ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
ٻُڌڪا
اڄ کان لڳ ڀڳ تيرھن سؤ سال اڳ تائين سنڌ ساڻيھه ۾
ٻُڌ ڌرم جو گهڻو اثر رهيو هو. سڄي سنڌ پر
خاص ڪري هاڻوڪي جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعي وارن علائقن ۾ ٻُڌ ڌرم وارن جا گهڻا
آستان موجود ھئا. سنڌ ۾ ٻُڌيا پرڳڻو به مشھور رهيو
آهي. اهو علائقو سن ۽ سيوهڻ، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد
واري علائقي کان ويندي سبيءَ تائين ۽ هيڏانھن
درياھ پار دولتپور ۽ موري کان ڪنڊياري وارن علائقن
تائين پکڙيل رهيو. هن علائقي جو احوال ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ هن ريت ڏنو آهي: ”ٻڌيه: هي قديم سنڌ
جو اتر-الهنديون پرڳڻو هو جو سيوستان يا سيوهڻ
پرڳڻي جي لڳو لڳ اتر ۾ هو، ۽ جو اندازن موجوده
لاڙڪاڻي ضلعي سڄي ۽ جيڪب آباد ضلعي جي الهندي ڀاڱي
تي مشتمل هو. اُتر الهندي کان ڪيڪان جو ترڪي پرڳڻو
لاڳو هئس.“(1)
ايئن ٿي سگهي ٿو ته هيٺيون علائقو يعني نيرن ڪوٽ
کان جهرڪ ويجهو ماجيراءِ جي ماڙي/ڪوٽ تائين وارو
علائقو وري ٻُڌڪا نالي سان سڏيو ويندو ھجي. انهن
پٽن ۾ بھمڻ آباد، سُڌيرڻ
(سعيدپور ٽڪر) ٻُڌڪا ٽڪر ۽ ماجيراءِ واري بُٺي
(ٽڪري)
اھڙا ماڳ آھن، جتي اڄ به ٻُڌ ڌرم جا قديم آثار
گواھيءَ لاءِ چِٽا موجود آھن. هتي اسان جو موضوع
فقط ٻُڌڪا آهي. ڏٺو وڃي ته موجود وقت ۾ ٻُڌڪا وارن
پٽن جي آثارن ۾ ھاڻي فقط ٻه ٽڪريون وڃي بچيون آھن،
جيڪي پنھنجو پاڻ ۽ پنھنجا آثار اڃا به بچائينديون
اچن ۽ انهن ٽڪرين واري علائقي کي ئي ٻُڌڪا سڏيو
وڃي ٿو. سنڌ ۾ جڏهن ٻُڌ ڌرم گهڻائيءَ ۾ هو تڏهن هن
علائقي جو گهڻو زور هو. ڊگهي جابلو علائقي سان
سلهاڙيل ۽ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ سان هئڻ ڪري،
هن علائقي جي وڏي اهميت هُئي. زراعت، ڪپڙي، گهرو
صنعت، ۽ واپار جي لحاظ کان هي علائقو شاهوڪار هو.
ان دور جي جديد صنعتڪاري به هتي موجود هئي، جيئن
پٿر جا اوزار وغيره ٺھڻ. مطلب ته ٻُڌڪا ٽڪريون،
ٻُڌمت جي ٻُڌڪا وهار/ٻُڌ اسٽوپا جي ڪري مشھور
رهيون آهن. ڪن تاريخي حوالن، روايتن ۽ زميني جانچ
جي بنياد تي هن ٽڪرين جي صورتحال هن ريت هئي:
اترئين ٽڪريءَ تي هڪ شاندار اسٽوپا ٺھيل
هو. اسٽوپا جي بنياد ۾ پٿر ۽ مٽيءَ جي گاري
(گڏ ڪنھن اڇي مصالحي) سان پڪيون ڳاڙهيون سرون استعمال ٿيل ڏسجن ٿيون. اسٽوپا جي
اوڀر ڏکڻ ڀرسان گوتم ٻُڌ جو بُت
رکيل هو جيڪو ڪنول جي گلن تي سڪون سان ويٺل هو.
سندس مٿي تي سج جهڪي آيل هو. درياهه بادشاهه
ٽڪريءَ جي اوڀر کان گولائي ڪري ڏکڻ پاسن وهي رهيو
هو، تڏهن ئي ته چيو وڃي ٿو ته: ”ٻُڌڪا ٽڪريون
درياهه پير جي ڀاڪرن ۾ گهيريل هيون.“ هن ٽڪريءَ جي
اتر کان سيڙهيون ٺھيل هيون. ٽڪريون بنھه ڪنڌيءَ
سان هئڻ ڪري ڪن چانڊوڪين ۾ پاڻيءَ ۾ پنھنجو سھڻو
عڪس پسائينديون هيون، ڄڻ ته اسٽوپا ۽ بت پاڻيءَ ۾
جرڪندا رهندا هئا. ڏکڻ واري ٽڪريءَ کي اتر ۽
اوڀر سان سيڙهيون هيون. هن ٽڪريءَ تي به بت رکيل
هو جنھن جي سامهون هر وقت ڏيئو ٻرندڙ هو. ٻئي
ٽڪريون اتر ۽
اولهه کان گهاٽن وڻن ۾ گهيريل هيون. وسنديون ۽ ڳوٺ
ٽڪرين کان پرڀرو هئا. مطلب ته ٽڪريون فطري سُونھن
سان
سجيل هيون. هتي
هِيءَ ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي ته پڪن
ثبوتن ۽ مختلف حوالن سان ھيءَ حقيقت به پڌري ٿئي
ٿي ته
قديم آثارن سان سُڃاتا ويندڙ ٻئي ماڳ، ماجِيراءِ ۽ ٻُڌڪا
اھڙا ماڳ آھن، جيڪي ٻُڌ دور کان گهڻو اڳ ھزارين
سالن کان انساني استعمال ۾ رھيا آھن. ھتان ڪيترائي
اھڙا آثار مليا آھن، جيڪي نئين پٿر جي دور جي
زماني جا آھن. ھتان اڇي ڀوري پٿر جا اوزار، جن ۾
بليڊ، ڇُريون وغيرہ گهڻي تعداد ۾ مليون آھن. انهن
حقيقتن کي نظر ۾ رکي، ايئن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه
آهي ته ٻُڌڪا ۽ ماجِيراءِ ٻئي ماڳ ٻُڌ ڌرم واري
دور کان بنھه گهڻو آڳاٽو انسان جي سٺي استعمال ۾
رھيا .
ڏٺو ويو آهي ته ٻُڌڪن ۾ ٻن دورن جا آثار
ملن ٿا، پھريون تاريخ کان اڳ وارو دور ۽ ٻيو سنڌو
تھذيب وارو دور سان تعلق رکي ٿو. پھريون دور، جنھن
جا آثار پٿر جي اوزارن جي شڪل ۾ ملن ٿا. ايم.ايڇ
پنھور صاحب، ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ۾ نئين
پٿر جي دور
(Neolithic) ۾ گهڻن حوالن سان ڄاڻايو آھي:
”گجي جي ويجهو ٿرڙو(2) ٽڪرين، شاھ حسين
(ٺٽو)، ڪافرڪوٽ ۽ ٻُڌ جو ٽڪر
(ٽنڊومحمد خان)
جي کوٽائي ٻڌائي ٿي ته ٽي ھزار ق.م
۾ ان هن ماڳن تي پٿر چيرڻ جا ڪارخانا موجود ھئا.“(3) مطلب ته ھيءُ
علائقو پنجن ھزارن سالن کان گهڻي آڳاٽو رهيو آھي .
خاص ڪري ماجِيراءِ اڃا به اھڙو آڳاٽو ماڳ
آھي، جتي گهڻو آڳاٽو غارن ۾ رھندڙ انسان جا چِٽا
ثبوت موجود آھن. اُتي انسان جون ٺاھيل اُھي قديم
غارون اڄ به موجود آھن، جن جا آثار اڄ به ڏسي
سگهجن ٿا. مطلب ته ماجيراءِ ۽ ٻُڌڪا ٽڪر ھزارين
سال اڳ پٿر جي دور ۾ به انساني استعمال ۾ رھيا
آهن. ھن علائقي جي قديم آثارن بابت تاريخ جي ڪتابن
۾ ڪو خاص ذڪر نٿو ملي. ماجِيراءِ ۽ ٻُڌڪا بابت سڀ
کان پھرين مسٽر ڪارٽر(4)
جي رپورٽن ۾ ذڪر ملي ٿو، جنھن جو حوالو ھينري ڪزنس
به ڏ نو آھي ته ان جو ذڪر مشھور اديب ۽ محقق ڀيرو
مل مھرچند آڏواڻي ۽ ٻين به ڪيو آھي. ڀيرو مل
پنھنجي تحقيقي ڪتاب
’قديم سنڌ‘ ۾ سنڌ ۾ پٿر واري زماني جو ذڪر ڪندي، مسٽر ڪارٽر جي حوالي
سان لکيو آھي: ”کيس جهرڪن طرف ٻُڌڪا ٽڪرن مان
انهيءَ زماني ۾ پٿر مان ٺھيل اوزار به ھٿ آيس.“(5)
زمانا گذرڻ کان پوءِ، اڳتي ھلي، ھتي جي
مقامي ماڻهن ٻُڌ ڌرم قبوليو. جڏهن سڄي سنڌ سان گڏ
هتي به اسٽوپا، وھار وغيرہ ٺاھيا ويا، تڏهن ھنن
ماڳن کي وڏي اھميت ملي. ٻُڌڪا ٽڪر جي پوئين دور
يعني ٻُڌ ڌرم واري دور تي نظر وجهڻ ۽ پرکڻ کان
پھرين هتي ٻُڌ ڌرم جي شروعات جو بنھ مختصر ذڪر ڪرڻ
به ضروري سمجهون ٿا، ته جيئن اصل موضوع کي چٽائيءَ
سان سمجهي سگهجي. هيِءَ حقيقت آهي ته سن
712ع
تائين سنڌ ۾
(سوين
سالن کان)
ٻُڌ مت رهيو آهي.
