل بڪائولي، داستان امير حمزه، ممتاز دمساز ، گل خندان عرف جانعالم   انجمن  آرا ۽ ٻيا. انهن وڏن قصن ۽ داستانن مان هڪ ننڍڙو قصو ’طوطا ڪهاڻي’  (توتا ڪهاڻي) به آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ ’طوطو  مينا ‘  يا ’طوطي نامه‘ جي نانو سان گهڻو سڃاپرو آهي.

        هن ننڍڙي داستان کي، انڊو پاڪ جي ننڍڙي ’الف ليليٰ‘ چئجي ته اجايو نه ٿيندو،  پر بنهه ٺهي ٿو. ڇاڪاڻ جو هڪ ته هيءُ ڄائو مائو ديسي قصو آهي. ٻيو ته هن جا ’الف ليليٰ ‘  وانگر دنيا جي اٽڪل سڀني مکيه ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن. ’الف ليليٰ ‘  جي شروعات هڪ سپورنجهه وزير زاديءَ شهزاد جي سڃاڻپ سان ٿئي ٿي ۽ ’طوطا ڪهاڻي ‘ (توتا ڪهاڻيءَ) ۾ هڪ گُڻوان طوطي جو ذهن ڪم ڪري ٿو. الف ليليٰ جا قصا پُر پيچ  ۽ هرون ڀرون انگهيل آهن، جيڪي شهرزاد  ٻڌائي  ٿي ۽ بادشاهه کي  زالن جي ڪوس کان اٽڪل سان روڪي ٿي، ’طوطا ڪهاڻيءَ ‘  جون آکاڻيون وري ننڍڙيون آهن، جيڪي طوطا ٻڌائي ٿو ۽ سوداگر جي زال کي پاپ  کان رنڊيندو  اچي ٿو.

        ٻنهي قصن   ’الف ليليٰ ‘ ۽ ’توتا ڪهاڻيءَ ‘  جو رنگ ڍنگ داستاني آهي. ’طوطا ڪهاڻيءَ‘  جا مترجم گهڻو ڪري مسلمان ئي  هئا، ان ڪري قصي کي عربي   عجمي رنگ ۾ رنگي ڇڏيائون، جيئن ’الف ليليٰ ‘ آهي ۽ اهڙي طرح منجهانئس اصلوڪو سنسڪرت واري رَسُ جي ذري گهٽ  بوءِ به نڪري ويئي، تنهن ڪري ’الف ليليٰ‘ ۽ ’طوطا ڪهاڻي‘ پاڻ ۾ گهڻو ٺهڪن ڦهڪن ٿا.

ناول کان اڳ ۽ هاڻي:

        ناول به هڪڙي نموني جو قصو يا داستان ئي آهي، پر اُن ۾ ٽيڪنڪ جو وڏو ۽ هيڪاندو  ڦي   ڦار ٿئي ٿو. ادبي دنيا کي داستان کان ناول تائين پهچڻ ۾ وڏو وقت لڳو. انهيءَ وچ ۾ ڪيترن  ئي مٿير ماڻهن پنهنجي ميڄالي جي مک کپائي  ۽ قلم ڪمايا تڏهن وڃي هن ڪڙيءَ تي پهتا. ۽ اڄوڪي  آکاڻين جي  ادب (Fiction) جون عام جام ۽ دلـ وڻيون صورتون (Forms) انهيءَ پراڻي قصي يا داستان جون  ئي سڌريل شڪليون آهن . اهو قصو يا داستان اسان جي ادب جو  پيڙهائتو  بنياد آهي ۽ ان کي ويچار ۾ آڻڻ کان  سواءِ مشرق جي آڳاٽي ۽ اوچ ڪوڏيءَ جي ادب (Classical Literature ) جي ڳالهه  ٻولهه ڪري  ئي نٿي سگهجي.   

