ڊاڪٽر صنم لطيف ڪرٽيو
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي
فارسي ڪلام جو تعارف
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي فارسي ڪلام کي
پڙهندي خبر پوي ٿي ته فارسي ادب سان گهرو لاڳاءُ ۽
وسيع مطالعو ڪيو اٿائون. سندس فارسي ڪلام ۾ وحدت
الوجود، عشق حقيقي ۽ عشق مجازي، حضرت محمد مصطفيٰ
ﷺ
۽ آلِ
رسول
ﷺ
سان عشق ۽ عقيدت، دنيا کان بي رغبتي، هجر و فراق،
شناختِ
انسان، واعظ ۽ زاهد جو ذڪر وغيره شامل اٿن.
وحدت الوجود جو نظريو:
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي ڪلام ۾ وحدت
الوجود جو نظريو ملي ٿو. جيڪو ان ڳالهه جي عڪاسي
ڪندو آهي ته اها ذات خداوند متعال يا عقيده توحيد
۽ وحدانيت ذات الاهي جي گهري معرفت رکن ٿا. وحدت
الوجود جو نظريو انسان کي اڪثر عارف ۽ صوفي شاعرن
جي ڪلام ۾ نظر اچي ٿو. جيئن شاعر مشرق علامه اقبال
چيو آهي ته،
حسن ازل کی
پیدا
ہر چیز
میں
جھلک ہے،
انسان میں
وہ سخن ہے
غنچہ میں
وہ چٹک
ہے۔
(اقبال)
کثرت میں
ہوگیا
ہے
وحدت کا راز مخفی
جگنو میں
جو چمک ہے
وہ پھول میں
مہک ہے۔
(اقبال)
وحدت الوجود يعني وجود ۽ هستي منحصر آهي. ذات خدا
۾ جيڪي ڪجهه ما سويٰ الله جي نظر اچي ٿو اهو ان
ذات جي ظهور جي تجلي آهي. مخدوم صاحب ان ڳالهه کي
هن ريت بيان ڪن ٿا،
من ہم از دریائی
وحدت صورت قطرہ شدم
چون بدریا
می
روم ہرموج از کار من است۔
(ص
167)
وارداتِ
عشق:
عشق ته شاعريءَ جو محرڪ آهي، اهو ئي انسان کي
تقويت ۽ سُڪون بخشي ٿو. عشق کان سواءِ روح پوڙهو ۽
جسم بيمار ٿيندو آهي. سائين طالب الموليٰ جن ان
ڳالهه تي عمل ڪندي روح کي جوان ۽ جسم کي سڪون بخشي
خوش رکيو اٿائون ڇاڪااڻ ته عشق حقيقي هجي يا مجازي
عشق ته عشق هوندو آهي. انهن ٻنهي ۾ جمال جا جلوه
نمايان نظر ايندا آهن. جڏهن حقيقي عشق ڏانهن نگاهه
رکجي ٿي يعني پاڻ کي ان ۾ محو ڪري ڇڏجي ٿو ته ضرور
عشق جو اعليٰ مقام ماڻي سگهجي ٿو. حقيقت ۾ عشق
اوکو ۽ جوکي وارو جذبو آهي.
عشق حقيقي:
مخدوم طالب الموليٰ جن پنهنجي فارسي ڪلام ۾ عشق و
معرفت جو اظهار ڪيو اٿائون. سندس ڪلام عشق الاهيءَ
سان ٽمٽار ۽ سرشار اٿن. چون ٿا ته جنهن به طرف
نگاهه ڪيان ٿو ته ان ذاتِ حقيقيءَ جي جمال جا جلوه
نظر اچن ٿا.
ايک
قصر، درلک، ڪوڙين، ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
(قاضن)
هردو عالم جلوهء ديدار دلدار من است
چشم دل واکن بہ
بين در
ہر
طرف يارِ من است.
(ص ـ 166)
مخدوم صاحب جن چون ٿا ته منهنجو عشق حقيقت ۾ ان
حقيقي محبوب سان آهي. بظاهر
مان ان جي مخلوق جي خوبصورت رنگن جو
عاشق نظراچان ٿو.