سڄيءَ سنڌ ۾ اسٽوپا ۽ ٺل هتي ٻُڌ مت جي
گهڻائي هئڻ جي گواهي ڏين ٿا .
گوتم
(480
ق.م
جنم ۽
400
ق.م
لاڏاڻو
(جنھن جو اصل نالو سڌارٿ ھو، جيڪو نيپال جي
ڪپل وستوءَ جي ھڪ راجا
ساڪيا حڪمران جي قبيلي مان
(جو پٽ ھو. سندس تعليمات موجب زندگي ڏک
(سروم
دکم دکم)
آهي. زندگيءَ جو مقصد نرواڻ جي ڳولا آهي. لڳ ڀڳ
400 ق.م. کان ايشيا ۾ ٻُڌ مت وڌڻ لڳو. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۽
هند، سامونڊي ۽ خشڪيءَ رستي هزارين سالن کان سڄي
دنيا جي ملڪن سان ڳنڍيل هئا. سنڌ ۽ هند جا
ميسوپوٽيميا ۽ ٻين ملڪن سان واپاري ڳانڍاپا هئا.
انهن رستن ۽ لاڳاپن وسيلي ٻُڌ مت دنيا جي گهڻن
ملڪن تائين پھتو ۽ پکڙيو.
323 ق.م ۾ سڪندراعظم جي موت کان پوءِ چندر گپت موريا هندستان ۾
موريا گهراڻي جي حڪومت جي شروعات ڪئي. هن يونانين
سان جنگيون ڪري، سنڌ کي به پنھنجي حڪومت ۾ شامل
ڪيو. انھيءَ دور
(321 کان
205
ق.م) ۾ ئي سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم جي شروعات ٿي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان جو تڪڙو
اثر ٿيو. چندرگپت موريا جي اولاد مان مھاراجا اشوڪ
ٻُڌ جي لاڏاڻي کان
200
سال پوءِ ٻُڌ مت قبول ڪري، لمبيني
(نيپال)
ويو. ٽين صدي ق.م. جي وچ ڌاري اشوڪا جي زماني ۾
ٻُڌ جي قولن کي لکت ۾ آندو ويو، اڳتي هلي ٻُڌ جي
ان تعليم تي ٻُڌ ڌرم جو نالو پئجي ويو. اشوڪا
ھندستان سان گڏ سنڌ تي به حڪومت ڪئي. انھيءَ دور ۾
ٻُڌ ڀڪشوئن جون مختلف وقتن تي ٻه ڪائونسلون سنڌ ۾
گڏ ٿيون. ايم.ايڇ
پنھور، مجمدار ۽ ٻين جي حوالي سان ڄاڻايو آھي: ”387
ق.م ٻي ٻوڌي ڪائونسل گڏ ٿي، جنھن ۾ ڪجھ سنڌي
ڀڪشو به شامل ٿيا ھئا.“(6)
سائين جي.ايم.سيد به پنھنجي ڪتاب سنڌوءَ جي ساڃاهه
۾
ان جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ڏينھن ۾ ئي
مھاتما گوتم جي خاڪ مان سنڌ کي به حصو ڏنو ويو ھو.
تحقيق موجب ھن ئي دور جي آخر ۾ مُھين جي دڙي جي
بنھه مٿئين ڀاڱي
(آخري
دور)
۾ اسٽوپا ٺاھيو ويو. اهڙيءَ ريت ٻين به گهڻن ئي
ھنڌن تي ڪيترائي اسٽوپا ٺاھيا ويا. سنڌ ملڪ هن دور
۾ گهرو صنعت، ڪپڙي، واپار، معشيت، فن ۽ ثقافت ۾
وڌيڪ ترقي ڪئي .
اشوڪا جي مرڻ کان پوءِ يوناني باخترين
190
ق.م
۾ پشاور تي قبضو ڪري، موريا گهراڻي جي آخري راجا
’برھادٿ‘ کي قتل ڪيو ۽ ٻيو ڀيرو، سنڌ تي قبضو ڪري،
پنھنجي بادشاھيءَ
(بلخ-
افغانستان مرڪز)
۾ ملائي ڇڏي. ڊيميٽريس اول باخترين جي هن حملي جي
اڳواڻي ڪئي هئي. اڳتي هلي سندس اولاد ٻڌ ڌرم
اختيار ڪيو. ھتي جا ئي مقامي ماڻهو گورنر مقرر
ڪري، کين پنھنجي تابع رکيو، جيڪي ٻُڌمت جا پوئلڳ
ھئا. ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ “ ۾ ڄاڻايل آهي:
”سن
137
ق.م ۾ سنڌي ڀڪشو پٽالا کان سيلون ويا هئا.“(7) ايئن سنڌ ساڳئي نموني ٻُڌ
مت جي اثر ھيٺ رهي. زمانو گذرڻ سان،
يوناني باخترين جي بادشاھ
’اپولو
ڊوٽس‘
جي مرڻ کان پوءِ
70 ق.م ۾ سنڌ تي سٿين
(ساڪا) جو
تسلط قائم ٿيو، جيڪو
46 ق.م تائين ھليو. ان زماني ۾ سندن ملڪ
منگوليا ۾ سخت ڏُڪار پوڻ سبب هو
160 ق.م
کان اهي سنڌ ۾ ٽولن جي شڪل ۾ اچڻ شروع ٿيا. ايم.ايڇ. پنھور
صاحب مختلف حوالن سان
’سٿين
يا ساڪا راڄ‘
جي
احوال ۾ لکيو آھي: مائيس اُتر سنڌ کان
ھليو ۽ سنڌو ماٿريءَ ڏانھن وڌيو. سٿي اڳ ئي ڪڇ ۽
ڪاٺياواڙ ۾ آباد ھئا.“(8)
جيڪي سندن ملڪ ۾ ڏڪار پوڻ سبب بک مرندي ڀڄي، سنڌ
۾ ساهه بچائي ويٺا هئا. سٿين جي ئي پوئين دور ۾ ڪن
علائقن تي پارٿين قبيلي جو قبضو رھيو. هن دور ۾ به
هتي ٻُڌ ڌرم گهڻن ماڻهن جو مذهب رهيو.
سن
78ع ڌاري چين مان آيل رولو ٽولي
(ڪشن جي ڪنشڪ پھرئين)
سنڌ تي قبضو ڪري، پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. هن جي
گهڻائي ٻڌ ڌرم جي پيروي ڪند ڙ هئي. هنن ڪيترائي ٻڌ
مندر ۽ اسٽوپا ٺاهيا. ايم .ايڇ. پنھور صاحب
”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ۾
”ڪشن راڄ ۽ ٻُڌ اڏاوتن جي اوسر“ جي عنوان هيٺ ڄاڻايو آھي ته:
”سن
65 ــ
78ع
۾ حڪومت ڪندڙ ڪُشن سموري سنڌ تي فتح حاصل
ڪري ورتي.
78ع
۾ ڪنشڪ راجا بڻيو، جنھن جي راڄ ۾ سنڌ شامل ھئي.“(9)
”سن
90ع
۾ ڪنشڪ ٻوڌي ڪائونسل ڪوٺائي.(10)
جنھن جو ذڪر ٿي چڪو آهي. ان هن زمانن ۾ سنڌ ملڪ
ڪيترين ئي ڳالهين سان گڏ صنعت ۽ هنر جي لحاظ کان
به ڏيھان ڏيھه مشھور هو. پنھور صاحب ڄاڻايو آھي:
”سن
120ع ۾ ھنرمندن جو ھڪ جٿو سنڌ کان چين ويو.“(11)
اهڙيءَ ريت مستند حوالن سان ڄاڻ ملي ٿي ته:
”138ع
کان
145ع
جي وچ ڌاري راجا ڪنشڪ وڏي انگ ۾ ٻوڏي ٺڪاڻا ٺھرايا.“(12) سن
145ع کان
176ع
تائين واسديو پھرين جي حڪمراني رهي.
ايم.ايڇ. پنھور صاحب ميڪي جي حوالي سان ڄاڻايو
آھي: ”1650-1600 ق.م ۾ موھن جو دڙو اُجڙي ڦٽي ويو ته وري نه وسيو، جيستائين وري
ڪشن گهراڻي اتي ٻي عيسوي صديءَ ۾ اچي اسٽوپا اڏايو.“(13) واسديو پھرين جا سِڪا مھين جي دڙي مان مليا آهن. تاريخ جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽين قبل مسيح کان
مُھين جي دڙي، ڪاھوءَ، مير رڪڻ، سڌيرڻ، ديبل بندر،
ماجِيراءِ، ٻُڌڪا ٽڪر
(جهرڪ ويجهو)
ھبيري، سيوهڻ، سن، ساوڙي
(نوشھرو
فيروز)، بُدڪ/ٻُڌڪا
(ڪنڊيارو)
بھمڻ آباد ۽ ٻين ڪيترن ئي ھنڌن تي اسٽوپا، ٺل،
وِھار وغيرہ ٺھرايا ويا. هن ئي دور ۾ ٻُڌ جون
مورتون به رکيون ويون. اها حقيقت آهي ته مذھبي طرح
ھي دور ٻُڌمت جو تمام سٺو دور رھيو.
سن
145ع ۾ راجا واسديو ڌرم مٽائي هندو ڌرم اختيار ڪيو.
واسديو جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪشن گهراڻو پڄاڻيءَ تي
پھتو.