اسان  جي سنڌ ۾  اٽڪل پاءُ  صدي کن اڳ تائين به راتين جو اوطاقن؛ اوتارن يا  گهرن ۾ باهه جي مچ تي، جوان ، ٻڍا، ٻار ۽ زالون  ڪنرو ڪري  ويهندا هئا ۽ پوءِ ڪو  سگهڙ، ڳالهير  يا گهر جو ئي ڪو پريو  پوڙهو قصو کڻندو  هو؛ ’هي سائين منهنجي کي  چوان ، هڪڙو هو بادشاهه . بادشاهه پاڻ اللًھ  آهي پر هو زماني جو بادشاهه هو .... !“ يا’ هي  ادا کي چوان، هڪڙو هو سوداگر ... !“ چلهي ۾ الا  ۽ الانڀا جرڪندا  ۽ ٻاٻرا يا ڪانڊا ٽانڊا ٽڙڪندا رهندا هئا .  رات ڍلندي ويندي هئي ۽ سڀ ئي سانت سان يا ڪڏهن  ڪڏهن ’جيءُ توکي ! ‘  جي ٻاجهاري ۽ سريلي  هونگ ڏيندا،  قصو  ٻڌندا رهندا هئا . سياري جون ورهيه  جيڏيون  راتيون  ائين  اک ــ  ڇنڀ ۾  گذري وينديون  هيون ، جو گهڙين  جي ائين  جهٽ پلڪ ۾ گذرڻ  ۽ اڏرڻ تي ڄڻڪ ويساهه  ئي ڪين ايندو  هو ۽  مٿان  ڪڪڙ وڃي  اسر جو  دس هڻندا هئا ته  سڀني  کان  ڄڻڪ  ڇرڪ نڪري  ويندو  هو . سڀئي باقي قصي  کي سڀاڻي  رات لاءِ ، ’    جيڪي جيئرا ‘  چئي  وڃي هنڌ ۾  ليٽندا هئا ، تان ته هنڌ گرم ٿيڻ تائين ، قصي جا اچرج جهڙا  نٽ ۽  نٽڻيون، سورما ۽ سورميون پيا  ذهن جي  پردي تي نچيدا ڪڏندا هئا .  

مون  کي اڄ به جڏهن  ڪو قصو کڻي  ٻڌائيندو  آهي ته  کين آڏو ، گهَڙي جي وَڄتَ تي ’بانڪي شاهه بهرام‘  يا ’دودي چنيسر‘ جي ڳالهه کڻندڙ ڳالهيرن جا مهانڊا ڦري ايندا آهن ۽  پنبڻيون پنهنجي ليکي ڳوڙهن سان ڀڄي پونديون اٿم. اڄ نه اهي ڳالهه کڻندڙ رهيا ۽ نه ٻڌُندڙ، پر جن اُهي مزا ڏٺا ۽ ٻُڌا، تن کان وسري ئي نه  وسرن: ’ڀلا جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا ڪيئن رهن هينئڙا ويچارا‘! سو ڳالهه پئي ڪَيم ته جڏهن ناول ڪو نه هو؛ تڏهن واندڪائُين  جي وندر رڳو قصا ۽ داستان ئي هئا ۽ اڄ به جڏهن انهن کي کولي پڙهجي، ٿو ته انساني سوچ جي هن رنگا رنگ ۽ اچرجي  طلسم کي ڏسي، بي اختياريءَ ۾ واتان ’واهه واهه’ نڪريو وڃي.

        هونءَ ته اسان جي ڏيهه ۾ به ڳالهين کڻڻ وارن کي ڪيئي قصا ۽ داستان ياد هئا، پر لکيل صورت ۾ جيڪي داستان سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن، سي گهڻو ڪري اردوءَ يا فارسيءَ تان  ترجمو ٿي اسان وٽ پهتا جيئن ته مون کي هتي رڳو ’طوطي نامه‘، ’طوطو مينا‘ يا ’طوطا ڪهاڻي‘ (توتا ڪهاڻي) جي قصي لاءِ ئي ڪجهه چَوڻو آهي، ان ڪري باقي داستانن لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهان.

        ’طوطي نامه‘ يا ’توتا ڪهاڻيءَ ‘ جو پيڙهي بنياد.  هيءُ قصو اصلئون سنسڪرت جي سوکڙي آهي، جو پوءِ اَڻڳڻت ٻولين ۾ ترجمو ٿي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهتو. سنسڪرت مان، مسلمانن جي هٿان هيءُ فارسيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ اڙدو  ۽ ٻين ديسي ٻولين ۾ سڃاپرو ٿيو. سنسڪرت ۾ هن جو اصلوڪو نانءُ  ’شڪ سپ تتي‘ يا ’شوڪا سب تتي‘  آهي، ۽ جنهن جي معنيٰ آهي ’طوطي جون ٻُڌايل ستر آکاڻيون‘ ۽ لکندڙ اٿس چنتامني ڀٽ. هن ليکڪ، ’پنج تنتر‘  ۽ سنسڪرت ٻوليءَ  جي ٻين ڪتابن مان زالن جي نر لڄائيءَ جون ڪجهه ڪهاڻيون گڏ ڪري ۽ انهن کي طوطي جي واتان  چوائي، هيءُ ڪتاب جوڙيو. ٻيو هڪ اهڙو ئي ڪتاب سرتيامبر جين جوڙيو ، جيڪو ڪنهن پراڻي پراڪرت يا سنسڪرت ڪويتا کي آڏو رکي جوڙيو ويو هو. اِهي ٻئي ڪتاب گهڻو آڳاٽا آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته اُهي سمبت سن  1200  بڪرميءَ کان پهرين لکيا ويا هئا. ’شوڪا سب تتي‘ جي قصي جو تت هيءُ آهي:

        ”ڪنهن شهر ۾، هردت نالي هڪڙو وڏو سکر ماڻهو رهندو هو. اُن جي پٽ مدن سين جو وهانءُ هڪ سدا سهڻي جوانڙيءَ پر ڀاوتيءَ سان ٿيو. ٻئي گهوٽ ڪنوار ڏاڍي مزي ۾ گذارڻ لڳا. هڪ ڏينهن مدن سين بازار مان هڪڙو طوطو ۽ هڪ مينا ڳنهي آيو، جيڪي ٻئي بنهه ماڻهوءَ وانگر، بنا هٻڪ ڳالهائيندا هئا. مدن سين هرهڪ ڳالهه ۾ ساڻن ڳَڻ   پَهه ڪندو هو ۽ ٻنهي کي پنهنجو ڳُجهه ف  ڀائي ۽ سڄڻ ف  سياڻو سمجهندو هو.

        ”ڪن ڏينهن پڄاڻان، ڪنهن ڪم سانگي، مدن سين پرڏيهه اُسهيو ۽ موڪلاڻيءَ مهل زال کي پارت ڪيائين ته ٻنهي پکين جي پڇا ڳاڇا کان سواءِ ڪو به ڪم نه ڪج ۽ انهن جي سڀڪا  پارت هجي ئي، کين ڏکيو نه ڪجانءِ. مدن سين جي پرڏيهه وڃڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن انهيءَ شهر جي راجا وزير جو پٽ سندن جاءِ کان اچي لانگهائو ٿيو، پرڀاوتي، جا اُن ويل مٿي ڪوٺي تي بيٺي هئي، تنهن تي اڪن ڇڪن ٿي پيو ۽ گهر ويندي سَٽ ئي، ڪنهن ڌوتيءَ هٿان، پرڀاوتيءَ کي نينهن جي نينڍ مُڪائين. ڌُوتي آڏيون ڏيکاري، پرڀاوتيءَ کي هڪڙي پرائي مُڙسالوءَ سان پيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ورتو ۽ سانجهيءَ ٽاڻي ٺٺ ٺانگر ۽ هارسينگار  ڪري جڏهن پنهنجي پريتم ڏانهن وڃڻ واري ٿي، تڏهن پنهنجي ريت پٽاندر هن ڳالهه لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ مينا سان ڳَڻ  ضروري سمجهائين:

”’منهنجي مٺڙي مينا، تون به زال آهين ۽ مان به.  تون منهنجي ڏک کي سمجهي سگهندينءَ. مان هيڪلي ڄڻي ويهي ڏاڍي اچي مونجهي ۽ موڳي ٿي آهيان. جوڀن جي اُڌمن کي ڪيڏانهن ڪريان ۽ ڪٿي سانڍيان. هن شهر جي وزير جي پٽ مون کي پريت جو سنيهو چوائي موڪليو آهي. جيڪو پاڻ به وسن جهڙو ڳڀرو جوانڙو آهي. ڏاڍيون ميڙيون منٿون چوايون اٿس. جيڪر تون دل ٻَڌائينم ته گهڙي کَن لاءِ هُن  وٽان گهُمرو ڪري اچان!‘

مينا اِها ڳالهه ٻُڌندي ئي ڏمرجي ويئي ۽ وٺي دانهن ڪيائين.

