سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2024ع

باب:

صفحو:7 

مير عبدالرسول ”مير

 

 

 

سنڌي ڪافيءَ جو سيبتو شاعر

عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي

 

مير عبدالرسول مير صاحب سنڌي ڪافيءَ جو معتبر شاعر هو. هن عاليشان ڪافيون لکيون ۽ پوءِ سنڌ جي مشهور فنڪارن سندس ڪافيون ڳايون. بعد ۾ مير صاحب کي سنڌي ڪافي جي تاريخ ۽ فن تي لکڻ جو شوق جاڳيو، ان موضوع تي حوالي طور وٽن قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي تصنيف ’ڪافي‘ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا لوڪ ادب وارا ڪافي متعلق ٽي جلد، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ’جوتيون جواهرن جيون‘ ۽ 1984ع ۾ ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ منهنجو شايع ٿيل مضمون ’سنڌي ڪافي- تحقيقي جائزو‘ ۽ ڪجهه ٻيا حوالا موجود هئا. وٽن ذاتي سهيڙ ڪافين جي پڻ موجود هئي.

منهنجي مضمون جي مطالع بعد پاڻ محترم نفيس احمد شيخ صاحب کان منهنجو تعارف ۽ ائڊريس هٿ ڪري مون سان فون تي رابطو ڪيائون ۽ خانصاحب عبدالڪريم صاحب (1940-1931ع) جو ڪلام (ٻه ڪتاب) ۽ سوانح متعلق مضمون حاصل ڪيائون. ان کان پوءِ ٽماهي ’تخيل‘ ۾ پاڻ سنڌي ڪافي ۽ ڪافي گو شاعرن متعلق قسطوار احوال لکيائون. انهن تفصيلي سلسلي ۾ مير صاحب عبدالڪريم پلي صاحب متعلق هيءُ مضمون لکيائون.

اسان جون ٽيليفون تي تفصيلي ڪچهريون ٿينديون رهيون، پاڻ عبدالڪريم پلي صاحب سان ملاقات نه ٿيڻ جي حسرت جو اظهار ڪيائون. پوءِ پروگرام ٺاهي ڳوٺ اچي وفا صاحب سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ چيائون پر اهو پروگرام به نه ٿي سگهيو. اهڙيءَ طرح مير صاحب سان اسان ٽنهي مان ڪنهن جي ملاقات نه ٿي سگهي.

الله پاڪ جا شان آهن جو هڪ دفعي پروگرام ٺاهي آءٌ نوابشاهه ويس ته اتفاق سان پاڻ هڪ رات پهرين ڪنهن لازمي ڪم سان ڳوٺ هليا ويا، روح جي رڳن کي ويجهو وسندڙ هيءُ شخص جنهن سان ملاقات ته نه ٿي سگهي پر لڳي ٿو ته ساڻن روز ملاقات هجي. پاڻ ’تخيل‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبر هئا ۽ آءٌ محترم سڪندر ملاح جي دعوت باوجود پنهنجي ذاتي مصروفيتن سبب هن سٿ ۾ شامل ٿي نه سگهيس. حالانڪ ’تخيل‘ جي پهرين پرچي کان وٺي آءٌ هن رسالي جي ليکڪن جي ساٿ ۾ شامل رهيس. مير صاحب جي سنڌي ڪافي ۽ ڪافي گو شاعرن تي لکيل تفصيلي قسطن مان هن مضمون جي مختصر حصي ذريعي اڄ اسين مير صاحب کي ياد ڪريون ٿا، جيڪو پاڻ ’تخيل‘ (شمارو 9) جنوري- مارچ 2018ع ۾ اشاعت کان پهرين مون کي سڄو فون تي ٻڌايائون، تصديق ڪيائون ته هن ۾ ڪا ڪمي ڪوتاهي ته ڪونهي، حالانڪ منهنجي اها ادبي حيثيت بلڪل نه هئي، پر خود مير صاحب جي وڏائي هئي، ڌڻي در دعا آهي ته رب پاڪ کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري آمين. (اسد جمال پلي)