بہ
ظاهر طالب ـ نقش و نگار و عاشق ـ زارم،
بہ
باطن خود پہ
نقاشے
وصالے
کرده ام پيدا.
(ص ـ 166)
محبت ۾ انسان عاجزي ۽ جهڪڻ سکي ٿو. مطلب ته عاجزي،
نهٺائي محبت جو اعليٰ مثال آهن. مخدوم صاحب جن
حقيقي محبوب جي بارگاهه جي باري ۾ عاجزي ۽ محبت جو
اظهار هيئن ڪن ٿا،
بملک ـ عشق اول آفريدي
به يک غمزه ـ دل عاشق خريدي.
(ص ـ 173)
هر کہ
جان ـ خود دهد مقبول درگابہش
شود
گرچہ
باشد مفلس و مسکين بلند باعش
شو.
(ص ـ 175)
هر دل سرکس چو شاه ــ عشق کرد
آتش
مدام
صاحبِ
سوز و گداز و دلفگار
آہش
شد.
(ص ــ 175)
حقيقي محبوب جي محبوب سان عشق ۽ عقيدت لازمي آهي
مطلب ته رسول خدا حضرت محمد مصطفيٰ
ﷺ ۽ آل محمد ﷺ
سان محبت انسان جو فطري جذبو
آهي مخدوم طالب الموليٰ جن جي ڪلام جي هڪ اهم خوبي
۽ خاصيت آهي ته سندس عقيدي جي گهرائي ۽ ايمان جي
پختگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. جيترو انسان جو روح
پاڪيزه هوندو اوترو ئي خدا ۽ ان جي برگزيده هستين
سان محبت روح ۾ سمايل هوندي آهي. ان پاڪيزه محبت
جو اظهار سرور ڪائنات جي محبتنن جي عقيدت سان سلام
و درود عرض ڪندي فرمائين ٿا ته،
السلام اے
مالک کون و مکان
السلام اے
سالک نه آسمان،
السلام اے
وارث باغ جنان
السلام اے
جان جانان اسلام
السلام اے
شاه شاہان
السلام
السلام اے
کاشف راز خدا
اسلام اے
رافع حزن و عنا
السلام اے
غافر جرم و خطا
السلام اے
خانان السلام
السلام اے
شاه شاہان
السلام
السلام اے
مظهر رب الجلال
السلام اے
خوش لقب فرخنده خال
السلام اے
صاحب حسن و جمال
السلام اسرار سبحان السلام
السلام اے
شاه شاہان
السلام
(ص ــ 161)
مخدوم صاحب جن کي يقين آهي ته پيغمبر اڪرام جي ذات
تي ئي آهي،
جنهن کي خدا پنهنجي بندن جي لاءِ نجات ۽ رحمت جو
ذريعو ۽ مخلوق جي لاءِ پناهه گاهه قرار ڏنو آهي.
ان اعليٰ فڪر کي عقيدت سان بيان ڪن ٿا،
السلام اے
ياور درماندگان
السلام اے
امن و امان
السلام اے
حامي بي خانمان
السلام اے
ظل يزدان السلام
السلام اے
شاه شاہان
السلام
السلام اے
صاحب سيف و علم
السلام اے
نافع
ہر
درد و غم
السلام اے
قاطع رنج و الم
السلام اے
توئي درمان السلام
السلام اے
شاه شاہان
السلام
السلام اے
نامرادان را اميد
السلام اے
بيکسان را عيش عيد
السلام اے
عاصيان را خوش نويد
السلام اے
ابر باران السلام
السلام اے
شاه شاہان
السلام
(ص ــ 162)
مخدوم طالب الموليٰ جن ٻنهي جهانن جي سردار کان
شفاعت جي اُميد جو يقين رکن ٿا تنهنڪري ان اميد ۽
يقين سان اظهار ڪندي فرمائين ٿا ته،
یارسول اللہ پناہی بے پناہاں راتوئی
در بلاہائی گناہان من گرفتار آمدم
کن علاجِ طالبِ خود را طبیب مہربان
بیکسم بہر شفا از دور بیمار آمدم۔
(ص
ــ 163)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن اهو عقيدو
رکن ٿا ته سڀني مشڪلن جو حل ان ڪامل ۽ مڪمل
ہستيءَ
يعني حضرت محمد مصطفيٰ
ﷺ جن کي خدا تعاليٰ رحمت
للعالمين بڻائي پنهنجي بندن جي لاءِ موڪليو تنهن
ڪري پراُميد آهن ته انهن
جي نظرِ
ڪرم سان سندن ڏُک، درد ۽ غم و الم دُور ٿي ويندا.