”هئه پئه، ڌَياڻي، ههڙو ڪلور ڪيئن ٿي ڪرين!‘

        پنهنجي لڄ پت ۽ تنهنجي ڀتار جو مانُ وڃائيندينءَ، ساري گهراڻي ۾ ڪارنهن جو ٽِڪو لڳي ويندءِ، اوڙو پاڙو ڇا چوندو، پنهنجا پروا الائجي ڇا مان ڇا بڪندا، جيڏين سرتين ۾  ڪنڌ کڻي نه سگهندينءَ، اشراف زالون اهڙو ويچار به من ۾ نه آڻينديون آهن ۽ اهڙيءَ  سَڌَ کي ئي کَڏ  هڻنديون آهن. هيءُ ويٺي ويٺي  توکي ڪهڙا ڏينهن لڳا! ڇا ٿي ويئه؟ ڇو پنهنجي پاڻ ويرياڻي ٿي آهين! پر ميشور  کان پنهنجي ڏوهه جي معافي گهُر ۽ ماٺڙي ڪري گهر  ۾ ويهي رهه. ! پرڀاوتيءَ تي ڪام ديو جو ڀوت سوار  هو، تنهن کي اهڙي ته مٺيان لڳي جو ڪڍندي ئي مينا کي پڃري مان، ڳاٽو مروٽي کڻي پٽ تي سٽيائين. مينا جو  کنڌو کڻي، پرڀاوتيءَ طوطي تي تارا ڦِرڙايا. پر چتون سياڻو هو ۽ مينا جو موت پنهنجي اکين سان ڏٺائين،  تنهن ڀانيو ته هاڻي منهنجو وارو آهي. سو جيڪڏهن سياڻپ سان بچي ويس ته نئون ڄايُس. ايتري ۾ پرڀاوتيءَ به نرڙ ۾ سونڊ پائي پڇيس:

        ڏٺئه! مينا پنهنجي ڪني وات جي لوڙهه لوڙهي. هاڻي تون ٻڌاءِ، ڇا ٿو چوين ؟‘

مٺو چوڻ لڳو:

        ”منهنجي ڌياڻي، مينا چرٻٽ هئي. اجايو پنهنجو سر وڃايائين. جڏهن دل ۾ جوڀن جون امنگون اٿن ته ڇو نه اندر جا اوٻر ڪڍجن. هونءَ به گهڙيءَ پهر جي کلڻ ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي. تون ڪو به ڀَئُه   ڀولو نه ڪر ۽ بي ڊپي وڃي وزير جي پٽ سان روح ريجهه ڪر. پر مون کي کٽڪو ٿي پيو آهي ته تنهنجي ڪانڌ کي گهران نڪتي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن. سو جيڪڏهن هيڏانهن تون وڃين ۽ هوڏانهن هو اچي نڪري، ته پوءِ مان توکي انهيءَ ٻانهيءَ وانگر سياڻپ سان بچائيندس، جنهن جي سائڻ هڪڙي سوناري جي سڪ ۾ لاچار ٿي ان وٽ قرب ونڊڻ ويئي هئي ته پٺيان سندس گهر   ڌڻي اچي نڪتو هو‘

        پرڀاوتيءَ وڏي چاهه مان پڇيس:

        ’منهنجا پيارا مٺو، اُ ها ڳالهه ڪيئن آهي؟‘

        ”طوطي وڏو رنگ ڏيئي، ڏاڍي ڍنگ ۽ ڍار سان اُها ڳالهه کنئين، تان ته وڃي رات کُٽي ۽ مٿان اچي اڇو ڏينهن ٿيو ۽ پرڀاوتي پنهنجي پريتم وٽ وڃي نه سگهي.

        ”ائين ئي ڏهاڙي رات جو نئين ڳالهه ٻڌائي، چتون ڏينهن ڪري ڇڏيندو هو ۽ پرڀاوتي اندر جي آس کي سانڍي، وري ايندڙ رات جو اوسيئڙو ڪڍندي هئي. اهڙيءَ ريت ، ستر راتين تائين هي سياڻو پکي، پنهنجي ڌڻيءَ جي لڄ ۽ پنهنجو سر بچائيندو رهيو. هر رات ، چتونءَ جي چترائيءَ ۽ سياڻپ سبب، پرڀاوتي دل جون مُڪون دل ۾ هڻي ويهي رهندي هئي. نيٺ ٿورن گهڻن ڏينهن پڄاڻان مدن سين موٽي پنهنجي وٿاڻن تي پهتو. مڙس کي اکين آڏو ڏسي، پرڀاوتيءَ پاڻ سنڀاليو ۽ هوش هنڌ تي آيس. ڏاڍي لڄ ۽ ميڙمنت سان مڙس کي سموري ڳالهه ٻڌائي معافي طلبيائين. مڙس دليئون جانيئون سندس ساري خطا بخشي ۽ ٻئي وري سکيا سَرها ڏينهن گذارڻ لڳا.