خانصاحب عبدالڪريم پلي، بنيادي طور شاعراڻي ادب جي قديم صنف ’ڪافيءَ‘ جو قداور شاعر هو. ’وائيءَ‘ ۽ ’غزل‘ جي حوالي سان به سندس مٿاهون مقام آهي. منقبت، بيت، قطعي، نظم، حمد، نعت، گيت ۽ ماهيا به لکيا اٿائين. سندس ڪافيون، قديم ۽ جديد رنگ جو حسين سنگم آهن. ”ڪريم“ پليءَ جي ڪافين جو مُک موضوع ’فراق‘ آهي، جنهن ۾ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جا استعارا، تشبيهون، تمثيلون، محاورا ۽ اصطلاح استعمال ڪيا اٿس. انڊلٺي روپ رکندڙ سندس ڪافين ۾ اهڙي ته رواني آهي، جيڪا مست مهراڻ ۾ اُٿل واري وقت ڏسڻ ۾ ايندي آهي. 1970ع جي ڏهاڪي ۾، آءٌ جڏهن سندس ڪافيون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٻڌندو هئس، ته سوچيندو هئس ته ’ڪافي گو شاعر‘ ته آءٌ به آهيان، پر پنهنجي اندر جي آنڌمانڌ ۽ جيءَ جهوريءَ کي خود آءٌ ئي ان انداز، اسلوب، سچائيءَ، صفائيءَ ۽ روانيءَ سان بيان ڪري نه سگهيو آهيان! هي (ڪريم پلي) ڪيئن منهنجي اندر کي اُکيڙي، اُڊيڙي ۽ جيءَ ۾ جهاتي پائي، منهنجي دردن جي داستانن کي ايڏي آسانيءَ روانيءَ، مهارت ۽ ڀرپور انداز سان پيش ڪري رهيو آهي...!

دراصل، اها ئي شاعري آهي، جيڪا ”ڪريم“ پليءَ ڪئي ۽ اها ئي ’ڪافي‘ آهي، جيڪا ”ڪريم“ پليءَ چئي!

شاعري آهي ئي اُها، جنهن جو تخليقڪار  ته ’هڪڙو‘ ئي هوندو آهي، پر ان سان سلهاڙيل ’سڀيئي‘ هوندا آهن! اهو شاعريءَ جو ڳڻ/سڳڻ ’ڪافي گو شاعر‘ جي ڪاميابيءَ جو وڏو ڪارڻ هوندو آهي، ته هُو ٻڌندڙ کي پاڻ سان نه رڳو شامل ڪري، پر سوگهو به ڪري! هونئن ته سموري شاعري، ڪنهن به شاعر جي اندر جو اولڙو ۽ عڪس هوندي آهي، پر خوشبوءَ جهڙو نازڪ نفيس تاثر رکندڙ، روشنيءَ جهڙو وجود رکندڙ ۽ سادگيءَ جهڙي سونهن رکندڙ پاڪ پوتر، سُهڻي مَنَ موهڻي ’ڪافي‘ اهڙي ته شاعراڻي صنف آهي، جنهن ۾ شاعر سراپا موجود هوندو آهي. ”ڪريم“ پليءَ جي ڪافين ۾ اسان کي هڪ حقيقت پسند انسان، صوفي درويش، صابر شاڪر، ماٺيڻو ماڻهو، سخي مرد مومن ۽ پُرڪشش شخص نظر ايندو هو. سندس ’لاڏاڻي‘ کان پوءِ، هن جي باري ۾، ڪيتريون ئي حقيقتون، خاص طرح سان سندس ننڍي ڀاءُ ۽ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ولي محمد ”وفا“ پليءَ پاران روزانه سنڌي اخبار ”ڪاوش“ سيپٽمبر 2000ع ۾ ڏنل انٽرويو ۽ ڊاڪٽر اسد ”جمال“ پليءَ جي مرتب ڪيل ”ڪريم“ پليءَ جي ٻن شعري مجموعن- ”چنڊ جهڙا پرين“ ۽ ”ڪيا سانگ سانوڻ“ جي حوالي سان جڏهن اسان جي سامهون آيون، ته اسان جي تصور (Vision) کي تمام وڏي هٿي ملي ۽ عابده پروين جي ڳايل سر ڀوپاليءَ ۾ سندس ئي هڪ ڪافيءَ جو ٿلهه ۽ بند تارن ۾ تري آيو:

ٿلهه:

ائين پڌرو پرين هو هزارن ۾،

جيئن چنڊ هجي ڪو تارن ۾.