بيا ای
قوت پرواز بہ
اين مسکين ياری
کن
همين دم جانب يثرب پريدن آرزو دارم
فقير بينوايم تنگدستم، آه! مجبورم
گلِ
اميد از باغ توچيدن
آرزو دازم
(ص ــ 168)
مديني جي مير سان ۽ آل محمد
ﷺ سان عقيدت ۽ محبت انسان جي
ايمان جو جُز آهي انهن سان محبت
ئي بخشش جو ذريعو آهي. روز محشر گناهگارن جي بخشش
جو سامان حب عليرضه آهي۔
ٻنهي جهانن ۾ رهنما مون کان وڌيڪ ڪنهن وٽ به نه
آهي. امام حسنرضه ۽ امام حسينرضه
جن جي عمر ۾ منهنجي اکين مان ڳوڙها مسلسل وهن ٿا.
حقيقت ۾ مان انهن جي غم ۾ بيمار آهيان۔
انڪري حال زار آهيان. امام حسين رضه جن
سان محبت جي شدّت ايڏي گهري اٿن جو ٻيو ڪو به غم
نه اٿن. انهن سان عقيدت جو نذرانو پيش ڪندي چون ٿا
ته،
هر کہ
را نام محمد بر زبان
باشد مدام
از خطا آزاد گرد دگر نيکوکار نيست
عاصيان را بخشش يوم الحش حبِ
علی
است
درد و الم دان ترا بہتر
ازين سرکار نيست
از غمِ
حسن و حسين از چشم شد آب روان
از غمش بيمار ام با عافيت درکار نيست
روز و شب
می
گريم در ياد آن حسنين پاک
زين سبب من حال زار
م بس دگر آزار نيست
(ص ـ 173)
محبوب جي نگاهِ
لطف جي آرزو:
محبوب حقيقي هجي يا مجازي ٻنهي ۾ عاشق کي صرف
پرينءَ جو پُرنور چهرو ڏسڻ جي تمنا رهي ٿي. بس
سپرين صرف محبت سان نگاهه ڪندي مهربان ٿئي ته عاشق
وٽ ان نگاهه ڪرم جي خوشيءَ جو ڪو ڪاٿو نٿو لڳائي
سگهي. اهڙن خوبصورت جذبن کي مخدوم صاحب جن هن ريت
بيان ڪن ٿا ته،
نگاھے
کن کہ
اين وقت شباب است
چرا بر چهرهء انوار نقاب است
درو نم زاتش عشق تو دلبر
چہ
گويم، بی
تو، در هجرت کباب است
(ص ـ 166)
هجر و فراق:
عشق و محبت جي ڳالهه هجي ۽ هجر و فراق جي ڳالهه نه
ٿئي اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو،
ڇاڪاڻ ته محبت هميشه پنهنجي گهرائيءَ
کان
بيخبر ۽ نا آشنا هوندي آهي جيستائين ان کي جدائي ۽
هجر و فراق بيدار نه ٿا ڪن. هجر و فراق ۾ نئين
دوريءَ جو ڏُک ۽ قُرب محسوس ٿيندو آهي اهي محبت کي
وڌيڪ مضبوط ۽ باخبر رکن ٿا ائين ئي جيئن سک ڏک جو
احساس ڏياريندا آهن. مخدوم طالب الموليٰ جن دوريءَ
جي شڪايت ڪندي ذڪر ڪن ٿا ته،
دائما دل شاد بودم
سیچ
پروائے
نہ
بود
اين چہ
کردی
بامنے
در هجر گريان کرده
گريہ
و زاری
مرا بخشيده
ہر
صبح
و
شام
دن چہ
گريم، برمن، بيدل چہ
احسان کرده
(ص ـ 164)
انسان جي مقام ۽ مرتبي جي شناخت:
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن انسان جي مرتبي ۽
بُلند معنوي مقام کان آگاهي رکن ٿا. هو انسان کي