        ”ڪجهه ڏينهن پڄاڻان، طوطي مدن سين کي ٻڌايو ته مان اصل ۾ طوطو ناهيان پر گنڌرب آهيان ، ۽ مينا جيڪا مري چڪي آهي سا به گنڌرو هئي. اسان ٻنهي کان ڪنهن رَشيءَ جي درٻار ۾ ڪا ڀُل ٿي  هئي ۽ ان پاراتو ڏيئي، اسان کي پنجن سالن لاءِ  طوطو مينا بڻائي ڇڏيو هو. هينئر اسان جي ڀُلڪار جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن، سو هاڻي ڀلائي ڪري مون کي پڃري مان ڪڍو ته جيئن مان اصلوڪي روپ ۾ اچي گنڌرب ٿي سگهان ۽ پاڻ مئل مينا  کي جيئاري پاڻ سان گڏ وٺي وڃان. طوطي جا اهڙا ٻول ٻڌي مدن سين ڏاڍو ملول ٿيو، پر کيس ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو چارو ئي ڪين هيس. ڏاڍي ڏک مان هن پياري جيءَ جياري پکيءَ کان موڪلايائين. طوطي پڃري مان نڪري، ڌرتي کوٽي، پوريل مينا جو ڀانڊو چنبن ۾ کڻي، اُڏري وڃي هڪڙي پهاڙ تي ويٺو، جتي ڪنهن منتر سان مينا کي جياريائين ۽ پاڻ به روپ مٽائي گنڌرب ٿيو. پوءِ ٻئي ڄڻا  گنڌرب ۽ گنڌرو  اُڀ ۾  اڏاڻا هليا ويا، جتي راجا اندر جي آکاڙي جون اپسرائون هنن جي آڌر ڀاءُ لاءِ بيٺيون هيون.“

        ’شو ڪاسب تتيءَ‘ جون آکاڻيون، سنسڪرت جي پراڻن ڪتابن   پنج تنتر،  هتوپ ديش ۽ بيتال پچيسيءَ   جي ڪهاڻين تان ورتل آهن. هن چونڊي(’شوڪاسب تتي‘) جو ترجمو، پهريائين مسلمانن جي صاحبيءَ ۾ مغلن کان ٿيو هو، پر ترجمي ڪندڙ جي نانوَ ۽ ترجمي جي سال جو پتو نٿو پوي.

        مولانا  ضياءَ الدين نخشبي ، جيڪو سلطان محمد تغلق جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو آهي، تنهن ’شوڪا سب تتي‘ جي پهرئين فارسي ترجمي کي آڏو رکي، ان کي نئين بيهڪ ۽ جوڙجڪ ڏني

مولانا جي ترجمي کان اڳ وارو ترجمو مُنجهيل هو. اڳوڻي ترجمي ۾ ستر ڪهاڻيون هيون ۽ سنسڪرت جي لفظن جي فارسي عبارت ۾ گهڻي ملاوت هئي. مولانا پنهنجي ترجمي جي ٻولي صاف ۽ نج رکي. ازانسواءِ جيڪي گهڻو  اُگهاڙيون آکاڻيون هيون، انهن جي جاءِ تي پاڻئون ڪهاڻيون جوڙي، ڪتاب ۾  وڌائين. اهڙيءَ ريت ڪتاب جي اصلوڪي صورت ۾ گهڻو ڦيرو اچي ويو. فارسي ترجمي ۾ قصي اندر ٽي مکيه ڦير ٿار ٿيا: هڪ ته هندڪن نالن جي جاءِ تي مسلمان ڪا نانُ اچي ويا، جهڙو ته هيرو جي پيءُ جو نانءُ، هردت مان مبارڪ، هيرو مدن سين مان ميمون ۽ هيروئن پرڀاوتيءَ مان خجسته. ٻيو ته اصلوڪي قصي جي پڇاڙيءَ ۾ مدن سين پنهنجي زال جي بدي بخشي ٿو ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا کل خوشيءَ جي حياتي گڏجي گذارڻ لڳن ٿا، پر فارسي قصي ۾ ميمون پنهنجي جوءِ کي ماري وڌو ۽ پاڻ دنيا جو سُک آرام تياڳي وڃي اڪيلائيءَ ۾ ويٺو. ٽيون ته سنسڪرت واري قصي ۾ ستر آکاڻيون هيون، جيڪي ضياءُ الدين صاحب جي ترجمي ۾ وڃي ٻاونجاهه تي بيٺيون. نه رڳو آکاڻين جي ڳاڻاٽي ۾ کوٽ آئي، پر آکاڻين جي مضمون ۾ پڻ گهٽ وڌائي ۽ ڦير گهير گهڻي ٿي ويئي.