ڪشن گهراڻي جي آخري دور ۾ آھستي آھستي وري به ساڪا
(سٿين) گهراڻي پنھنجون حڪومتون قائم ڪري ورتيون هيون. سن
283ع
ڌاري وري ايران جي ساساني گهراڻي جي بھرام گور
ٻئين سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن تي تسلط قائم ڪيو، پر
تڪڙوئي سنڌ ملڪ آزادي ماڻي ورتي. سن
350
-288ع
۾ وري چندر گپت ٻئي سنڌ جي گهڻن ڀاڱن کي پنھنجي
بادشاھت جي ماتحت ڪيو. هن دور ۾ چندرگپت، سمودرگپت
۽ وڪرمادتيه مشھور حڪمران رهيا. هن دور ۾ هتي
صنعت، سائنس، رياضي، فلڪيات، فلسفي ۽ ٻين شعبن ۾ گهڻي ترقي
ٿي. پنھور صاحب ڄاڻايو آھي ته:
”سن
388 399ع
جي عرصي ۾ سنڌ آزاد ٿي چڪي هئي.“(14)
ان دور يعني ”320
ــ
380ع
جي دور ۾ ھن دو ڌرم ڏکڻ ايشيا ۾ زور سان وڌيو،
پرسنڌ ۾ نه، ڇو ته ھتي ٻُڌ ڌرم اڃا تائين وڌي رھيو
ھو.“ ايئن وري سن
387ع
۾ ايراني حاڪم يزدگرد سنڌ جي اولهائين
ڀاڱن تي تسلط قائم ڪيو. سنڌ جي ماڻهن جدوجھد ڪري
پنھنجن وڌيڪ علائقن تي پنھنجو اختيار قائم ڪري
ورتو، ته وري سن
450ع
۾ يونان جي ھُنن ڪي علائقا ھٿ ڪيا. انھيءَ زماني ۾
ئي ايراني حاڪم نوشيروان به حملو ڪيو. ھن به سنڌ
جي ڪن ھنڌن تي قبضو به ڪيو. انھيءَ دور ۾ به ٻُڌمت
کي ڪو ڇيھو نه رسيو.
499ع
۾سنڌ جي راءِ گهراڻي جي حڪومت جو بنياد پيو.
ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ۾
’راءِ گهراڻو ۽ سنڌ ۾ ٻوڌي طاقت جو عروج‘ جي عنوان سان ڏنل احوال ۾ ڄاڻايل آھي ته:
”499ع ۾ راءِ گهراڻي جي شروعات ٿي، جنھن
641ع
تائين راڄ ڪيو. ھن گهراڻي جو باني راءِ ديواجِي،
نالي ھڪ ٻوڌي ھو.“(15)
”هن دور ۾ سنڌ ملڪ، اوڀر ۾ ڪشمير، اولهه ۾ مڪران، ڏکڻ ۾
سورت بندر ۽ اُتر ۾ قنڌار تائين پکڙيل هو. راءِ
گهراڻي سن
641ع تائين
143 سال شاندار نموني سان حڪومت هلائي. هن دور ۾ ٻُڌ ڌرم اوج تي
رهيو. هتي هيِءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته سن
500ع
کان پوءِ ٻوڌين ۽ جينين، پنھنجي پُستڪن لاءِ
سنسڪرت ڪم آندي، ايئن پوءِ اھا مذھبي ٻولي بڻجي
ويئي.“(16)
جيالاجي ۽ قديم آثارن جي تحقيقي رپورٽن
موجب سنڌ ۽ هند
۾،
هن دور ۾ زرعي ۽ معاشي خوشحالي گهڻي رهي. سنڌ ۾
موريا گهراڻي کان وٺي راءِ گهراڻي تائين هر لحاظ
کان گهڻي ترقي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ ايم.ايڇ پنھور،
لکيو آهي:
”356ع
کان
700ع
وارو دور آبھوا جي لحاظ کان گرم رهيو، جنھن ڪري
سنڌوءَ ۾ پاڻي گهڻو رهيو ۽ زمينون گهڻيون آباد
ٿيون. ڪيترائي فصل جھڙوڪ ڪمند، ڀاڄيون، ميوا وغيره
جام ٿيا. ملڪ وليڪه
(456ع
کان
499ع) راءِ گهراڻي
(499ع
کان
641ع) ۽ برهمڻ
(641ع
کان
711ع) جي حڪومتن ۾ ڏاڍو شاهوڪار رهيو. ٻُڌ مذهب
جون سڀ يادگارون هن سُک ۽ سڻائيءَ واري دور ۾
تعمير ٿيون“
پنھور صاحب ساڳي ڳالهه پنھنجي ڪتاب
Six Thousand Years of History of Irrigation in
Sindh ۾، سن
100
کان
750ع
تائين سنڌوءَ جي اولهائين وهڪري تي موجود شھرن ۽
ماڳن جي نالن ۾ ٻُڌڪا جو نالو ڏنو آهي. هن لکيو
آهي: ”سنڌوءَ جي اولهائين وهڪري تي سُڌيرن جو دڙو،
ٻُڌ جو ٽڪر، ڪافر ڪوٽ، شاه حسين ٿرڙو
(گجو) پير پٺو، جهرڪ ۽ نيرن ڪوٽ موجود هئا.“(17)
”سن
640ع ۾ ٻوڌي قانون جو چيني ماھر ھيون سانگ سنڌ ۾ آيو هو.
هن ڏٺو ته ٻُڌ مت هتان جو گهڻائيءَ وارو ڌرم ھو پر
ان وقت پوئتي پوڻ شروع ٿي چڪو ھو.“
ھُن پنھنجي سفرنامي ۾ سنڌ جي وڌند ڙ واپار
۽ معاشي خوشحاليءَ جو به ڪافي
ذڪر ڪيو آھي. ستين صدي عيسويءَ تائين سنڌ ۾ ٻُڌ مت
ايترو ته زور وٺي چڪو هو جو راهب ٻين ملڪن ۾ وڃي
ٻُڌمت جي تعليم جو پرچار ڪندا هئا. اهڙو ذڪر
’تاريخ طبري‘ ۾ به ملي ٿو ته سنڌ جو هڪ گروهه عرب
۾ آيو
هو جن کي
زعفراني رنگ جو ويس اوڍيل هو. انهن لاءِ چيو وڃي
ٿو ته اهي ٻُڌ راهب هئا. سن
642ع
کان
712ع
تائين سنڌ تي برھمڻ گهراڻي جي حاڪميت رھي. انهيءَ
دور جا بادشاھ توڙي جو برھمڻ ھئا، پر سڄي سنڌ ۾ مقامي ماڻهن جي گهڻائي ٻُڌ
ڌرم جي حامي رھي. سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي هنڌن سان گڏ
سيوھڻ کان جهرڪ، سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنڌين سان ٻُڌ
آسٿان موجود رھيا. اھم بندرن ۽ شھرن ۾ ٻُڌ
گهڻائيءَ ۾ موجود ھئا. ديبل بندر، جهرڪ جي آسپاس
وارا علائقا، مِين نگر، ڪاٺ ٻانڀڻ، بھمڻ، سيوهڻ ۽
ٻيا ھنڌ ان جا مرڪز رھيا. مطلب ته سنڌ تي عربن جي
حملي ۽ قبضي تائين ٻُڌ ڌرم جو بنهه گهڻو زور رھيو
.
مٿين تاريخي احوالن ۽ حوالن مان پڌرو آھي
ته سنڌ ۾ سون سالن تائين ماڻهن جي گهڻائيءَ جو
مذھب ٻُڌ ڌرم رھيو ۽ خاص ھنڌن تي ٻُڌ ڌرم جا
ڪيترائي اسٽوپا ۽ آسٿان ٺھندا ۽ وڌندا رھيا. سنڌ ۾
گهڻو آڳاٽي زمانن ۾ جن ھنڌن تي اسٽوپا ٺھيا ۽
موجود رھيا، انهن ۾ ٻُڌڪا ۽ ماجِيراءِ به شامل
آھن. ڏٺو وڃي ته ھزارين سالن کان ھي علائقو سنڌوءَ
جي ڪنڌيءَ سان ھئڻ جي ڪري، ھر لحاظ کان خوشحال
رھيو آھي. ھن وقت تائين به هتي جي زرخيز زرعي زمين
ھئڻ ڪري تمام گهڻو اناج، ڪمند، ميوو، ڪاٺ، لاک،
کونئر، ماکي وغيرہ بنهه گهڻي ٿيندي رھي آھي.
چوپايو مال به ھتي تمام گهڻو رھيو آھي. گهاٽا ٻيلا
ھئڻ ڪري، جهنگ ۾ مختلف قسمن جا جانور به گهڻا رھيا
آھن. مختلف روايتن ۽ شاھدين مان معلوم ٿئي ٿو ته
ھتي جا ماڻهو گهڻو ھنرمند ۽ محنتي ھئا. ھتي اناج،
ڪپھه، ڪپڙي، نير، ڪمند، کير، مکڻ ۽ گهرو صنعت
وغيرہ جي گهڻائي ھئي. کپت کان واڌو شيون ٻيڙن رستي
پرڏيھه به موڪليون وينديون ھيون. درياھ جي هڪ هنڌ
کان درياھ جي ٻئي هنڌ تائين، ايئن وري درياھ کان
سمنڊ وسيلي ڏور ڏيھن تائين وڃڻ جي وڏي سھولت موجود
ھئي. هن ڏيھه ۾ امن امان به گهڻو ھو. ماڻهو ته ڇا
پر ڪنھن جانور کي به ايذايو ڪونه ويندو ھو. چيو
وڃي ٿو ته ھتي ڪڏھن به ڪا چوري نه ٿي، ڇو ته ضرورت
جي ھر شئي ماڻهن وٽ موجود ھئي. مختلف حوالن ۽
شاھدين مان چٽو ٿئي ٿو ته ٻُڌڪن سان سلهاڙيل هي
سمورو علائقو، ھزارين سالن تائين خوشحال ۽ اوج تي
رھيو.
نالو: ھيءَ حقيقت به پڌري آھي ته ھن ٽڪرين
۽ علائقي تي ٻُڌ ڌرم جي رهاڪن جي نسبت سان ئي
’ٻُڌڪا‘
نالو پيو، پر ھي به ھڪ سوال آھي ته ان ئي زماني ۾
سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي ٻوڌي ماڳ موجود هئا، اھو
نالو ان هن ماڳن مان ٻئي ڪنھن تي
ڇو نه پيو. هتي جي ڄاڻ رکندڙن جو خيال آھي ته ھتي ٻوڌي
آباديءَ جي گهڻائي ۽ ٻُڌڪي وِھار ھئڻ ڪري ئي ٻُڌڪا
نالو
پيو. ڏٺو وڃي ته ھي علائقو جنھن ۾ سُڌيرڻ، بوتو مڪان،
ماجِيراءِ، مين نگر، ٿرڙو، ويندي ديبل ۽ ٻيا ماڳ
ٿوري ٿوري
فاصلي تي موجود
آهي.