نه صرف مٽيءَ جي جسم تائين محدود نه ٿا سمجهن بلڪ
سندن نگاهه ۾ انسان جو مرتبو ان مادي دنيا کان
تمام گهڻو بُلند آهي. چون ٿا ته جيڪڏهن تون ان
عالم ماده کان پنهنجو تعلق ٽوڙي ڇڏ ۽ راهه بندگيءَ
۾ قرب خدا تي قدم رکي ٿت اهو پنهنجي حقيقي مقامِ
انسانيت حاصل ڪري سگهي ٿو
تواز جهان بگذ روز همہ
حدامی
باش
وبا حقيقت خود يکدم آشنامی
باش
(ص ـ 169)
مخدوم طالب الموليٰ جن جو چوڻ آهي ته انسان ان وقت
پنهنجو بُلند مقام انسانيت يعني قرب خدا وارو مقام
ان وقت حاصل ڪري سگهي ٿو جڏهن هو پنهنجي معرفت
حاصل ڪري سگهي ٿو جيئن حديث پيغمبر آهي ته، ”من
عرف نفسہ فقط عرف ربہ.“ يعني جنهن پنهنجو پاڻ کي
سڃاتو ان ڄڻ پنهنجي رب کي سڃاتو.
اگر بخواهی
کہ
بر اوج آسمان بروی
وصال دلبر خود گر تو زود می
طلبی
(ص ــ 169)
دنيا جي بي ثباتي:
”وَمَااَلحيٰوةُ الدُّنيَا اِلَّا مَتَاعُ
الّغُرُورِ“
ترجمو: ۽ دنيا جي زندگي صرف دوکو آهي. دنيا ٺاهڻ
واري چيو آهي ته دنيا دوکو آهي انسان هن دنيا ۾
مختصر وقت لاءِ آيو آهي. يعني اسان عارضي آهيون ته
پوءِ حرص، هوَسِ ۽ لالچ ڇا جي آهي؟ عارضي دنيا جي
محبت انسان کي انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو بڻائي ڇڏيندي
آهي. دنيا کان بيرغبتي ئي انسان کي بُلندين جو
مسافر بڻائي ٿي. مطلب ته مادي دنيا، مال ۽ دولت
سان رغبت نه هئڻ گهرجي. ائين ئي طالب الموليٰ جن
جي نگاهه ۾ دنيا جا هيرا جواهر ڪا قيمت ۽ حيثيت
نٿا رکن ڇاڪاڻ ته هو قيمتي موتيءَ جا طلبگار آهن.
جيڪو حقيقي گوهر انسانيت آهي. ادنيا ۾ ان جي بي
ثباتيءَ متعلق مخدوم صااحب هن هن ريت اظهار ڪن ٿا،
مکن يقين کہ
زر وسيم
زر
مالدار کند
مگر ای
منعم، آن در بی
بها دگر است
نہ
شوق دولت دنيا نہ
حرص عقبيٰ
رست
چہ
آشکار کنم اين کہ
کام ماه دگر است
(ص ــ 166)
ٻئي جگهه تي دنيا جي فتنن ۽ فسادن جو ذڪر ڪندي چون
ٿا ته دنيا جو مال و دولت، منصب ۽ اقتدار، رعب ۽
دٻدٻو، شان و شوڪت جي محبت انسان کي غفلت ۾ مبتلا
ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ ظلم ۽ ڦُرلُٽ، جنگ و جدل جي
فتنن ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي. مطلب ته دنيا جا فتنا
ختم ٿيڻ وارا نه آهن. انهن فسادن کي محسوس ڪندي
طالب الموليٰ جن فرمائين ٿا ته اي ساقي مون کي
شراب جو جام ڏي ته مان مست ٿي وڃان. ان ڪري جو
دنيا جا فتنا تمام گهڻا آهن. روز محشر جڏهن مان
ٻيهر زنده ڪيو ويندس ته اتي مون کي ڪو غم نه
هوندو.