 

بند:

سُونهڻ ۾ سندس نه ڪو ثاني هو،

جهڙس نه جڙيل ڪو جاني هو،

ڪو مَٽ نه هئس مهه پارن ۾.(1)

 

”وفا“ پليءَ پنهنجي انٽرويو جي شروعات پنهنجي وڏي ڀاءُ ”ڪريم“ پليءَ جي شخصيت جو احاطو ڪندي، هنن لفظن سان ڪئي آهي:

”سنڌ جو ناليوارو شاعر مرحوم خانصاحب عبدالڪريم پلي بنيادي طور شاعر هجڻ سان گڏ، هڪ سٺو آبادگار ۽ علائقي جي ’سخي مرد‘ طور پڻ مشهور هو.“(2)

اڳتي هلي، ”وفا“ پلي، هُن جي ذوق شوق، وندر ورونهن، راڳ رنگ ۽ فن فڪر سان لاڳاپي متعلق ڄاڻائي ٿو ته:

”سندس اوطاق تي سنڌ جا جيڪي ناليوارا (گويا) فنڪار اڪثر موجود رهندا هئا ۽ انهن جو هڪ ناتو قائم رهيو، انهن ۾ مرحوم شادي فقير، غلام قادر، سينگار علي سليم ۽ شفيع فقير شامل آهن. جن کي هُو محفلن ۽ ڪچهرين دوران وڏا انعام ڏيڻ سميت، کين سال به سال ڪڻڪ پهچائيندو هو. جڏهن ته سنڌ جي مشهور ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل فنڪارن جو پڻ ديرو اڪثر پلي برادران جي اوطاق تي لڳندو رهندو هو. انهن مان سنڌ جي راڳ جي راڻي عابده پروين، منظور علي خان، وحيد علي، استاد فتح علي (حيدرآباد وارو) ۽ ٻيا فنڪار سندن اوطاق تي محفلون ڪري ويا آهن.“(3)

ان کان پوءِ، ”وفا“ پلي پنهنجي ڀاءُ جي شاعراڻي حيثيت جو به تعين ڪري ٿو، ته ’راءِ ڏياچ‘ کي سندس آئيڊيل به ڏيکاري ٿو، ۽ ساڳئي وقت سندس سخاوت جي عظيم ڳڻ ۽ فن جي قدردانيءَ جو به ذڪر ڪري ٿو. سندس چوڻ موجب:

”هُو غزل ۽ ڪافيءَ جو ڀلوڙ شاعر هو. مصري شاهه کان پوءِ، مرحوم عبدالڪريم پلي سنڌ جي ڪافيءَ جي پهرين جوڙ جي شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. راءِ ڏياچ نه رڳو هُن جو آئيڊيل هو، پر هُو پاڻ به آرٽ جي قدردانيءَ ۽ سخاوت ۾ راءِ ڏياچ کان گهٽ ڪونه هو. هُو فنڪارن کي گهر ويٺي ماهوار ۽ ساليانو وظيفا موڪلي ڏيندو هو، جيڪي وقت سر وڌندا به رهندا هئا. نه رڳو ايترو، پر هُن شمشيرالحيدري، عبدالقادر جوڻيجو ۽ تاجل بيوس جهڙن اديبن جي لکڻين جي اوسر لاءِ خاموشيءَ سان مالي سهائتا پڻ ڪئي.“(4)