ٿورو ئي پريان بھمڻ وارو علائقو به اچي ٿي ويو.
ٻُڌڪا به انھيءَ سلسلي ۾ ماجِيراءِ کان پھرين آھي.
مطلب ته ھي اھڙو علائقو رھيو آھي، جنھن جي آسپاس
ٻوڌي شھر ۽ وستيون گهڻيون رھيون آھن. ھيءَ به
حقيقت آھي ته ان زماني ۾ نه رڳو هي ٽڪريون، پر هن ٽڪرين جي آسپاس به ٻوڌي آبادي گهڻي
هئي. منھنجي خيال ۾ انهن سڀني علائقن ۽ وهارن ۾ ھي
ماڳ آڳاٽو، اھم ۽ گهڻي ٻوڌي آباديءَ واري حيثيت
رکڻ سبب ھن علائقي تي نالو ئي
”ٻُڌڪا“
پئجي ويو.
بيھڪ: ٺٽي ضلعي جي، جهرڪ شھر جي اوڀر پاسي
بيھي ڏسبو ته سنڌو درياهه جي ٻي
(پار) ڪنڌيءَ سان ويجهو ئي ٻه ٽڪريون ڏسڻ ۾
اينديون، اهي ئي ٻڌڪا ٽڪريون جي نالي سان مشھور
آهن. ھر ھڪ ٽڪريءَ جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
اُتر-اوڀر واري مُک ٽڪري
68.284272
ڊگهائي ڦاڪ
25.057755
ويڪرائي ڦاڪ تي آھي. ھن ٽڪريءَ جي اوچائي
158
فُٽ آهي. مٿاڇري جي ڊيگھ
190 فٽ ۽ ويڪر ڪٿان
150
فٽ ته ڪٿان
29 فٽ يعني گهٽ وڌ آھي. وِھار / اسٽوپا واري ايراضي
48 فٽن تي گهيريل آھي.
ڏکڻ-اولھ واري ٽڪري
68.280927
ڊگهائي ۽
25.057320
ويڪرائي ڦاڪ تي آھي. ھن ٽڪريءَ جي اوچائي
164
فُٽ آهي .
مٿاڇري جي ڊيگھ
120
فٽ ۽ ويڪر
30 فٽ ته ڪٿان وري گهٽ وڌ آھي. ٻنهي ٽڪرين جي وچ وارو فاصلو
321 فٽ آھي.
ھيءُ ماڳ هن وقت هاڻوڪي ضلعي ٽنڊي محمد خان، تعلقي بُلڙي شاهه
ڪريم، تپي ملاڪاتيار جي ديھه
’رعيتي
شورو‘
۾ آھي. اُتر ۾ ديھه قبول پور، جنھن ۾
’اڇار‘ نالي قديم ڍنڍ آھي، ڏکڻ ۾ ڇوڙڪي جاگير،
اوڀر ۾ خالصو نالي ديھون آھن
۽ اولھ ۾
’لُٽڙي‘ نالي ٻيلو ۽ اڳيان سنڌو درياھ جو ھاڻوڪو
وھڪرو موجود آھي. ھن وھڪري کان آڳاٽو وھڪرو نصرپور
وارن پٽن کان سُڌيرڻ
(سعيد پور ٽڪر) جو پاسو ڏيندو، مُلاڪاتيار وارو ھنڌ لنگهي، ٻُڌڪن وارين
ٽڪرين جي بنھ ڀرسان ڏاکڻي ڪنڌي ڏيئي، جهرڪ ۽ پوءِ
ماجِيراءِ جي ڀرمان لنگهندو، سونڊا جي ڏکڻ کان
ڦيرو کائي ۽ پوءِ اولھ کان وڃي ھاڻوڪن علي بحر
وارن پٽن تان مٽي، وڏو ڦيرو ڏيئي سونھري ۽ ڪِنجهر
واري وڏي ڪنڊ ڀري، موڙ کائيندو، پليجاڻي قبرستان
جي ڀر ڏيئي، چِليا جي ڏکڻ کان وري ٻن شاخن
(ڪلري
۽ بگهاڙ)
۾ ورھائجي اڳتي وھندو ويندو ھو.
ٻُڌڪا
(ٽڪرن)
جي اولھ طرف سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي جهرڪ شھر ۽ اڃا
به اولھ ۾
6 ڪلو ميٽرن تي ٻڌ دور جي يادگار
ماجِيراءِ جي ماڙيءَ جا آثار اڄ به موجود آھي.
اوڀر طرف مُلاڪاتيار شھر آھي. اُتر طرف سعيد
پور ٽڪر جنھن تي سُڌيرڻ جو دڙو/ٺُل موجود آھي.
ڏکڻ-اولھ طرف قديم واھ ڏاڏون
(شايد اصل
’چچنامي‘
وارو
’دادواھ‘)
۽ ڳوٺ آھي. ڏاڏون کان اڳيان بُلڙي شاھ ڪريم، ان کان اڳتي
ڍنڍي نالي سان
(ٽنڊي
محمد خان-
بٺوري روڊ تي) قديم ماڳ جا آثار اڄ به پکڙيل موجود آھن .
پھچڻ لاءِ رستو:
هِن وقت ٻُڌڪا ٽڪرين تائين پھچڻ لاءِ ٺٽي
کان حيدرآباد رستي سان
(لاريءَ
وسيلي)
50
ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود جهرڪ شھر پھچي، جهرڪ
کان وري ٻيڙيءَ رستي پتڻ پار ڪري، آسانيءَ سان
پھچي سگهجي ٿو. درياھ جي لاٿ جي صورت ۾ اھو فاصلو
ڊگهو ٿي وڃي ٿو،
جيڪو گهڻو پيادل ڪرڻو پوي ٿو.
ٻيو رستو جيڪو ڪجھه گهڻي فاصلي وارو آھي،
اھو حيدرآباد کان ٽنڊي محمد خان ۽ پوءِ مُلاڪاتيار
واري رستي سان مُلاڪاتيار پھچي، اُتان وري ڪچي
رستي سان ٻُڌڪا ٽڪرين تائين پھچي ٿو.
انگريز دور ۾
1947ع تائين ڪراچيءَ کان ريل وسيلي ميٽنگ اسٽيشن تي لھِي،
اُتان ڪنھن سواريءَ ۾ جهرڪ تائين پھچبو ھو ۽ پوءِ
جهرڪ وارو پتڻ پار ڪري ٻُڌڪا رسبو ھو. اهڙي طرح
ٻيو رستو ڪراچي کان جنگشاهي اسٽيشن تي اچي، اُتان
کان ٺٽي پھچي ۽ پوءِ جهرڪ رسبو هو. ايئن پوءِ
هاڻوڪو قومي شاهراهه ٺھڻ کان پوءِ ڪراچي، ٺٽي کان
جهرڪ رسِي پتڻ رستي آرام سان پھچي سگهجي ٿو .
تازو جهرڪ وٽان درياھ تي پُل ٺھڻ ڪري،
هاڻي جهرڪ وٽان لاري/ موٽر وسيلي پل واري چوراهي
وٽان مُڙي، ست ڪلوميٽر سفر ڪري آرام سان ٻُڌڪن
تائين پھچي سگهجي ٿو .
ٻُڌڪن جو اُجڙڻ : جھڙيءَ ريت ‘ٻُڌڪا’ جي جُڙڻ، وڌڻ ۽ اوج کي رسڻ وارو احوال
هاڻي ڪٿي به نٿو ملي، تھڙيءَ ريت هن علائقي جي
اُجڙڻ بابت به تاريخي ماخذن ۽ ڪتابن ۾ ڪوبه ذڪر نٿو ملي.
انھيءَ سلسلي ۾ رڳو ڪي روايتون ئي ملن ٿيون، جن جي
بنياد تي ڪي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا، گڏوگڏ انهن
روايتن ۾ ھن علائقي جي خوشحاليءَ جو به ڪجهه ذڪر
ملي ٿو . ملندڙ روايتن ۾ ھن علائقي جي اُجڙڻ جو
سبب
درياهي ٻوڏن ۽ رُخ مٽائڻ کانسواءِ
ڌارين جو حملو/حملا، قتلِ عام ۽ تباھي
پڻ
ڄاڻايو وڃي ٿو. روايتن تي ٿورو غور ڪري
ڏسبو ته اھو ھڪ حملو نه پر مختلف وقتن تي ٿيل
مختلف حملا آھن. انهن روايتن مان ڪجهه روايتون
ھيٺين ريت آھن:
1.
چيو وڃي ٿو ته: ”درياهه بادشاهه ٻُڌڪا ٽڪرين جي ڏکڻ پاسان ڪنڌي
ڏيئي وهندو هو. اوڀر ۽ اولهه طرف گهاٽا ٻيلا هوندا
هئا. اوڀر طرف ٻيلن کان اڳتي زرعي زمينون ۽ باغ
هوندا هئا. اُتر پاسي هڪ ڍنڍ هوندي هئي ٻيا رڳو
ٻيلا ۽ باغ هوندا هئا. هي ٽڪريون انهن باغن ۽ ٻيلن
۾ گهيريل هونديون هيون. اُتر ۽ اوڀر پاسي ڪجهه
پرڀرو ٻوڌين جا ڳوٺ به هئا. ٽڪرين مان اُترين
ٽڪريءَ تي هڪ ٺل ٺھيل هو. ٺل جي ڏکڻ پاسان هڪ بُت
ٺھيل هو، جيڪو وڏي گل تي رکيل هو. بُت جو منھن
درياهه ڏانھن هو. بُت اهڙي نموني سان وهاريل هو جو
سندس ٻئي هٿ ٻنهي ٽنگن تي رکيل هئا. روزانو صبح جو
سج سلامي ٿيندو هو. پھرين چانڊوڪين راتين ۾ ٽڪرين
جو عڪس بُت سميت سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ پوندو هو.