        شهنشاهه اڪبر جي ڏينهن ۾، سندس حڪم پٽاندر ، ابوالفضل ، نخشبيءَ جي ’طوطي نامه‘ جي فارسيءَ کي وڌيڪ سليس ۽ صاف بڻايو. ڪهاڻيون ته اُهي ئي نخشبيءَ واريون ٻاونجاهه نامعلوم ماڻهوءَ ، ابو الفضل واري ’طوطي نامه‘ جو پراڻي اڙدوءَ يا  دکني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. پر اهو اڻپورو رهيو ۽ رڳو ٽيهن آکاڻين جو ترجمو هو.

        نخشبيءَ جي ’طوطي نامه’   جا پڻ پراڻي دکني اڙدوءَ ۾ ترجما ٿيا، پر اُهي ٻئي شعر ۾ هئا. ترجمي ڪندڙن جا نانوَ غواصي ۽ ابن نشاطي آهن. انهيءَ کان پوءِ سيّد محمّد قادريءَ مولانا  نخشبيءَ جي  ’طوطي نامه ‘  جو فارسيءَ ۾ ئي تت ڪيو، جنهن ۾  ٻاونجاهه ڪهاڻين مان رڳو پنجٽيهه آکاڻيون وڃي رهيون ۽ انهيءَ  اختصار جو به پراڻي دکني اڙدوءَ ۾ ترجمو ٿيو. سيّد محمّد  قادريءَ  واري ’طوطي نامه‘ جو نئينءَ سڌريل اڙدوءَ ۾ ترجمو ، سال 1801ع ۾، ڪلڪتي جي فورٽ وليم ڪاليج واري جان گلڪرائسٽ جي چوڻ تي، ’توتا ڪهاڻي‘ جي نانوَ  سان سيّد حيدر بخش حيدريءَ ڪيو. اهو ڪتاب فورٽ وليم ڪاليج جي نصاب ۾   رکيو ويو. اهڙيءَ ريت  سيّد محمد قادريءَ جي ’طوطي نامه‘ جو هي پهريون سڌريل اڙدو ترجمو هو. قادريءَ جو ’طوطي نامه‘ ، نخشبيءَ جي ’طوطي نامه‘  جو تت هو. نخشبيءَ جو  ’طوطي نامه‘. اصلوڪي  سنسڪرت واري ڪتاب ۾ گمنام فارسي ترجمي کي آڏو رکي ۽ ڪي پاڻان  گهڙيل آکاڻيون وجهي تيار ڪيو ويو هو. اصلوڪي سنسڪرت واري ڪتاب جو نانءُ  ’شوڪا سب تتي‘   هو، جنهن جون ڪهاڻيون چنتامني ڀٽ، سنسڪرت جي ٻين ڪتابن پنج تنتر، هتوپ ديش ۽ بيتال پچپسيءَ تان چونڊيون هيون. ’توتا ڪهاڻيءُ جا دنيا جي گهڻو ڪري سڀني مکيه ۽ مشهور ٻولينرومي، فرينچ، انگريزي، يوناني، جرمني ۽ اطالويٻولين کان سواءِترڪي، فارسي، مرهٽي، هندي، گجراتي، دکني، بنگالي ۽ سنڌيٻولين ۾ ترجما  ٿيا  ۽ هر هنڌ ڏاڍا وڻيا.

        سنڌي ترجمو، سنڌي نثر ۾ پهريون ادبي ڪتاب. ’طوطي نامه‘ جي ٻين ترجمن کي ڇڏي، اسان کي هتي رڳو سنڌي ترجمي جي ڳالهه ڪرڻي آهي. هي ترجمو سال 1862ع ۾  ڇپيو ۽ ’سنڌي طوطي نامه‘ جي نانوَ سان هيءُ ڪتاب منشي هاسا رام هيرانند جي ڇاپخاني وديا ونود (ڪراچيءَ)  ۾ ڇپيو. هي اهو زمانو هو، جڏهن نئين سنڌي نثر جو ابهمڙو اڃا ٻنڌڻن  مان مس نڪتو هو. رسم الخط جي مونجهاري کي منهن ڏيڻ  لاءِ سر بارٽل فريئر جيڪا ڪاميٽي ٺاهي، تنهن جي ٻن يورپي ماهرن جا رايا هڪٻئي کان جدا هئا. تنهنڪري، ”1853ع تائين سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب به ڇپجي نه سگهيو.“ نيٺ 1853ع ۾، ڪمشنر بارٽل فريئر جي سفارش سان، عربي_سنڌي لپيءَ کي آزمائشي طرح اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انهيءَ  لپيءَ ۾ جيڪي پهرين ڪتاب ڇپيا هئا، تن جي لسٽ هي آهي، جيڪا جناب سيد حسام الدين راشدي صاحب ڄاڻي ٿو:

        ”... سرڪاري ڪوششن کان سواءِ، غير سرڪاري طرح به تصنيف ۽ تاليف جو شوق پيدا ٿي ويو ۽ انهن ۾ ڪيترائي ڪتاب غير سرڪاري ليکڪن لکيا.