”وفا“ پليءَ جي انٽرويو پڙهڻ کان پوءِ منهنجي مَنَ ۾ جيڪا مانڌاڻ مَتي، اُها هئي ساڻس ملڻ جي! ڇاڪاڻ ته منهنجي سندس ڀاءُ، سادي سٻاجهي سرجڻهار، ”ڪريم“ پليءَ سان ڪابه ملاقات نه ٿي سگهي هئي. توڻي جو اسين ٻئي ڄڻا ساڳئي ’موکي متاري‘ جي مَٽَ جي مَڌُ جا متوالا ۽ مي نوش هئاسين! پر اهو مي نوشي وارو ’مؤ‘ اتفاقاً اسان کي الڳ الڳ طور نصيب ٿيندو رهيو. ڇو ته اسين جنهن پار جا پانڌيئڙا هئاسين، ان پار ڏانهن ويندڙ اسان جا پنهنجا پنهنجا پيچرا هئا. مقصد ته مخدوم طالب الموليٰ ڏانهن اسان جو اچڻ وڃڻ ته اڪثر ڪري ٿيندو رهندو هو. ليڪن اسين ڪڏهن به هڪ ٻئي جي مُنهن مقابل نه ٿي سگهياسين! جنهن ڳالهه جو سچ پچ ته مون کي نه رڳو اڄ تائين افسوس آهي، پر عمر ڀر به اُڃ ۽ ارمانُ رهندو! مون کي پنهنجي ان تشنگيءَ کي گهٽائڻ لاءِ جيڪا راهه نظر آئي، اُها هئي ڪنهن به طريقي سان ”وفا“ پليءَ سان ملاقات ڪرڻ جي. ڇو ته هُو ”ڪريم“ پليءَ جو ڀاءُ هو، ته همعصر شاعر به هو. تنهنڪري، ان مان سندس ’ٿورو گهڻو‘ واس اوس ئي اچڻو هو. پر، باوجود ڪيترين ڪوششن ڪرڻ جي، ائين ٿي نه سگهيو! جيڪا ڳالهه به مون لاءِ اڄ تائين ’معمو‘ بڻيل رهي ٿي. بهرحال، اڄ به ايترو گمان ڪري سگهجي ٿو ته ”ڪريم“ پلي شايد هڪڙو ئي هو، جيڪو هليو ويو! اسان ته ”وفا“ پليءَ جي انٽرويو واري پني کي ارڙهن سالن گذرڻ جي باوجود به ساهه سان سانڍيون ويٺا آهيون، ڇو ته ان ۾ اسان جي ’محبوب شاعر‘ جو ذڪر ٿيل آهي.

مرحوم ”ڪريم“ پلي نه رڳو اسان جو محبوب شاعر هو، پر پنهنجي خاموش خدمتن سبب، عام طرح سان سڄيءَ سنڌ ۽ خصوصي طور ڏکڻ سنڌ جي امير توڻي غريب ماڻهوءَ جو به حبيب هو. سندس ڳُڻن ڀريون ڳالهيون لکڻ پڙهڻ جهڙيون به آهن، ته ٻڌائڻ ۽ ٻُڌڻ جهڙيون به آهن، بلڪ ’ڪن لائي‘ ٻڌڻ جهڙيون آهن ۽ ’هنئين سان هنڍائڻ‘ جهڙيون به آهن. اچو ته ’راءِ ڏياچ‘ واري صفت رکندڙ سخي مرد ۽ باڪردار ’ڪافي گو شاعر‘ جون ڪجهه ڳُڻ ڳجهاندر ڳالهڙيون سنڌ جي ناليواري نقاد، اديب ۽ شاعر، ڊاڪٽر اسد ”جمال“ پليءَ جي لکڻين ۾ پڙهون، پَروڙيون ۽ پُرجهون. ڊاڪٽر صاحب، ”ڪريم“ پليءَ جي شاعريءَ جا ٽي دؤر ڏيکاريا آهن. سندس چوڻ موجب:

”ڪريم صاحب ’وڻجارن وايون‘ ۾ پنهنجي تعارف ۾ لکيو آهي ته سندن شاعريءَ جي شروعات سندن والد مرحوم وٽ ٿيندڙ صوفيانه ڪچهرين جي مرهونِ منت آهي(5). سندن شاعريءَ جو پهريون دؤر 1958ع ڌاري آهي ۽ سندن هٿ اکرن ۾ جيڪا پهرين ڪافي اسان کي ملي ٿي، ان جو ٿلهه هن طرح آهي ته:

پَروَرَ ڏيج پناهه، ياالله! معاف ڪج مون مدايون.