ماڻهو درياهه جي ڪنڌيءَ تي اچي، پوندڙ عڪس وٽ پوڄا
ڪندا ۽ ڀيٽا ڏيندا هئا“. ايئن ٻُڌڪا جي تباهي بابت
هڪ روايت ۾ چيو وڃي ٿو ته:
”نيٺ ھڪ ڀيري سنڌ ساڻيھه جي ھنن پٽن تي ھڪ
وڏي گهلِ چڙھي، جنگجو اوچتو ئي اوچتو ھن علائقي کي
وڪوڙي ويا، وٽن زھر ڀريل ڀالا ۽ تلوارون ھيون، جن
سان هنن ماڻهن تي وسڪارو لائي ڏنو. هتي جا ماڻهو
پنھنجي بچاءُ لاءِ ساڻن وڙهندي قربان ٿيندا رهيا.
نيٺ انهيءَ جنگي لشڪر ھن شھر ۽ آسپاس جي مردن،
ماين، ننڍن توڙي جهونن کي قتل ڪري ڇڏيو. باقي جيڪي
جهنگن ۽ ٻين ھنڌن ڏانھن ويل هئا، رڳو اھي ئي وڃي
رهيا. حملو ڪندڙن کي ٽڪرين تي چڙھڻ جو حڪم نه ٿيو.
ٺُل تان سڀ ڪجھ ڏسجي رھيو ھو ۽ اُتان ماڻهن کي
ڪُسجندي برداشت نه ٿيو، سو ٽڪريءَ تان وڏو ٻائو
لھي درياھ جي ڪنڌيءَ تي آيو ، ساڻس چيلا به گڏ
ھئا. قدرت پاران ھنن لاءِ گلن ۽ ساون ڪکن جا تُرھا
موڪليا ويا، جيڪي درياهه جي ڪنڌيءَ تي سندن سامهون
اچي رڪيا. وڏن گلن واري تُرھي تي وڏو ڀڪشو ويٺو ۽
ننڍا وري ساون ڪکن جي تُرھن تي ويٺا ۽ پوءِ اهي
درياھ ۾ ھليا ويا. درياھ ھنن جو رکوالو بڻيو، ۽
اهي ٻي ڪنھن ولايت ڏانھن ھليا ويا.
وحشي حملي آورن ھتي جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ
کان پوءِ ھتي جا گهڻا گهر ۽ ٻيون جايون ڊاھي پٽ
ڪري ڇڏيون. باقي
جاين، اناجن، فصلن، باغن ۽ چوپائي مال
وغيرہ تي قبضو ڪري، تنبو طُولان لڳائي، اُتي گلم
غاليچا وڇائي، وڏي ٺٺ سان ڪي ڏينھن رھي پيا. تنھن
کان پوءَ ڌن دولت سان گڏ گهرن ۾ رکيل اناج توڙي
ٻنين ۾ بيٺل فصل به پاڻ سان کڻي ويا. ھتي جو اڪثر
چوپايو مال ڪُھي کائي ويا، تنھن کان پوءِ ھُو جهنگن ۾ ڪاھي پيا ۽ اُتي موجود ھرڻن،
ڦاڙھن ۽ ٻين جانورن کي ماري کاڌائون. ھتي جيڪو
سون، چاندي ۽ ٻيو ڌن موجود ھو سو به سڀ کڻي ويا.
ھتان جا اُٺ ۽ ھاٿي به پاڻ سان ڪاھي ويا. وستيءَ
کان ٻاهر ويل ڪي ماڻهو جڏھن واپس پنھنجي پڊن تي
آيا ته رڳو ماڻهن جا لاش ڏٺائون. لاش ساڙڻ يا دفن
ڪرڻ کان گهڻا ھئا، سو بيوس بڻجي ويھي روئڻ لڳا.
نيٺ قدرت پاران زوردار مينھن وٺو، مينھن ۾ سڀئي
لاش لڙھي وڃي، درياهه ۾ پيا ۽ پوءِ لڙهندي سمونڊ
ڏانھن هليا ويا. مينھن شروع ٿيڻ وقت بچيل ماڻهن
ھنن ٽڪرين ۾ وڃي پناھ ورتي ۽ جڏھن مينھن اوڪاڻيو ۽
پاڻي گهٽيو ته اھي ماڻهو به ھي ملڪ ڇڏي ھميشه لاءِ
ھتان ھليا ويا.“(18)
مٿين روايت موجب؛ ”ھن علائقي تي جن حملي
آورن حملو ڪري، ماڻهن کي قتل ڪري، سندن گهرن،
فصلن، باغن ۽ چوپائي مال وغيرہ تي قبضو ڪري چڪا،
تڏھن ھو اُتي تنبو لڳائي ۽ اُنهن ۾ گلم غاليچا
وڇائي، ٺٺ سان ڪجھ ڏينھن ھتي ئي رھي پيا ھئا ۽
پوءِ واپس موٽي ويا.“ ٿورو غور ڪري ڏسبو ته تنبو
لڳائڻ ۽ اُن ۾ گلم وڇائڻ جو رواج ايرانين ۾ رھيو
آھي. انهيءَ ڳالھ مان پڌرو ٿئي ٿو ته اھو حملو،
ايرانين جو حملو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏھن اھو حملو
ايرانين جو آھي ته اھو حملو
280ع
وارو ٿي سگهي ٿو، جڏھن سنڌ جي ھن علائقي تي
ايرانين حملو ڪري ڪجھ وقت قبضو ڪيو ھو.
2.
ٻي روايت: ”پراڻي زماني
۾ درياھ جي ڪنڌيءَ سان گنجي ٽڪر کان وٺي ڏاڏون شھر
تائين ۽ جهرڪ کان ڍنڍيءَ تائين واري سڄي علائقي کي
’ٻُڌڪا‘
سڏيو ويندو ھو. ٻُڌڪن وارو علائقو باغن ۽ ڀلين
ٻنين وارو سکيو علائقو ھو. ٻُڌڪن واريون ٽڪريون ھن
علائقي جي وچ ۾ ھيون. اُلهندي پاسي کان وڏو ٻيلو
ھوندو ھو، جنھن ۾ ھرڻ، ڦاڙھا، سھا، جهنگلي ٻڪر، تِتر،
مور، ۽ ٻيا ڪيترائي جانور ۽ پکي رھندا ھئا. اُتر
پاسي به وڏا وڏا باغ هئا. اوڀر پاسي کان درياهه
بادشاهه ٽڪرين کي ڀاڪرن ۾ ڀري گولائي ڏيئي، ڏکڻ
کان وهندو هو. هيءَ ٽڪريون درياهه جي ڀاڪرن يعني پناهه ۾
هيون. تڏهن ٻُڌڪن وارا ٽڪر گهڻي ايراضيءَ ۾ پکڙيل
ھئا.
اُترئين ٽڪريءَ تي وڏو مندر ٺھيل ھوندو
ھو. اُتي ڊگهو ٺُل
(اسٽوپا) ٺھيل ھو. اھو ٺل ايترو مٿي ٺھيل ھو جو
پري پري کان ڏسڻ ۾ ايندو ھو.
ٺُل سان گڏوگڏ ھڪ بُت ٺھيل ھو. اُن جو منھن درياھ
جي پاسي ڏانھن ھو. چانڊوڪيءَ ۾ ٺُل ۽ ان بُت جو
عڪس وھندڙ درياھ ۾ ڏسبو ھو. ٻُڌن جو وڏو ٻائو
(ڀڪشو)
ٺُل جي ڀرسان رھندو ھو. ننڍا چيلا وري ھيٺاھين
پاسن ۾ رھندا ھئا. وڏو ٻائو ڪڏھن ڪڏھن ٽڪرين تان
ھيٺ لھي، ڏکڻ ڀر ۾ درياھ جي ڪنڌيءَ تي اچي ويھندو
ھو، جتي درياھ بادشاھ مان گلن جو وڏو تُرھو اچي،
سندس سامهون بيھي رھندو ھو. ٻائو ان تي چڙھي ٻين
ولايتن ڏانھن ھليو ويندو ھو. ڪڏھن ڪجھ ڏينھن ته
ڪڏھن وري مھينن کان پوءِ واپس ساڳئي ھنڌ تي اچي،
درياھ مان نڪري، ٽڪريءَ تي ھليو ويندو ھو. ڪڏھن
ڪڏھن وري صبح سوير ڏکڻ پاسي واري ٽڪريءَ جي
اولهائين پاسي ايندوھو، جتي پاسي واري جهنگ مان
ھرڻ، ڦاڙھا ۽ ٻيا جانور وٽس اچي، ڪنڌ نمائي بيھندا
ھئا. سج اُڀرڻ مھل ھو
واپس ٽڪريءَ تي ايندو ھو. پوءِ جانور به
آھستي آھستي جهنگ ۾ ھليا ويندا ھئا. هن علائقي ۾
ڪوبه ڪنھن کي ايذائيندو نه ھو، ويندي ماڪوڙيءَ جو
به خيال ڪيو ويندو ھو. ڪنھن به ٻاھرئين ماڻهوءَ کي
ھن علائقي ۾ اچڻ جي موڪل نه ھئي. ھڪ ڀيري ڪي اجنبي
ماڻهو ھتي اچي رھي پيا. اھي ڪنھن ولات جي
بادشاھيءَ جا موڪليل جاسوس ھئا. ھڪ ڏينھن جهنگ مان
ھڪ ھرڻ جهلي اچي، ڪُھي کائي ڇڏيائون. تنھن تي
ماڻهن اچي کين چيو ته ساھوارن جو گوشت کائڻ وڏو
پاپ آھي، سو ايئن نه ڪيو وڃي. ھتي جي ماڻهن جي
گهڻي چوڻ ڪري ھو ھتان نيٺ ھليا ويا. ان هن ماڻهن
پنھنجي ملڪ وڃي، اُتي جي ماڻهن کي ڀڙڪايو. اُتان
ھڪ وڏي گهلِ چڙھي .
اھا گهل ھن علائقي کي گهيري ويئي ۽ پوءِ
ھتي جي ماڻهن تي اچي تيرن ۽ تلوارن جا وسڪارا لائي
ڏنائون . هيءُ اوچتو حملو ٿيو هو، تنھن هوندي هتي
جا ماڻهو به ساڻن گهڻو ئي وڙهيا ۽ وڙهندي وڙهندي
مارجندا ويا. اُن حملي ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا.