اے
ساقی
بده جام شراب گلگون
بدمست نشوم، فتنہء
دنيا است فزون
آن روز کہ
من بار دگر بو خيزم
هرگز نہ
دران جامن باشم محزون
(ص ــ 172)
واعظ ۽ زاهد جو ذڪر:
واعظ ۽ زاهد کي مخاطب ٿي ملامت ڪرڻ اهو خاص انداز
فارسي شاعرن جو آهي. خاص ڪري حافظ شيرازي جن کان
مخدوم صاحب متاثر آهن، تنهن ڪري اهو انداز اختيار
ڪيو اٿن. واعظ کي مخاطب ٿيندي او فرمائين ٿا ته اي
واعظ مون کي نصيحت ڪر مون کي پنهنجي عملن جو ڪو به
خوف نه آهي مان خوش ۽ مطمئن آهيان ڇاڪاڻ ته
منهنجو قدردان محبوب خدا آهي،
خوش دام واعظ مرا از کارہائی
خود چہ
باک
چون آ محبوب خدا آخر خريدار من است
(ص ــ 168)
هڪ ٻي جڳهه تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن
زاهد کي تنبيهه ڪندي فرمائين ٿا ته اي زاهد تون
مون کي حقارت جي نظر سان نه ڏس. معاملو ڪجهه ٻيو
آهي تون منهنجو تعجب نه ڪر ڇاڪاڻ ته منهنجو خدا ڪو
ٻيو آهي . منهنجي دل جنت جي حورن ۽ جنت جي معاملن
کان خالي آهي ان وقت توکي ڇا چوان ته منهنجو مدعو
ڪو ٻيو آهي مان ته محبوب حقيقي يعني خدا جو طالب
آهيان ۽ تون جنت جي نعمتن ۽ حورن جو طلبگار آهين.
انڪري تنهنجو ۽ منهنجو رستو الڳ الڳ آهي.
مين مرا بحقارت کہ
ماجرا دگر است
عجب مخور تو ای
زهد مرا خدا دگر است.
(ص ــ 167)
طالب الموليٰ جن جي ڪلام ۾ صنائع لفظي ۽ معنويءَ
جو استعمال:
مخدوم صاحب جن جو فارسيءَ جو فارسي ڪلام توڙي جو
مختصر آهي پر ان ۾ صنائع لفظي ۽ معنويءَ جو
خوبصورت استعمال ٿيل آهي. ان کي پڙهندي خبر پوي ٿي
ته مخدوم صاحب جن کي فارسي زبان تي مڪمل عبور حاصل
آهي سندن ڪلام ۾ رواني ۽ سادگي هئڻ سان گڏوگڏ انهن
صنعتن جي استعمال ڪلام کي وڌيڪ پرڪشش ۽ خوبصورت
بڻايو آهي.
صنائع لفظي:
صنائع لفظي جو استعمال ڪلام ۾ خوبصورتيءَ ۾ اضافو
ڪندو آهي. موسيقيت سان ٽمٽار هجڻ سان ڪلام ۾ حسن و
جمال پيدا ٿئي ٿو رڌم ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. طالب
الموليٰ جن جي ڪلام ۾ جن صنائع لفظي جو استعمال
نظر اچي ٿو، انهن جو هتي ذڪر ڪجي ٿو.
(1) تجنيس:
حرف
تجنيس يعني ڪلام کي هم جنس لفظن سان سهڻو/ خوبصورت
بڻائڻ مطلب ته اهي لفظ جيڪي بظاهر هڪجهڙا هجن، پر
معنيٰ ۽ مفهوم ۾ مختلف هجن، ان جا ڪيترائي قسم
آهن، جناس تام، ناقص، زائد، مرڪب، مطرف وغيره.