هي سندن شاعريءَ جو ’ابتدائي دؤر‘ آهي، جيڪو ڪافي ۽ بيت جو دؤر آهي، جنهن ۾ مٿس سنڌ جي صوفياءِ ڪرام جي اثر جو وڏو اثر موجود آهي. ان کان پوءِ 1960ع کان سندن شاعريءَ جو ٻيو دؤر هلي ٿو، جنهن کي اسين ’روايتي دؤر‘ ڪوٺيون ٿا. ڪريم صاحب هن دؤر ۾  سنڌ جي مروج سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي ۽ سڀني موضوعن جي حق ادائي پڻ ڪئي آهي. ڪريم صاحب جي شاعريءَ جو ٽيون دؤر 1964ع کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو سندن حياتيءَ جا باقي سڀ ڏينهن همسفر رهي ٿو.“(6)

ڊاڪٽر اسد ”جمال“ پلي، اڳتي هلي انهيءَ ساڳئي ڪتاب ۾ مرحوم”ڪريم“ پليءَ جي سياسي ۽ سماجي حيثيت، شاعراڻي شخصيت ۽ ’حاطمي‘ صفت جو ذڪر ڪندي ڄاڻائي ٿو ته،:

”ڪريم“ جنهن جي سماجي حيثيت هڪ جاگيردار خان صاحب جي آهي، جيڪو پنهنجي دؤر جو اهم سياستدان آهي ۽ ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ ۾ منتخب ٿي، سياسي سماج جو مطالعو ۽ مشاهدو ان سماج جي حصي طور ڪندو رهيو آهي. هُو پنهنجي ’راڄ ڀاڳ‘ جو اڳواڻ، سردار ۽ والي وارث پڻ آهي. سندس سخاوت، جنهن جا دروازا نه صرف علائقي جي غريبن اڙيالن لاءِ کُليل آهن، پر سنڌ جا ڪيترائي اديب ۽ شاعر سندس ’حاتمي‘ صفت مان فيضور ٿين ٿا. ڏکڻ سنڌ جي عام ڀانن، ڀاٽن کان ويندي، وقت جي مقبول عام فنڪارن ۽ پوءِ ڪلاسيڪي گائڪي جي مهندارن سلامت علي خان ۽ فتح علي خان تائين ڪيترائي گائڪ ۽ گائڪائون پنهنجي فن جي داد و تحسين طور هن سخي مرد جي دستِ سخا مان فيضياب ٿين ٿا ۽ ڪريم صاحب کي ’يارهون ڏاتار‘ ڪري ڪوٺين ٿا. سندس شاعريءَ جو هي ٽيون دؤر ايڏو طاقتور طور سندن طبع تي غالب نظر اچي ٿو، جو مذڪوره سڀني سماجي حيثيت جي باوجود ’ڪريم‘ بطور شاعر، ممتاز ۽ مٿاهون محسوس پيو ٿئي. ڪريم صاحب بنيادي طور ’ڪافيءَ‘ جو شاعرآهي، پر جنهن طرز سان ۽ ننڍن بحرن ۾ شاندار ’غزل‘ لکيا اٿس، سندس انهيءَ صنف تي دسترس به قابل تعريف آهي. تمام ٿورا گيت لکيا اٿس، مگر سندس هڪ هڪ گيت لک لهي ٿو. اهڙيءَ طرح، جڏهن سندن ’واين‘ کي جهونگارجي ٿو، ته لڳي ٿو ته ’ڪريم‘ وايون ئي لکي ها، ته بهتر.“(7)