انهن ماريل ماڻهن جو ايترو رت وھيو جو اھو رت وھي
وڃي جڏهن درياھ ۾ پيو ته سڄو درياھ ئي ڳاڙھو رت ٿي
وھڻ لڳو. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ اھا گهلِ ھتان اڳتي
ھلي ويئي. ان کان پوءِ ھي علائقو سدائين لاءِ
اُجڙي ويو. گهلِ وارن ويندي ويندي ھتان ڪيترو ئي
خزانو جنھن ۾ سون، چاندي، ھيرا، موتي، قيمتي ڪپڙو
۽ ٻيو سامان پاڻ سان کڻي ويا. باقي زمين ۾ پوريل
ڪجھ خزانو رھجي ويو. اڃا تائين به ٽڪريءَ جي آسپاس
زمين ولبي آھي ته گهڻيون ئي شيون ملنديون آھن. خاص
ڪري اُترئين پاسي زمين کيڙبي آھي يا گهڻا مينھن
پوندا آھن ته ڪي ڀڳل ٽٽل، ته ڪي سڄيون سِرون ۽
ٿانو نڪرندا آھن. ڪن ماڻهن کي سون جا زيور يا
زيورن جا ٽڪر به مليا آھن. ھتي جي جن ماڻهن جي جان
بچي سگهي، ڪجھ ڏينھن کان پوءِ اهي به سڀ هتان هليا
ويا. انهن مان ڪي ماڻهو ھتان لڏي وڃي،
’ڍنڍِي‘ شھر ۾ ويٺا ته ڪن وڃي اولھ وارن جبلن ۾
پناھ ورتي. ھي علائقو تنھن زماني ۾ اُجڙيو ته پوءِ
وري ڪڏھن آباد نه ٿي سگهيو. زمانا گذرڻ سان ٽڪريءَ
تي ٺھيل مندر ۽ ٺُل به آھستي آھستي ختم ٿي ويو.“(19)
3
ٽين روايت :
”چيو وڃي ٿو ته ٻُڌڪا وڏي ڪرامت وارو پٽ
آھي. وڏن کان ٻڌو ويو آھي ته ڪنھن زماني ۾ درياھ
بادشاھ
(سنڌو)
ٻُڌڪن جي ڏکڻ پاسان، اوڀر کان اولھ ڪنڌي ڏئي،
ٻُڌڪن وارين ٽڪرين کي ٻکن ۾ ڪري
(اڌ) گولائي ٺاھي وھندو ھو. ٽڪرين کان ٿورو پرڀرو، اُتر پاسان
وري ھڪ شھر آباد ھو. ان شھر ۾ به گهڻائي ٻوڌين جي
ھئي. شھر جي آسپاس زمينون آباد ھيون، ۽ ميوات جي
وڻن جا وڏا وڏا باغ ھئا. اُترــ اولھ ۾ درياھ
ڪنڌيءَ سان وڏو ٻيلو ھوندو ھو، جنھن ۾ ھرڻ، ڦاڙھا
۽ ٻيا گهڻا جانور رھندا ھئا، انھن کي ڪوبه ڇيھو نه
رسائيندو ھو، خاص ڪري ھرڻ رات جو ٻيلي مان اچي
ٻنين مان فصل کائي هليا ويندا ھئا پر انھن کي پوءِ
به ڪجھ نه چيو ويندو ھو. ٻُڌڪن وارين ٽڪرين مان
اُترين ٽڪريءَ تي ٻُڌن جو وڏو مندر ۽ بُٺ
(ڪاڪا
برِھِيم اسٽوپا کي بُٺ چوندو آھي)
ٺھيل ھو. ٺُل جي اوڀر پاسي کان ھڪ وڏو بُت رکيل ھو
جيڪو وڏي گلدان تي ويٺل ڏيکاريل ھو، جنھن جي جوٽ
تي به گل رکيل ھئا. مٿي تي سج چمڪندي ڏيکاريل ھو.
ٻُڌن جو ڀڪشو به اُتي ئي رھندو ھو. صبح جو سج
اُڀري کان اڳ اھو بُٺيءَ
(ٽڪريءَ)
تان لھي ڏکڻ ــ اوڀر واري ڪُنڊ پاسي درياھ تي وڃي
سنان ڪري، گهڻي وقت تائين چپ چاپ پاٺ ڪندو ھو.
پوءِ ٽڪرين جي اُتر ــ اوڀر ۾ رھندڙ پنھنجي ڌرمين
سان ملي پوءِ وري واپس ٽڪريءَ تي وڃي، بُت جي پيرن
۾ هٿ جوڙي جهُڪي ويھي رهندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن وري
ڏينھن جا ڏينھن بنا
کاڌي پيتي جي ٽڪريءَ تي رھيو پيو ھوندو ھو ۽
جيڪڏهن اُتي ڪو ٻيو ماڻهو ويندو ھو ته اُن سان
ڳالهائيندو ته ڪونه ھو
پر اُن ڏانھن ڏسندو به نه ھو. وڏا چوندا ھئا ته
پاسي واري ٻي ٽڪريءَ تي ڪنھن کي به وڃڻ جي موڪل نه
ھئي، رڳو ڪڏھن ڪڏھن ڀڪشو ۽ سندس ماڻهو ٽڪريءَ جي
چوٽيءَ تي ويندا ھئا. انهيءَ ٽڪريءَ تي به ھڪ بُت
رکيل ھو، جنھن جي سامهون هر وقت ٻرندڙ ڏيئو موجود
رھندو ھو. اُن زماني ۾ هتي آسپاس وڏي وڻڪار هئي،
هي ٽڪريون وڻڪار ۾ گهيريل هيون، ٽڪرين جي پاسن کان وڏي ساوڪ هوندي
هئي. سُک ۽ سڻائي گهڻي هئي. ٽڪرين
کان
ڏکڻ اولهه پاسي کان هڪ بندرگاهه
هو، جنھن تي هر وقت ٻيڙين جي اچ وڃ گهڻي رهندي
هئي. هتي اناج، ڪپڙو ۽ ٻيون شيون گهڻيون ٿينديون
هيون. پٿر ۽ ٽامي جا اوزار به هتي ڀلا ٺھندا هئا،
اُهي شيون گهڻين ولاتن تائين هتان وينديون هيون.
هڪ ڀيري سمونڊ کان پرئين پاسي جا ماڻهو وڏن ٻيڙن
تي سمونڊ پار ڪري، اچي سنڌ ملڪ پھتا. اهي جبلن
وارو پاسو ڏيئي ڪاهيندا آيا. ايندي واٽ ۾ جيڪا به
وسندي ڏٺائون ٿي، سا اهڙي ريت ڀيليندا تباهه ڪندا
آيا جو اها وسندي وري ڪڏهن به وسي نه سگهي. اهي
نيٺ هتي اچي ڪڙڪيا. تڏهن هتي اُتر پاسي کان هڪ وڏو
شھر آباد هو، ان شھر ۽ آسپاس جا سڀ ماڻهو قتل ڪري
ڇڏيائون. هتي ڌن دولت تمام گهڻي هئي سا سڀ پاڻ سان
کڻي باقي هر شئي کي باهيون ڏيئي ساڙي رک ڪري
ڇڏيائون. هي ڀريو تُريو شھر ان کان پوءِ سدائين
سُڃو رهيو. ٽڪرين تي مالڪ پردو رکيو سو هو اوڏانھن
وڃي نه سگهيا. زمانا گذرڻ سان ٽڪرين وارا مندر به
ڊهي ويا، هاڻي رڳو وڃي نشان بچيا آهن.“(20)
مٿين روايتن جي ٻڌڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان
پوءِ چئي سگهجي ٿو ته پھرين حملي ۾ گهڻو ئي نقصان
ٿيو پر ٻُڌڪا يا ھي سڄو علائقو اُجڙي وري به آھستي
آھستي آباد ٿي ويو پر
ٻئي حملي ۾ ھي علائقو اُجڙڻ کان پوءِ وري ڪڏھن به نه وسيو ۽
ويتر اُجڙندو ئي رھيو. انهن روايتن کان سواءِ
مقامي ماڻهن وٽ ٿوري گهڻي فرق سان ھن علائقي بابت
جيڪي ٻيون روايتون ملن ٿيون انهن جا خاص نڪتا هي آھن:
1.
ڪنھن زماني ۾ سنڌو درياھ
ٻُڌڪن جي ڏکڻ کان ڀر ڏيئي وھندو ھو. ڪنڌيءَ تي
موجود ٻُڌڪا ٽڪرين کان ڪجهه فاصلي تي ھڪ شھر آباد
ھو. ويجهو ئي جهرڪ شھر وٽ درياهه تي هڪ وڏو بندرگاهه موجود هو. واپاري مرڪز ھئڻ ڪري پري پري
کان ٻيڙيون اتي اچي، لنگر ھڻنديون ھيون. ٻُڌڪا شھر
جي آسپاس وڏا وڏا ٻيلا، باغ ۽ زرعي زمينون آباد
ھيون. اناج، ميوات، ڪاٺ ۽ چوپايو مال گهڻو ھئڻ ڪري
مکڻ به جام ٿيندو ھو. هتي ڪپھ جو وڻ گهڻو ٿيڻ ڪري،
ڪپڙو نه رڳو گهڻو پر تمام سٺو ٿيندو هو. ھتي جا
ماڻھو چوپائي مال ۽ ٻين ساھوارن جو گهڻو خيال ڪندا
ھئا، ايتري قدر جو پکي پکڻ ۽ جهنگلي جانورن کي به
ايذائيندا نه هئا.
2.
ھڪ ڀيري ڪنھن ولايت جا
ماڻهو اچي ھتي نڪتا.