مخدوم صاحب جن پنهنجي ڪلام ۾ جناس زائد جو استعمال
ڪيو اٿائون، جنهنڪري ڪلام وڌيڪ پرڪشش ٿيو آهي،
ڪلام جي زيبائيءَ ۾ ان جي استعمال ڪري اضافو ٿيو
آهي، سندس ڪلام مان ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا، جناس
زائد (مختلف اول).
زمی
کشان بشو این
بگوش ہوشِ سخن،
چنین
بہار بو دگر برو برو
یہ
چمن۔
(ص 169)
مختلف الوسط:
سر دوعالم جلوۂ دیدار
دلدار من است،
چشم
دل واکن ببین در ہر طرف یارِ من است۔
(ص 166)
بگذاشتی جہان را بگذشتی از طلسمی،
ترا
مرحبا ای طالب کہ بجا نشتاب کردی۔
(ص 168)
السلام ای وارث باغ جنان،
السلام ای جانِ جاناں السلام۔
(ص 161)
(2) سجع و واج آرائي:
اهڙا لفظ جيڪي وزن ۽ حرف رويءَ ۾ هڪجهڙا
هجن، ان جا ٽي قسم آهن:
(1) سجع متوازي: جنهن ۾ ٻه ڪلمات/ لفظ وزن ۽ حرف
رويءَ ۾ ٻئي هڪجهڙا هجن. مثال: مال، خال، دال،
مال، ڪار، بار وغيره.
(2) سجع مطرف: حرف روي هڪجهڙو هجي ۽ وزن ۾ مختلف
هجن، مثال: داغ، دماغ.
(3) سجع متوازن: جنهن جو وزن هڪجهڙو ۽ حرف روي الڳ
هجن، مثال: ڪار، شڪار.
ہتي
طالب الموليٰ جن ٻه قسم استعمال ڪيا آهن، سجع مطرف
۽ سجع متوازي.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن پنهنجي
ڪلام کي جتي هم وزن لفظن سان مسجع ڪيو آهي، اتي
لفطن جو تڪرار ڪلام ۾ هڪ خاص موسيقيت ۽ آهنگ به پڻ
ايجاد ڪيو آهي. سندس ڪلام ۾ هڪ ئي مصرع ۾ سجع جو
استعمال ڪيو اٿائون ۽ ان ۾ صرف ’م‘ جي تڪرار ڪلام
۾ نه صرف خوبصورت آهنگ پيدا ڪيو آهي، بلڪه شعر جي
موسيقيت ۾ پڻ واڌارو ڪيو آهي.
چہ
بودم در عدم، این دم چہ ام این را جو ابی نیست،
دقیق آن قدر دریاران سوالے کردہ ام پیدا۔
(ص 166)
ٻيو مثال:
بہ ہزار جور و ظلمت دلِ خستہ شاد دارم،
کہ برائی ھجر و فرقت مرا انتخاب کردی۔
(ص 167)
ظلمت ۽ فرقت سجع متوازي آهن.
صنائع معنوي:
(1) صنعت مراعات النظير: ان کي ’تناسب‘ به چوندا
آهن، مطلب ته ڪلام ۾ اهڙن لفظن جو استعمال جيڪي
لفظي اعتبار کان يا معنوي اعتبار کان هڪٻئي سان
تناسب رکندا آهن، ان جي حسن ۾ اضافو ڪندا آهن ۽
پڙهندڙ وڌيڪ لطف اندوز ٿيندو آهي، جيئن طالب
الموليٰ ان شعر ۾ عندليب، باغ ۽ گل کي هڪ ئي شعر ۾
انهن ٽنهي کي گڏ ڪري خوبصورت انداز ۾ فاني کي ادا
ڪيو آهي.