ڊاڪٽر اسد ”جمال“ جي بيان مان معلوم ٿيو ته ’ڪريم‘ پلي صاحب جي سرشت ۾ اڻکٽ خوبين ۽ خصلتن جي کاڻ هئي. سندس خاصيتن جي ڪَٿ ڪرڻ لاءِ صرف سٽون نه، پر سوين صفحا به سڪ لاهي نه سگهندا. ڇاڪاڻ ته هُو ٻن اهڙين نعمتن سان به نوازيل هو، جيڪي ’انسانيت‘ جي احاطي ڪرڻ لاءِ بنهه موزون آهن ۽ اُهي آهن: سرمستي ۽ سهپ يا صبر. جن جي باري ۾ ڊاڪٽر اسد ”جمال“، ”ثاقب“ آريسر جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو ته:

”سچل سرمست کان پوءِ ٻيو وڏو شاعر ’ڪريم‘ ئي هو، جنهن سرمستيءَ جي وندر واري واٽ اختيار ڪئي ۽ شاه ڪريم بلڙائيرحه کان پوءِ سندس صبر جي ميراث جو جيڪڏهن ڪو ٻيو سنڌي شاعر وارث ٿيو، ته اهو ’ڪريم‘ پلي ئي هو.“(8)

”ڪريم“ پليءَ جي ’ڪردار‘ بابت ايتري اپٽار (جيڪا به اڻپوري آهي) ڪرڻ جو مُک متو ۽ مقصد اهو آهي ته سندس ’ڪافين‘ جي معيار متعلق روشنيءَ جهڙي راءِ جوڙجي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ’ڪافي گو ڪويءَ‘ جو ’ڪردار‘ ئي سندس ’ڪافين‘ جي ڪماليت جو ڪارڻ بڻجي ٿو. اهو ان جو ڪردار ئي هوندو آهي، جيڪو ان جي ڪافين ۾ اوتجي، انهن کي آفاقيت ۽ عالمگريت به عطا ڪري ٿو، ته بي مثال، باڪمال، لاجواب ۽ لازوال به بڻائي ڇڏي ٿو. مقصد ته باڪردار ’ڪافي گو شاعر‘ جون ڪافيون ’امر‘ ٿي وينديون آهن ۽ اهو اعزاز هزارن مان ڪن ٿورڙن جي نصيب ۾ ايندو آهي، ۽ انهن ٿورڙن ۾ ”ڪريم“ پلي ائين پڌرو آهي، جيئن تارن ۾ چنڊ!

ائين   پڌرو  پرين  هو هزارن ۾،

جيئن چنڊ هجي ڪو تارن ۾!

اچو ته سندس مَنُ موهيندڙ ڪافين مان جيءُ جهوريندڙ، جِهيرَ ڏيندڙ، ڇرڪائيندڙ ۽ روح ريهيندڙ ٻن ڪافين جو مطالعو ڪريون.

”ڪريم“ پليءَ جي هيءَ پهرئين ڪافي علم عروض تي چيل آهي، جنهن جو بحر متقارب ’فعولن فعولن فعولن فعولن‘ آهي:

ٿلهه:

وري آ او جاني، جُدائي ٿي ماري،

ڏسان راهه تنهنجي، هنجهون روز هاري!

 

 

اچي جَنگِ سُورن، جڏي جيءَ سان جوٽي،

وئين جيئن ته ڪَلَ ڪا لڌئي ڪانه موٽي،

ٿڪس ڪانگ تو لئه اُڏاري اُڏاري.

 

 

نئين سج نوان پور تنهنجا پون ٿا،

کُٽن ئي نه ٿا ڏينهن ڏکيا ڏکن جا،

عجب آهي، ويهي رهين ڪيئن وساري.

 

 

سدا سار ۽ تار تنهنجي ئي آهي،

سوا تنهنجي ٻيو ڪجهه رهيو ياد ناهي،

اٺئي پهر دل ’تون ئي تون‘ ٿي تنواري.