(1)  1853ع ۾ غلام حسين محمد قاسم قريشي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ لکي.

(2) 1855ع ۾ سيد ميران محمد شاهه (اول) ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ لکي.

(3) 1857ع ۾ ديوان ننديرام، ٻارن لاءِ ”سنڌي بابنامو“ لکيو.

(4) 1861ع ۾ سيد ميران محمد شاهه(اول) ”مفيد الصبيان“ جو ترجمو ڪيو.

(هي سڀ ڪتاب فارسي ۽ هنديءَ تان ترجمو ڪيا ويا.)

(5)  1861ع ۾ ديوان ننديرام ”تاريخ معصوميءَ“ جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

(6) 1863ع ۾ راءِ بهادر ڪوڙي مل، ”ڪولمبس جي تاريخ“ جو ترجمو ڪيو. انهيءَ کان هڪدم پوءِ راشدي صاحب، 1870ع ۾ نولراءِ جي ”ايسپ جي آکاڻين“ جي ڪيل ترجمي جو ذڪر ڪيو  آهي.

        سال 1862ع کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن تي مون کي هتي ڪجهه به چوڻو نه آهي.  ڏُک رڳو اهو پيو ٿئيم، ته 1862ع ۾ منشي اُڌارام ٿانورداس جي ڇپايل ”سنڌي طوطي نامه“ جو ته رڳو راشدي صاحب پر ٻين صاحبن به، سنڌي نثر جي يا سنڌي ادب جي تاريخ لکندي  نانءُ ئي نه کنيو آهي. جيڪڏهن ڪٿي نانءُ اچي ويو آهي ته ان کي خاص اهميت نه ڏني ويئي آهي. اها هڪ وڏي ادبي ڀُل آهي، جيڪا هڪ سنڌي سڄڻ جي پورهئي کي گمنام رکيو پيئي اچي.

تازو خواجا غلام علي الانا صاحب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ لکي آهي. سندس پورهيو گهڻيءَ ساراهه جي لائق چئبو، پر انهيءَ صاحب به هيئن چئي وڏي زورآوري ڪئي آهي ته ”هن دۇر جو سڀ کان پهريون ترجمو ٿيل دلچسپ ڪتاب ”ايسپ جون آکاڻيون“ هو، جو  ديوان ننديرام  1854ع ۾ لکي تيار ڪيو.“ ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪتاب ديوان ننديرام 1854ع ۾ لکيو هجي، مگر سيد حسام الدين راشدي صاحب جي لکئيي موجب اهو ڪتاب (”ايسپ جون آکاڻيون“) 1870ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان ڪري کيس سنڌي نثر جي آڳاٽي دۇر جو پهريون دلچسپ ڪتاب چئي نٿو سگهجي، ڇو ته هن کان اڳ ”طوطي نامه“ جهڙي جڳ_مشهور ۽ وندرائيندڙ ڪتاب جو ترجمو 1862ع ۾ ڇپجي چڪو هو.


(1)  يورپ جي آڳاٽن ۽ پراڻن ادبي ڪتابن، جهڙوڪ DECOMERON ۽ CONTERSURY TALES جو رنگ ڍنگ به داستاني نموني جو آهي ۽ يورپ کي رچرڊسن ۽ فيلڊنگ جي دور تائين پهچڻ ۾ زمانو لڳي ويو.

(1)  سنڌيءَ ۾ ترجمن ذريعي داستان نگاريءَ جو مُنڍ، منشي اُڌارام ٿانور داس وڌو ۽ اوج تي احمد خان تڳئي خان جلباڻيءَ پهچايس ۽ ٻين به پاڻ ملهايو.   ذوالفقار راشدي

(1)  مولانا ضياء الدين نخشبي وڏو عالم، ڪيترن ڪتابن جو لکندڙ ۽ ترجمو ڪندڙ آهي. عربي، فارسي ۽ سريانيءَ کان سواءِ سنسڪرت جي پڻ ڄاڻ هُيس. برصغير جي فارسي ادب ۾ سندس ’طوطي نامه‘ چڱي اهميت رکي ٿو. ’غياث اللغات‘ واري به، مولانا نخشبيءَ جي ’طوطي نامه‘ جو نانءُ کنيو آهي.