ھتي رھڻ دوران ھڪ ڏينھن انهن ھرڻي شڪار ڪري، اُن
جو گوشت کاڌو. ھرڻيءَ کي ننڍڙا ٻچڙا ھئا. انهن
ٻچڙن پنھنجي ماءُ جي وڇوڙي ۽ بُک سبب وڏيون دانھون
ڪيون. سندن ٻاڪارون ڌڻي تعالى ٻُڌي ورتيون ۽ انهن
آيل ولاتي ماڻهن تي وڏو قھر نازل ٿيو. ان سبب جي
ڪري،
ھي شھر سڄو زمين
اندر غرق ٿي ويو، رڳو ھي ٻه ٽڪريون وڃي رھيون، جن تي عبادت
ڪئي ويندي ھئي. شھر جي تباھيءَ جي ڪري ھڪ ڏينھن ان
ٽڪر تان پروھت به ھيٺ لھي آيا ۽ ھميشه لاءِ ھتان
غائب ٿي ويا. انهن جي وڃڻ ڪري ٽڪريءَ تي سدا ٻرندڙ
ڏئو به وسامي ويو. ويجهين وسندين جي ماڻهن کي جڏھن
اھا خبر پئي ته انهن ھتي اچي وسايل ڏيئي کي ٻارڻ
جي ڪوشش ڪئي پر اھو ڏيئو وري ڪنھن کان به ٻري نه
سگهيو. انھيءَ واقعي کان پوءِ درياھ به ھتان پري
ڏکڻ طرف ھٽي ويو.
آثار:
ٻُڌڪن جي آثارن بابت ھاڻوڪي صورتحال تي
لکڻ کان پھرين بھتر ٿيندو ته ڪن آڳاٽن قديم آثارن
جي ماھرن جن ھي علائقو ڏوري اچي ڏٺو ھو، انھن جا
ڪي احوال ڏجن، ڇاڪاڻ ته ھاڻي اھي آثار به نه رھيا
آھن، جيڪي هنن ڏٺا ھئا. ذڪر ٿي چڪو آھي ته سڀ کان
پھرين مسٽر ڪارٽر ھي علائقا اچي ڏٺا. ھينري ڪزنس
پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جا قديم آثار‘ ۾ مسٽر ڪارٽر بابت
لکي ٿو ته: ”درياھ جي ھن پار جهرڪن جي سامهون
ٻُڌڪي وِھار وٽ، مسٽر ڪارٽر ٻه دڙا ڏٺا. سِرن جي
شڪل، ماپ ۽ آرائشي ٽڪرن جا ٿانو جيڪي ھن دڙن مان
ٻاھر ڪڍيا، تن جي رنگ ۽ ڍنگ کي ڏسي، ھن اھو اندازو
لڳايو ته کنڊرن واري جاءِ تي ميرپورخاص جي اسٽوپا
وانگي ھڪ ئي دور ۾ ٻه ٻُڌ اسٽوپا موجود ھئا. هن ئي
دڙي تي ھن جهجهي انداز ۾ اهو پڪو پٿر به ڏٺو، جنھن
مان پٿر جا اوزار ٺاھيا ويندا ھئا.“(21)
مطلب ته ھن علائقي ۾ پٿر جي دور کان انسان آباد
رھيو ۽ پنھنجون ڪِرتون، ڪاريگريون، ھنر، حِرفت
وغيرہ ڪندو رھيو. ڏٺو وڃي ته پٿر مان اوزار ٺاھڻ
انھيءَ دور جي جديد ترين صنعت ھئي، ۽ پُڻ انساني
تھذيب جي بنيادي ڏاڪن مان آهي، جيڪا هتي موجود
هئي. مطلب ته بنھ آڳاٽي تھذيب جي لحاظ کان به ھي
علائقو
(جنھن
۾ اونگر، ماجِيراءِ ۽ ٻُڌڪا ٽڪر)
اھم آھي.
مجمدار به هي هنڌ اچي ڏٺو هو، سو پنھنجي
ڪتاب ’سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي‘ ۾ لکي ٿو: ”ٺٽي
کان ٻُڌ جي ٽڪر وياسين. اھو ماڳ جهرڪ شھر جي
سامهون آھي. ٺٽي کي وڌيڪ ويجهو جنگشاھي ريلوي
اسٽيشن آھي. ڪجھ اڳيان ميٽنگ اسٽيشن اچي ٿي. ٻُڌ
جو ٽڪر ميٽنگ ريلوي اسٽيشن کان ساڍا تيرھن ميل پري
آھي. ٺٽي کان جنگشاھي رستو،
سنڌ ۾ تمام سٺو رستو آھي. ھي رستو يا ميٽنگ کان
جهرڪ ڏانھن ويندڙ رستو موٽر ڪار ھلائڻ لائق آھن.
تنھنڪري اسان جهرڪ شھر ٿورن ڪلاڪن ۾ پھچي وياسين.
پر سنڌو درياھ کي پار ڪري، ٻُڌ جي ٽڪر تائين پھچڻ
۽ اُتان کان وري نڪري جهرڪ پھچڻ ۾ تمام گهڻو وقت
لڳو.“(22) مجمدار وڌيڪ لکيو آھي:
”جهرڪ شھر جي سامهون پاڻي تانگهو ھو. ٻئي
ڀر پھچڻ واسطي اسان جي ٻيڙي ڏاڍو وڪڙ ڪيو. نيٺ
اسان ڇا ڪيو جو درياھ جي ڪڙ کان ميل چوٿون حصو
ٻيڙيءَ مان لھي درياھ جو تانگهو پاڻي، پنڌ جهاڳي
گپ ۾ گچندا، مس اچي پار پھتاسون. اسان شام جو پوئين
سج اچي ٻُڌ جي ٽڪر واري ماڳن ڀيڙا ٿياسون. مسٽر جي
اي ايل ڪارٽر لاءِ چيو ويندو آھي ته ھن ماڳ جي
ڪنھن سِروٽن جي ڍير مان پٿر جي دور سان لاڳاپيل ڪي
اوزار لڌا ھئا. پري کان انھن ٽڪرين جا مٿاڇرا دڙن
وانگر ٿي ڏٺا پر ائين ڪونه ھو. ٽڪرين جون چوٽيون
قدرتي ايئن ڏسڻ ۾ ٿي آيون ۽ انهن مٿان ڪي کنڊر
موجود ڪونه ھئا.“(23)
مجمدار
جو بيان آهي ته هو اُتي پوئين سج پھتا،ان سبب جي
ڪري هو شايد اُترين ٽڪريءَ تي
چڙهي، درست نموني سان ڏسي نه سگهيو هجي،
اُن ٽڪريءَ تي هيترو وقت گذرڻ کان پوءِ ڪي آثار اڄ
به موجود آهن. هن ٽڪريءَ تي اسٽوپا جا آثار به چٽا
موجود آهن ته آسپاس ڪيترائي گهڙيل پٿر پکڙيل آهن.
مٽيءَ جون سِرون ۽ ٿوري ۾ ئي پر ٺڪراٺو به موجود آهي.
منھنجي خيال ۾ ٽڪرين جي آسپاس وارن گهڻن
آثارن جي تباهي جو سبب درياهه جون ٻوڏون به آهي.
اهڙيون ڪيتريون ئي روايتون به ملن ٿيون. قديم
آثارن جي ماهر خاص ڪري سنڌو تھذيب جي آثارن تي
شاهڪار تحقيقي ڪم ڪندڙ ايس.آر.راءُ پنھنجي شاندار
ڪتاب ”Dawn
and Devaluation of the Indus Civilization
“
جي باب پنجين ۾ ٻوڏن جو ذڪر ڪندي، سنڌ جي گهڻن
آثارن جي تباهه ٿيڻ جو سبب درياهه جون ٻوڏون
ڄاڻايو آهي. هن انهن تباهه ٿيل آثارن ۾ ٻُڌڪا
ٽڪرين جو نالو به ڏنو آهي.(24) انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪڏهن درياهه
جي وهڪرن جي تبديل ٿيڻ جي ڪري، آباديون اُجڙي
سُڃيون ٿينديون رهيون آهن، ته ڪڏهن وري درياهه جي
ٻوڏن جي ڪري ڀريا تُريا شھر، وسنديون ۽ آثار تباه
ٿيندا رهيا آهن .
آثارن مان ملندڙ شيو ن :
اڄ کان اسي-
نوي سال اڳ تائين ٻڌڪا جي پٽن تي ڪيتريون ئي آڳاٽي دور جون
پراڻيون شيون ڏسبيون هيون، جن ۾ پٿر، سِرون، ٿانو
وغيره شامل هئا جن جو تڏهوڪن قديم آثارن جي ماهرن
خاص ڪري مسٽر ڪاٽر ۽ هينري ڪزنس پنھنجي رپوٽن ۾
مختصر احوال ڏنو آهي .
ھن ڀرئي تُرئي، آباد علائقي کي ڦٽندي به
لڳ ڀڳ چوڏھن سو سال گذري چڪا آھن. لڳاتار ڪابه سار
سنڀال نه ھئڻ ڪري اسٽوپا ۽ آسپاس وارا آثار تباھ
ٿيندا رھيا آھن زلزلن،
ٻوڏن ۽ ٻين قدرتي آفتن سان گڏوگڏ ماڻهو به گهڻن سالن کان
لڳاتار گهڙيل پٿر، پڪيون سِرون ۽ ٻيو قيمتي سامان
کڻندا ۽ پنھنجي گهرن وغيرہ جي استعمال ۾
آڻيندا رھيا آھن. ھتي جو قيمتي پٿر ته مختلف وقتن
تي کڻي، درياھ جي بچاءُ بند ۾ به استعمال ڪندا
رھيا آھن، اھو سلسلو گهڻن زمانن تي مشتمل آھي. ھتي
رڳو ھڪ ئي اھڙي شاھدي پيش ڪجي ٿي، جنھن مان به
اهڙو اندازو ڪري سگهجي ٿو. اڄ کان گهڻو وقت اڳ،
اھڙي واردات جو فرياد قديم آثارن جي ماھر مجمدار
هن ريت ڪيو آھي: ”ھڪ سنڌي ٺيڪيدار انهن ٽڪرين جي
پاسن مان پٿر ڪڍڻ لاءِ ڪمي لڳايا ھئا، جڏھن اسان
انهيءَ ماڳ تي پھتاسين ته اُتان پٿر ڪڍڻ جو ڪم
جاري ھو.