منے
چون عندلیبِ زار ہستم
رخت در باغِ خوبان گل پر آب ست۔
(ص 166)
(2) تشبيهه: طالب الموليٰ جن پنهنجي ڪلام ۾ تمام
ساده پر خوبصورت تشبيهون استعمال ڪري ڪلام کي وڌيڪ
حسن بخشيو آهي، ان سان گڏوگڏ معنيٰ کي وڌيڪ سولو
بڻايو اٿائون:
مثال:
در زلفِ پر شانیت رخ روشن سم می رید،
گہ ظاہر گہ پنہان چون مہ بہ سحاب اندر۔
(ص 165)
منے چون عندلیبِ زار ہستم،
رخت در باغ خوبان گل پر آب ست۔
(ص 166)
(3) صنعت استعاره: استعاري جي لفظي معنيٰ آهي
اڌارو وٺڻ، پر اصطلاحي معنيٰ آهي ته ڪنهن لفظ کي
ڪڍي اڌاري طرح استعمال ڪرڻ، مخدوم صاحب جن استعاري
جو استعمال به نهايت خوبصورتيءَ سان ڪيو اٿائون:
ھمین خواھم، ترا سازم مسلمان، ای بت کافر،ٍ
ترا از بتگرِ بی زر خریدن آرزو دارم۔
(ص 168)
زھرہ جبین زندہ بادِ ماہ، لقا زندہ باد،
اہل جفا زندہ بادِ، اہل وفا زندہ باد۔
(ص 173)
(4) تضمين: هڪ شاعر ڪنهن ٻئي شاعر جي شعر کي
پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪري ته ان کي تضمين چوندا
آهن. طالب الموليٰ جن فارسيءَ جي بلند پايه ۽
باڪمال شاعرن حافظ شيرازي ۽ عُرفي شيرازي کان
متاثر آهن. جن جي ڪلام کي پنهنجي فارسي ڪلام ۾
نهايت خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو اٿائون، عرفي
شيرازي جي غزل جي مطلع واري مصرع کنئين اٿائون
عرفي شيرازي چوي ٿو:
بیا ای درد کز راحت را میدن آرزو دارم،
بہ غم پیوستن از شادی بریدن آرزو دارم۔
ترجمو: اي عرفي اچ ته مان راحت ۽ خوشيءَ کان پري
ڀڄڻ جي آرزو کان ٿو غم ڳنڍڻ لاءِ خوشيءَ کان تعلق
ختم ڪرڻ جي آرزو رکان ٿو.
مخدوم طالب الموليٰ جن عرفي شيرازيءَ جي ان غزل جي
تضمين ڪئي اٿائون، جيڪا هتي پيش ڪجي ٿي:
بیا قاصد کہ
پیغامت
شنیدن آرزو دارم،
کہ ان پردہ نشین را باز دیدن آرزو دارم(1)۔
(ص 168)
ترجمو: اي قاصد اچ ته مان تنهنجي پيغام
ٻڌڻ جو آرزومند آهيان، مان هن پرده نشين کي ٻيهر
ڏسڻ جو خواهشمند آهيان.
فارسي زبان جو هڪ ٻيو بلندپايه شاعر حافظ
شيرازي آهي، جنهن جي غزل جي مخدوم صاحب جن تضمين
ڪئي اٿائون:
بدور لالا قدح گیرو می ریا می باش،
ببوی گل نفس ہمدم صبا می باش۔
(حافظ)
(2)
ترجمو: بهار جي موسم ۾ شراب جو جام پيءُ ۽ رياڪاري
کان پري ٿي، خالص ٿي گل وانگر خوشبودار ٿيڻ لاءِ
بادِ صبا جو همنشين ٿيءُ.