”غياث اللغات“ صفحه 2

مطبوعه : مطبع رزاقي ڪانپور. سن 1323 هه

(1)  انهن ڏينهن ۾ ’طوطي نامه’ ڪيئي ترجما جي دکني ٻوليءَ ۾ ٿيا، پر افسوس جو ترجمو ڪندڙن جي نالن جو پتو نه آهي: هڪ ابو افلضل جي ’طوطي نامه‘ جو ترجمو  هن جو هڪ نسخو برٽش ميوزم ۾ آهي، ٻيو سيد محمد قادريءَ جي ’طوطي نامه‘ جو ترجمو- ڪنهن گمنام ماڻهوءَ سن 1146 هه ۾ ڪيو. هن جو هڪ  نسخو عثمانيه يونيورسٽيءَ جي ڪتبخانه ۾ آهي.

ٽيون سيد محمد قادريءَ جي ’طوطي نامه‘ جو ٻيو ترجمو. نه مترجم جو نانءُ   معلوم   آهي ۽   نڪي ترجمي جي سال جو پتو  پوي ٿو، پر ڪتابت سن 1208 هه جي آهي، ان ڪري ڀانئجي ٿو ته ان کان  اڳ ۾ ترجمو ٿيو هوندو. هن جي هڪ ڪاپي ’اداره ادبيات اردوءَ‘ ۾ موجود آهي.

بحواله ’دکن  مين اردو‘ صفحو 391،  392 ۽ 393 .

(2)  ٻيو  شاعر  غواصي آهي، سلطان محمد قطب شاهه جي ڏينهن ۾ سندس شاعري چمڪي. سلطان عبدالله قطب شاهه جي وقت ۾ درٻار  شاهيءَ  ۾ عزت ۽ درجو مليس شاهي سفير بڻجي بيجاپور ويو هو.  هن جون   ٻه شيون مشهور  آهن:  هڪڙي ’سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال‘ ، ٻي ’طوطي نامه‘ ... سندس ترجمو ڪيل ’طوطي نامه‘نخشبيءَ  جي ’طوطي نامه‘ جو ترجمو هو، ڪلام ۾ هندي گهڻي ڪم آندي اٿس... هن جي مٿين ٻنهي مثنوين ۾ خاص خوبي، دلڪشي ۽ قادر الڪلامي  آهي، ’انجمن ترقي اردوءَ ۽ آقا حيدر حسن پروفيسر ’اردو نظام  ڪاليج‘ وٽ غواميءَ جو منظوم ’طوطي نامه‘ جا نسخا  موجو د آهن. (’دکن مين اردو‘ صفحو   77 _  78)

            وڌيڪ  تفصيل لاءِ پڙهو ’دکن مين اردو‘  جي لکندڙ  نصيرالدين هاشميءَ جو ٻيو ڪتاب ’يورپ مين دکني مخطوطات‘  صفحو 38 کان 74 تائين.

            انهن ئي ڏينهن ۾ دکني شاعرن منجهه ابن نشاطيءَ جو نانءُ به گهڻو پڌرو آهي، هي گولڪنڊي جو رهاڪو ۽ سلطان فلي قطب شاهه جو درٻاري شاعر هو. سندس حياتيءَ جو پورو احوال اَڻلڀ آهي.

            (’تاريخ ادب اردو‘ صفحو 100 (از   ڊاڪٽر رام بابو سڪينا)

(1)  حيدري صاحب دهليءَ جو رهاڪو هو. نواب علي ابراهيم خان ’خليل‘ جي صحبت ۽ تربيت ۾ رهيو، ديني تعليم مولوي غلام حسين غازيپوريءَ کان ورتائين سن 1214هه  ۾ لکيل ڪتاب ”قصه مهرو ماهه“ پنهنجي لياقت جي پرک لاءِ جان گلڪرائسٽ صاحب وٽ پيش ڪيائين. ڊاڪٽر موصوف اهو ڪتاب، حيدري صاحب کي ”فورٽ وليم ڪاليج“ ڪلڪتي ۾ نوڪري ڏني،  پسند ڪري، حيدري  صاحب ڪيئي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا  آهن، پر انهن سڀني ۾ مقبول ۽ مشهور  ’طوطي نامه‘ جو  اردو ترجمو ”توتا ڪهاڻي“ اٿس.

(”تاريخ ادب اردو“  صفح 646، 647 ۽ 648)

(1)  ”سنڌي صورتخطي“ صفحو 18، از خواجا غلام علي الانا.

(1)  ”سنڌي ادب“ (اردو) صفحه 84-85 از: سيد حسام الدين راشدي

(1)  ”سنڌي نثر جي تاريخ“ صفحو 9

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com