منھنجي سوال پڇڻ تي ھن ٻڌايو ته ھو گذريل
ڪيتري وقت کان وٺي ھنن ٽڪرين تان پٿر ڪڍي رھيا آھن.“(25) مجمدار توڙي جو اتي ٿورو وقت رهيو پر ان ٿوري وقت ۾ اها
واردات هن پنھنجي اکين سان ڏٺي، جيڪا هن بيان ڪئي.
باقي زمانن ۾ ڇا ڇا ٿيو هوندو، سو ته هرڪو سمجهي ۽
اندازو ڪري سگهي ٿو .
اھڙن ھاڃن جي ڪري، ھن وقت ھنن ٽڪرين تي يا
اُن جي آسپاس ڪو گهڻو ٺڪراٺو يا ڪي ٻيون جهونيون
شيون گهڻي مقدار ۾ نٿيون ملن، تنھن ھوندي به جيڪي
ھن وقت شيون ملن ٿيون انهن جو هتي بنھه مختصر ذڪر
ڏجي ٿو .
1.
اُترين ٽڪريءَ جي پاسن
کان گهڙيل پٿر ۽ سِرن جا ٽڪرا پيل آھن. ٺڪر جا ڪجھ
اھڙا به ٽڪر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي مختلف قسم جي
ٿانون جا آھن. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي اسٽوپا جا آثار
به چٽا آھن، انهن تي مٽي ۽ پٿر جون ڍڳيون
(ڍير) به ٺھيل آھن، انهن مان ڪجھ قبرن وانگر
آھن، جيڪي پوءِ جي زمانن جو لڳن ٿيون. گهڙيل پٿرن
جا ٽڪرا ته تمام گهڻا آھن .
2.
اُترين ٽڪريءَ تان توڙي آسپاس ۾ سڄيون سِرون يا سِرن جا ٽُڪر مليا
آھن. انهن سِرن جي ماپ
10×18 انچ آھي. ڪي چوڪا
16×16 انچ جا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ھتي جي
گهڻين سِرن جي ماپ ماجيراءِ جي ٽڪريءَ تان ملندڙ
سِرن جھڙي آھي .
3.
ٽڪرين کان ھڪ ڪلو ميٽر
اُتر طرف، ڳوٺاڻن کي هڪ ڪسِي
(واٽر
ڪورس)
جي کوٽائيءَ دوران جيڪي ٺڪر جي ٿانون جا ٽڪر مليا
آھن، اھي ٿرڙي
(گُجي)
جي اُتر واري ڀاڱي جي مٿاهين سطح تان ۽
ماجيراءَ جي مٿاڇري تان ملندڙ ٺڪراٺي سان ھڪجھڙائي
رکن ٿا .
ٽيھارو سال
(1986ع
ڌاري)
اڳ ھن ٽڪريءَ جي ڀر ۾ آباد ٿيل ڳوٺ ۽ شروع ڪيل
قبرستان کي جاچي ڏسبو ته ڪيترن ئي قبرن تي ھن ئي
ٽڪريءَ تان گهڙيل پٿر ۽ سِرون کڻي استعمال ٿيل
آھن. ايئن آسپاس ويٺل ماڻهن مختلف جڳھين ۾ ھتي جي
پٿرن، سِرن وغيرہ جو استعمال ڪيو آھي. آئون
1993ع ۾ ھڪ ڀيري ھي ماڳ ڏسڻ ويس، تڏھن اُتي ماڻهو ڪنھن جي
تدفين دوران قبر ٺاھي رھيا ھئا. مٿان رکڻ لاءِ
پٿر، ريتي ۽ روڙي اُترئين ٽڪريءَ مان ڪڍي رھيا
ھئا.
2010ع
۾ وڃڻ ٿيو ته اُترين ٽڪريءَ جي اُتر هيٺاهين ڪڇ
مان ڪيترائي مزور ڪوري مٽي ڪڍي رهيا هئا. اُتي
اسان کين هر ڀيري گهڻو ئي سمجهايو، پر مٿن ڪوبه
اثر نه ٿيو، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ڇيھي جو کين ڪوبه
احساس نه ھو. مطلب ته ھتي جا پٿر، سِرون، روڙي
ريتي ۽ زمين سوين سالن کان تباھ ٿيندي رھي آھي.
گڏوگڏ اهي آثار ۽ آڳاٽيون شيون لڳاتار برباد ٿي
رهيون آهن.
4.
اُترين پاسي مليل ٺڪراٺي
۾ ڳوٺاڻن کي ٺڪر جا ٺھيل
(ننڍي
ماپ جا)
بُت به مليا هئا، جيڪي ٻُڌ جا بُت ٻُڌايا وڃن ٿا .
اُھي بُت ڳوٺاڻن ڪافر بُت ڄاڻي ٽوڙي ڇڏيا. انهن
ٽوڙيل بتن جو ٺڪراٺو به ڳوٺاڻن ڏيکاريو پر گهڻو
ڀُري وڃڻ جي ڪري، انھيءَ مان ڪو درست اندازو لڳائي
نه سگهياسين. اُتي اڇسري پٿر مان ٺھيل هڪ بُت جو
ھيٺيون ڀاڱو ڏيکاريو ويو، جنھن ۾ گوتم ڪنول جي گل
تي ويٺل ڏيکاريل آھي، سندس مٿيون ڌڙ وارو ڀاڱو
ٽُٽل ۽ غائب ھو.
5.
ڳوٺاڻن کي هلڪي ڳاڙهو
ٺڪر جو ھڪ ننڍو ڪُنو به مليو جيڪو ڳاڙھين پڪل ٺڪر
جي ٽڪين سان ڀريل ھو، انهن ٽڪين تي ڪي نشان ٺھيل
به ٻُڌايا وڃن ٿا.
6.
ڏکڻ پاسي واري ٽڪريءَ جي
اُترين ڀرسان ڪارسري پٿر جا ڪجھ ڇليل/گهڙيل ٽڪر
ڏسن ۾ اچن ٿا. ھن ٽڪريءَ کان فرلانگ کن اولھ طرف
تازو ڳوٺاڻن پوکيءَ لاءِ زمين ھموار ڪرڻ لاءِ ڪِيڙ
ھڻي، ھڪ ڀٽ پنج فٽ کن ھيٺ
(ھموار) ڪئي آھي. انھيءَ ڀٽ مان تمام گهڻو ٺڪراٺو
نڪتو آھي، جيڪو ھن وقت به مٿاڇري تي موجود آھي.
هتي ملندڙ ٿانون جي ٽڪرن کي جانچي ڏسبو ته مٿاهين
سطح تان ٿورو ٺڪراٺو مليو آهي، اُهي چڪ تي ٺاهي،
پچايل ڳاڙهي رڱ جا ٿانو آهن. انهن ٿانون تي وليون
گولائيءَ ۾ ته ڪن تي پکي چٽيل آهن. ڏٺو وڃي ته
گهڻو ٺڪراٺو هيٺين سطح تان مليو آهي، انهن ٿانون
جو رڱ ڀورو آهي، ۽ اُن تي ڪوبه چٽ وغيره چٽيل ڏسڻ
۾ نٿو اچي. اهي ٿانو ٿرڙي مان ملندڙ ٿانون جھڙا
آهن، ۽ آمريءَ مان ملندڙ ٿان ون سان گهڻي هڪجھڙائي
رکن ٿا.
7.
تازو
2010ع
واري ٻوڏ کان پوءِ سنڌوءَ جي هاڻوڪي وهڪري جي
بچاءُ بند جي مرمتي ڪم دوران ڏکڻ واري ٽڪريءَ جي
اولهه-
ڏکڻ طرف ٿوري وٿيءَ تي کوٽائي ڪري، مٽي کنئي وئي.
کوٽائيءَ دوران پنجن فٽن جي اونهائيءَ تي ڪجهه
ٺڪراٺو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جيڪو هڙپا مان مليل ٺڪراٺي
سان ملي ٿو. ڏسجي ٿو ته هتي جو ٿانءُ سنهو ۽ هلڪي
ڳاڙهسري رڱ جو آهي. ٿانون کي ڳچيءَ جي هيٺان
گولائيءَ ۾ ڪارو پٽو ڏنل آهي. ڪن چٽن جو رنگ ڀورو
به ڏسجي ٿو. ڪن ٿانون کي گول ڇلا ۽ ورن وڪڙن
واريون ليڪون آهن. ڪن تي مڇيءَ جي ڇِلر جھڙا چٽ
ڏنل آهن. ٺڪر مان ٺھيل ڪجهه ٽڪنڊيون ٽڪيون به ڏسجن
ٿيون .
ماڻهو
(ھڪ
روايت جنھن جو ذڪر ٿي چڪو آھي)
ٻڌائين ٿا ته: ”اڃا تائين به ٽڪريءَ جي آسپاس زمين
ولبي آھي ته گهڻيون ئي شيون ملنديون آھن. خاص ڪري
هڪ ڪلوميٽر پرڀرو اُترئين پاسي زمين کيڙبي آھي يا
گهڻا مينھن پوندا آھن ته ڪي ڀڳل ٽُٽل ته ڪي وري
سڄيون سِرون ۽ ٿانو نڪرندا آھن ڪن ماڻهن کي سون جا
زيور يا زيورن جا ٽُڪر به مليا آھن.“ انهيءَ ماڳ
تي سال جي مختلف مندن ۽ وقتن تي لڳاتار وڃڻ سان
اسان سون يا ٻئي ڪنھن ڌات مان ٺھيل زيور جھڙي ڪابه
شئي ڏسي نه سگهياسين، نه ئي ڏيکاري ويئي .
مانواري محقق ايم. ايڇ. پنھور
پاران سنڌ جي آڳاٽن
شھرن بابت ڏنل نقشو، جنھن ۾ ٻُڌڪا
ٽڪر به ڏيکاريل آهن.
ٻڌڪا ٽڪريون
ٺڪر جو نمونو
اوڀر پاسي کان ڏيک
اتر پاسي کان ڏيک
اتر اوڀر ٽڪريءَ جي ڏکڻ اوڀر ڀاڱي ۾ قديم قبرون
|