 

 

ڀري پرت مان پير ايندين ڪڏهن تون،

جڏي جيءَ ۾ جايون اڏيندين ڪڏهن تون،

”ڪريم“ آسري ۾ پيو ڏينهن گهاري!“(9)

 

ان کان پوءِ، ”ڪريم“ پليءَ جي هڪ ٻي جڳ مشهور ’ڪافي‘ ملاحظه ڪريو. هيءَ ڪافي ڇند وديا تي آڌاريل آهي، جنهن جي هرهڪ سٽ ۾ سورهن سورهن ماترائون آهن.

ٿلهه:   دردن دل آزاري ســــــائــــيـــن،

                        ڪر ڪا موٽڻ وارِي سائين!

 

برهه اندر ۾ باهه لڳائي، وِرهه وڪوڙي نيٺ وڃائي،

سُرت، سياڻپ سارِي سائين.

 

 

فالون پائي، ڪانگ اُڏاري، پلپل تنهنجي راهه نهاري،

نيڻ ٿڪا، دل هارِي سائين.

 

 

صبح ستائي، شام ستائي، ڏينهن ڏکوئي، رات رنجائي،

هر هر هڪ لاچارِي سائين.

 

 

آهه اُڌارو ڏيهه سڄوئي، توريءَ نانهِه ”ڪريم“ جو ڪوئي،

ڪيرُ ڏئي دلدارِي سائين.(10)

 

عبدالڪريم ”ڪريم“ پليءَ جون سندس ٻن شعري مجموعن- ”ڪيا سانگ سانوڻ“ ۽ ”چنڊ جهڙا پرين“ ۾، اسان کي لڳ ڀڳ هڪ سؤ ٽيهه ڪافيون ملن ٿيون، جن ۾ تيرهن سرائڪي ڪافيون به شامل آهن.

حوالا:

1.      ڪيا سانگ سانوڻ، مصنف: عبدالڪريم پلي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ص 123.

2.     وفا صاحب جو انٽرويو، روزانه ”ڪاوش“، سيپٽمبر 2000ع.

3.     وفا صاحب جو انٽرويو، روزانه ”ڪاوش“، سيپٽمبر 2000ع.

4.     وفا صاحب جو انٽرويو، روزانه ”ڪاوش“، سيپٽمبر 2000ع.

5.     وڻجارن وايون، مصنف: عبدالڪريم پلي، ڇاپو ٻيو، واڌارا: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2022ع، ص 179.

6.     چنڊ جهڙا پرين، مصنف: عبدالڪريم پلي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، اداره نوائي ادب ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي، عمرڪوٽ اپريل 1999ع، ص 15-16.

7.     چنڊ جهڙا پرين، مصنف: عبدالڪريم پلي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، اداره نوائي ادب ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي، عمرڪوٽ اپريل 1999ع، ص 17

8.     ڪيا سانگ سانوڻ، مصنف: عبدالڪريم پلي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ص 14-15.

9.     ڪيا سانگ سانوڻ، مصنف: عبدالڪريم پلي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ص 122.

10. ڪيا سانگ سانوڻ، مصنف: عبدالڪريم پلي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ص 127.

 

”بنيادي طرح اسين قصاگو آهيون. اسين پنهنجي ذهني معيار ۽ مشاهدن جي آڌار تي لکون ٿا، نقاد انهن جي درجابندي ڪري مختلف نانءُ ڏين ٿا. علامت نگاري، حقيقت نگاري، سرئيلزم، اسٽرڪچرزم، مارڊرنزم وغيره. تخليقڪار وٽ اهڙا ڪي به مخصوص سانچا نه هوندا آهن جن ۾ هُو پنهنجين لکڻين کي ماپي توري ٺاهي پوءِ پيش ڪندو هجي، پر هن وٽ لاشعور ۾ ايڏي ته آنڌ مانڌ ۽ پالوٽ هوندي آهي جو هن جو تخليقي عمل هٿ ٺوڪيو دڳ وٺڻ بدران هڪ لاوي جي صورت ۾ اڀري ڪوبه رستو وٺي هلڻ شروع ڪندو آهي. اهو تڪڻ تورڻ نقاد جو ڪم آهي ته انهن راهن ۽ نون تجربن کي ڪهڙي کانچي ۾ بند ڪري ٿو.