مخدوم صاحب جن حافظ شيرازي جي ان غزل جي تضمين هن
ريت ڪئي اٿائون:
تو از جہان بگذر و زہمہ جدا می باش،
وبا حقیقتِ خود یکدم آشنا می باش۔
برو بہ میکدہ می خور وبا خدامی باش،
"بدورِ لالا، قدح گیرو بی ریامی باش،
بہ بوئی گل نفسی ہمدمِ صبا می باش۔
(ص 169)
ترجمو: تون دنيا کي ترڪ ڪر ۽ سڀني کان قطع تعلق ٿي
وڃ، چڱي طرح تون پنهنجي حقيقت کي سڃاڻي وٺ، ميخاني
۾ وڃ شراب معرفت پيءُ، خدا سان همراهه ٿي وڃ، بهار
جي موسم ۾ شراب پيءُ ۽ رياڪاري کان پري ٿي خالص ٿي
وڃ گل وانگر خوشبودار ٿيڻ لاءِ بادِ صبا جوهمنشين
ٿيءُ.
(5) صنعت تضاد: هن صنعت ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪيا
ويندا آهن، جيڪي متضاد (ضد) هوندا آهن. ان کي صنعت
تضاد چئبو آهي، شاعريءَ جي اهم صنعتن مان هڪ متضاد
لفظن جو استعمال آهي، جنهن جي ذريعي اهم مطلب ۽
معنيٰ سمجهائڻ ۾ پڻ آساني ٿيندي آهي. طالب الموليٰ
پنهنجي ڪلام ۾ صنعتِ تضاد جو استعمال نهايت سهڻي ۽
دلڪش انداز ۾ ڪيو اٿائون، جنهن جا ڪجهه مثال پيش
ڪجن ٿا:
من بیدل بہ شیرین چہ کارے ہست ای واعظ،
ز جامِ عشق تلخی را چشمیدن آرزو دارم۔
(ص 166)
ریہ
نعشِ عصرِ حاضر روز شب بارد می گریم،
کہ روحِ عشق در جسمش دمیدن آرزو دوارم۔
(ص 168)
گاہ در میخانہ باشم گاہ در سجد روم،
گاہ بیخود آمد گاہ خبردار آمدم۔
(ص 163)
(6) صنعت تلميح: تلميح معنيٰ ڏيکارڻ، پر اصطلاحي
معنيٰ مطابق ڪنهن قصي يا تاريخي واقعي ڏانهن اشارو
ڪرڻ، صنعت تلميح جو استعمال جيئن ڪلام کي حسن بخشي
ٿو تيئن شاعر جي علم، فڪر و دانش ۽ قوتِ بيان جي
وسعت طرف به اشارو ڪري ٿو، مثال:
ای مسیحائی زمان بر التجائی عاشقت،
این طرح فرما کہ این بیچارن بیمارِ من است۔
(ص 167)
مٿئين بيان ٿيل شعر ۾ پيغمبر اڪرم
ﷺ جي ذات کي مسيحائي زمان سڏيو
ويو آهي، جيڪو حقيقت ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي
واقعي طرف تلميح آهي ۽ ان تلميح ذريعي ان دور جي
ماڻهن جي حالت جو به ذڪر ڪيو اٿائون ته پنهنجي
حالت کي به بيان ڪيو آهي ۽ ان حقيقت کي به روشن
ڪيو آهي ته پيغمبر اڪرم ﷺ
اعجازِ مسيحائي رکن ٿان، جن وٽ هر درد و غم جو
علاج آهي.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي ان فارسي ڪلام
جي مختصر تعارف مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته انهن کي فارسي ادب سان گهرو لڳاءُ هئن. حافظ،
سعدي، رومي ۽ عرفي شيرازيءَ جهڙن بلند پايي جي
شاعرن کان متاثر هئا، اهوئي سبب آهي ته سندن فارسي
ڪلام ۾ هڪ خاص تاثير آهي، جيڪو پڙهندڙ کي لطفِ
اندوز ڪرڻ سان گڏوگڏ فيض جو باعث پڻ آهن.
حوالا:
1)
Https: 11ganjoor-net/orfilghazalox/shu29
2)
ديوانِ حافظ، خط استاد جواد شريفي ملک الخطا طين
چاپ، هفتم تاريخ چاپ 1372 شمسي، اشارت مهر آئين
خيابان جمهوري اسلامي کوچئه مهندس المالک، ايران،
ص 183
نوٽ: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو فارسي ڪلام
سندن تصنيف ”ڪچڪول“ مان کنيل آهي. |