بلب جي ايجاد قصي جو رومانس کسي ورتو. سياري جي ڪاري رات ۾ سوڙ اندر ڏيئي جي لڏندڙ لاٽ تي ماءُ جي ڪهاڻي ٻڌندڙ اوجاڳي سان ڀريل پرتجسس چمڪندڙ اکيون هاڻي روشنين جي تيزيءَ ۾ بند ٿي چڪيون آهن. مون کي ياد آهي ته ڏاڏا احمد نواز جڏهن پڌر ۾ ٻرندڙ چمنيءَ هيٺان کٽ تي ويهي ٻيڙيءَ جا سُوٽا هڻي ڳالهه کڻندو هيو ته سندس ٻيڙيءَ جي ڪاري دونهي ۾ اوندهه جون چڳون چمنيءَ جي هلڪي روشنيءَ ۾ چيلهه لوڏي نچڻ لڳنديون هيون. اتي جن پريون، شهزادا، بادشاهه، راڻيون، جادوگر ۽ سوداگر پنهنجا منهن ڪڍي ڪڏهن کلندا، روئندا ۽ ڪڏهن ڊيڄاريندا نظر ايندا هئا، احمد نواز اهڙو بادشاهه هوندو هو جيڪو چپن جي اشارن سان دنيا جي هر شيءِ تي حڪم هلائي ان کي جيئاريندو، ماريندو، سنواريندو ۽ کاريندو هو. جڏهن بلب ٻريو ته انجي روشنيءَ ۾ سڀ عڪس رک ٿي ڊهي پيا، بيشڪ تخليقڪار رب جي ذات آهي پر ڪهاڻيڪار ڄڻ رب سان ريس ڪري ٿو. هن جي تصور جي دنيا ۽ ڪردار حقيقت کان نرالا ۽ منفرد آهن.

”سنڌي ڪهاڻيءَ جي عمارت ائين آهي جو اُن جا بنياد ته مضبوط ۽ هيٺ ڌرتيءَ ۾ کُتل آهن پر اُها عمارت جيئن بلند ٿيندي پئي وڃي تيئن ان جي اڏاوت ۾ ڪيتريون فني ۽ فڪري خاميون ۽ ڪمزوريون نروار پيون ٿينديون پيون وڃن، پر مضبوط بنيادن تي بيٺل ان عمارت جي ڊهڻ يا ڪِرڻ جو ڪوبه خطرو نه آهي. محنت جي ضرورت آهي. هڪ ڏينهن صديق منگيي جهڙا دوست ان عمارت کي نئين سر سنوارڻ ۾ ضرور سرخرو ٿيندا ۽ سنڌي ڪهاڻي دنيا جي ٻين عظيم ڪهاڻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندي.

آوازن جي هن دور ۾ جڏهن هر طرف هڪ گوڙ متو پيو آهي، چپ چُري رهيا آهن، ڪن ٻُڌي رهيا آهن. ڪردار هلي رهيا آهن ۽ اکيون ڏسي رهيون آهن. اهڙي دور ۾ ڪتاب جي حيثيت ڪڏهن گهٽ ڪونه ٿيندي ۽ ادب جي اهميت هر دور ۾ رهندي. ادب قومن جو دستاويز آهي، هڪ تاريخ آهي، جيڪا ارتقائي ترقي ۾ مدد ڏئي ٿي، اسان کي جيئرو رهڻو آهي، اسان جي زندگيءَ جو دارومدار پاڻ سڃاڻڻ آهي ۽ اسان جي سڃاڻ اسان جو ادب ۽ تاريخ آهي.“

رسول ميمڻ

”وجود جا عذاب“ محمد صديق منگئي جون ڪهاڻيون

(مهاڳ مان اقتباس)

مهراڻ 4/1990ع تان ورتل

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org